Sunday, July 31, 2011

آفريڪا ۾ عورتن لاءِ رسمون - الطاف شيخ


آفريڪا ۾ عورتن لاءِ رسمون
الطاف شيخ
ڇوڪرن جو طهر نه فقط انهن ملڪن ۾ جتي مسلمان رهن ٿا پر ڪيترن عيسائي ۽ يهودي خاندانن ۾ به عام آهي. اڄ کان چوڏهن سئو سال اڳ جيڪا ڳالهه مذهبي نقطي نگاهه کان ضرور ڪئي وئي اها گذريل صديءَ ۾ ميڊيڪل سائنس طرفان صحيح ۽ صحتمند ثابت ٿي. اڄ جا ڪيترائي پڙهيل ڳڙهيل ۽ هائيجن جو خيال رکندڙ مرد لاءِ طُهر ضروري سمجهن ٿا. هن کان اڳ سوڊان جي سفرنامي ۾ ڇوڪرين جي طهر بابت لکي چڪو آهيان جيڪو سڄي آفريڪا ۾، يمن ۽ مصر جهڙن ڪجهه عرب ملڪن ۾ ۽ اوڀر پاسي ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ عام آهي. ملائيشيا پاسي هاڻ اهو رواج (جنهن کي ڪجهه ماڻهو مذهبي رسم سمجهن ٿا) هن صديءَ جي شروع ٿيڻ سان ڪافي گهٽجي ويو آهي، نه ته اسي واري ڏهي جي شروع ۾ مون جڏهن سمنڊ جي نوڪري ڇڏي ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪري جي شروعات ڪئي هئي ته پهريون دفعو پنهنجي آفيس جي ڪلارڪ ڇوڪريءَ کان سندس شاديءَ جو ڪارڊ وٺڻ وقت اهو ٻڌي حيرت ٿي هئي ته فلاڻي تاريخ سندس شادي ٿيندي ۽ ان کان هڪ ڏينهن اڳ سندس نڪاح ۽ طُهر ٿيندو، جنهن ۾ فقط عورتن کي مدعو ڪري رهي آهي. مون کي ڪجهه گهڙين لاءِ ائين به محسوس ٿيو ته صباريا پنهنجي گهوٽ عبدالرحمان جي طهر لاءِ چيو هجي جيڪو پڻ اسان جي نيول اڪيڊمي ۾ لئبررين هو. ڇو جو ملائيشيا ۾ اچي اهو مون ضرور نوٽ ڪيو ته ٻهراڙيءَ ۾ ڪن ڪن ٻارن جو وڏي عمر ۾ طهر ٿو ٿئي يا جڏهن ڪنهن مسلمان ملئي ڇوڪريءَ جي ڪنهن چيني عيسائي يا ٻڌ ڇُوڪري سان شادي طئي ٿئي ٿي ته شادي کان اڳ هو مسلمان ٿي طهر ڪرائي ٿو. بهرحال بعد ۾ آفيس ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ٻي ملئي ڇوڪريءَ کان جڏهن پڪ ڪيم ته هُن به اهو ئي ٻڌايو ته ٽائپسٽ صباريا جو طهر ٿيندو.

Friday, July 29, 2011

‘زهينگ هي’ جا آفريڪا ڏي سفر - الطاف شيخ


‘زهينگ هي’ جا آفريڪا ڏي سفر
الطاف شيخ
گذريل هڪ مضمون ۾ پاڻ ڪجهه اهڙن ناليوارن سياحن (Tourists) جي ڳالهه ڪئي آهي جيڪي آڳاٽي زماني ۾ آفريڪا جي هن اوڀر واري ڪناري جي بندرگاهن ممباسا ۽ ملينديMalindi  ۾ آيا جيڪي اڄ ڪلهه ڪينيا جا شهر آهن. انهن ٽوئرسٽن ۾ ابن بطوطا جيڪو مراڪش کان آيو ۽ پورچوگال جو واسڪو ڊاگاما به آهي. ابن بطوطا خشڪي رستي حج لاءِ مڪي پهتو. اتان پوءِ ٻيڙيءَ رستي بحر احمر Red Sea ٽپي پوءِ اوڀر آفريڪا جو ڪنارو وٺي ممباسا پهتو. هوڏانهن واسڪوڊاگاما گهران (لسبن کان) سامونڊي سفر ڪيو ۽ پهريون يورپي آهي جيڪو ڪيپ آف گڊ هوپ جو سمنڊ اڪري ممباسا ۽ مليندي پهتو. اهڙي طرح انهن ڏينهن ۾ زهينگ هي  Zheng Heنالي هڪ مسلمان سياح، جهازران Mariner، نئين دنيا جي ڳولائوءَ Explorer ۽ جهازن جي فليٽ ائڊمرل پنهنجي شان شوڪت ۽ رعب تاب سان آفريڪا جي هنن بندرگاهن ۾ پهچي ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. واسڪوڊ اگاما ته پاڻ سان 5 جهاز کڻي ڳوٺان نڪتو هو، جنهن مان ٻه جهاز ته ڪيپ آف گڊ هوپ وٽان مڙندي ٻڏي ويا هئس. ابن بطوطا هڪ عام ڪمزور تختن واري ٻيڙيءَ ۾ آيو پر زهينگ هي (جنهن جو نالو حاجي محمود شمس هو، زهينگ هي سندس چيني لقب هو) هڪ نه ٻه نه پر 200 کن جهازن جي فليٽ سان گڏ سفر ڪيو ٿي جنهن ۾ پنجاهه سٺ کن جهاز ته بيحد وڏا، سهڻا ۽ قيمتي تحفن سان ڀريل رهيا ٿي جيڪي تحفا هن چين جي حاڪم طرفان مختلف سلطنتن ۽ ملڪن جي سردارن، بادشاهن ۽ حاڪمن کي ڏنا ٿي. اهي جهاز ٽريزر شپ (خزاني وارا جهاز) سڏبا هئا ۽ انهن جهازن جي اڏاوت ۽ ڪاريگريءَ نه فقط ان وقت جي عام ماڻهو ۽ جهاز سازن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو پر اڄ به اسين تعجب کائون ٿا ته ان وقت جڏهن هر ڳالهه جي تر جيتري ترقي مس ٿَي ٿِي اتي چيني ماڻهن جهاز سازيءَ ۾ ايڏي وڏي پئماني تي ترقي ڪيئن ڪئي!

