Friday, January 25, 2013

”يُوجيءَ“ جو اسڪول ۽ هڪ اڻوسرندڙ واقعو - الطاف شيخ

”يُوجيءَ“ جو اسڪول ۽ هڪ اڻوسرندڙ واقعو
الطاف شيخ
جپان جي هن شهر ڪوڪورا جي اتر واري علائقي ۾ نتسومي رهي ٿي جيڪا هتي جي ڪجهه ٻين عورتن وانگر ڌارين ملڪن کان ايندڙ شاگردن ۽ انهن جي فئملين جي رهنمائي ۽ مدد ڪري ٿي. هي عورتون ”هوسٽ مدر“ پڻ سڏيون وڃن ٿيون. شروع وارن سالن ۾ نتسوميءَ منهنجي ڌيءَ ۽ ان جي ٻارن جي به ڏاڍي مدد ڪئي، جڏهن هن جو مڙس هتي جي يونيورسٽين مان پي ايڇ ڊي ڪري رهيو هو. بهرحال هن جي اڃا تائين هنن سان عليڪ سليڪ قائم آهي. هينئر اسان جي اچڻ جو ٻڌي هوءَ پنهنجي سترهن سالن جي پٽ يُوجيءَ سان گڏ اسان سان ملڻ آئي. سندس پٽ هتي جي هڪ پرائيويٽ ۽ مهانگي ٽائيپ اسڪول ۾ پڙهي ٿو، جتي عام اسڪولن جي ابتڙ ڪيترائي سبجيڪٽ انگريزيءَ ۾ پڙهايا وڃن ٿا. اهوئي سبب آهي جو يوُجي سٺي لهجي سان مون سان انگريزي ڳالهائي رهيو هو ۽ ويندي انگريزيءَ جا اهي اکر جيڪي جپانين کي اچارڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي اهي به چٽي طرح ڳالهائي رهيو هو. مون يُوجيءَ جي سٺي انگريزيءَ جي ماڻس (نتسومي) سان تعريف ڪئي. هن ان جو ڪريڊٽ اسڪول کي ڏيڻ چاهيو ۽ مون کي اهو اسڪول گهمڻ لاءِ چيو. مون به تڪلف طور ها ته ڪئي پر گهٽ ۾ گهٽ هينئر ويجهڙائيءَ ۾ ان ڪم پٺيان وقت ضايع ڪرڻ نٿي چاهيو. پر هن ٻئي ڏينهن ئي اسڪول پهچي ان جي پرنسپال کي منهنجو جپان بابت ڇپيل ڪتاب به ڏنو ۽ ان سان منهنجيون وڏيون تعريفون ڪري آئي ته آئون پاڪستان کان آيو آهيان ۽ هتي جپان ۾ ڪيترا سال جهاز هلائڻ ۽ نوان ٺهرائڻ کان علاوه گذريل ڏهاڪو کن سالن کان ملائيشيا ۽ پاڪستان جي مئرين اڪيڊمي جي مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جو هيڊ آهي. يعني تعليم جو ماهر آهي. پرنسپال نتسومي کي چيو ته الطاف کي دعوت ڏيئي اسڪول وٺي اچ.

ولايت ۾ نوڪري ڪرڻ وارن لاءِ چتاءُ - الطاف شيخ

ولايت ۾ نوڪري ڪرڻ وارن لاءِ چتاءُ
الطاف شيخ
منهنجا ڪالم پڙهندڙ هڪ پروفيسر صاحب جو لطيف آباد کان فون آيو ته هن کي منهنجو فون نمبر ڪٿان هٿ آيو آهي ۽ هو مون کان هڪ مشورو وٺڻ ٿو چاهي.
”ضرور! ضرور!“ مون وراڻيومانس. پاڪستان ۾ هوندو آهيان ته ان قسم جا فون ايندا رهندا آهن، جيڪي اڪثر ٻاهر وڃڻ يا نوڪريءَ بابت هوندا آهن. آهي ته سڄي دنيا ۾، پر اسانجي ملڪ ۾ هيڪاندي بيروزگاري وڌي وئي آهي. ماڻهو مجبور ٿي ويا آهن ۽ انهن سان همدردي ڪرڻ بدران ڪيترا پنهنجا پروا اهڙا ظالم آهن، جو انهن کي نوڪرين جا ڏَٽا ڏيئي بيوقوف بنائين ٿا ۽ کين اجھو ۽ لٽو به وڪڻڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا، هن پروفيسر جو به ڪجهه ان قسم جو مسئلو هو.

