Monday, June 27, 2011

آدمخورن جي شهر ۾...- الطاف شيخ


آدمخورن جي شهر ۾...
 الطاف شيخ
انگريزن جي ريل گاڏي هلائڻ تي ڪينيا ۽ يوگنڊا جي ڪيترن ئي قبيلن خاص ڪري ناندي قبيلي احتجاج ڪيو. هڪ ته ريل جا پٽا جهنگ ۽ هنن جي وستين مان گذريا ٿي ۽ انهن پٽن ۽ ريل گاڏين لاءِ مڪاني ماڻهن کي عجيب خوف، وسوسا ۽ شڪ شبها هئا ته ريل گاڏي جي وجود سان سندن تباهي اچي ويندي. هنن قبيلن لڳاتار ڏهه سال کن 1895ع کان 1905ع تائين سخت مظاهرا ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي، پر انگريزن هر صورت ۾ ريلوي لائين وڇائي ريل گاڏي هلائي پوءِ ساهه پٽيو. ريل جي ڪم لاءِ انگريز حاڪم ننڍي کنڊ مان مستري ۽ پورهيت گهرائيندو رهيو ۽ جتي هنن کي سٺي پگهار جي آفر ڏني وئي ٿي، اتي هنن لاءِ آفريڪا ۾ ڪيترائي خطرا به لاحق هئا. هن ريلوي لائين جي تياريءَ ۾ اڌ کن ننڍي کنڊ جا سک، پنجابي، پٺاڻ ۽ مڪاني ورڪر موت جو شڪار ٿيا، جن مان گهڻا مليريا، سؤ پيرين، نانگ بلائن، وڇن جي ڏنگن وگهي مري ويا. ڪجهه ته جنگلي جانورن جو به کاڄ ٿيا. هيءَ ان دور جي ڳالهه آهي جڏهن ريلوي لائين جو ڪم ساوو (Tsavo) وٽ هلي رهيو هو ته ڪيترا سک توڙي مڪاني شيدي ورڪر اتي جي ٻن آدمخور شينهن جي حملن جو شڪار رهيا. هي ٻه شينهن دنيا ۾ Tsavo Maneaters جي نالي سان مشهور آهن. هنن جي مرڻ بعد هنن جي کلن ۾ بهه ڀري اصلي وانگر ٺاهيا ويا، جيڪي هاڻ شڪاگو فيلڊ ميوزيم ۾ رکيل آهن. نئروبيءَ کان ممباسا، باءِ روڊ ويندي سلطان همود، ڪب ويزي (Kibwezi) ۽ انديئي شهرن بعد هي Tsavo شهر اچي ٿو، جنهن جي نالي اِهي آدمخور شينهن دنيا ۾ مشهور آهن. اڄ جي هن ماڊرن ۽ سهڻي شهر ۾ ريلوي اسٽيشن جي هڪ ايئر ڪنڊيشنڊ ريسٽورنٽ ۾ چانهه پيئندي آئون هڪ صدي اڳ جو زمانو سوچيندو رهيس، جڏهن اسان جي کنڊ جا غريب سک، پنجابي ۽ پٺاڻ پنهنجون زالون ۽ معصوم ٻچا پٺيان ڇڏي روزگار لاءِ هتي جي سخت گرمي ۽ جيتن ۽ نانگ بلائن سان ڀريل جهنگ ۾ اچي ڪم ڪيو ٿي ۽ سندن گهر ڀاتين کي سندن ۽ سندن ڪمايل ناڻي جي پهچ بدران سندن موت جي خبر ملي ٿي. امرتسر ۽ پشاور ۾ رهندڙ ماڻهن، مڇرن ۽ مليريا جو ته سوچي سگهيو ٿي پر هنن کي ڪهڙي خبر ته هنن جا پيارا جنهن ڌرتيءَ تي ڪم ڪن ٿا اتي اهڙا به شينهن آهن، جيڪي هرڻ، ٻڪري يا ٻئي ڪنهن جانور کي مارڻ بدران ستل انسانن کي گهلي وڃن ٿا.

Sunday, June 26, 2011

ڪينيا جي مختصر تاريخ - الطاف شيخ


ڪينيا جي مختصر تاريخ
الطاف شيخ
آفريڪا جي هن خوبصورت، ماڊرن، يونيورسٽين واري ۽ ممباسا جهڙي تاريخي ۽ جهوني بندرگاهه واري ملڪ ڪينيا (Kenya) جي تارخ ڏي نظر وجهبي ته ڪا خاص پراڻي نظر نه ايندي. عربن (خاص ڪري عمان وارن)، ايرانين ۽ ننڍي کنڊ جي گجراتي، سنڌي، آغا خاني، ڪڇي ميمڻ ۽ بوهري سوداگرن جي، هِن طرف (يعني آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري ڏي) ۽ هوڏانهن عربستان ڏي هڪ ٻن صدين کان اچ وڃ لڳل هئي، جو اهي سڀ هندي سمنڊ جي ڪناري تي رهيا ٿي. هنن علائقن جا ماڻهو چؤماسي جي هوائن کان به واقف هئا، سو انهن جو فائدو وٺي سال جي مقرر وقتن ۾ هڪ کان ٻئي هنڌ آيا ويا پئي. انجڻيون ته گهڻو گهڻو پوءِ، سمجهو ته هاڻ ڏيڍ صدي کن اڳ ۾ ايجاد ٿيون، نه ته دنيا جا جهاز صدين کان سڙهن ذريعي سمنڊن تي هليا ٿي. سڙهه ڪپڙي جون وڏيون بئرکون ٿين جن کي هوا لڳڻ تي جهاز کي اڳيان ڌڪين ٿيون. بهرحال هي سڀ وڻجارا هئا. هنن جو وڻج واپار سان واسطو هو ۽ هنن جي موجودگي فقط ڪناري وارن شهرن تائين محدود هئي. ڪوچين، کمڀاٽ، دوارڪا، ديبل (ٺٽي) کان سامان کڻي ممباسا، مَلنڊي، زئنزيبار دارالسلام وغيره آيا ٿي ۽ پوءِ اتان ئي ٻيو مال وٺي موٽيا ٿي.

