Thursday, November 29, 2012

سنڌي ادب ۾ تنقيدون ۽ تجزيا: سفرنامو ”فارس جو مسافر“ - اظهار سولنگي

سنڌي ادب ۾ تنقيدون ۽ تجزيا: سفرنامو ”فارس جو مسافر“ - اظهار سولنگي:


نور خان محمد حسني جو سفرنامو ”فارس جو مسافر“ اظهار سولنگي ادب ۾ سفر نامي کي اهم حيثيت حاصل آهي، اسان جا اديب ۽ سياح سفرنامن کي پڙ...

Sunday, November 25, 2012

يورپ کان ايشيا اڌ ڪلاڪ جو سفر! - عبدالحي پليجو


يورپ کان ايشيا اڌ ڪلاڪ جو سفر!
عبدالحي پليجو
جڳهه جي تر ۾ موجود حوض اڄ به پاڻيءَ سان ڀريل آهي. جنهن ۾ مختلف ملڪن جا سِڪا هزارن جي تعداد ۾ پيل هئا، جيڪي ڇت ۾ لڳل بجليءَ جي روشنيءَ سبب صاف نظر اچي رهيا هئا. اسان جي روبرو به ٽوئرسٽ انهيءَ پاڻيءَ ۾ سِڪا اُڇلائي رهيا هئا. چون ٿا ته ڪنهن دور ۾ هتي پاڻي ڪنهن ٻئي ملڪ مان نهر وسيلي هن پاڻيءَ جي تلاءَ ۾ پهچندو هو، جتان وري اهو پاڻي سنهين نالين يا ڪسين ذريعي سڄي استنبول شهر جي سمورن گهرن ۾پهچايو ويندو هو. هن واٽر سپلاءِ اسٽيشن جي ڇت کي سنگ مرمر جي 363 ٿلهن پيلرن تي بيهاريو ويو آهي. ”جيمس بانڊ ڊبل زيرو“ سيون فلم جي هڪ سيڪوئل جي شوٽنگ به هن پاڻيءَ جي تلاءِ ۾ ڪئي وئي هئي. واقعي! ماڻهو پنهنجي سک لاءِ ڪيڏي نه محنت ۽ ڪيترا نه ٽڪساٽ ٿو ڪري ۽ پنهنجي انهيءَ سک کي قائم رکڻ لاءِ ڪيترن جا نه سُک ٿو ڦٽائي!

هيوسانگ جو برصغير ۾ سير سفر - ابراهيم خشڪ


هيوسانگ جو برصغير ۾ سير سفر
ابراهيم خشڪ
سائنس سفر کي ايڏو سولو ڪري ڇڏيو آهي، جو چين وڃڻ لاءِ چند ڪلاڪ ڪافي آهن. نيرن ڪري هوائي جهاز ۾ ويهو، ٻيو ويلو وڃي چين ۾ کائو. پر اڳي چين وڃڻ آسان نه هو ۽ نه وري چين مان سنڌ اچڻ سولو هو. قديم دؤر ۾ ماڻهو مُڇن جي سانول ايندي ڏورانهين سفر تي نڪرندا هئا ته واپسيءَ تي (جيڪڏهن واپسي ٿيندي هئي ته) اڇي ڏاڙهيءَ سان هوندا هئا. ڪيترن کي ته پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ سڃاڻڻ وارا به نه ملندا هئا ۽ ڪن کي سندن ڳالهين تي ويساهه ڪرڻ وارو به نه ملندو هو. گهٽ ۾ گهٽ مارڪو پولو سان ته ائين ئي ٿيو، جڏهن هُن چين مان واپس وڃي پوئتي پيل يورپ وارن کي سڌريل چين جون ڳالهيون ٻڌايون ته اتي کيس دنيا جي سڀ کان وڏي ڪوڙي هئڻ جو لقب مليو. پر مارڪو پولو کان به ڪئين صديون اڳ نئين دنيا پسڻ ۽ سفر جون سَٽون سهڻ وارا ماڻهو گذريا آهن. اهڙن مڙس ماڻهن مان هڪ “هيوسانگ” به ٿي گذريو آهي. هيوسانگ چين مان هند ۽ سنڌ جي سفر لاءِ ان دؤر ۾ اُسهيو جڏهن اڃا حضرت محمد ﷺ جن ھن دنيا مان برقعو مٽائي نه ويا ھيا ۽ هيوسانگ هند ۽ سنڌ جو سير سفر ڪري جڏهن واپس چين جي شهر چانگان ۾ پهتو ته عربستان ۾ حضرت محمد ﷺ جن جي وصال کان پوءِ حضرت ابوبڪر صديق رضه جو دؤرِ خلافت ۽ ان بعد حضرت عمر فاروق جو دؤر خلافت به ختم ٿي چڪو هو ۽ خلافت تي حضرت عثمان غني هئا. اهو سمورو عرصو هيوسانگ هتي سيرسفر ۾ گذاريو.

هندستان جي ياترا - غلام شبير شر


هندستان جي ياترا
غلام شبير شر
تاريخ 2011-03-16 تي ساڍي اٺين وڳي سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري کان ميڊم عاصمه جهانگير جي اڳواڻيءَ ۾ هندستان وڃڻ لاءِ واگها بارڊر بَس ذريعي روانه ٿياسون، صبح جو 9:30 وڳي بارڊر تي پهتاسون، جتي پاڪستاني اميگريشن وارن اسان 134 وڪيلن جي گروپ کي 10:30 وڳي ڪليئرنس ڏئي ڇڏيو. اُتان اسان پيادل هندستان جي اٽاري بارڊر تي پهتاسون، پنجن منٽن جو پنڌ هيو. اٽاري بارڊر تي پاسپورٽ چيڪنگ ۽ ڪليئرنس ساڍي ٻارهين وڳي پوري ٿي، پوءِ سپريم ڪورٽ بار انڊيا طرفان موڪليل چئن ايئرڪنڊيشنڊ بسن ۾ سوار ٿي اڍائي (2:30) وڳي امرتسر پهتاسون، جتي امرتسر بار جي صدر ۽ ٻين بار جي عهديدارن ۽ ميمبرن سپريم ڪورٽ بار پاڪستان جي عهديدارن ۽ ميمبرن جو استقبال ڪيو ۽ حويلي هوٽل امرتسر ۾ شاندار قسم جي منجهند جي ماني کارائي.

هل ته دهلي گهمون - يوسف سنڌي


هل ته دهلي گهمون
يوسف سنڌي
هر نئون شهر، مسافر جي لاءِ تجسس جو سبب هوندو آهي ۽ هو ان جي هر شيءِ کي تجسس ۽ شوق سان ڏسڻ لڳندو آهي، انتهائي ڌيان ۽ باريڪ بينيءَ سان ۽ نظر ايندڙ شين کي ڏسڻ سان گڏ، انهن کي نظرن ئي نظرن ۾ توريندو تڪيندو ۽ انهن تي ويچار ڪندو ويندو آهي.هر شهر پنهنجي اندر ۾ ڪئين داستان سمائي ويٺو هوندو آهي. هڪڙا اهي جيڪي لکت ۾ هوندا آهن، ٻيا اهي، جيڪي نسل در نسل سيني در سيني منتقل ٿيندا رهندا آهن. ماڻهن جيان شهرن جا به ڪردار هوندا آهن. رضا علي عابديءَ چواڻي، ”ڪهاڻي جي ڪردارن جيان خدا شهرن جا ڏينهن به ڦيري ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري اهي نه به ڦيريندو آهي. شهر فقط گهرن ۽ گهٽين سان نه ٺهندا آهن پر هر گهر کي ان جا رهاڪو به گهربل هوندا آهن.“
۽ هر شهر جي پاڙي جي وري پنهنجي ڪهاڻي هوندي آهي.