Thursday, July 14, 2011

ابنِ بطوطا ۽ ٻين جي ممباسا ۾ آمد - الطاف شيخ


ابنِ بطوطا ۽ ٻين جي ممباسا ۾ آمد
الطاف شيخ
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اوڀر آفريڪا وارو ڪنارو جنهن کي هندي وڏو سمنڊ ڇهي ٿو، ان تي ممباسا تمام جهونو ۽ مشغول بندرگاهه ليکيو ويو ٿي. پورچوگالي، انگريز ۽ ٻيا يورپي ته گهڻو گهڻو پوءِ آيا پر ايراني، مصري، عرب، سومالي ننڍي کنڊ جا واپاري، هنرمند، پورهيت صدين کان ممباسا ۾ ايندا رهيا. هو پاڻ کي به خوشحال بڻائيندا رهيا ته ممباسا کي به سکيو ستابو ٺاهيندا رهيا. اڄ به انهن ماڻهن جي پنجين يا ڇهين ٽهي (جنريشن) ممباسا جي ترقي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. ماضيءَ ۾ ممباسا ائين هو جيئن اتر ۾ عدن، ڏکڻ ۾ ڪولمبو ۽ اوڀر ۾ جاوا – جنهن لاءِ سنڌ ۾ چوڻي مشهور آهي ته ”جيڪي ويا جاوا، سي هميشه ٿيا ساوا.“
ممباسا بابت لکت ۾ گهڻو مواد پورچوگالي ڊائرين ۽ Chronicles مان ملي ٿو. سڀ کان آڳاٽيون لکڻيون 16 صديءَ جون آهن. هي لکڻيون ان وقت جون آهن جڏهن پورچوگالين ٺٽي کي 1555ع ۾ ساڙيو ٻاريو. 1558ع ۾ آدم شاهه ڪلهوڙي جي وفات ٿي، بعد ۾ ان صديءَ جي آخر ۾ 1592ع ۾ مرزا جاني بيگ ترخان کي شڪست آئي ۽ مغل شهنشاهه اڪبر سنڌ کي دهليءَ سان شامل ڪري ڇڏيو. بهرحال پورچوگالين جا ممباسا بابت لکيل هي Chronicles تواريخِ طاهري کان به آڳاٽا آهن جيڪا مير طاهر محمد نسيانيءَ 1621ع ۾ لکي.
ممباسا بابت ابن بطوطا به پنهنجي سفرنامي ۾ لکيو آهي. ابن بطوطا هڪ مسلمان سياح هو. سندس نالو ابوعبدالله محمد هو. پاڻ 1304ع عيسوي سن ۾ موراڪو (مراڪش) جي شهر طنج (Tangir)  ۾ ڄائو. يعني مغل شهنشاهه همايون ۽ بابر کان به گهڻو اڳ ڄائو. 21 سالن جي ڄمار ۾، يعني 1325ع ۾ هو گهران حج لاءِ نڪتو پر پوءِ موٽڻ کان اڳ ملڪ ملڪ گهمندو رهيو. هو سنڌ ۾ به آيو ۽ پنهنجي سفر ۾ بکر، سيوهڻ، لاهري بندر ۽ ٺٽي جي ڳوٺ جنهاڻ سومرا جو به احوال لکيو اٿس. هو عدن پهچڻ بعد اوڀر آفريڪا وارو ڪنارو ڏيئي ممباسا پهتو هو. عدن کان پهرين زيلا شهر پهتو جنهن ۾ هن کي چار ڏينهن لڳا. اڄ جو ماڊرن شهر زيلا (Ziala) جبوتي کان 24 ميل پري ڳاڙهي سمنڊ (Red Sea) جي ڪناري تي آهي. هن سمنڊ جي اتراهين ڪناري تي جده ۽ عدن جهڙا شهر آهن ته ڏاکڻي ڪناري تي جبوتي ۽ زيلا وغيره. زيلا لاءِ ابن بطوطه لکي ٿو ته ”هن شهر جا مسلمان ڪارا شيدي آهن ۽ بربرا سڏجن ٿا. هو امام الشافعي مڪتبِ فڪر جا مسلمان آهن. ڪيترائي شيعا مسلمان آهن جيڪي رڍون ۽ اٺ چارين ٿا.“