Saturday, June 25, 2011

پورچوگال کان ممباسا ۽ ڪاليڪٽ - الطاف شيخ


پورچوگال کان ممباسا ۽ ڪاليڪٽ
الطاف شيخ

ڪينيا جي بندرگاه ممباسا ۾ پهچڻ واري پهرين يورپي واسڪوڊاگاما جو واسطو پورچوگال سان هو. هو 1469 ۾ پورچوگال جي ڏاکڻي بندرگاه سائينس(Sines)  ۾ نوسا سنيهورا ڪليسا گهر جي ڀر واري گهر ۾ ڄائو، جتي اڄ ڪلهه سندس قد آدم مورتي(statue)  به نظر اچي ٿي. انهن ڏينهن ۾ هي بندرگاه هڪ ننڍڙو فشنگ وليج (مهاڻن جو ڳوٺ) هو. پاڻ بنيادي تعليم ڀر واري شهر ايوورا(evora)  مان حاصل ڪيائين، جتي لڳي ٿو ته هن مئٿس ۽ نيويگيشن به ضرور پڙهي هوندي. ان کان علاوه ڳوٺ جي مهاڻن ۽ ناکئن کان هن تارن جي معلومات(Astronomy)  پڻ سکي هوندي جو انهن ڏينهن ۾ رستو ڳولڻ يا سڃاڻڻ جو وڏي ۾ وڏو اوزار ناس جي دٻليءَ جي سائيز جو قطب نما هو، جنهن ۾ گول ڦرندڙ سئي هر وقت اتر طرف اشارو ڪري ٿي. نيويگيشن جو باقي سڄو ڪم تارن جي بيهڪ ۽ چرپر کي جانچڻ سان هليو ٿي. ڪمال جي ڳالهه اها آهي ته اڄ به اسانجا ڪيترا ئي مهاڻا فقط ۽ فقط تارن کي نظر ۾ رکي دبئي، ايران ۽ ڀوڄ، کنڀاٽ کان وڃيو نڪرن. ڪمزور ٻيڙين ۽ سمنڊ تي لڳندڙ طوفانن ڪري هو توائي ٿيو وڃن، سندن ٻيڙا به ٻڏيو وڃن پر هو نه رستي کان ۽ نه وري منزل کان ڀٽڪن ٿا. ڪراچيءَ جي علائقي ماريپور، يونس آباد، گريڪس ۽ شمس پير تي ڪجهه اهڙن ناکئن سان به آئون مليو آهيان، جيڪي بنا ڪنهن Navigation aids (سمنڊ تي رستو ڳولڻ جي اوزارن) جي فقط تارن جي مدد سان جبوتي ۽ مساوا (صوماليا) کان وڃيو نڪرن. پر هنن کي پنهنجن وڏن يا استادن کان اها ڄاڻ مليل آهي ته ڪهڙو بندرگاه ڪٿي آهي. واسڪوڊا گاما جي ڪيس ۾ هن کي تارن ذريعي رستو ڳولڻ يا پنهنجي پوزيشن معلوم ڪرڻ جو علم ضرور هو پر هن کي پهرئين دفعي اهو معلوم نه هو ته ممباسا يا انڊيا ڪٿي آهن. بلڪ هن کي اها به پڪ نه هئي ته ائٽلانٽڪ سمنڊ ذريعي اتي پهچي سگهجي ٿو.

Thursday, June 23, 2011

الطاف شيخ ۽ سندس سفرناما - امتياز ابڙو


امتياز ابڙو
الطاف شيخ ۽ سندس سفرناما
(الطاف شيخ جي سالگرهه جي مناسبت سان)

محترم الطاف شيخ مون کي اهو اعزاز بخشيندي چيو ته آئون هن جي هڪ جپاني سفرنامي تي مهاڳ لکان، سو به مزاحيه! اها ڪا نئين ڳالهه ڪونه هئي ڇو ته مهاڳ هونءَ به مزاحيه هوندا آهن. توهان جيئن ئي مهاڳ لکڻ شُروع ڪندائو تيئن اهو خود بخود مزاحيه ٿيندو ويندو. توهان ڪهڙي به سنڌي ڪتاب جو مهاڳ کولي پڙهو، توهان کان ٽهڪ نڪرندا ويندا. آئون ته ڪنهن به ڪتاب گھر تي سنڌي ڪتاب ڏسندو آهيان ته ان جو مهاڳ پڙهي، ٽهڪ ڏيئي، وري واپس رکي ڇڏيندو آهيان. جيئن مون هڪ سنڌي شاعر جو ڪتاب ڏٺو، ان سڄي ڪتاب ۾ مهاڳ ئي هو ۽ آخري صفحي تي هڪ غزل هو جنهن جي هيٺيان لکيل هو: “توهان به گھڻن سان ڪئي هوندي....... اڄُ توهان سان ٿي........!

الطاف شيخ جپان جو ملڪ ايترو ته گھميو آهي جو جپانين به ايترو ڪونه گھميو هوندو. خود جڏهن ڪو جپاني ڪنهن گھٽيءَ يا روڊ جي معاملي ۾ منجھي پوندو آهي ته يڪدم پهرئين پنهنجي پاسي واري کيسي مان الطاف شيخ جو سفرنامو ڪڍي پڙهندو آهي ۽ پوءِ ان گھٽيءَ جي خبر چار وٺي اڳتي وڌندو آهي. جپان جي باري ۾ الطاف شيخ جا سفرناما ايترا ته لکيل آهن جو هڪڙي جپانيءَ ته باقاعده الطاف کي خط لکي چيو: “اسان توهان جو ڏوهه ڪهڙو ڪيو آهي .....يوگنڊا تي سفرنامو ڇو نه ٿا لکو؟”

سفرنامو لکڻ هڪ آرٽ آهي، جيڪو يقينن الطاف شيخ کي اچي ٿو. اسان کي نٿو اچي. اسين ته سفرنامو لکڻ ويهندا آهيون ته آخر ۾ خبر پوندي آهي ته اهو Suffer “نامو” آهي. جيئن اسان جو هڪ دوست ناول لکندو آهي ته سفرنامو ٺهي ويندو آهي ۽ سفرنامو لکندو آهي ته درسي ڪتاب ٺهي ويندو آهي!