هڪ پل ۾ لکا پتي، ٻئي پل ڪنگال! - عبدالحي پليجو

هڪ پل ۾ لکا پتي، ٻئي پل ڪنگال!
عبدالحي پليجو
جديد تُرڪي قوم جي معمار مصطفيٰ ڪمال “اتاترڪ” ترڪي ٽوپي ٺاهڻ بند ڪرائي ڇڏي. ڍڪيل بازار واري ترڪي ٽوپي گهٽيءَ ۾ اڄڪلهه نيري رنگ جي زرين مان ٺهيل ڪپڙن جو واپار ٿئي ٿو. بازار جي وچ ۾ ٻن شاهي دڪانن ۾ ٽامي ۽ ٻين ڌاتن جا ٺهيل عجيب نوادرات موجود آهن. اهي تمام وڏي تعداد ۾ آويزان آهن، تنهن ڪري اهي مشهور ڏندڪٿا “علي بابا، چاليهن چورن” واري غار ۾ پيل خزاني وانگر جهلڪندا نظر اچن ٿا. استنبول شهر ۾ موجوده واپاري مرڪزن جو سلسلو گولڊن هارن سامونڊي نار تائين پکڙيل آهي. هيءَ ڍڪيل بازار ته انهيءَ سلسلي جي دنگ تي قائم آهي. هن بازار ۾ هڪڙي ڪتابن جي واپار واري گهٽي آهي. ڪتابن واري گهٽي ۾ ٺهيل ڦوهارو، جتي هينئر ٻِلين جو وڏو تعداد موجود آهي، شهر جي اوائلي دور جو يادگار آهي. ڍڪيل بازار جي اتر طرف پراڻين هوٽلن جي قطار آهي، جتي هاڻي هوٽل وارو ڌنڌو ڪونهي، پر ريڙهين وارا مزدور ۽ پراڻي مشينريءَ جا دڪان آهن. هتي چانهه جا هوٽل به آهن، جتي مزدور طبقو اچيو ٿڪ ڀڃي. هن بازار ۾ اڄ ترڪ باشندو ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ هو، باقي گهڻو ڪري سڀ حاضر ماڻهو مختلف ملڪن کان آيل سياح نظر ٿي آيا. سڄي دنيا ۾ سونهن ماڻڻ ۽ ماني کائڻ جو مزو جيڪو توهان کي ترڪيءَ ۾ ملندو، اهڙو لطف توهان کي شايد ئي دنيا جي ڪنهن ٻئي هنڌ نصيب ٿئي! سڄي دنيا ۾ عورت جي  حُسن جو عروج يا ڪمال ترڪيءَ ۾ ئي انتها تي پهچي ٿو. سندن سونهن بيشڪ هزارين سالن کان پوري دنيا ۾ مشهور آهي. ترڪيءَ جا کاڌا ۽ ميوا به ترڪ خواتين جي سونهن وانگر تازا، لذيذ خوشبودار ۽ ڏاڍا وڻندڙ ٿين. ترڪيءَ جي هوٽلن جي اڳيان ڪو هندستاني يا پاڪستاني لنگهيو ته هوٽلن جا ملازم کيس شاهه رخ خان يا سلمان خان جي نالي سان مخاطب ٿيندا يا کيس انڊين يا پاڪستاني ڪري سڏيندا. پوءِ جيڪڏهن توهان چيو ته، ها آئون پاڪستاني آهيان، ته ڏاڍا خوش ٿيندا ۽ يڪدم چوندا، “پاڪستان ترڪي بوٿ فرينڊس” پوءِ جيڪڏهن توهان  سندن هوٽل ۾ ويا ته توهان کي رسيپشن وارن وٽ رسائي ڪرسيءَ تي ويهاري، پاڻ واپس ٻاهر نڪري ٻين گراهڪن لاءِ بيٺا هوڪا ڏيندا. مون کي ترڪيءَ ۾ مسور جي دال جو ٺهيل سوپ ڏاڍو وڻندو هو، ڏاڍو لاجواب ٽيسٽ هوندي هُيس، منيٰ ۽ محبوب کي وري هنن جو پڪل ڪڪڙ ۽ ڪباب ڏاڍا وڻندا هئا. ترڪيءَ جي سِڪي جو نالو “ليرا” آهي، جيڪو هڪ انگريزي سڪي “پائونڊ” مٽائڻ سان لکن جي تعداد ۾ ملي پيو، جنهن ڪري ماڻهو هڪ پل ۾ لکا پتي ٿيو وڃي ۽ خرچ ڪرڻ مهل به ماڻهو ترت ئي لکن جي تعداد ۾ ليرا ڏيئي ڪنگال ٿيو وڃي. اسين به ماني کائي هوٽل وارن کي هزارين ليرا ڏيئي هڪ ئي پل ۾ ڪنگال ٿي وياسين.

هالينڊ جي ٻهراڙي - تنوير عباسي


هالينڊ جي ٻهراڙي
تنوير عباسي
ائمسٽرڊام جي شپول ائير پورٽ تي لٿاسين، ٻاهر نڪري هيڏانهن هوڏانهن ڏٺوسين، پڪـ هئي تـ لڪي ۽ ڪيس اُتي هوندا پر اُهي نظر نـ آيا، سامهون هڪـ هنڌ لکيل هو ملڻ جي جا، ميٽنگ پليس“ مون سوچيو تـ ان جاءِ تي وڃي بيهجي تـ بهتر آهي، ڇو تـ جي ٻئي ڌريون هيڏانهن هوڏانهن گھمنديون رهن تـ ٿي سگھي ٿو، يڪدم هڪٻئي سان ملي نـ سگھن. اها ”ملڻ جي جاءِ“ جي ڳالھ مونکي پسند آئي ۽ قمر کي سامان جي ريڙهي سان لائونج ۾ ڇڏي، اُتي وڃي بيٺس، اڌ ڪلاڪـ تائين لڪي ۽ ڪيس جو ڪو بـ پتو ڪونـ پيو نيٺ تنگ ٿي موٽي قمر وٽ آيس.

نيويارڪ، نسوار ۽ خوشبودار پان - آڪاش سنتورائي


نيويارڪ، نسوار ۽ خوشبودار پان
آڪاش سنتورائي
جيتوڻيڪ انٽرنيشنل وزيٽرز ليڊرشپ پروگرام جي تحت ايڪنامڪ جرنلزم اسٽڊي ٽوئر ۾ شامل اسان جي 9 پاڪستاني صحافين کي لوئيسوِل مان سڌو نيويارڪ وڃڻو هو ۽ اهو اٽڪل سوا 2 ڪلاڪ جو هوائي سفر هو، پر سڌي فلائيٽ نه ملڻ سبب اسان لاءِ ايٽلانٽا جي رستي نيويارڪ جي فلائيٽ بڪنگ هئي، ان لاءِ ائين چئجي ته حيدرآباد کان ڪراچي وڃڻ لاءِ وايا ٺٽي وڃجي، مطلب ته اسان جو اهو هوائي سفر هاڻي سوا ٻن ڪلاڪن بدران 5 ڪلاڪن جو ٿي ويو. آمريڪا جي سڀ کان وڏي پرائيويٽ هوائي سروس ڊيلٽا ايئرلائين ذريعي اسان جي فلائيٽ جڏهن ايٽلانٽا ايئر پورٽ ڏانهن لينڊنگ شروع ڪئي ته ان دوران فلائيٽ ٻن موقعن تي اسان سمورن مسافرن جا ساهه مٿي چاڙهي ڇڏيا، مسافرن ۾ دانهون پئجي ويون، انهي هڪ هڪ سيڪنڊ جي “پاڪيٽ” لينڊنگ دوران سمورن جو ساهه مٺ ۾ وجهي ڇڏيو. بهرحال خيريت سان جهاز ايٽلانٽا ايئرپورٽ تي لينڊنگ ڪئي، پر مسافرن کي پهتل انهي تڪليف تي اڏام جي پائيليٽ کي ذري برابر به احساس نه ٿيو ته ڪو هو ان بابت وضاحت ڪري. ان کان اسان جي پي آءِ اي جا پائليٽ چڱا آهن، جيڪي اڏام دوران ٿورو به توازن هيٺ مٿي ٿيڻ سان ئي يا ان کان اڳ وضاحت ڪري ڇڏيندا آهن. موسم جي خرابي سبب اڏام ناهموار ٿي سگهي ٿي.