Wednesday, July 13, 2011

انگريز راڄ جا دڪان الطاف شيخ


انگريز راڄ جا دڪان
الطاف شيخ

جيتوڻيڪ اڄ جي دور ۾ يورپ ۽ آمريڪا سان گڏ آفريڪا به ڪيترن ڳالهين ۾ ماڊرن ٿي ويو آهي جتي توهانکي جپاني ۽ جرمن ڪارون نظر اچن ٿيون، ڪمپيوٽر ۽ ٽي وي چئنل نظر اچن ٿا. آفريڪا جي هر ملڪ ۾ جيتوڻيڪ ڪيترائي ماڻهو پڙهيل ڳڙهيل نظر اچن ٿا پر مجموعي طور سڄو آفريڪا گهوٽڪي ۽ جيڪب آباد لڳو پيو آهي. وري به ڏٺو وڃي ته انهن سڀني ملڪن ۾ ڪينيا بهتر آهي.
آفريڪا جا اتراهان ملڪ مصر، لبيا، ٽيونيشيا، آلجيريا ۽ موراڪو، اهي ڀونچ (ميڊيٽرينين) سمنڊ وارا ملڪ آهن، جيڪي يورپ جي ويجهو ۽ تيل ۽ ٽوئرزم ڪري امير ملڪ آهن. باقي صحرا رڻ پٽ کان هيٺ وارو سڄو آفريڪا اڄ به هيڻن حالن ۾ آهي. آفريڪا کنڊ جو هيٺ پوڇڙ وارو ملڪ جيڪو سائوٿ آفريڪا سڏجي ٿو، ان کي اسان هنن ۾ شامل نٿا ڪريون، جو اهو ملڪ اڄ به گورن انگريزن جي هٿ ۾ آهي ۽ اهو ٻيو انگلنڊ لڳي ٿو. باقي ٻيا ملڪ ائنگولا ۽ نميبيا هجي يا زئمبيا ۽ ملاوي، برنڊي ۽ روانڊا هجي يا چاڊ ۽ برڪانو فاسو.... ڪرپش، چوري، ٺڳي، غير قانونيت، بدامني جام آهي. اهي ناسور اسان جي ايشيا جي ملڪن ۾ به آهن، پر ڪي ڪي ملڪ جپان، ملائيشيا، سنگاپور، ڪويت، سعودي عرب به آهن جيڪي يورپ جي ملڪن جي برابري ڪن ٿا ۽ ٻيا ڪيترائي ڪوريا، فلپين، ٿائلنڊ، دبئي، ايران ۽ انڊيا جهڙا انهن کي فالو ڪن پيا.
اسان هتي فقط ڪينيا ۽ آفريڪا کنڊ جي اوڀر واري ڪناري جي ملڪن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، جن سان صدين کان انڊيا، ايران ۽ عرب ملڪن جو واپار هو. جتي اسان جي ملڪن جا ماڻهو واپار وڙي، نوڪري ۽ پورهئي لاءِ ويا ٿي ۽ اُتان لونگ، چانهه ۽ شيدي غلام اسان وٽ پهتا ٿي ۽ جن ملڪن جي ٻولي ۽ ڪلچر تي هڪ ٻئي جو اثر رهيو. آفريڪا کنڊ جي اوڀر واري ڪناري جو مٿان کان جائزو وٺبو ته اٿوپيا ۽ سوماليا کان شروع ٿئي ٿو. اٿوپيا جنهن کي ڪنهن زماني ۾ ائبيسينيا به سڏبو هو ۽ عربي زبان ۾ حبش سڏبو هو، جيئن زئنزيبار ’زنجبار‘ سڏبو هو ۽ اڃان به عرب ان نالي سان سڏين ٿا. حبش (اٿوپيا) دراصل بحر احمر (ڳاڙهي سمنڊ) جو ملڪ آهي. هڪ طرف سعودي عرب آهي ته ٻئي پاسي حبش آهي. حضور ﷺ جن جي ڏينهن ۾ حبش وڏو امير ملڪ هو، جنهن بادشاهه جي سلطنت يمن تائين هئي. مڪي جا مسلمان ٻيڙين ذريعي هجرت ڪري حبش پهتا هئا. حضرت بلال هن ملڪ جو هو. عربن جو گهڻو واسطو حبش جي ماڻهن سان رهيو ٿي، جيڪي ان وقت حبشي سڏبا هئا. بعد ۾ جڏهن سوڊان، ڪينيا، تنزانيا ۽ آفريڪا جي ٻين ملڪن جا شيدي پهتا ته اهي پڻ حبشي سڏجڻ لڳا، جو اهي سڀ حبش کان ٿيندا سعودي عرب پهتا ٿي ۽ ماڻهن هنن کي حبش جو سڏيو ٿي. جيئن ملايا (اڄ واري ملائيشيا) ۾ آڳاٽي زماني ۾ هر هڪ ڌاريو ماڻهو بنگال واري ڪناري کان ٿيندو اتي پهتو ٿي ۽ بنگالي سڏيو ويو ٿي. پورچوگالي به خليجِ بنگال وارو ڪنارو ڏيئي ملايا پهتا ته انهن کي به ملئي ماڻهن بنگالي سڏيو پر شڪل جا گورا هجڻ ڪري کين اڇو بنگالي (پوتيح بنگالي) سڏيو. سو اهڙي طرح اسان وٽ به هر آفريڪن لاءِ ”حبشي“ لفظ استعمال ٿئي ٿو. بهرحال اڄ ان حبش ملڪ (اٿوپيا) جي حالت سڀ کان خراب آهي، جنهن جا ماڻهو ڪينيا ۾ امير ترين سڏيا ويا ٿي پر هاڻ سوماليا ۾ به سخت بدامني آهي. يمن وانگر جتي ڪٿي اغواڪاري لڳي پئي آهي. هيٺ ملاوي، موزمبق، سوازي لئنڊ ۾ به اهو ئي حال آهي. وري به يوگنڊا، تنزانيا ۽ ڪينيا انهن ۾ بهتر آهن جن تي انگريزن جو راڄ هو. اهي ٽئي ملڪ وڪٽوريا ڍنڍ جي چوڌاري آهن. انگريزن جي ڏينهن ۾ اهو علائقو ”ايسٽ آفريڪا“ سڏبو هو ۽ سڄو علائقو سلجهيل سمجهيو ويو ٿي. يوگنڊا جي ستياناس عيدي امين ڪئي، تنزانيا جي به سياستدانن حالت خراب ڪري رکي آهي. ان ڪري بچيو وڃي ڪينيا آهي. ان ڪري ڪنهن يورپي يا آمريڪن کي آفريڪا گهمڻ جو شوق ٿئي ٿو، ته هو ڪينيا جو رخ ڪري ٿو. پوءِ اتان ڪو اڌ، هڪ فارينر ڀر واري آفريڪي ملڪ ۾ به وڃي ٿو 