Wednesday, June 22, 2011

واسڪوڊاگاما ڪو چڱو مڙس به نه هو - الطاف شيخ


واسڪوڊاگاما ڪو چڱو مڙس به نه هو...
الطاف شيخ

آفريڪا کنڊ جا جيڪي سڀ کان گهڻا فضيلت وارا، ماڊرن ۽ بهتر امن امان وارا ملڪ آهن ۽ جن ۾ ڪيترين قومن ۽ مذهبن جا ماڻهو آزاديءَ سان رهن ٿا، انهن مان ڪينيا هڪ آهي. سندس گاديءَ واري شهر نئروبيءَ جي به وڏي ڌوم آهي، جيڪو آفريڪا سان گڏ ايشيائي ۽ برطانوي شهر لڳي ٿو، جتي عرب، سک، انگريز، پارسي، آغاخاني، مسلمان ۽ هندو به نظر اچن ٿا. سئنيما ٿيٽرن جي ٻاهران انگريزي، عربي ۽ هندي فلمن جا پوسٽر به نظر اچن ٿا. نئروبي شهر اوچين عمارتن ۽ خوبصورت پارڪن جو شهر آهي، جنهن جي Skyline ڏسڻ وٽان آهي. شهري سهولتن سان پُر هي شهر لنڊن، ممبئي، لاهور ۽ قاهره وانگر آڳاٽو لڳي ٿو، پر توهان کي حيرت ٿيندي ته جڏهن انگريزن 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪئي ان وقت نه هن ملڪ جو نالو ‘ڪينيا’ وجود ۾ آيو هو ۽ گاديءَ جو شهر نئروبي يا ان جو نالو! 1843ع ته ماضي بعيد ٿيو. جنهن کي 167 سال ٿي ويا... 120 سال اڳ به نه ڪينيا هو ۽ نه نئروبي. سال 1899ع ۾ انگريزن ممباسا کان ڪمپالا تائين جڏهن ريلوي ٿي ٺاهي ته انهن ٻنهي شهرن جي وچ ۾ (جيڪي اڄ ڪينيا ۽ يوگنڊا ۾ آهن) هڪ هنڌ درياهه نئروبيءَ وٽ ريلوي ڊپو ٺاهيو، جيڪو پوءِ وڌي وڌي ڳوٺ ۽ ننڍو شهر ٿي ويو ۽ نئروبي سڏجڻ لڳو، ۽ ڪينيا ملڪ جو نالو ته 1920ع تائين به وجود ۾ نه آيو هو. 

Monday, June 20, 2011

ڪينيا جي مائي جوري - الطاف شيخ

ڪينيا جي مائي جوري
الطاف شيخ
اسان جڏهن نائن اليون، القاعده، افغانستان واري جنگ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ڪينيا جي هن شهر نئروبي کي به ياد ڪيون ٿا جتي 7 آگسٽ 1998ع تي آمريڪا جي سفارتخاني تي بم سان حملو ڪري سفارتخاني جي عمارت کي تباهه ڪيو ويو، جنهن ۾ 12 آمريڪين سميت 212 ماڻهو مارجي ويا ۽ 4000 زخمي ٿيا.

Friday, June 17, 2011

نئروبي شهر جو وجود - الطاف شيخ

نئروبي شهر جو وجود
الطاف شيخ
نئروبي نه فقط ڪينيا ۾ پر سڄي دنيا ۾ هڪ عجيب شهر آهي، جنهن ۾ ٻارهوئي دنيا جا ٽوئرسٽ ايندا رهن ٿا. صاف سٿرو ۽ سهڻو شهر آهي. منجهس جتي ماڊرن ۽ اتاهيون عمارتون ۽ هوٽلون آهن، اتي سفاري (جانورن کي کلي فضا ۾ گهمندو ڏسڻ جا موقعا)، مائونٽينرنگ (جبل تي چڙهڻ) ۽ شڪار جا شوق پورا ڪرڻ جا به بندوبست آهن. نئروبي سياسي ۽ معاشي طرح به هڪ اهم شهر آهي، جتي ڪيترين ئي بين الاقوامي ڪمپنين ۽ آرگنائيزيشنن جون آفيسون آهن. نئروبي ۾ UNO جون آفيسون به آهن. نئروبي اسٽاڪ ايڪسچينج (NSE) آفريڪا جي سڀ کان وڏي آهي ۽ ٽريڊنگ واليوم ۾ آفريڪا جي چوٿين نمبر تي آهي، جيڪا روزانو هڪ ڪروڙ سودا(Trades)  ڪرڻ جي طاقت رکي ٿي. جيئن ڏور اوڀر ڏي ٽوڪيو، هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور جهڙا شهر آهن ۽ عرب دنيا ڏي بيروت ۽ قاهره آهن ۽ اسان پاسي ممبئي آهي، تيئن آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري ڏي نئروبي شهر آهي. فرق فقط اهو آهي ته ٻيا سڀ شهر آڳاٽا آهن، نئروبي هڪ سؤ سال به پراڻو ناهي. ويهين صديءَ جي شروعات ۾ يعني 1900 ۾ به ڪنهن کي خبر نه هئي ته ڪو نئروبي به شهر آهي، بلڪ هو ئي ڪو نه ته ڪنهن کي ڪهڙي خبر!