نبي ڪريم صلعم جي نگري ۾ ۹ ڏينهن - شير محمد ملڪاڻي


نبي ڪريمﷺ جي نگري ۾ ۹ ڏينهن
شير محمد ملڪاڻي
عمري ۽ حج جي ادائگي ۱۲ ڏينهن مڪي، منيٰ مزدلفه ۾ قيام کانپوءِ سعودي حڪومت جي سرڪاري سيپڪو ڪوچ ۾ ۸۰ ريال في فرد (ساڍا سترهن سؤ پاڪستاني رقم) ڀاڙو ڏئي مڪي کان شهنشاهه ڪونين وه مڪان رحمة اللعالمين سرڪار دو جهان حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جي شهر مدينه منوره لاءِ روانا ٿياسين. سيپڪو جي ڪوچ آرام ده ۽ هوائي جهاز جهڙي هئي، سيپڪو جي بسن ۾ پاسپورٽ کانسواءِ سفر لاءِ ٽڪيٽ جاري نٿو ڪيو وڃي، سيپڪو ڪوچ جي ٽڪيٽ ڪمپيوٽرائيڊ ۽ عوامي جهاز وانگر هوندو آهي، ڪوچ رستي ۾ اڌ ڪلاڪ مسافرن جي کاڌي وغيره لاءِ بيٺي، جنهن کانپوءِ اٽڪل ساڍان چئن پنجن ڪلاڪن کانپوءِ مدينه منوره پهتي، جتان اڌ ڪلاڪ پنڌ ڪري پاڪستان هائوس پهتاسين، پاڪستان هائوس ۲ ۾ اسان کي پاڪستان هائوس نمبر هڪ ۽ ۳ منزل تي ڪمرو نمبر ۳۰۵ الاٽ ڪيو، عجب اتفاق اهو ته مڪي ۾ اسان وٽ به ڪمرو نمبر ۳۰۵ ئي هو، ڪمري ۾ سامان رکي تيار ٿي اسان پنج ئي دوست مسجد نبوي ۾ آياسين، پاڪستان هائوس نمبر هڪ کان مسجد جو پنڌ ۱۰ کان ۱۲ منٽن جو هو، مسجد نبوي ۾ به ڏاڍي رش هئي، حضور اڪرم جن به سومر ڏينهن مدينه ۾ پهتا هئا ۽ اسان به سومر ڏينهن مسجد نبوي ۾ حاضر ٿياسين سومر ۽ خميس تي مڪي ۽ مسجد نبوي ۾ عرب روزو رکندا آهن يا ته پر هو عصر جي نماز کانپوءِ اڳين صفن ۾ پلاسٽڪ جون صفون وڇائي مهمانن جي لاءِ کجون کجيه حلو، بند، سليماني چانهه ۽ آب زم زم مغرب جي آذان وقت ويهاري کارائيندا آهن ۽ آذان جي ۱۰ منٽن ۾ وڇايل دسترخوان بند ٿيو وڃن.

فورٿ اسٽريٽ - آڪاش سنتورائي


فورٿ اسٽريٽ
آڪاش سنتورائي
جهڙي ريت ميرپورخاص ضلعي جي ڇيڙي واري شهر ”نئون ڪوٽ“ کي ملڪ جي سڀ کان وڏي ريگستاني علائقي ”ٿر“ جو ”گيٽ وي“ سڏيو وڃي ٿو، اهڙي طرح ڪي ايف سي جي باني جي اباڻي رياست ڪينٽڪي جي شهر لوئيسوِل کي آمريڪا جي ڏاکڻين علائقي جو ”گيٽ وي“ چيو وڃي ٿو، آمريڪي پرڏيهي وزارت جي دعوت تي انٽرنيشنل وزيٽرز ليڊر شپ پروگرام تحت پاڪستان جي 9 صحافين تي ٻڌل جٿو هاڻي ٽيڪساس مان سڌو لوئيسوِل Louisville پهتو، لوئيسول ۾ اسان جي گروپ جي ميزباني ”ورلڊ افيئرز ڪائونسل آف ڪينٽڪي اينڊ سدرن انڊيانا“ وٽ هئي، ”لوئيسوِل“ شهر تي اهو نالو فرانس جي بادشاهه لوئيس (پندرهين) پويان رکيو ويو آهي، اوهايو ندي جي ڪناري تي آباد هن شهر ۾ اسان جي آمد ڇنڇر تي ٿي، ان ڏينهن جيتوڻيڪ شهر ۾ ڏاڍي رش هئي، پر هر نئين شهر پهچڻ بعد اسان جو پهريون ڪم کاڌي پيتي لاءِ ڪنهن مناسب ريسٽورنٽ ڳولڻ هوندو هو، جيتوڻيڪ اسان جي رهائش اهڙي هوٽل تي هئي، جنهن جي ڀروارن علائقن ۾ ڪافي ريسٽورنٽ ۽ فوڊ اسٽريٽ به هئي. منجهند جو 3 وڳي ايئرپورٽ تي پهچڻ بعد هوٽل تائين پهچڻ ۽ پوءِ ”چيڪ اِن“ ڪرڻ تائين اٽڪل 4 ٿي چڪا هئا. جڏهن ته اسان جي هر شهر ۾ هوٽل جي اڳواٽ بُڪنگ ٿيل هئي، سامان روم ۾ رکڻ بعد فريش ٿيڻ کانپوءِ ٻاهر آياسين ته تيز مينهن وسي رهيو هو، اٽڪل اڌ ڪلاڪ تمام تيز برسات ٿي، پر برسات بند ٿيندي ئي جيئن ئي اسان هوٽل جي لابي کان ٻاهر آياسين ته شهر جو نظارو انتهائي دلڪش هو، آسمان تي انڊلٺ اڀريل نظر آئي ته يڪدم مون ۽ اسماعيل دلاور ان منظر کي ڪئمرا ۾ محفوظ ڪيو، ٻاهر روڊ ۽ وڻ ٽڻ ڌوپجي چڪا هئا، اسان کي اهو ڏسي حيرانگي ٿي ته شهر جي روڊن تي ڪٿي به برسات جو پاڻي بيٺل نه هو. ان وقت مون کي حيدرآباد جي ٿڌي سڙڪ، نسيم نگر، عملدار چوڪ ۽ ڀٽائي نگر وارا علائقا ياد اچي ويا، جتي برساتن جو پاڻي تلائن جي صورت ۾ ڪيترن ئي ڏينهن تائين بيٺل رهي ٿو، پر هتان جي شهر جا روڊ رستا ۽ فوٽ پاٿ بلڪل رٿابندي سان ٺهيل آهن، ڪوبه شهري يا دڪاندار پنهنجي مرضي تحت اڏاوت نٿو ڪرائي سگهي، جيستائين شهر جي انتظاميه ان جي ڊزائين کي ڪليئر قرار ڏئي.

فردوسيءَ جي شهر ۾ - يوسف سنڌي


فردوسيءَ جي شهر ۾
يوسف سنڌي
اڌ مني ڪلاڪ جي سفر کانپوءِ ٽئڪسيءَ اسان کي ‘طوس’ ۾ فردوسيءَ جي مزار جي ٻاهران اچي لاٿو. اسين گيٽ وٽان پنج سؤ تومان في ماڻهو ٽڪيٽ خريد ڪري اندر “باغ فردوسيءَ” ۾ گهڙياسين. ٽڪيٽ تي تخت جمشيد جي آثارن جي تصوير ڇپيل هئي. اهائي ٽڪيٽ اسان کي هر هنڌ، هر ميوزم ۽ تاريخي جاءِ ۾ گهڙڻ مهل ملي، جنهن مان اهو سمجهيوسين ته ايراني حڪومت نه رڳو پنهنجي ماضيءَ جي ورثي تي فخر ٿي ڪري، پر اُنهن کي اُڀاري به ٿي ۽ سياحن کي سياحت واسطي ايران اچڻ تي آماده ڪري ٿي. اُن سلسلي ۾ منهنجي سامهون ايران جي “عالمي سياحتي اداره وزارت وار شاهه اسلامي” پاران ڇپايل هڪ “ايران جي سياحتي گائيڊ” پيئي آهي، جنهن ۾ سياحن کي ايران جي سياحت واسطي آماده ڪندي لکيو ويو آهي، “ايران پنهنجي تاريخي قدامت ۽ دائم اجتماعي ۽ ثقافتي ڪوششن جي ڪري مختلف قسم جون ڏسڻ جهڙيون شيون ۽ هنڌ رکي ٿو، جيڪي سياحت جي خواهش رکندڙن جي هڪ وڏي تعداد جي توقعات کي پورو ڪري سگهي ٿو. هر مسافر، جيڪو ڪنهن به نظريي يا مقصد تحت ايران جو سفر ڪري ٿو، پنهنجي مقصد، منصوبن ۽ ذوق موجب ايران ۾ پنهنجي پسند جي شين کي ڏسي سگهي ٿو.”