Thursday, July 07, 2011

چئن زالن وارو صدر جومو ڪينياتا - الطاف شيخ


چئن زالن وارو صدر جومو ڪينياتا
 الطاف شيخ
ڪينيا جي ماڻهن لاءِ جومو ڪينياتا ائين آهي جيئن اسان پاڪستانين لاءِ قائدِ اعظم محمد علي جناح. جيئن جناح صاحب پاڪستاني قوم جو ابو سمجهيو وڃي ٿو تيئن جومو ڪينياتا ڪينيا وارن لاءِ آهي. جيئن اسان جي ملڪ ۾ ڪيترين ئي شين جو نالو جناح صاحب سان منسوب آهي، تيئن نئروبيءَ جي هوائي اڏي جو نالو، ملڪ جي وڏي ۽ اهم يونيورسٽيءَ جو نالو يا ڪيترن ئي شهرن جي اهم روڊن، عمارتن، پارڪن ۽ پُلين جو نالو جوموڪينياتا آهي. جومو ڪينياتا هن ملڪ (Kenya) کي انگريزن کان آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪيترائي سال جدوجهد ڪئي، جيل ڪاٽيا، عام ماڻهوءَ ۾ شعور پيدا ڪيو. پاڻ ڪينيا جو پهريون صدر ٿي گذريو آهي. جتي ڪينيا ۽ جوموڪينياتا جي ڳالهه ٿي هلي اتي ڪيڪويو (Kikuyu) ۽ مائو مائو (Mau Mau) جا نالا به اچن ٿا. مائو مائو ڪينيا جي اها تحريڪ آهي، جيڪا جوموڪينياتا جهڙن هلائي ۽ انگريزن کي ملڪ ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو. انگريزن هن تحريڪ جي ميمبرن جو وڏو انگ قتل ڪيو. ڪيڪويو ڪينيا جو هڪ قبيلو آهي جنهن سان جوموڪينياتا ۽ ٻين ڪيترن مائو مائو جي ميمبرن جو واسطو هو. آفريڪا جي ٻين ملڪن وانگر ڪينيا ۾ به ڪيترا ئي قبيلا آهن جن ۾ ملڪ جا ماڻهو ورهايل آهن. هر قبيلي جو پنهنجو ڪلچر، رسم رواج ۽ اصول آهن. ڪيڪويو ڪينيا جو سڀ کان وڏو قبيلو آهي، جنهن جي ماڻهن سنڌ جي حرن وانگر، انگريز راڄ جي سڀ کان گهڻي مخالفت ڪئي. ڪيڪويو جنگجو قسم جا ماڻهو آهن، جيئن انڊيا ۾ سک ۽ گورکا جن کي انگريزن پنهنجي فوج ۾ رکيو. ڪيڪويو قبيلي جي ماڻهن انگريزن جي فوج ۾ نوڪري لاءِ وڃڻ به چاهيو ٿي ته به انگريزن کين رکڻ نٿي چاهيو، جو انگريزن کي هنن جي وفاداريءَ تي هميشه شڪ رهيو ٿي. بهرحال هن قبيلي بابت ڪو عام ماڻهو يا ائنٿروپالاجي جو شاگرد معلومات حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندو هجي ته هن کي جومو ڪينياتا جو ڪتاب Facing Mount Kenya پڙهڻ کپي. ڪينيا جو هي باباءِ قوم اسان جي جناح صاحب کان ڪافي ننڍو هو. محمد علي جناح 18 سالن جو هو ته جومو ڪينياتا 1894ع ۾ گاتندو ۾ ڄائو. چوڌاري انگريزن جو راڄ هو. هن ملڪ جو اڄ وارو نالو ڪينيا اڃان وجود ۾ نه آيو هو. هي علائقو “برٽش ايسٽ آفريڪا” سڏبو هو. جومو ڪينياتا (JOMO KENYATTA) جو ڄمڻ وقت نالو ڪمائو (KAMAU) هو. ڪي ماڻهو، خاص ڪري مسلمان ملڪن جا اهو ٿا سمجهن ته جومو مسلمان هو ۽ سندس نالو جمعو هو، جيڪو نالو اڄ به آفريڪا جي مسلمانن ۾ عام آهي. جوموءَ پنهنجي ڪتاب ۾ پنهنجي طهر جو به احوال لکيو آهي. دراصل اڄ به آفريڪا جي ڪيترن قبيلن ۾ ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين جو پنهنجي قبيلي جي ڪلچر مطابق طهر ٿئي ٿو. آفريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ويندي ملائيشيا جهڙي ملڪ ۾ ڇوڪرين جي هن قسم جي طهر بابت تفصيلي احوال آئون پنهنجي اڙدو واري سفرنامي “سمندر ڪي دن” ۾ لکي چڪو آهيان 

Friday, July 01, 2011

آفريڪا جون بيماريون - الطاف شيخ


آفريڪا جون بيماريون
الطاف شيخ
هتي ڪجهه اهڙين بيمارين جو مختصر احوال لکان ٿو جيڪي آفريڪا کنڊ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عام آهن ۽ جن بابت، جڏهن به اسان جو جهاز ممباسا، ڊڪار، عابد جان، زئنزيبار، موپوتو يا آفريڪا جي ڪنهن ٻئي بندرگاه ۾ ويو ٿي ته اسان کي خبردار ڪيو ويو ٿي جيئن اسان پنهنجو پاڻ کي انهن بيمارين کان بچائي رکون. ڪن بيمارين جي بچاءَ لاءِ ته سُيون ۽ ٽُڪا (Vaccines) به لڳرائڻا پيا ٿي. ڪن مکين، مڇرن ۽ ڪينئن کي جسم تي وهڻ کان ڀڄائڻ لاءِ جسم کي مَکڻ لاءِ ڪجهه دوائون ۽ Spray به رکڻا پيا ٿي.