Tuesday, June 14, 2011

خطِ استوا تي برف سان ڍڪيل جبل - الطاف شيخ


خطِ استوا تي برف سان ڍڪيل جبل
الطاف شيخ
ڪينيا ايئرويز جي هوائي جهاز جنهن جي پُڇ تي انگريزيءَ ۾ Pride of Africa لکيل هو، رات جو اٺين بجي ڌاري بتين سان جڳ مڳ ڪندڙ شهر نئروبيءَ مٿان ڦيرو ڪري ڏکڻ اوڀر واري ڪنڊ تي هتي جي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لئنڊ ڪيو. جهاز جي هڪ مڪاني حبشڻ ايئرهوسٽس ٻڌايو ته ڏينهن جو وقت هجي ها ته مون واري دريءَ مان هتي جو مشهور جبل مائونٽ ڪينيا نظر اچي ها ۽ ٻئي پاسي واري دريءَ مان مائونٽ ڪلمجارو نظر اچي ها. ڪينيا جبل(Mount Kenya)  هن ملڪ جو سڀ کان اتاهون جبل آهي، جنهن جون اتاهيون چوٽيون باتيان (Batian) 5200 ميٽر، نيلائن (Nelion) 5100 ۽ لينانا 5000 کن ميٽر آهن. ياد رهي ته اسان جي ايشيا جي هماليا جبلن جي اتاهين چوٽي وارو ايوريسٽ جبل 8850 ميٽر اتاهون آهي جيڪو سڄي دنيا ۾ اتاهون جبل مڃيو وڃي ٿو. سندس هي انگريزي نالو 1865ع ۾ انڊيا جي برٽش رويئر جنرل ائنڊريو واگهه جي سفارش تي رايل جاگرافيڪل سوسائٽي وارن رکيو، نه ته ان کان اڳ ايوريسٽ جبل Peak XV يعني پنڌرهين چوٽي سڏبو هو. اهڙي طرح ڪينيا جبل کي اتي جا مڪاني قبيلا مختلف نالن سان سڏيندا هئا پوءِ 1849ع ۾ هن جو نالو انگريزن ڪينيا جبل رکيو. انهن ڏينهن ۾ ڪينيا ملڪ جو وجود نه هو. آفريڪا جو هي علائقو جيڪو اڄ ڪينيا ملڪ آهي. British East Africa Protectorate سڏبو هو. 1920ع کان پوءِ انگريزن اهو نالو بدلائي ڪينيا جبل تان هن ملڪ جو نالو ڪينيا رکيو، جيڪو پهرين Kenia لکيو ويو ٿي پوءِ Kenya لکجڻ ۾ آيو. 1963ع ۾ جڏهن هن ملڪ کي انگريزن خود مختياري ڏني ۽ جومو ڪينياتا ملڪ جو پهريون صدر بڻيو ته هن به اهو ئي نالو برقرار رکيو. سندس ڪِي ڪُويُو قبيلي بابت هڪ تمام مشهور انگريزي ڪتاب آهي جنهن جو نالو آهي: Facing Mount Kenya ان جو پهريون ايڊيشن 1938ع ۾ ڇپيو هو.
ڪينيا جو هي صدر جومو ڪينياتا جيڪو هتي جي ماڻهن لاءِ اسان جي محمد علي جناح جو درجو رکي ٿو، ان جو احوال اڳتي هلي ڪنداسين. انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ دوران جومو ڪينياتا جيڪي پرجوش تقريرون ڪندو هو، اهي اسان ڪاليج وارن ڏينهن ۾ (جڏهن 1960ع ۾ مئٽرڪ ۾ هئاسين) اهڙي شوق سان ٻڌندا هئاسين ۽ جوموکي ائين هيرو تصور ڪندا هئاسين جيئن ستر واري ڏهي جي شروع وارن سالن ۾ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا شاگرد ذوالفقار علي ڀٽي جون تقريرون ٻڌندا هئا ۽ هن کي هيرو تصور ڪندا هئا.

Sunday, June 12, 2011

غلام زئنزيبار کان آيا ٿي - الطاف شيخ


غلام زئنزيبار کان آيا ٿي
 الطاف شيخ
روايتن موجب عمان جا عرب اٺين صدي کان اوڀر آفريڪا جي ڪناري وارن بندرگاهن ۾ رهڻ لڳا هئا. هنن جون سڙهه تي هلندڙ ڌائو (ٻيڙيون) جيڪي اڄ جي سنڌونديءَ ۾ هلندڙ ٻيڙين سان ڪافي ملن ٿيون. بحراحمر (Red Sea) ايراني نار (Persian Gulf) ۽ عماني نار مان نڪري، چوماسي وارين هوائن جي آڌار تي آفريڪا کنڊ جي اوڀر وارو ڪنارو ڏيئي هيٺ ڏکڻ ۾ موزمبق ملڪ تائين پهتيون ٿي ۽ ڇهن مهينن بعد south west monsoon) لڳڻ تي اهي واپس گلف جي ملڪن ڏي ويون ٿي. رستن تي صوماليه، ڪينيا ۽ ٽانگا نيڪا جيڪو هاڻ زئنزيبار سان ملي تنزاني ٿيو آهي) جي ڪناري جي تڙن تي ترسيون ٿي ۽ مغديشو، ممباسا دارالسلام ۽ زئنزيبار جهڙا نالا اڄ به انهن هنڌن جي تن ڏينهن جي اوج جي ياد ڏيارين ٿا.

ڪجهه اڇا پنا ۽ قلم ضروري آهي - الطاف شيخ


ڪجهه اڇا پنا ۽ قلم ضروري آهي
الطاف شيخ

ملائيشيا ۾ نوڪري دوران هڪ دفعي اسان جي آفيس وارن اسان مان ڪنهن هڪ کي وزٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ ممباسا موڪلڻ چاهيو ٿي جتي جي هڪ انجنيئرنگ ڪاليج يا شايد نيول اڪيڊمي ۾ “مئرين بئالرن ۽ فيول ٽيڪنالاجي” تي هفتو کن ليڪچر ڏيڻا هئا. هي ڪم نوڪري جي معاهدي مطابق اسان لاءِ ضروري نه هو پر انتظاميه چاهيو ٿي ته اسان ڌارين مان ڪو وڃي ته سندن اداري جو سٺو نالو ٿي سگهي، آخر ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جيڪي جيتوڻيڪ نوڪري جي معاهدي ۾ نه آهن پر انتظاميه ڪَس کائي اسان کي فائدو ڏئي ٿي.
هي پهريون دفعو هو جو اسان مان ڪنهن کي ايڏو پري وڃڻ لاءِ چيو ويو هو نه ته ملائيشيا جو ملائيشيا ۾، خاص ڪري ملائيشيا جي ڏاکڻي شهر اپوح جي پوليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ ۾ جتي مئرين انجنيئرنگ به پڙهائي وئي ٿي ۽ جنهن لاءِ جپاني انجنيئر رکيا ويا هئا پر هاڻ هنن جي وڃڻ ڪري ان سبجيڪٽ جو بار اسان جي اداري کنيو هو ۽ هر مهيني ڏيڍ بعد، ڏينهن ٻه پڙهائڻ لاءِ مون کي موڪليو ويو ٿي. هي ڪم اهڙو هو جنهن ۾ ڪو مالي فائدو نه هو پر هڪ نئين شهر ۾ وڃي، نون ماڻهن ۽ نوجوان شاگردن سان ملي مون کي خوشي ٿي ٿي ۽ اپوح شهر جون ڪيتريون ئي دلچسپ ڳالهيون لکڻ جو موقعو مليو. اسان مان ڪجهه ڌاريان ان ڪم لاءِ تيار ضرور ٿيا پر جڏهن خبر پين ته ان ڪم جا پئسا کين ملڻ بدران اسان جي آفيس واري اداري کي ملندا ته هو ڍرا ٿي ويا. ان ڊيوٽي لاءِ پئسا نه ڏيڻ جو انتظاميه طرفان اهو سبب ڏنو ويو ته جيڪڏهن آچر واري ڏينهن يعني موڪل واري ڏينهن تي جي پڙهائڻو پوندو ته ان ڏينهن جا پئسا اسان کي ضرور ملندا باقي هفتي جي ڏينهن جا پئسا نه ملندا، جو هفتي جا ڇهه ڏينهن پڙهائڻ اسان جي ڊيوٽي ۾ شامل آهي. چاهي ملاڪا پڙهايون يا اپوح شهر ۾. بهرحال اپوح شهر ۾ وڃڻ لاءِ هوائي جهاز جو اوٽ موٽ ڀاڙو، فور اسٽار هوٽل ۾ رهائش، ماني ٽڪي، ٽئڪسي جي ڀاڙي سان گڏ روزاني چانهه پاڻيءَ جو خرچ آفيس طرفان ڏنو ويو ٿي. ۽ هاڻ ڪينيا جي هن بندرگاهه ممباسا ۾ وڃڻ لاءِ به ساڳيا اصول هئا. ممباسا پري هجڻ ڪري ڪنهن به رضا مندي نه پئي ڏيکاري.