عجب ۾ وجهندڙ حرم سراءِ ۽ سفيد غلام! - عبدالحي پليجو


عجب ۾ وجهندڙ حرم سراءِ ۽ سفيد غلام!
عبدالحي پليجو
اسان هاڻ وري هن ئي ميوزيم جي ٻي پورشن لاءِ ٽڪيٽون وٺي حرم واري طرف گهمڻ لاءِ روانا ٿياسين. هي محل خليفن، بادشاهن ۽ سلطانن لاءِ سوَن سالن کان رهائش طور استعمال هيٺ رهيو آهي. ٽاپ ڪاپي ميوزيم واري طرف فوٽن ڪڍڻ تي بندش هئي، پر هت اهڙي ڪا به بندش نه هئي، تنهن ڪري محبوب هت ڪافي فوٽا ڪڍيا. ٿورو ٿورو مينهن وسڻ جا ويس ڪري روم مان رمي ڪابل ۽ قنڌار تي وسي چين ۽ سمر قند کان ٿيندو، هاڻي استنبول ۾ مينهڙا وسائي هاڻ ڪابل کان ٿيندو سنڌ ۽ عالم کي آباد ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهي ۽ اسان هاڻي دنيا اسلام جي آخري خلافت جي خليفن ۽ بادشاهن جي حرم ۾ داخل ٿي رهيا آهيون. حرم ۾ داخل ٿيڻ واري پهرئين ڪمري ۾ هڪ تمام وڏي آرسي لڳل آهي، جيڪا ڀت جيڏي ئي وڏي آهي. ان جي پاسن تي سوني رنگ سان خبر ناهي ته چاندي يا ڪنهن ٻئي ڌاتوءَ جو تمام سهڻو ڪم ٿيل آهي. مون، منيٰ ۽ محبوب اُتي بيهي هڪ ٻئي جا فوٽا ڪڍيا. اندر ڪمرن جي دروازن جي مٿان چاندي يا ڪنهن ٻئي ڌاتوءَ تي مينارڪيءَ جو لاجواب ڪم ٿيل هو، تنهن کي سياحب ڏاڍي چاهه سان ٿي ڏٺو ۽ انهيءَ جا فوٽا ۽ فلمون ڀري رهيا هئا. ڪمرن ۽ هالن اندر ڏاڍا سهڻا ۽ وڻندڙ فانوس لڳل هئا. هي سلطاني حرم جنهن ۾ اسين هاڻي گهمي رهيا آهيون، تنهن کي ترڪي ٻوليءَ ۾ ”حرم همايون“ چئجي ٿو. اهو سلطان جي خانگي محلات جي هڪ اهم حصي طور تعمير ٿيل هو، تنهن ۾ چار سئو کان به گهڻا ڪمرا ٺهيل هئا. حرم ۾ سلطان جي ماءُ، سندس زالون، سندس سُريتون، سندس ٻار، سندس خاندان جا ٻيا فرد ۽ حرم ۾ ڪم ڪندڙ خادم ۽ پهريدار خواجا سرا رهندا هئا. توپ ڪپي محل جو هي سلطاني حرم سراءِ وارو ڀاڱو ڪيترين ئي عمارتن تي مشتمل آهي، جيڪي مختلف ورانڊن، دالانن ۽ اڱڻن وسيلي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. خادمن، ٻين ملازمن ۽ عملدارن جي هر گروهه کي حرم جي حدن اندر رهڻ لاءِ جدا جدا جڳهيون مليل هيون. هر ٽولي کي مليل جڳهيون سندن اڱڻن جي چوڌاريءَ ٺهيل هيون. انهن عمارتن جي ڪمرن جو تعداد هڪ سئو کان به مٿي هو.

صاحبزاده يعقوب علي خان ڪعبي اندر داخل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو - ظفر الله شيخ


صاحبزاده يعقوب علي خان ڪعبي اندر داخل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو
ظفر الله شيخ
ڍاڪا، ننڍڙو شهر آهي ۽ جڏهن مان اتي هيس ته جنرل ارشاد صدر هو. ڪافي دوست ٿي ويا ۽ ۳ سال سٺو وقت گذريو. انهن ڏينهن ۾ پاڪستان جو ضياءُ الحق هو ۽ بنگلاديش جو دورو به ڪيائين. منهنجي ساڻس ڊيوٽي به لڳي، اهڙي جنرل ارشاد سان ملڻ جو موقعو مليو.

شهزادن وارا جزيره، جتي ڪو به شهزادو ڪونهي! - عبدالحي پليجو


شهزادن وارا جزيره، جتي ڪو به شهزادو ڪونهي!
عبدالحي پليجو
صبح سوير ناشتو ڪري ٽيڪسي ڀاڙي تي ٻڌي ڪباتاس (Kabatas) نالي پتڻ تي پهتاسين، جتان پاتڻي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي سمنڊ رستي پرنسز آئيلينڊس ڏانهن روانا ٿياسين. مون هن کان اڳ يورپ ۾ فرانس کان انگلينڊ، انگلينڊ کان بيلجيم ۽ جرمنيءَ جي رائن نديءَ ۾، آمريڪا جي مين فرانسسڪو مارڪو پولو جي شهر وينس ۾، انگلينڊ جي ٿيمس نديءَ ۾ ۽ هالينڊ ۾ ايمسٽر نديءَ ۾ ڪَئِين دفعا سفر ڪيو آهي، پر مون کي ٻيڙيءَ ۾ گهمڻ جو مزو جهڙو سنڌو درياهه ۾ منهنجي ڳوٺ ٻني وٽ ٿو اچي، اهڙو مزو ٻئي هنڌ ڪٿي به ڪو نه آيو. هينئر درياهه جي ڪنارن تي ٻيلن جا وڻ ختم ٿي ويا آهن، پر جڏهن ٻيلا ڀلا ۽ منجهن عاليشان وڻ هوندا هئا ۽ درياهه ۾ پاڻيءَ جا جام هوندا هئا، تڏهن درياهه ۾ ٻيڙين جي سير جو مزو ئي ٻيو هوندو هو. خاص ڪري چانڊوڪي راتين ۾، ڇولين جو ڪپرن سان ٽڪرائجڻ جو آواز ۽ پڙاڏو ماحول کي مست ڪري ڇڏيندو هو. جڏهن چوڏهين جي چنڊ جا ڪرڻا درياهه جي لهرن ۽ پاڻيءَ تي پوندا هئا ته اهو اهڙي ته سحر انگيز نموني جرڪندو هو ۽ ائين ڀانئبو هو ڄڻ ته سموري درياهه ۾ چاندي وارو پاڻي پيو وهي. اهڙي حسين ماحول ۾ موج ۾ اچي جڏهن شيخ اياز پنهنجي شاعري ٻڌائيندو هو ته ٻڌڻ وارن تي سحر طاري ڪري ڇڏيندو هو. ٻڌڻ وارن ۾ بابا سائين ارباب نور محمد پليجو، جمال ابڙو، ابراهيم جويو، رشيد ڀٽي غلام رباني آگرو وارا هوندا هئا. اسين چپ چاپ باادب سندس شاعري ٻڌندا رهندا هئاسين. پريان ناکئو جمون ۽ آچار مير بحر واريءَ ۾ پلا پيا پچائيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ٻلهڻيون درياهه جي پاڻيءَ ۾ ٽپ ڏيندي ڏسبيون هيون. انهن تي چنڊ جي پوندڙ چانڊاڻ جي جهلڪ ڏاڍي وڻندي هئي. درياهه جي ڪپرن تي وڏا گهاٽا ٻٻر جا وڻ پري کان هڪ عجيب ڏيک ڏيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن درياهه جي ٻيٽن تي راڳ جون محفلون به ڪرائيندا هئاسين. درياهه شاهه جي هنج ۾ اهي منظر ۽ محفلون موجون ۽ مستيون جڏهن ياد ٿيون پوَن ته جسم ۽ جان جوان ٿيو پون! کيا رات تهي که اک کهاني مين کٽ گئي!