آفريڪا ويندي خبرداريءَ کان ڪم وٺو - الطاف شيخ


آفريڪا ويندي خبرداريءَ کان ڪم وٺو
الطاف شيخ
اڄ ڪلهه اسان پاڪستانين تي دهشتگردي جي سچن ڪوڙن الزامن لڳڻ ڪري ۽ اسان جي ملڪ جي ناڻي جو قدر بنهه ڪرڻ ڪري اسان لاءِ ٻاهرين ملڪن ۾ وڃڻ مسئلو ٿي پيو آهي. چاهي گهمڻ لاءِ وڃون يا ڪنهن سيمينار اٽينڊ ڪرڻ يا جاب ملڻ تي نوڪريءَ تي چڙهڻ لاءِ وڃون، ڌارئين ملڪ جي ايئرپورٽ جي اميگريشن ۽ ڪسٽم پوليس کان جنهن پاڙي ۾ رهون ان جا پاڙيسري اسان تي شڪ ڪن ٿا ته ڪٿي اسان سندن امن ۾ رخنوته نه وجهنداسين. ڪي نشي واريون شيون ته سمگل نه پيا ڪريون، ڪٿي ڪو بم ڦاڙڻ لاءِ ڪو اليڪٽرانڪ سرڪٽ ته نه پيا ٺاهيون، گهر جي مسواڙ ڏيڻ بنا ڀڄي ته نه وينداسين. ٻيا ملڪ ته ٺهيو پر حج لاءِ سعودي عرب ٿا وڃون ته اتي به معلم اسانجو پاسپورٽ پاڻ وٽ ائين ٿو ضبط ڪري ڄڻ ته قيدي هجون. ايئرپورٽ تي اسانجي ملڪ جي مردن جي ته ڇا عورتن جي به اهڙي سخت چڪاس ڪئي وڃي ٿي جو دل ۾ اچي ٿو ته مذهب ۽ فرض جي پوئواري ڪري آيا آهيون گهمڻ لاءِ هرگز نه اچجي. پر ڏٺو وڃي ته هنن ڌارين ملڪن جو ڏوه ناهي. سنگاپور ۽ سعودي عرب جهڙن ملڪن جو به ڏوه ناهي، جتي چرس هيروئن يا ڪو ٻيو نشو کڻي وڃڻ موت جي سزا آهي ان هوندي به اسان جا ماڻهو نٿا مڙن. ڪيترائي دفعا مرد ته مرد پر عورتون جدي ايئرپورٽ تي جهليون ويون جيڪي چرس ۽ هيروئن نه فقط پنهنجن چئمپلن ۾ لڪائي حج لاءِ پهتيون پر ڪئپسولن هي صورت ۾ پنهنجي پيٽ ۽ زنانن عضون ۾ لڪائي ايئرپورٽ مان سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪهڙو ملڪ آهي جيڪو برداشت ڪندو ته هڪ ڌاريون مهمان گهمڻ يا عبادت جو بهانو ڪري هنن جي ملڪ ۾  هنن جي ماڻهن کي نشي جي عادت وجهي هنن جي زندگي تباه ڪري.

ڪينيا جو هڪ ٻيو آغا خاني.... اِيبو پير ڀائي - الطاف شيخ


ڪينيا جو هڪ ٻيو آغا خاني.... اِيبو پير ڀائي
الطاف شيخ
گذريل مضمون ۾ پاڻ سيٺ علي ڏنا وسرام جي ڳالهه ڪئي سين. جيڪو هڪ ڪڇي اسماعيلي مخير (Philanthropist) ۽ بزنس مئن هو جنهن ڪينيا جي مختلف شهرن ۾ ڪيترائي خير جا ڪم ڪيا. ڪينيا ۾ اڄ به ڪيترائي اسماعيلي (آغا خاني) نظر اچن ٿا جيڪي تمام سکيا ستابا آهن ۽ سندن مڪاني سوسائٽيءَ ۾ وڏي عزت آهي. هنن جا نئروبي ۽ ممباسا ۾ ڪيترائي ٽرسٽ آهن جيڪي خيراتي قسم جون اسپتالون ۽ تعليم جا ادارا هلائين ٿا، جن مان نه فقط اسماعيلي ڪميونٽي پر مڪاني شيدي به فائدو حاصل ڪن ٿا.

اسماعيلين لاءِ آفريڪي شيدين کي عزت - الطاف شيخ


اسماعيلين لاءِ آفريڪي شيدين کي عزت
الطاف شيخ
اڄ کان چاليهه سال کن اڳ جڏهن اسان جي جهاز ران ڪمپني جي جهازن جو افريڪا جي مختلف بندرگاهن ۾ تمام گهڻو اچڻ وڃڻ هو تڏهن ٽوئرزم جو ايڏو رواج نه هو ۽ نه هوائي جهاز جو سفر ايڏو آسان هو. هاڻ نئروبي ۽ ممباسا اچڻ کان اڳ سوچي رهيو هوس ته اڄ ڪلهه جڏهن جتي ڪٿي بدامني لڳي پئي آهي، ڪهڙو ٽوئرسٽ آفريڪا گهمڻ لاءِ نڪرندو هوندو؟ صحيح آهي، انگريزن ۽ يورپين جي ڇڏڻ بعد ۽ آفريڪا جي ملڪن کي آزادي ملڻ بعد، آفريڪا جي حالت ويتر خراب ٿي پئي آهي پر يارو تڏهن به سلون وانگر ڪينيا اهڙو ملڪ آهي، جتي روز بروز ٽوئرسٽن جي پيهه پيهان وڌندي رهي ٿي. ٺيڪ آهي سريلنڪا (سلون) وانگر ڪينيا جي شهر نئروبي ۾ القاعده وارن جي بمباري ٿي، ممباسا ۾ هنگامو ٿيو پر اهي سڀ اڪا دڪا ڪيس آهن. ڪجهه به هجي ڪينيا اهو آفريڪن ملڪ آهي، جتي ڪافي حد تائين امن امان آهي. اتي جي يونيورسٽين ۽ شاگردن کي ٿو ڏسجي ته حسرت ٿي ٿئي ته اسان وٽ به وري اهڙو نظام موٽي اچي. نئروبي ۽ ممباسا ته ٿيا وڏا شهر ميهڙ، شهدادڪوٽ ۽ ٺل جهڙن سنڌ جي ڳوٺن جهڙا ڪينيا جا ڪِلفي، ميلندي ۽ واتامو جهڙا ڳوٺ ٿا ڏسجن ته اتي جون هوٽلون به ڌارين ملڪن جي سياحن سان ڀريون پيون آهن. چوڌاري گورا ٽوئرسٽ نظر اچن ٿا. ان جو مطلب ڇا آهي؟ اهو ئي ته ملڪ ۾ امن امان آهي. تڏهن ته ٻهراڙين ۽ ويران ڳوٺن ۾ به ڌاريا پيا اچن ۽ سمنڊ جي ڪناري تي مرد ۽ عورتون ڪڇن ۽ بڪنين ۾ ليٽيا پيا آهن. امن امان ۽ ملڪ جي حالت صحيح نه هجي ته هي گورا هتي ڪڏهن به نه اچن. اڄڪلهه جي اليڪٽرانڪ ميڊيا، ريڊيو، ٽي وي ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي دور ۾ هر هڪ کي گهر ويٺي خبر پئي پوي ته ٻين ملڪن ۾ ڇا پيو وهي واپري. تڏهن ته سئيڊن جي ڪجهه عورتن کان جيڪي ڪراچيءَ مان مون سان گڏ ساڳي جهاز ۾ ڪوپن هيگن لاءِ سوار ٿي رهيون هيون، مون پڇيو ته ”توهان جڏهن ڪراچي آيون آهيو ته 5000 سال پراڻو موهن جو دڙو ڏسڻ لاءِ اندروني سنڌ ڇو نٿيون وڃو“ ته هنن مون کي ائين گهوري ڏٺو ڄڻ ڪو چريو هجان ۽ پوءِ چيو: ”اسين خبرون نٿيون ٻڌون ڇا؟“ ۽ آئون ڦلهڙو منهن ڪري کانئن پري وڃي ويٺس. هاڻ چاليهه سالن بعد ممباسا، نئروبي ۽ ٻيا اوسي پاسي جا آفريڪي ڳوٺڙا ٿو ڏسان ته پاڻ کي ڪيڏو پٺتي محسوس ڪريان ٿو. آفريڪا جا ملڪ ته ڇا  ملائيشيا ۽ سنگاپور جهڙا ملڪ به اسان کان پٺتي هئا. اڄ اسان جي ملڪ کي خبر ناهي ڪنهن جي نظر لڳي وئي آهي، جو اسان جي ملڪ جي سڪي جي ڪينيا جهڙي آفريڪي ملڪ جي سڪي جيتري عزت به نه رهي آهي. ممباسا جي هڪ دڪاندار کان پڇيم ته توهان وٽ لائيٽ وڃي ٿي. وراڻيائين ”ها“.