آفريڪا ڏي ايشيائي ماڻهن جي آمد - الطاف شيخ


آفريڪا ڏي ايشيائي ماڻهن جي آمد
الطاف شيخ

گذريل مضمون ۾ جنهن ليڊي ڊاڪٽر رجنيءَ جي ڳالهه لکي آهي، تنهن مون سان گڏ ممبئي کان نئروبي تائين سفر ڪيو. ان ٻڌايو ته سندس ڏاڏو يا پڙڏاڏو انگريزن جي راڄ ۾ گجرات (انڊيا) جي بندرگاهه کنڀاٽ کان آفريڪا جي زئنزيبار ٻيٽ تي 1895ع ڌاري آيو هو. هن اتي هڪ ڪاٺياواڙي خوجي جي دڪان تي نوڪر ٿي ڪم ڪيو ۽ پوءِ ممباسا اچي پنهنجو هٽڙو کوليو. “منهنجو پيءُ 1950ع ۾ اسان جي ڏاڏي سان گڏ ڪمپالا اچي رهيو. 1960ع ۾ هن جي منهنجي ماءُ سان بڙودا ۾ شادي ٿي ۽ آئون ڪمپالا ۾ ڄايس ۽ وڏي ٿيس.” هن ٻڌايو.
توهان کي آفريڪا جي هن اوڀر واري ڪناري جي ملڪن ۾، خاص ڪري ڪينيا، زئنزيبار ۽ يوگنڊا ۾ جتي انگريزن جي حڪومت رهي، ڪيترا ئي ننڍي کنڊ جا ماڻهو ملندا. انهن ۾ سڀ کان گهڻا گجرات جا هندو آهن ۽ ٻئي نمبر تي انڊيا جي مختلف سامونڊي ڪنارن وارن شهرن جا خوجا (آغا خاني)، بوهري، سک، هندو سنڌي، ڪاٺياواڙي ميمڻ ۽ ٻيا نظر ايندا. انگريزن ملايا (اڄ واري ملائيشيا)، سنگاپور کان آمريڪا جي ملڪن ۾، جتي جتي سندن راڄ هو، اتي آفيسون، دڪان، ريلوي کاتو ۽ ٻيون شيون ٺاهڻ چاهيون ٿي. کين ان ڪم لاءِ سڀ کان سلجهيل، هنرمند، عقلمند ۽ پڙهيل ڳڙهيل ننڍي کنڊ جا ماڻهو لڳا ٿي. ان ڪري انگريزن هنن جي همٿ افزائي ڪئي ته پنهنجو وطن ڇڏي مختلف ملڪن ۾ ڪمائڻ لاءِ هلي رهن. انگريزن هنن کي امن امان به ڏنو ٿي، ان ڪري ڪيترن ماڻهن انگريزن جي هٿ هيٺ آيل ملڪن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. جيئن سنگاپور ۾ ريلوي جي ڪم لاءِ انگريزن ڏکڻ هندستان جي تامل رهاڪن کي گهرايو، تيئن 1860ع ۾ انگريز سرڪار ننڍي کنڊ جي 30 هزار ماڻهن کي ٽن سالن جي مقاطعي (Contract) تي ممباسا کان ڪمپالا تائين جهنگ صاف ڪرڻ ۽ ريل جا پٽا وڇائڻ لاءِ آفريڪا ۾ گهرايو. هنن ۾ وڏو تعداد سکن جو هو، جن مان ڪجهه مري ويا، ٻيا وطن واپس هليا ويا. اٽڪل 7000 کن هندستانين، ڪانٽرئڪٽ ختم ڪرڻ بعد آفريڪا جي ئي شهرن ۾ رهڻ پسند ڪيو. انهن سان گڏ ڪيترا ئي، گجراتي هندو توڙي مسلمان، واپار جي خيال کان هيڏانهن ممباسا، زئنزيبار، ڪمپالا، نئروبي، دارالسلام آيا ۽ ٽڪي پيا.