سونهن جي سرزمين پئرس جا کاڌا - عبدالحي پليجو


سونهن جي سرزمين پئرس جا کاڌا
عبدالحي پليجو
جڏهن قديم رومين فرانس کي پنهنجي شهنشاهت جو حصو بڻايو، تڏهن انهن پنهنجي سرحدن کي رائين نديءَ جي ڪناري ۽ پئرس وارن ٻيلن تائين وڌائي ڇڏيو. شهنشاهه جوليئس سيزر جي شهرت، جيڪا کيس بادشاهه ور سينگيٽورڪس کي ۵۲  ق. م ۾ شڪست ڏيڻ سان حاصل ٿي، تنهن جي اشاعت هن قديم دنيا جي ادبي شاهڪار ’گئولن جون جنگيون‘ Gallic Wars نالي ڪتاب جي صورت ۾ جلدي ڪرڻ پئي چاهي. انهيءَ سال سسين واديءَ جي هڪ جزيري لوٽيشيا Lutetia ۾ رومين پنهنجي بيٺڪ قائم ڪئي، جنهن کي اڳتي هلي پئرس سڏيو ويو.

سفر ڪٿا - اسحاق انصاري


سفر ڪٿا
اسحاق انصاري

اسان ٻنهي کان علاوه انڊيا، بنگلاديش، چائنا، نيپال، ڪمبوڊيا، لائوس، فلپائين، انڊونيشيا، ميڪائو ۽ سريلنڪا جا ڊيليگيٽس موجود هئا. انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جي طرف کان هڪ نيپال جو ۽ ٻيو هالينڊ جو انسٽرڪٽر هيو، سڀ کان پهريائين تـ گروپ فوٽو ڪڍيو ويو، بين الاقومي طرز تي پاڪستان بـ پنهنجي فارين ڪرنسي رزروس جي باري ۾ ڊيٽا ڏيڻ شروع ڪئي آهي ۽ اهو ڪم منهنجي ۽ اڪائونٽس ڊپارٽمينٽ جي غلام ربانيءَ جي بلي هو. تنهنڪري اسان پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيا هئاسين. ورڪشاپ جي شروع ۾ انسٽرڪٽر چيو تـ اسان جي ذهن ۾ هو تـ پاڪستان جا پارٽيسيپينٽس زلزلي جي ڪري هن سيمنار ۾ حصو نـ وٺي سگھندا، اسين کين ٻڌايو تـ زلزلي جو گھڻو اثر اترين علائقن تي ٿيو هو پر هونئن بـ زلزلي جون تباھ ڪاريون تـ آهستي آهستي کلنديون وين نـ تـ پهريئن ڏينهن تـ اسلام آباد ۽ ڀرپاسي جي ئي خبر هئي. منجھند جي ماني جي وقفي ۾ ان سينٽر جي ڀرپاسي جو علائقو گھمڻ نڪري ويس سنگاپور ۾ موسم گھميل ۽ گرم رهي ٿي. ان علائقي ۾ گھڻو ڪري آفيسز ڪجھ شاپنگ سينٽر ٺهيل هيا، روڊن تي ٽريفڪ بـ چڱي هئي پر پوليوشن گھڻي گھٽ هئي شايد ان ڪري جو گاڏيون نيون هيون ۽ انهن جي ڪنڊيشن تي ڪنٽرول بـ رکيو پئي ويو. هتي جي ماڻهن جون شڪليون تـ چائينيز ئي آهن پر سندن انگريزيءَ جو لهجو بهتر آهي ڇو جو هتي گھڻو وقت انگريزن جي حڪومت رهي آهي، شام جو هوٽل تي اچي فريش ٿي لٽل انڊيا گھمڻ وياسين. سنگاپور ۾ هڪ علائقو انڊيا جي رهواسين جو آهي تـ ٻيو وري چائنا وارن جو تـ ٽئين هنڌ وري عرب ملندا تـ چوٿيئن هنڌ يورپين جو ڪلچر ملندو. سنگاپور ۾ رهندي مون محسوس ڪيو تـ هن ملڪ جھڙي سهپ ۽ ٻين ماڻهن کي قبول ڪرڻ واري طاقت ٻي ڪنهن ملڪ ۾ گھٽ آهي، لٽل انڊيا واقعي بـ انڊيا آهي، ان هنڌ تي برصغير جا ماڻهو گھمندي نظر ايندا دڪان بـ انهن جا آهن جن تي جليبيءَ کان وٺي چوڙين تائين هر شيءَ ملي پئي. هڪڙي وڏي سپر مارڪيٽ ”مصطفيٰ“ جي نالي سان هئي، جنهن ۾ بـ دنيا جي هر شيءَ موجود هئي. سنگاپور ڪافي مهانگو ملڪ آهي پر سنگاپورين جي جيئن تـ آمدني وڌيڪ آهي تنهن ڪري هنن لاءِ ڪو وڏو مسئلو ناهي، سنگاپور دنيا جي شاهوڪار ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. هنن جي آسودگي رستن، جڳهن ۽ گاڏين مان بـ ظاهر ٿئي ٿي، لٽل انڊيا ۾ گھمندي هڪ انڊين ريسٽورنٽ تي ماني کاڌي، جنهن جي ماني بهتر هئي، اتان وري ٽيڪسي ۾ هوٽل تي واپس آياسين.

زار جون موڪليل کَلون، تاريخي محل ۽ نم جو وڻ! - عبدالحي پليجو


زار جون موڪليل کَلون، تاريخي محل ۽ نم جو وڻ!
عبدالحي پليجو
اڄڪلهه سڄي دنيا جا سياح استنبول شهر گهمڻ اچن ٿا. انهن ۾ خاص ڪري اوڀر يورپ، روس، جپان، آمريڪا، عرب ۽ روس کان آزاد ٿيل مسلمان ملڪن جا سياح هتي وڏي تعداد ۾ ٿا اچن. ترڪي هينئر گهڻي کان گهڻا سياح اچڻ وارن ملڪن جي لسٽ ۾ اٺين نمبر تي آهي. سن 2011ع ۾ ٽي ڪروڙ پنجويهه لک سياح سڄي دنيا مان ڪهي ترڪي گهمڻ آيا. يورپ ۽ آمريڪا ۾ توهان کي صرف عيسائيت جي تاريخ جي پسمنظر ۾ هر ماڳ ۽ مڪان ڏيکاريو ويندو، پر ترڪيءَ ۾ ٽن مکيه مذهبن جهڙوڪ يهوديت، عيسائيت ۽ اسلام جي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت جا ڪَئِين آثار، ماڳ مڪان ۽ يادگار ڏسڻ لاءِ موجود آهن، جن جو ڪو جواب ئي ڪونهي. هونئن ته سياح ترڪيءَ جا سمورا مشهور ماڳ ۽ شهر اچي گهمندا آهن، پر چوَن ٿا ته ترڪيءَ جي رومي سمنڊ واري ساحل ۽ ان جي Antalya انٽاليا نالي ساحلي علائقي کي ترڪيءَ جي سياحتي گاديءَ جو هنڌ سڏيو ٿو وڃي، جتي گهڻي کان گهڻا سياح ايندا آهن. سڄي دنيا مان هر سال هتي سياحن جي ڪروڙن جي تعداد ۾ اچڻ ڪري ۽ ملڪ ۾ گهڻي صنعتي ترقيءَ سبب ترڪيءَ جي Economy به دنيا جي امير ملڪن جي لسٽ ۾ پندرهين نمبر تي پهچي وئي آهي. سن 2010ع ۾ ان جي G.D.P يعني پيداواري ترقيءَ جي شرح يا رفتار  +9.0 سيڪڙو هئي. استنبول جي Forbs  ميگزين جي سروي مطابق دنيا ۾ پهرئين نمبر تي سٺ Billionaires يعني عرب پتي شاهوڪار ماڻهو آمريڪا جي نيويارڪ شهر ۾، ٻئي نمبر تي پنجاهه عرب پتي روس جي ماسڪو شهر ۾، ٽئين نمبر تي ٻٽيهه عرب پتي برطانيه جي لنڊن شهر ۾ ۽ چوٿين نمبر تي اٺاويهه عرب پتي ماڻهو ترڪيءَ جي استنبول شهر ۾ آهن.