هندي فلمن جو دلپسند شهر ممباسا - الطاف شيخ


هندي فلمن جو دلپسند شهر ممباسا
الطاف شيخ
ممباسا هڪ عجيب شهر آهي جيڪو آفريڪا جو ٿي ڪري عرب نموني جو لڳي ٿو. ڪجهه ڪجهه ته بلڪل دبئي ۽ دوحا جهڙو به لڳي ٿو پر دبئي دوحا اڄ وارا نه پر 1968ع وارا، جڏهن آئون جونئر انجنير جي حيثيت سان ”سندر بنس“ نالي جهاز ذريعي پهريون دفعو اتي پهتو هوس. ڪڏهن ڪڏهن ته ننڍپڻ وارو ڏٺل هيرآباد يا ڪولمبو لڳي ٿو. ڇو جو هتي آفريڪا جي مڪاني ڪارن ماڻهن کان علاوه عرب ۽ ايراني (خاص ڪري شيراز جا) نظر اچن ٿا ته سک، گجراتي، آغا خاني ۽ سنڌ جا هندو به جام آهن. اندروني آفريڪا ۾ دونهين جهڙا ڪارا شيدي نظر ايندا جيئن آمريڪا جي صدر اوباما پنهنجين يادگيرين ۾ پنهنجي پيءَ لاءِ لکيو آهي ته ”چهچ ڪارو هو.“ سو ممباسا ۾ اهڙا ڪاري رات جهڙا بيحد ڪارا شيدي به ملندا ته ڦلهير جهڙا به ۽ انهن ٻن رنگن جي وچ ۾ مختلف ڪارسرن Shades جا به ملندا. اهو ان ڪري جو شروع ۾ جيڪي عرب ۽ ايراني آيا اهي شادي شده هوندي به ممباسا ۾ اڪيلا آيا پوءِ هتي اچي مڪاني شيدي عورتن سان شادي ڪيائون. انهن جو اولاد ۽ غلام ڪنيزائن جو اولاد مختلف شيڊن وارو نظر اچي ٿو. انگريز ان معاملي ۾ خبردار هئا باقي پورچوگالين ته کلئي عام مڪاني حبشي عورتن سان شادي ڪئي ٿي يا انهن کي Concubine طور رکيو ٿي ۽ سندن اولاد کي سندن راڄ وارن ملڪن (موزمبق، ائنگولا وغيره) ۾ توڙي پورچوگال ۾ ڪافي حد تائين سهولتون مليون ٿي. سو ممباسا رڳو آفريڪي شهر نٿو لڳي پر ڪجهه ڪجهه ايشيائي، عرب ۽ انگلستاني شهر لڳي ٿو.

هر خرابيءَ جو بنياد- عورت! الطاف شيخ

هر خرابيءَ جو بنياد- عورت!
الطاف شيخ
پهاڪا ۽ چوڻيون ٻڌڻ منهنجو ننڍپڻ کان شوق رهيو آهي. پهاڪن جو هڪ انگريزي ڪتاب Proverbs of Far East ۽ هڪ سنڌي ڪتاب “رُٺي آهي گهوٽ سان” اڄ کان ويهه سال اڳ ڇپجي چڪو آهي. Proverbs of far East يعني ‘ڏور اوڀر جي پهاڪن’ ۾ مون چين، جپان ۽ ملائيشيا (جن ملڪن ۾ منهنجو سڀ کان گهڻو وقت وڃڻ يا رهڻ ٿيو) جا پهاڪا ڏنا آهن سنڌي پهاڪن جي ڪتاب ۾ سنڌي ۽ اڙدو جي پهاڪن جي Collection آهي.

ٽنگ ڀڄڻ بعد هونو لولو پهتو..... الطاف شيخ


ٽنگ ڀڄڻ بعد هونو لولو پهتو.....
الطاف شيخ
پاڻ آمريڪا جي صدر اوباما جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته ڪينيا جي ماڻهن کي خوشي ۽ فخر آهي ته آمريڪا جو صدر هڪ ڪينيا جي باشندي جو پٽ آهي. ان خوشي ۽ عزت جو اظهار ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هنن اوباما جي صدر ٿيڻ واري ڏينهن کي هميشه لاءِ قومي ڏينهن قرار ڏيئي عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي.
آمريڪا جي چوئيتاليهين ۽ موجوده صدر اوباما جو سڄو نالو ”باراڪ حسين اوباما“ آهي. مزي جي ڳالهه اها ته سندس پيءُ جو نالو پڻ ساڳيو باراڪ حسين اوباما (BARACK HUSSAIN OBAMA) آهي. پٽ ۽ پيءُ جي سڃاڻپ خاطر پيءُ باراڪ اوباما ون“ يا ”باراڪ اوباما سينيئر“ سڏجي ٿو ۽ پٽ ”باراڪ اوباما ٽو“ يا ”باراڪ اوباما جونئر“ سڏجي ٿو.