Saturday, June 11, 2011

اجنبي عورت سان ڳالهائڻ ۾ خطرو - الطاف شيخ


اجنبي عورت سان ڳالهائڻ ۾ خطرو
الطاف شيخ
جهاز ڪوالالمپور مان اڏامڻ بعد سنگاپور مان ٿيندو ممبئي پهتو. ڇهه ڪلاڪن جو هي سفر توڙي ممبئي ايئر پورٽ تي اٺ ڪلاڪن جو Stay لکڻ پڙهڻ ۽ ننڊن ۾ گذريو ۽ هاڻ ممبئي کان نئروبي جي ڊگهي اڏام ۾ لنچ بعد وقت گذارڻ خاطر مون ڀر ۾ ويٺل مسافرن سان خبر چار ڪرڻ ٿي چاهي. هونءَ به چوندا آهن ته وقت پاس ڪرڻ جو سٺو طريقو  اهو ئي آهي ته ٻئي سان حال احوال ڪجي ۽ وٺجي. جيلن ۾ ساڳي ڪوٺڙيءَ ۾ بند قيدي اهو ئي ڪندا آهن. ڊگهن سفرن تي پاڻي جي جهاز ۾ سوار به اهو ئي ڪندا آهن. منهنجي ڀر واري سيٽ تي هڪ عورت هئي. هوءَ ڪا ٽين ايجر ڇوڪري به نه هئي. نوجوان عورت چئي سگهجي ٿو. بهرحال مون کان ڪافي ننڍي هئي. سهڻي به ضرور هئي. گهڻي نه ته ڪجهه ڪجهه ڪپڙن ۽ ٻه چار پاتل زيورن مان امير به لڳي ٿي. جنهن سٺي هئنڊ رائٽنگ ۾ هڪ پني ڀور تي ڪجهه Notes لکيا ان مان هوءَ پڙهيل ڳڙهيل به لڳي ٿي. مرد يا عورت سان ڳالهائڻ جي شروعات ڪرڻ مون لاءِ مسئلو نه رهيو آهي، ڀلي کڻي پهرين جي سڃاڻپ نه هجي. پر ويجهڙائيءَ ۾ هڪ لطيفو پڙهڻ ڪري هاڻ آئون ٻڏ تر محسوس ڪري رهيو هوس. اهو لطيفو پهرين توهان به پڙهو. هڪ هوائي اڏام ۾ مون جهڙي هڪ مرد مسافر پنهنجي ڀر ۾ ويٺل ڇوڪريءَ سان فري ٿيڻ جي ڪوشش ۾ هن کي چيو ته، ”سفر ڊگهو آهي. ڳالهه ٻولهه سان وقت گذريو وڃي. ڇو نه پاڻ ڪنهن ٽاپڪ تي هڪ ٻئي جي خيالن جي ڏي وٺ ڪيون.“ مثال طور ڪهڙي عنوان تي؟“ ڇوڪريءَ پڇيو. دل پشوري جي شوقين مرد مسافر خوش ٿي چيو: “مثال طور فضائي آلودگي يا گلوبل وارمنگ وغيره تي.“ڇوڪريءَ چيو، ”ڳالهه ٻڌ! مونکي پهرين هن ڳالهه جو جواب ڏي. ٻڪري، گڏهه ۽ مينهن ٽئي جانور گاهه کائين ٿا پر اهو ڇو آهي ته ٻڪري ڦولڙيون لاهي ٿي، گڏهه لِڏ ۽ مينهن ڇيڻو؟ همراهه چپ ٿي ويو. ڇوڪريءَ چيس: ”توکي خبر آهي Shit جي به ڪانه، سو هليو آهين گلوبل وارمنگ ۽ Atmospheric Pollution جهڙن اشوز تي بحث ڪرڻ.“ ڪنهن عورت سان ڳالهائڻ جو جوکم سوچي سمجهي کڻجي، ان ڪري مون به هن اڏام ۾ چپ رهڻ جو ئي سوچيو پر جيئن منهنجي پاڙيسرياڻيءَ مون کان ٻه ٽي سوال پاڻ ڪيا ته آئون به پهلوان مڙس ٿي پيس جنهن کي سنڌيءَ ۾ ”هسبنڊ مئن“ به سڏيندا آهن. هيءَ فلائيٽ نئروبي لوڪل ٽائيم مطابق ڪنهن وقت پڄندي؟“ هن پڇيو ۽ ان بعد اهو به پڇيو ته آئون نئروبي وڃي رهيو آهيان يا اڳيان ڪمپالا (يوگنڊا...) وغيره، ته مون يڪدم پنهنجو تعارف ڪرائي ٻڌايومانس ته آئون مئرين انجنيئرنگ جو پروفيسر آهيان ۽ نئروبيءَ ۾ هن اڏام مان لهي رات اتي ترسي ٻي ڏينهن باءِ روڊ ممباسا ويندس.پاڻ ٻڌايائين ته هن جا ماءُ پيءُ گجراتي آهن ۽ هن جي وڏن جو ڳوٺ کمڀاٽ آهي پر پاڻ ڄائي نپني ڪمپالا ۾ ۽ بنيادي تعليم ڪمپالا ۽ نئروبيءَ مان حاصل ڪرڻ بعد ڊاڪٽري جي اعليٰ تعليم انگلنڊ مان حاصل ڪئي ۽ هينئر هوءَ يورولاجسٽ آهي. ڊاڪٽر رجني ديشمک اهو ٻڌائي مون کان پڇيو ته مون کي حيرت ته لڳي هوندي ته هوءَ گجراتي ٿي يوگنڊا ۾ ڪيئن ڄائي نپني! نه مونکي ان تي حيرت بلڪل نه لڳي آهي“، مون ٻڌايومانس، ”مون کي خبر آهي ته هن پاسي يعني يوگنڊا، ڪينيا، تنزانيا پاسي، گهڻي عرصي کان گجراتي، هندو، آغا خاني، سنڌي هندو ۽ بلوچ رهن ٿا. هاڻ ته ڪيترائي انگلينڊ ۽ ٻين ملڪن ۾ لڏي ويا آهن، پر سٺ واري ڏهي جي آخري سالن ۾ جڏهن منهنجو جهاز ممباسا ۽ آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري جي ٻين بندرگاهن ۾ ايندو هو ته اسان جي ڪيترن ئي سان ملاقات ٿيندي هئي. هو هن تَر جي واپار تي ڇانيل هئا. بهرحال مون کي هڪ ٻي ڳالهه جي ضرور حيرت ٿي آهي.