ڊينمارڪ - پرمانند سوٽهڙ


ڊينمارڪ
پرمانند سوٽهڙ
غريب گهراڻي سان تعلق رکندي پنهنجي انٽرميڊئٽ سخت محنت ڪرڻ کانپوءِ ڪاليج مان حاصل ڪئي ۽ پوءِ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مهراڻ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي، اهو ئي منهنجو ننڍپڻ جو خواب هو ته آئون مهراڻ يونيورسٽي ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪريان پر بدقسمتي سان بابا سائين جو ديهانت ٿي ويو. ڄڻ ته منهنجي دنيا اجڙي وئي ۽ مون کي پڪ ٿي وئي ته آئون وڌيڪ تعليم پرائي نه سگهندس. پر عين وقت منهنجي وڏي ڀاءُ لڇمڻ داس مون کي همٿايو ۽ آٿت ڏني ته پنهنجي پڙهائي جاري رک ۽ ڪنهن به ڳالهه جو فڪر نه ڪر. انهي دل جاءِ کانپوءِ مون پنهنجي سخت محنت جاري رکي ۽ اڳتي وڌندو رهيس، مهراڻ يونيورسٽي ۾ گريجوئيٽس مڪمل ڪرڻ کانپوءِ مون پنهنجي زندگي جو هڪ ٻيو خواب هو ته مان ڪڏهن ٻاهرين ملڪ مان وڌيڪ تعليم حاصل ڪريان. جڏهن اهو خواب حقيقت بڻجي منهنجي سامهون آيو ته مون ۾ خوشي جي لهر  ڇائنجي وئي، ۽ مون کي يورپين يونين اسڪالرشپ جو موقعو مليو ۽ هن اسڪالرشپ منهنجي زندگي جي خوابن کي ساڀيان ڪيو، جنهن ۾ منهنجي شفيق استاد پروفيسر ڊاڪٽر ڀواني شنڪر چوڌري جو پڻ ٿورائتو آهيان، جنهن مون کي ريفرنس ليٽر ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي ۽ وڏي ڀاءُ لڇمڻ داس سوٽهڙ جي حوصلا افزائي ڏيڻ کانپوءِ يورپ جي ملڪ ڊينمارڪ وڃڻ لاءِ تياري ڪئي.

ديس پرديس جون ڪي يادون - خير محمد ڪولاچي


ديس پرديس جون ڪي يادون
خير محمد ڪولاچي
”توهان جي علائقي ۾ برفباري ٿيندي آهي؟“ روس جي شهر چيريپاوسَ(Cherepovets)  بس جي انتظار ۾ بيٺل هڪ روسي ان وقت اتي ٿيندڙ برفباري کي ڏسندي مون کان پڇيو؛ ”اسين ته پنهنجي علائقي ۾ اونهاري جي مند ۾ پاڻي ٿڌو ڪري پيئڻ لاءِ برف خريد ڪندا آهيون.“ مون کيس جواب ڏنو. منهنجي ان جواب تي هو خاموش ٿي سوچڻ لڳو، شايد ان ڪري جو اهڙي ڳالهه سندس سوچ ۽ تصور کان  ٻاهر هئي. ڀلا جيڪو ماڻهو سخت ٿڌي علائقي ۾ ڄمي ۽ نپني، جيڪو ڊگهي سياري ۽ ان ۾ ٿيندڙ برفباري کان تنگ هجي ۽ جنهن جي ٻاهرين دنيا بابت ڄاڻ نالي ماتر هجي، تنهن کي گرم علائقي جي ماڻهن جي زندگيءَ جي معمول جي ڳالهه آسانيءَ سان سمجهه ۾ ڪيئن ايندي.

دهليءَ ۾ خواجه نظام الدين جي مزار تي - يوسف سنڌي


دهليءَ ۾ خواجه نظام الدين جي مزار تي
يوسف سنڌي
آئون جڏهن دهليءَ جي لاءِ اُسهيس ته دل ۾ اها خواهش هئي ته موقعو مليو ته حضرت خواجه نظام الدين اولياءَ جي درگاهه جي حاضري ڀرڻ ضرور ويندس. خواجه صاحب جي لاءِ منهنجي دل ۾ وڏي عقيدت ۽ احترام جو جذبو هو. ان عقيدت ۽ احترام جي پويان ڪا وڏي ڪهاڻي ڪونهي. بس، شايد الله وارا مون جهڙن بڇڙن بندن کي پنهنجي نظر ڪرم سبب پاڻ ڏانهن ائين ڇڪيندا آهن، جيئن لوهه کي چقمق ڇڪيندو آهي.

دهلي جو درشن - يوسف سنڌي


دهلي جو درشن
 يوسف سنڌي
دهليءَ ۾ پهرئين ڏينهن جڏهن ”آڪاش واڻيءَ“ تي وينا شرنگيءَ سان ملاقات ٿي ته مون کانئس پڇيو هو، ”دهليءَ ۾ ڪو اهڙو ڪتاب گهر آهي، جتي سنڌي ڪتاب وڪري لاءِ موجود هجن؟“
”نه، اهڙو ڪو به ڪتاب گهر ڪونهي.“ وينا وراڻيو.
پوءِ جڏهن دهلي يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي سان ملاقات ٿي ۽ موڪلائڻ مهل هن پڇيو، ”هاڻ ڪيڏانهن ويندا؟“ مون وراڻيو، ”اسين ساهتيه اڪاڊمي دهلي وڃڻ ٿا چاهيون، جيئن اتان ڪجهه ڪتاب خريد ڪري سگهون؟“

خواجه جي درٻار ۾ دعائن ڀري حاضري ۽ امن جي آس - جئه پرڪاش موراڻي


خواجه جي درٻار ۾ دعائن ڀري حاضري ۽ امن جي آس
جئه پرڪاش موراڻي
ڪو وقت هو جڏهن هي خطو دنيا جو امير ترين علائقن ۾ ڳڻيو ويندو هو، دکن جا نظام هجن يا گواليار جا سنڌيا، بڙودا جا گائيڪواڙ هجن يا ڀوپال جا نواب، بهاولپور جا حاڪم هجن يا قلات جا خان، سنڌ جا مير هجن يا جوڌپور، جئه پور، اڌيپور، ميواڙ ۽ ٻاڙ مير جا رجواڙا! دولت انهن جي در جي باندي هوندي هئي. سندن شان شوڪت، هتي جي من موهڻي موسم، سنڌو، گنگا، جمنا، برهمپترا، چناب، راوي، بياس، ستلج ۽ ڪاويري جي ڪنارن تي جهولندڙ سون ورنا سنگ، سرسبز ميدان، ماڻڪن جهڙا ماڻهو ۽ برف سان ڍڪيل چوٽيون، سنڌڻ ململ هجي يا نيرولي جي جياپي جو سهارو نير هجي، ڪوهنور ۽ ان جهڙا ٻيا هيرا هُجن يا مور پنکن وارا تخت، ايڪڙن ۾ پکڙيل محل هجن يا سون جهڙي سنهري واري رکندڙ صحرا هجن، اهي سدائين اولهه جي “غريب“ ملڪن لاءِ ڪشش جو سبب رهيا. انهي  ڪشش انگريزن، پورچوگيزن، ڊچن ۽ فرينچن کي ”انڊيا“ جي ڳولا لاءِ کارو کيڙڻ تي مجبور ڪيو.

جتي پاڪستان جا سفارتخانا نه آهن اتي ڪائونسل آهن - ظفر الله شيخ


جتي پاڪستان جا سفارتخانا نه آهن اتي ڪائونسل آهن
ظفر الله شيخ
۲۰۰۳ع مارچ ۾ مون کي مالي وڃڻ جو موقعو مليو، هي ملڪ به منهنجي حد ۾ هيو ۽ اتان جو گاديءَ جو هنڌ باماڪو آهي،  ڪارن جو ملڪ آهي ۽ اتي اسان جو سفارتخانو نه آهي، اسان جا جتي سفارتخانه نه هوندا آهن، اتي هانريري ڪائونسل هوندا آهن، جيڪي اتان جا رهواسي هوندا آهن، باماڪو، مالي ۾ اسان جو هانريري ڪائونسل جيريل بابا آهي، ۽ اتان جو سٺو بزنسمين آهي، مان باماڪو پهتس ته ايئرپورٽ تي مالي فارن آفس جو پروٽوڪول آفيسر آيو ۽ مون کي سرڪاري مهمان جي حيثيت سان هوٽل ۾ وٺي ويو، بلڪل نئون ماحول هيو، ماڻهو ڪارا، غربت ۽ گندگي ڪافي نظر آئي، ٻئي ڏينهن منهنجي وزير خارجه سان ملاقات هئي ۽ ان ڏينهن شام جو ماليءَ جي صدر کي ان جي محل ۽ پنهنجي سند جا ڪاغذ پيش ڪيا، مان صدر آمادو توماني توري  جيڪو اڄ ڪالهه به اڃان صدر آهي، سٺي ملاقات ٿي، ڪافي دير گپ شپ ڪيائين خاطر توازن ٿي، ماليءَ جي خاص ماني کارايائين ۽ هڪ جڙي بوٽيءَ جو تحفو به ڏنائين.