آفريڪا ۾ تعليم ۽ هڪ کان وڌيڪ شاديون - الطاف شيخ


آفريڪا ۾ تعليم ۽ هڪ کان وڌيڪ شاديون
الطاف شيخ
ڪيترن جي شايد اها سوچ هجي ته آفريڪا جا شاگرد  ائين ئي صفا موڳا مٽر آهن. گهٽ ۾ گهٽ پوسٽ گرئجوئيشن ڪرڻ کان اڳ تائين مون به اهو ئي سوچيو ٿي. پوءِ جڏهن سئيڊن جي ”ورلڊ يونيورسٽي مالمو“ ۾ MSc ڪرڻ جو موقعو مليو ته يونيورسٽي ۾ توڙي هاسٽل ۾ آفريڪا جي مختلف ملڪن جي حبشي شاگردن جي ذهانت ۽ پازيٽو سوچ کي ڏسي بيحد حيرت ٿي. جنهن جو اظهار مون پنهنجن Scandinavia وارن سفرنامن: ڪراچي کان ڪوپن هيگن، ملير کان مالمو جهڙن سفرنامن ۾ ڪيو آهي. اسانجي 200 کن شاگردن جي ٽولي ۾ 60 کن شاگرد آفريڪا کنڊ جي ملڪن جا هئا. هر ليڪچر بعد هنن سوال ڪيا ٿي، ليڪچر غور سان ٻڌا ٿي ۽ امتحانن ۾ مٿانهون نمبر آيا ٿي. انهن 60 کن شاگردن ۾ 20 کن عورتون هيون جيڪي ڪمپالا، نئروبي، دارالسلام جي يونيورسٽين مان گرئجوئيشن ڪري آيون هيون. اڄ آئون پنهنجو پاڻ کي انهن يونيورسٽين جي سرزمين (آفريڪا کنڊ) تي موجود ڏسي عجيب محسوس ڪري رهيو آهيان.

آفريڪا جي غلام حسين وساڻجي کان ميران تائين - الطاف شيخ


آفريڪا جي غلام حسين وساڻجي کان ميران تائين
الطاف شيخ
ڪينيا ۾ انگريزن جي حڪومت کان وٺي اڄ به ننڍي کنڊ جي ماڻهن جو وڏو تعداد رهي ٿو. اڄ جيڪي ممباسا، نئروبي يا ڪينيا جي ٻين شهرن ۾ سک، گجراتي، ملباري، مارواڙي ۽ سنڌي نظر اچن ٿا، انهن مان ڪيترا ٽي يا چوٿين جنريشن جا آهن. 1970ع ۾ ممباسا ۾ جيڪي بوهري کوجا، سنڌي هندو يا ميمڻ ڪاٺياواڙي دڪاندار ملندا هئا، اهي ٻڌائيندا هئا ته هنن جا پيءُ يا ڏاڏا هتي آيا ۽ ممباسا ۾ رهندڙ بلوچن جا وڏا ته سڀ کان گهڻو اڳ آفريڪا جي ڪناري وارن شهرن ۾ پهتا. ڪينيا جي تاريخ، تهذيب، ثقافت، انگريزن جي راڄ جا داستان نه فقط هتي جي مڪاني شيدين قلمبند ڪيا آهن، پر ان سلسلي جا ڪيترائي ناول ڪينيا ۾ رهندڙ انڊين به لکيا آهن. اهڙن مان هڪ ايم.جي وساڻجي آهي جنهن جو 2003ع ۾ ڇپيل “The In Between World of Vikram Lall” ناول ڪينيا جي انگريز راڄ جي عڪاسي ڪري ٿو. هي ناول هڪ افسانوي (Fictional) يادگيريون آهن، ان ڪينيا جي انڊين شهريءَ جون، پنهنجي انڊين ورثي جون ۽ پنهنجي فئملي بابت جيڪو ڪينيا ۾ انگريز راڄ جي ڏينهن ۾ انڊيا کان لڏي نئروبيءَ ۾ اچي رهي ٿو. هن کي ان وقت ۽ انگريزن جي وڃڻ بعد پاڻ کي ڪينيا ۾ Adjust ڪرڻ ۾ ڪهڙيون مشڪلاتون سامهون اچن ٿيون، انهن جو احوال ڏنل آهي. ايم جي وساڻجي (سڄو نالو معيز غلام حسين وساڻجي) کي هن ڪتاب تي Giller Prize به ملي چڪو آهي.
غلام حسين 30 مئي 1950ع تي ڪينيا جي گاديءَ واري شهر نئروبيءَ ۾ ڄائو ۽ سندس اسڪول وارا ڏينهن دارالسلام ۾ گذريا جيڪو اڄ ڪلهه تنزانيا جو شهر آهي.