“ ڪهڙي ڪهڙي؟“ هن اها ڳالهه جهٽ پٽ معلوم ڪرڻ ٿي چاهي ۽ جيسين آئون چانهه جو آخري ڍڪ ڀري ڪوپ کي ايئر هوسٽس حوالي ڪريان، مون ڏٺو ته هن جي چهري تي تمام گهڻو تجسس هو. جواب ۾ دير ڪرڻ تي هن وري پڇيو ته اها ڪهڙي ڳالهه آهي. ڪا خاص ڳالهه ناهي. مون سمجهيو ٿي ته يورلاجسٽ فقط مرد ٿيندا هوندا.“ مون کيس ٻڌايو ته اهڙي طرح آئون اهو سمجهندو هوس ته گائنڪالاجسٽ فقط عورتون ٿين ٿيون. پوءِ 1960ع ۾ جڏهن آئون مئٽرڪ ۾ هوس اسان جي حيدرآباد جي سول اسپتال جي هڪ ڊاڪٽر سالارزار نالي ٻڌوسين ته اهو گائنڪالاجسٽ آهي، ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾، جتان هن وقت آئون اچي رهيو آهيان 1985ع تائين هڪ به ليڊي ڊاڪٽر نه هئي گائناڪالجسٽ سڀ مرد هئا. چيني ۽ انڊين عورتون ته ڇا سلطانن جي مسلمانن زالن جي ڊليوري به مرد ڊاڪٽرن ڪئي ٿي. بهرحال ڊاڪٽر رجني بيحد دلچسپ شخصيت لڳي، يا ته هن کي به ڳالهائڻ جي عادت هوندي يا هوءَ به وقت پاس ڪرڻ جي چڪر ۾ هئي جو هوءَ ڪجهه مون بابت ۽ منهنجي پروفيشن بابت پڇندي رهي، ڪجهه پاڻ بابت ۽ سندس ڊاڪٽري فيلڊ بابت ٻڌائيندي رهي. سندس ڪجهه ميڊيڪل ڄاڻ جون ڳالهيون خاص ڪري بڪين (گردن) ۾ پٿريون پيدا ٿيڻ بابت ڪجهه نقطا پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ هتي لکي رهيو آهيان، ڇو جو هن مرض ۾ ايڏو ته شديد سور ٿئي ٿو جو هڪ دفعي جهاز جي خلاصيءَ کي اها تڪليف ٿيڻ تي اسان کي جهاز موڙي بندرگاهه جو رخ ڪرڻو پيو. عام حالتن ۾ مريض کي ڪنهن نه ڪنهن قسم جي دوا ڏيئي جهاز کي مقرر ڪورس تي ئي رکيو وڃي ٿو جيسين شيڊول مطابق جهاز منزل تي پهچي ۽ پوءِ اتي مريض کي اسپتال ۾ داخل ڪيو وڃي ٿو. مون اها ڳالهه ڊاڪٽر رجنيءَ کي ٻڌائي ته ڪيئن اسان هڪ دفعي اسپين جي بندرگاهه بارسلونا مان لنگر کڻي ميڊيٽرينين سمنڊ جي مالٽا ٻيٽ ڏي روانا ٿياسين ته رستي تي جهاز جي هڪ پوڙهي خلاصيءَ کي گردي ۾ پٿريءَ جو اهڙو ته شديد سور ٿيو جو هو ڪرڙي وانگر پئي ڦٿڪيو. اسان کيس هر قسم جا Pain Killer ڏنا ته جيئن ڏينهن ٻه هو آرام ۾ اچي وڃي ته کيس مالٽا پهچي اتي اسپتال داخل ڪرايون. ڇو جو اسان جو وقت تي، مالٽا پهچڻ به ضروري هو. پر مريض کي ايڏي ته بي چيني ٿي جو انساني جان بچائڻ ڪارڻ اسان وري پٺيان پير ڪري بارسلونا موٽياسين جتي ڊاڪٽرن هن جي يڪدم آپريشن ڪئي. بلڪل صحيح ٿا چئو“، ڊاڪٽر رجنيءَ چيو، ”پٿريءَ جو هي سور عورت جيDelivery Pains وانگر بيحد شديد ٿئي ٿو. توهان کي خبر آهي ته قديم زماني جا حڪيم چوندا هئا ته گردي جون پٿريون مردن کي قدرت طرفان عورت جي ٻار ڄڻڻ جي سور جو احساس ڏيارڻ جو ذريعو آهي.“ڊاڪٽرياڻيءَ جو اهو ئي مطلب هو ته مريضن کي ان وقت فرحت محسوس ٿئي ٿي جڏهن هيءَ اذيت رسائيندڙ پٿري پيشاب ذريعي خارج ٿئي ٿي.