ٽئگور جي ديس ۾! - جامي چانڊيو


ٽئگور جي ديس ۾!
جامي چانڊيو
رات جا پويان پهر صبح جي اَڇاڻ ۾ الوپ ٿي رهيا هئا. آسمان ڄڻ ته ڪنهن تجريدي آرٽ جو وسيع ۽ اَپار ڪينواس لڳي رهيو هو. بابُو سيٽي وڄائي ۽ اسان جي ريل گاڏي ڪنهن ٿڪل مسافر جيان ڌڏڪو کائي بيهي رهي ۽ منهنجي اک کُلي وئي. اسان بِهار صوبو ٽپي اولهه بنگال جي سرحدن ۾ داخل ٿي چڪا هئاسون. دري کولي ٻاهر نهاريم. ٻاهر ٿڌڙي هير گهُلي رهي هئي، بلڪل ٽئگور جي شاعريءَ جهڙي. ٿڌي هوا جي سرور ماڻڻ لاءِ ڊگها ڊگها ساهه کڻڻ شروع ڪيم. ايئن لڳم ڄڻ بنگال جو روح منهنجي اندر اوتجي ويو هجي. ڇا ته سڳنڌ ۽ سُرور هو هوا ۾! اسٽيشن تي سانورا بنگالي ٻارڙا ناشتي لاءِ دال پوريون کنيو بيٺا هئا، بک نه هوندي به دل چيو ته اِهي گرم گرم پوريون کائجن. حسن درس، جيڪو زمان ۽ مڪان کان بي نياز ننڊ پيو هو، تنهن کي زوريءَ اُٿاريم. ”اڙي شاعرِ نامراد، بنگال اچي ويو اٿئي. تو واري ٽئگور جو بنگال!“ هن اکيون مهٽيندي پهرين مون ڏانهن نهاريو، پوءِ ٻاهر اسٽيشن ڏانهن. بنگله ٻوليءَ ۾ دال پورين جا هوڪا ٻُڌي چوڻ لڳو: ”ضرور توکي هميشه جيان بک لڳي هوندي، تڏهن ننڊ مان اُٿاريو اٿئي.“ ”بک ته گهڻي ڪونه لڳي آهي پر دل چوي ٿي ته گرم گرم دال پوريون کائجن.“ خبر ناهي هن کي صبح سوير دال پورين کائڻ ۾ ڪهڙو رومانس نظر آيو، جو يڪدم کڻي ها ڪيائين، نه ته اڪثر هو کائڻ جي معاملي ۾ مون سان پيو وڙهندو آهي. دال پوريون کائي مٿان وري گرم گرم ڪافي پيتي سون. ايتري ۾ بابُو ٻي سيٽي وڄائي ۽ گاڏي رڙهڻ لڳي. اسان جي چڙهڻ شرط گاڏي تيز رفتاريءَ سان هلڻ لڳي. پرهه ڦُٽيءَ جو وقت، ٿڌي هير- جيڪا گاڏيءَ جي تيز هلڻ سبب هوا جيان لڳي رهي هئي ۽ اهڙي ماحول ۾ هڪ مخصوص آواز سان ريل جو هلڻ ۽ اسان جو اُن ۾ سفر ڪرڻ، اُهو سڀ ڪجهه مون کي بيحد وڻندڙ لڳي رهيو هو. جيتوڻيڪ دهليءَ کان بنگال تائين جي سفر ۾ اسان کي چاليهه ڪلاڪ ٿي چڪا هئا پر مون کي ٿَڪَ جو احساس بلڪل به نه ٿي رهيو هو. پنهنجي اندر هڪ عجيب تازگي ۽ لطافت محسوس ڪري رهيو هئس. اسان جلد ئي ڪلڪتي پهچڻ وارا هئاسون. حسن، جيڪو اڃا پاڻ به ننڊ جي خمارن ۾ هو، تنهن مظفر کي به اُٿاريو ۽ هو ٻئي تيار ٿيڻ لڳا. منهنجون اکيون دريءَ کان ٻاهر کُتل هيون. پري پري تائين ٻنيون ۽ اُنهن ۾ ساوا چهچ فصل نظر ٿي آيا. سانورا بنگالي ۽ بنگالڻيون پنهنجين ٻنين طرف اچي رهيا هئا. هر طرف ايڏي ساوڪ ئي ساوڪ ڏسي مون کي نيپال ياد ٿي آيو. ڪلڪتو توڙي بنگال گهمڻ اسان ٽنهي لاءِ هڪ رومانس هو ۽ جيئن جيئن اسان جو سفر پورو ٿي رهيو هو، اسان هڪ عجيب سرهائي محسوس ٿي ڪئي. ايتري ۾ بابُو هڪ دفعو وري سيٽي وڄائي، جنهن جو مطلب هو ته اسان ڪلڪتي پهچي چڪا هئاسون. مون گهڙيءَ ۾ ڏٺو، صبح جا ڇهه ٿي رهيا هئا. سامان کڻي هيٺ لٿاسون. اسٽيشن جي احاطي کان ٻاهر نڪري سامان هيٺ رکيوسين. مون دل ئي دل ۾ چيو: ”اي مها ڪوي ٽئگور جي جنم ڀومي! توکي ٽن اهلِ دل سنڌين جو سلام!“ ڪلڪتي جو شهر پهرين نظر ۾ مون کي پراڻي هيرآباد يا شڪارپور جيان لڳو. پراڻيون پر خوبصورت جايون، ڪشادا رستا، آسمان صاف شفاف- ڄڻ ته پکالين هاڻي هاڻي ڌوئي صاف ڪيو هجي. چون ٿا ته اوڀر يورپ جي ملڪ چيڪوسلواڪيه جو شهر پراگ به ايئن ئي آهي.

ٽيڪساس جي گرمي ۽ “ڊالر” جو ڪرندڙ گراف - آڪاش سنتورائي

ٽيڪساس جي گرمي ۽ “ڊالر” جو ڪرندڙ گراف
آڪاش سنتورائي
جڏهن پاڪستان مان اسان جي گروپ جي آمريڪا جي شهر واشنگٽن ۾ آمد ٿي هئي ته اُتان جي ميزبان سان پهرين گڏجاڻي ۾ ئي اسان کي ٽيڪساس جي گرمي بابت ڊيڄاريو پئي ويو، گوري چمڙي وارن جو چوڻ هو ته، “هن وقت توهان ٽيڪساس  جي گرمي برداشت نه ڪري سگهندؤ.” اسان پڇيو ته ٽيڪساس ۾ گرمي جو درجو ڪيترو آهي ته اسان کي ٻڌايو ويو ته تقريبن 40 ڊگري سينٽي گريڊ کان 45 ڊگري سينٽي گريڊ رهي ٿو. اهڙي جواب تي اسان ٽهڪ ڏئي جواب ڏنوسين ته “ڀائو، اسان نوابشاهه، حيدرآباد، سبي جهڙن گرم علائقن مان آيل آهيون جتي ڪڏهن ڪڏهن گرمي جو درجو 50 ڊگري کان به وڌي ويندو آهي تنهن ڪري اسان کي ٽيڪساس جي گرمي جو خوف ناهي. “