ٻن دلين جو ميلاپ نه ٿي سگهيو - الطاف شيخ


ٻن دلين جو ميلاپ نه ٿي سگهيو
الطاف شيخ
ڪينيا جو سڀ کان اتاهون جبل مائونٽ ڪينيا آهي، جنهن تان هن ملڪ تي نالو رکيو ويو. اهو جبل 17000 فٽ (اٽڪل 5200 ميٽر) بلند آهي. ڪينيا ملڪ جي پکيڙ 580400  چورس ڪلوميٽر آهي ۽ دنيا جي ملڪن ۾ 47 نمبر تي وڏو ملڪ آهي. ڪينيا کي توهان ملائيشيا وانگر گهڻ قومو ۽ گهڻ مذهبو ۽ ملٽي ڪلچرل ملڪ چئي سگهو ٿا، جنهن ۾ گهڻائي عيسائين جي آهي. 45 سيڪڙو پروٽيسٽنٽ عيسائي ٿيندا ۽ 33 سيڪڙو رومن ڪئٿولڪ آهن، جيڪي اسان جي ملڪ ۾ به آهن. مسلمان به ڏهه سيڪڙو ٿيندا. خاص ڪري ممباسا، ملنڊي ۽ ٻين ڪنارن وارن شهرن ۾ تمام گهڻا مسلمان رهن ٿا. هندن جي به چڱي آدمشماري آهي ۽ سڄي ڪينيا ۾ 5 لکن کان مٿي هندو ۽ سک رهن ٿا. ڪليسا گهرن سان گڏوگڏ جتي ڪٿي مسجدون، مندر ۽ سکن جا ٽِڪاڻا به نظر اچن ٿا. ملڪ جي سرڪاري زبان سواحلي (Swahili) آهي جيڪا نه فقط ڪينيا ۾ ڳالهائي وڃي ٿي پر آفريڪا جي اوڀر ڪناري تي، ويندي اتر موزمبق تائين ۽ آفريڪا جي ڪيترن اندروني ملڪن ۾ پڻ سواحلي، يا ته سرڪار زبان آهي يا عام ڳالهه ٻولهه (Communication) جي آهي. انگريزن جي ڏينهن ۾ ڪينيا جي زندگيءَ جو حال احوال معلوم ڪرڻو هجي ته ڪينيا جي مشهور ليکڪ گوگي واٿيانگو (Ngugi Wa Thiong’o) جو ڪتاب Weep Not, Child ضرور پڙهجي. هي ناول آفريڪا ۾ هڪ بهترين ناول سمجهيو وڃي ٿو. هي ناول 1964ع ۾ ڇپيو هو ۽ پهريون ناول آهي، جيڪو ڪنهن اوڀر آفريڪا جي باشندي لکيو آهي. واٿيانگو جيڪي به ناول لکيا آهن، انهن ۾ مڪاني آفريڪي ماڻهن ۽ آفريڪا ۾ رهندڙ استعماريت پسند Colonialists گورن جي تعلقات بابت آهن. هن برطانوي ڪالونيل راڄ تي بيحد گهڻي تنقيد ڪئي آهي. Weep Not, Child ناول ۾ هن مائو مائو تحريڪ جي زور وٺڻ جو احوال لکيو آهي. مڪاني ماڻهن کان سندن آبائي زمينون کسجڻ جي ڪهاڻي بيان ڪئي آهي. گوگي وا ٿيانگو هي ناول ان وقت لکيو جڏهن هو ڪمپالا ۾ ماڪريري يونيورسٽيءَ جو شاگرد هو.
Weep Not, Child ٻن حصن ۾ ورهايل آهي ۽ سندس 18 چئپٽر آهن. ناول جو پهريون حصو جارج (Njorge) جي تعليم سان تعلق رکي ٿو. جارج هن ناول جو اهم ڪردار آهي، جنهن جي سڄي ڪتاب ۾ اها خواهش (goal) آهي ته هو جيترو ممڪن ٿي سگهي. گهڻي کان گهڻو تعليم يافته ٿي سگهي. ڪتاب جي ٻئي حصي جو تعلق ڪينيا ۾ وڌندڙ انقلابي قوتن ۽ انگريزن خلاف هنگامن بابت آهي.

ڪينيا جا اسڪول وڏيرن جون اوطاقون ڇو نه آهن؟ - الطاف شيخ


ڪينيا جا اسڪول وڏيرن جون اوطاقون ڇو نه آهن؟
الطاف شيخ
پاڻ ڪينيا جي تاريخ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته هن علائقي ۾ پورچوگالين ۽ عماني عربن جي زور بعد انگريزن ڌاڪو ڄمايو. هندي سمنڊ جي ٻئي پاسي، ويندي سري لنڪا، ملايا، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ انگريزن جي هٿ ۾ هو. انگريز نه فقط پنهنجو پاڻ ۾ آرگنائيز هئا پر هنن هڪ مضبوط فوج ۽ نيوي قائم ڪري رکي هئي، ان ڪري ڪنهن مڪاني حڪومت يا يورپي طاقت کي همٿ نٿي ٿي ته انگريزن جو مقابلو ڪري. هنن ڦرلٽ جي باوجود ايشيائي توڙي آفريڪي ملڪن ۾ تعليم، عدل انصاف، ريلوي، ٽپال ۽ تار جا ادارا قائم ڪيا. منهنجو ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڃڻ ٿيو آهي پر جهڙو ٽپال ۽ ريل جو سسٽم انگريزن جي ڪالونين ڪينيا، يوگنڊا، نائجيريا، هانگ ڪانگ، پاڪستان، انڊيا، ملائيشيا وغيره ۾ آهي، اهڙو ڪنهن به فرينچ، پورچوگالي، هسپانوي، جرمن يا اطالوي ڪالونين ۾ نظر نٿو اچي، پوءِ اهي ملڪ کڻي موزمبق، لئانڊا هجن يا سينيگال ۽ لبنان.
ڪينيا ۽ يوگنڊا واري علائقي تي جيئن ئي انگريزن جو قبضو ٿيو، تيئن هنن ممباسا کان ڪمپالا تائين ريلوي لائين وڇائڻ جو ڪم شروع ڪيو. هن کان اڳ پورچوگالين جو يا عمان جي عربن جو واسطو فقط ڪناري وارن شهرن (يعني بندرگاهن) سان رهيو ٿي. پر انگريز جتي به رهيا هنن اندر تائين Explore ڪيو ۽ مال حاصل ڪري پنهنجي ملڪ موڪليو. هتي آفريڪا ۾ به چانهه، ڪافي ۽ ٻين شين جي پوک ۽ ڪچي مال کي حاصل ڪرڻ لاءِ هنن ريلوي جو ڪم شروع ڪيو، جيئن مال کي اندروني آفريڪا کان ممباسا بندرگاه تائين پهچايو وڃي جتان بحري جهازن رستي هنن انگلنڊ جي بندرگاهن ڏي موڪليو ٿي.
ريل جي هلڻ ڪري جتي انگريزن ۽ مڪاني ماڻهن جي ڪمائي ۽ سک ٿيو اتي مڪاني ماڻهن ۽ مختلف افريڪي قبيلن جي زندگي ڏکي ٿي ۽ هو هنن ڌارين جي خلاف ٿي پيا. هنن لاءِ اهو برداشت ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو ته سندن زمينن جا مالڪ ڌاريان ٿي پون.