Monday, June 06, 2011

ڪوالالمپور ۾ سواريءَ جو بندوبست - الطاف شيخ


ڪوالالمپور ۾ سواريءَ جو بندوبست
الطاف شيخ

ڪوالالمپور ۾ ممبئي، دهلي ۽ تهران جهڙن شهرن وانگر، هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچڻ ڪو مسئلو ناهي. بسون، ٽئڪيون، ميٽرو، ريل گاڏيون شهر جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين هلن ٿيون. ڪوالالمپور ۾ ته اڃا به گهڻيون بسون ۽ ريل گاڏيون آهن. ان کان علاوه مونو ريل به آهي. اهي سواريون بيحد سوليون ۽ سستيون آهن. ٽئڪسي ڪرڻ جي به ضرورت ناهي. هڪ ٽوئرسٽ لاءِ سڀ ۾ بهترين سواري ٽرين آهي ۽ ٻئي نمبر تي بس آهي. ڇو جو هڪ ڌاريون ٽوئرسٽ جن اهم هنڌن تي گهمڻ يا خريداري لاءِ وڃي ٿو اتي ريل جي اسٽيشن يا بس جو اسٽاپ ضرور ٿئي ٿو. ٽئڪسي ته تڏهن ڪجي جڏهن ڪنهن دوست جي گهر وڃڻو هجي، جيڪو رهائشي علائقي جي ڪنهن اندرين گهٽيءَ ۾ هجي. پر ان صورت ۾ توهان جو دوست يا مائٽ توهان کي سندس گهر تائين پهچڻ لاءِ ٽئڪسي جي تڪليف ڏيڻ بدران توهان کان ٻه ڳالهيون پڇندو: “توهان جتي آهيو اتان ڪهڙي اسٽيشن ويجهي آهي؟” ۽ توهان مڪاني ماڻهوءَ کان پڇي هن کي ٻڌائي سگهو ٿا ته توهان داتو ڪرامت، KLCC يا ڪمپونگ بارو ريلوي اسٽيشن وٽ آهيو. يا کڻي چئجي ته هنگ تئاح، PWTC يا بُڪت جليل ۾ آهي. هي ائين آهي جيئن ڪراچي ۾ ڪو مهمان پهچي پنهنجي دوست کي ٻڌائي ته هو سهراب ڳوٺ، لياقت آباد، صدر يا ٽاور وٽ بيٺو آهي. توهان جو ڪوالالمپور وارو ميزبان توهان جو جواب ٻڌي ته توهان ڪهڙي اسٽيشن وٽ آهيو، توهان کي چوندو ته “ان اسٽيشن تان هڪ ڊالر (رنگٽ) يا ٻن جي ٽڪيٽ وٺي ريل ۾ چڙهو ۽ ٽن يا چئن اسٽيشنن بعد جيڪا فلاڻي اسٽيشن ايندي، ان تي لهي ٻاهر نڪرندائو ته آئون گيٽ وٽ بيٺو هوندس.”
سو توهان ڪوالالمپور ۾ ريل رستي شهر جي مختلف جاين جا چڪر هڻندا رهو. رڳو اهو ياد رکو ته توهان ڪهڙي اسٽيشن وٽ رهيل آهيو، جيئن رلي پني واپس ان اسٽيشن تي اچي پنهنجي رهائشگاهه ڏي هليا وڃو.
هونءَ ڪوالالمپور جو شهر ممبئي ۽ ڪراچي وانگر ڊگهو ناهي. اتفاق سان اهي ٻئي شهر ڏکڻ کان اتر طرف وڃن ٿا ۽ اهڙن شهرن ۾ بس يا ريل گاڏي سڌو ئي سڌو پئي وڃي. ڪياماڙي، نيٽي، جيٽي، ٽاور، بولٽن مارڪيٽ، پاڪستان چوڪ، برنس روڊ، صدر، نمائش، گرو مندر، لياقت آباد، وغيره وغيره.
ڪوالالمپور جو شهر تهران ۽ حيدرآباد وانگر چوڌاري پکڙيل آهي. هڪ طرف ڪوٽڙي ته ٻئي طرف لطيف آباد، هوڏانهن فتح چوڪ، “اسرا” يونيورسٽي، قاسم آباد، وغيره گول دائري ۾ وڃي ڄامشوري، ڪوٽڙي، مٽياري ۽ ٽنڊوڄام کان نڪتو آهي. دهلي به ائين آهي. ان ڪري ڪراچي ۽ ممبئي وانگر توهان نئين ٽوئرسٽ کي K.L (ڪوالالمپور) سولائي سان سمجهائي نٿا سگهو. پر هڪ ڌارئين ٽوئرسٽ کي ڪوالالمپور پهچي اهو خوف نه هجڻ کپي ته هو ڪو گم ٿي ويندو. هن کي ڪيڏانهن به وڃڻو هجي ته مڪاني ماڻهوءَ کان پڇي ته فلاڻي جاءِ تي وڃڻ لاءِ هو ڪهڙي ريلوي اسٽيشن تي لهي. هو کيس ٻڌائيندو ته سامهون موڙ وٽ يا پوئين گهٽي ۾ هن علائقي جي ريلوي اسٽيشن آهي، اتان فلاڻي اسٽيشن جي ٽڪيٽ وٺي ريل ۾ چڙهه. ان ريلوي اسٽيشن تي پهچي، وڌيڪ پڪ ڪرڻ لاءِ ٻين مسافرن کان پڪ ڪري سگهجي ٿي. ملائيشيا اُهو ملڪ آهي، جتي هرڪو انگريزي سمجهي ۽ ڳالهائي ٿو. هونءَ هتي ڪجهه اسٽيشنون نمبروار لکي ڇڏيان ٿو، جيڪي مون هڪ پني تي پنهنجي سهوليت لاءِ لکيون آهن. ڪيڏانهن نڪرڻ لاءِ پني تي اها اسٽيشن ڏسي، جائزو وٺندو آهيان ۽ ان ٽرين ۾ چڙهندو آهيان.
ڪوالالمپور شهر جي مختلف علائقن ۾ ماڻهن کي پهچائڻ لاءِ جيڪا ريل آهي، اها Rapid KL Rail نيٽ ورڪ سڏجي ٿي. هن ريل سسٽم جون ٻه لائينون آهن، هڪ ائمپنگ لائين سڏجي ٿي ۽ ٻي ڪيلانا (Kelana) لائين، جيڪا شروع ۾ پترا لين به سڏبي هئي. هتي ٻنهي ريلوي لائينن جون ريلوي اسٽيشنون نمبروار لکان ٿو، جن جي لسٽ توهان لاءِ ڪوالالمپور ۾ ئي سهوليت رهندي. ٻئي ريلوي لائينون مختلف ريلوي اسٽيشننن وٽان لنگهن ٿيون، پر ڪجهه ريلوي اسٽيشنون اهڙيون آهن، جن تان ٻنهي لائينن جون ريلون لنگهن ٿيون، جهڙوڪ مسجد جامع. ڪي اسٽيشنون اهڙيون آهن، جن تان مونو ريل به لنگهي ٿي، جهڙوڪ ٽِيٽي ونگسا، هنگ تئاح، پاسار سيني، دانگ وانگي وغيره. اهي اسٽيشنون ائين آهن جيئن اسان وٽ ڪوٽڙي يا روهڙي جنڪشون جن تان هڪ مان لهي ٻئي طرف ويندڙ ريل ۾ چڙهي سگهجي ٿو.

ڪوالالمپور ۾ رهائش - الطاف شيخ


ڪوالالمپور ۾ رهائش
الطاف شيخ
اهو به هڪ منجهائيندڙ سوال آهي جڏهن ڪو ٽوئرسٽ ڪئالالمپور ۾ رهڻ لاءِ ڪنهن مناسب هوٽل جو پڇي ٿو. اهڙي سوال جو جواب توهان ورلي صحيح ڏئي سگهو ٿا، جو ان بابت هر هڪ جي پنهنجي سوچ ٿئي ٿي. ڪيترا دفعا ائين ٿيو آهي ته پاڪستان کان آيل همراهه منهنجي suggest ڪيل هوٽل ۾ رهڻ بعد چوندا آهن ته هيءَ هوٽل ڪنهن ڪم جي ناهي. ظاهر آهي هر هوٽل جو ڪمرو ان جي مسواڙ مطابق ٿيندو ۽ منهنجي خيال ۾ اسان جهڙن ٽوئرسٽن کي فائيو اسٽار، فور اسٽار هوٽلن جو ته نه پر ٿري اسٽار هوٽلن جو به رخ نه ڪرڻ کپي. مون ته گورن يعني انگريز ۽ يورپين کي به سادين هوٽلن ۾ رات گذاريندي ڏٺو آهي. جيڪڏهن  هو واقعي ٽوئرسٽ آهن، يعني هو پنهنجي خرچ تي گهمڻ لاءِ آيا آهن ته. باقي ڪمپني جي خرچ سان يا ڪنهن ملڪ جي يونيورسٽي ۾ ليڪچر يا سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ڪمپني يا اهو ملڪ خرچ ٿو ڀري ۽ فائيو اسٽار هوٽل ۾ ٿو رکي ته پوءِ اسان کي تڪليف نه ٿيڻ کپي. ڪيترا دفعا هڪ جهاز تان ٻئي جهاز تي بدلي ٿيڻ مهل، ٻئي ملڪ ۾ هوائي جهاز ۾ پهچڻ تي ٻه ٽي ڏينهن هوٽل ۾ رکيو وڃي ٿو يا جهاز (Ship) تي ڳري مرمت هلڻ تي، جنهن  ۾ گهڻو گوڙ شور ٿئي ٿو، اسان جهاز وارن کي فائيو اسٽار هوٽلن ۾ رکيو وڃي ٿو ۽ ٽئي ويلا ماني به اتي کارائي وڃي ٿي. اسان کي ڪو اعتراض ناهي، جيڪا ڪمپني اسان جو هزارين  روپين جو خرچ ڀري ٿي ان جا اسين ڪم به لکها ۽ ڪروڙها روپين جا ڪريون ٿا ۽ اسان کي فائيو اسٽار ۾ ڇا ڀلي ڪنهن ڇهن يا ستن تارن وارين هوٽلن ۾ رکن