ترڪيءَ ۾ “ترڪي ٽوپي” ۽ شام ۾ “شامي ڪباب” ڪونهي! - عبدالحي پليجو


ترڪيءَ ۾ “ترڪي ٽوپي” ۽ شام  ۾ “شامي ڪباب” ڪونهي!
عبدالحي پليجو
استنبول ايئرپورٽ لنڊن جي هيٿرو ايئرپورٽ، گيٽ وِڪ، ٽوڪيو جي ناريٽ ايئرپورٽ ۽ پيرس جي چارلس ڊيگال ايئرپورٽ جهڙو ۽ جيترو ئي مصروف ايئر پورٽ آهي، جتي سڄي دنيا جا ڪيترائي جهاز پئي لٿا ته ٻيا پئي اڏاڻا، مسافرن لاءِ اميگريشن ڪائونٽر تي لڳل بورڊ پڙهياسين. پهريون ۽ ٻيو نمبر ڪائونٽر نيٽو ملڪن جي شهرين جي لاءِ، ٽيون ۽ چوٿون ترڪ شهرين لاءِ، پنجون، ڇهون، ستون ۽ ڪجهه ٻيا باقي ٻين ملڪن لاءِ هئا. جيڪڏهن ڪنهن وٽ يورپ جي ويزا آهي ته ان کي ايئرپورٽ تي ئي ٽرازٽ ويزا فراهم ڪئي ٿي وڃي. انهن سڀني ڪائونٽرن کان جدا ۽ ٿورو پرڀرو هڪ ٻيو به ڪائونٽر هو، جتان ٽرانزسٽ ويزا ملي، انهيءَ ويزا لاءِ هر ملڪ بابت جدا جدا قائدا ۽ قانون آهن، اسان Other countries واري ڪائونٽر تان پنهنجي پاسپورٽ تي اِميگريشن آفيسر کان ٺپا هڻائي پنهنجو سامان کڻي اچي ٻاهر پهتاسين. اسان کي رسيوِ ڪرڻ لاءِ اتي محبوب کي پهچڻو هو، جيڪو لنڊن مان استنبول گهمڻ لاءِ اتي اڳواٽ ئي پهتل هو. هن اڳواٽ ئي ٻڌايو هو ته هو اسان کي ايئرپورٽ تان ته وٺڻ ايندو، پر جيئن ته استنبول جي انڊر گرائونڊ ٽرين ستين بجي شروع ٿئي ٿي، تنهن ڪري ٿوري دير ٿيندي ۽ توهان ايئر پورٽ تي منهنجو انتظار ڪجو. هڪ اها ڳالهه ٻيو ته اسان جو هوائي جهاز ايئرپورٽ تي ڪجهه وقت سوير پهتو، ان ڪري جيستائين محبوب پهچي تيستائين اسان هڪ ڪينٽين تي وڃي ويٺاسين. ڪينٽين تي هڪ نوجوان سان ملاقات ٿي.

پئرس جي عظمت جا اهڃاڻ ۽ سياحن جي وندر جو سامان - عبدالحي پليجو


پئرس جي عظمت جا اهڃاڻ ۽ سياحن جي وندر جو سامان
عبدالحي پليجو
پيٽرونس ٽاور، برج خليفا، لنڊن ٽاور، ٽوڪيو ٽاور ۽ پيزا واري ٽاور کان سواءِ ايفل ٽاور به دنيا ۾ مشهور آهي. هي ٽاور ست هزار ٽن فولاد سان تعمير ڪيو ويو ۽ انهيءَ وقت هن کي هميشه قائم رهڻ لاءِ ڪونه اڏيائون. هڪ ماهر معمار مسٽر گُسٽو اليگزينڊر ايفل 1889ع ۾ عالمي نمائش لڳائڻ خاطر هي ٽاور جوڙيو. هي انجنيئر هن کان اڳ فقط درياهن جون پُليون اڏڻ ۾ مشهور هو، پر اتفاقي طور تي آمريڪي آزاديءَ واري مجسمي جي ڊزائين به مسٽر ايفل ٺاهي هئي.

پئرس جي ايفل ٽاور جو نظارو - عبدالحي پليجو


پئرس جي ايفل ٽاور جو نظارو
عبدالحي پليجو
ڪلوئيسٽر گيٽ تي ڪنواري ماءُ جي ڳنڀير ۽ اداس شبيهه ٺهيل آهي. سندس هنج ۾ قتل ٿيل ٻار ڏيکاريل آهي. ٻار جي ڳچي ڪپيل آهي. ڪنواري ماءُ جو مجسمو اصل ۾ تيرهين صديءَ جو گهڙيل آهي.سج لهڻ مهل گرجا گهمڻ وٽان هوندي آهي. اتر پاسي واري گئلريءَ ۾ ٺهيل North Rose Window تيرهين صديءَ جو بهترين شاهڪار آهي. اندريون حصو گوٿڪ فن عمارت سازيءَ جي علامت ڪالمن يا پلرز تي مشتمل آهي. انهن تي مقدس بائبل جي واقعن جا نظارا تراشيل آهن. منبر ALTAR جي ويجهو ڪنواري ماءُ ۽ ٻار ڏيکاريل آهن، جيڪي پرسڪون نظر اچن ٿا. گرجا جي مال خاني ۾ شاهي تاجن سميت سون جو ۽ ٻيو قيمتي سامان رکيل آهي. هن گرجا گهر کي اهو خاص اعزاز به حاصل آهي ته هتي اصلي صليب ۽ ڪنڊن وارو تاج به موجود آهي. هتي فوٽن ڪڍڻ تي ڪابه بندش ناهي، تنهنڪري محبوب هتي منهنجا ۽ منا جا فوٽو ڪڍيا.

پئرس ۾ انڊين ريسٽورينٽ جي ڳولها - عبدالحي پليجو


پئرس ۾ انڊين ريسٽورينٽ جي ڳولها
عبدالحي پليجو
دروازي کي اليڪٽرانڪ چاٻي هنيم ته دروازي تي لڳل ڳاڙهي بتي بند ٿي وئي، وري سائي بتي ٻرڻ لڳي ۽ دروازي جي لاڪ کي گهمايم ته دروازو ”کُل جا سم سم“ وانگر خود بخود کُلي پيو ۽ اسان علاءُ الدين جو جادوئي چراغ کڻي اندر ڪمري ۾ داخل ٿياسين. ڇا ته ڪمرو ڊيڪوريٽ ٿيل هو! هونئن ته هر هوٽل ۾ خوبصورت نفيس گلم غاليچا، پردا، بيڊ ۽ ٻيو فرنيچر، لائيٽ جا شينگلر، جيڪي ڄڻ ته هيرن جواهرن سان جڙيا پيا آهن، پر هي ڪمرو انهن سڀني شين کانسواءِ ننڍن ننڍن ڊيڪوريشن پيسز سان اهڙي ته نفاست سان سنواريل ۽ سينگاريل هو، جو دل پئي چئي ته هر هڪ شئي کي ماڻهو ويٺو ڏسي. انهيءَ کانسواءِ پئنٽنگس به ڏاڍيون ڀلوڙ لڳل هيون، جيڪي ڏاڍي سٺي ترتيب سان ٽنگيل هيون. ڪمرو ڏسڻ شرط سڄي ڏينهن جي مُسافريءَ جو ڄڻ ته ٿڪ ئي لهي ويو، پر ٽوڪيو جي هوٽل گينزا ڊائچي، لاس ويگاس آمريڪا جي هوٽل مئراج ۽ جرمني ۾ رائن نديءَ جي ڪپرن تي ٺهيل هوٽل Tulipجي ڳالهه ئي جدا هئي، جن ۾ گذاريل گهڙين جون روح رچنديون ڄڻ ته سڄي زندگيءَ جو سهارو ٿي پيو آهي. جنهن جي يادن سهاري باقي زندگي به ڄڻ ته بي مقصد ڪانه ٿي لڳي.هونئن به مونکي زندگيءَ سان ڏاڍو پيار آهي ۽ آئون هر ايندڙ پل کي رب پاڪ طرفان موڪليل هڪ حسين تحفو سمجهي ٿو گذارڻ چاهيان. مِنا ڪمري جي دري کولي ته پئرس جي سونهن جي خبر پئي. اسانجو ڪمرو شايد هوٽل جي ڇهين فلور تي هو، جنهن ڪري شهر جو وڏو حصو اتان ڏسڻ ۾ پئي آيو ۽ ماڻهن جا فليٽ ۽ انهن جا صحن به چڱي طرح نظر پئي آيا.