حال ساڳيا رهيا فقيرن جا - الطاف شيخ


حال ساڳيا رهيا فقيرن جا...!
الطاف شيخ
ڊاڪٽر طاهر القادري جو ”لانگ مارچ“ شروع ٿي پڄاڻي تي پهچي ويو. پاڻَ سان گڏ ڇا ٻوڙي ويو، ڇا وهائي ويو، سندس مارچ ۽ ڌرڻي ڪري قوم ۽ ملڪ کي فائدو رسيو يا نقصان، ڪجهه خبر نٿي پوي. ٻن هفتن کان ان بابت ملڪ جي مختلف اخبارن ۽ ٽي وي چئنلن تي لڳاتار سياستدانن، دانشورن، وزيرن ۽ مشيرن جا بحث پيا هلن. آ پنهنجي ڳالهه ڪندس، جو مونکي اهو نقصان رسيو آهي، جو ويهن ڏينهن کان ڪاوش ۾ منهنجي ڪالمَ کي جڳهه نه پئي ملي. چوڌاري رڳو طاهرالقادريءَ بابت ڪالم نظر اچن ٿا. خبر ناهي ادارتي صفحي تان طاهر القادري ڪڏهن غروب ٿيندو، جو اسان کي وارو ملندو. ڊاڪٽر طاهر القادري لاءِ چون ٿا ته هن ايڪانامڪ ۽ پوليٽيڪل سائنس کان ديني فلاسافي، قانون، روحانيت، ميڊيڪل سائنس، صوفي ازم ۽ علم فلڪيات جهڙن سبجيڪٽن تي ۶۰۰۰ کن ليڪچر ڏنا آهن. هن جا انهن ليڪچرن تي اڙدو، انگريزي ۽ عربي ۾ ۴۰۰ کن ڪتابَ آهن. منهاج القُرآن انٽرنيشنل سندس NGO آهي، جيڪا گذريل ۲۵ سالن کان ۸۰ ملڪن ۾ خير جا ڪم ڪري رهي آهي.  ان نالي سان هو لاهور ۾ يونيورسٽي پڻ هلائي ٿو. سندس ڪيترن ئي ملڪن ۾ شاگرد ۽ پوئلڳ آهن.

Saturday, January 12, 2013

يورپ جو سڌريل سماجي سرشتو ۽ فرد جي ذميواري - ڊاڪٽر مشتاق سومرو


يورپ جو سڌريل سماجي سرشتو ۽ فرد جي ذميواري
Notes from Ireland
ڊاڪٽر مشتاق سومرو
بيشڪ يورپ جا اڪثر ملڪ پئسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ اڪثر ايشيائي ۽ آفريڪي ملڪن کان مٿڀرا آهن. پر اصل ۾ يورپ جي اهميت رڳو اها ڪانهي. صدين جي محنتن ۽ ڪوششن کان پوءِ اتان جي ملڪن، هڪ اهڙو نظام ٺاهي ڇڏيو، جيڪو باوجود ٿورين گهڻين اوڻاين جي، هڪ عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ کي آرام ۽ سک وارو بڻائڻ ۾ تمام گهڻي مدد مهيا ڪري ٿو. بجلي ڪا نه ويندي، نلڪن جو پاڻي بند ڪو نه ٿيندو، گٽر ڪو نه اٿلندا، گاڏيون، لاريون ۽ جهاز پنهنجي وقت تي هلندا. وڏا موٽر وي هجن يا ٻهراڙينءَ جا ننڍا ننڍا روڊ، ڏينهن ۽ رات جا چوويهه ئي ڪلاڪ ايترا ته محفوظ هوندا آهن، جو آڌيءَ رات جو گاڏي هلائڻ وقت به روڊ تي ڪنهن لچ لوفر جي موجودگيءَ جو خيال ئي ڪو نه اچي. روڊ تي هلندڙ ڊرائيورن مان تقريبًا ۹۸ سيڪڙو، تمام احتياط سان قانون جي مطابق، اجازت ڏنل رفتار جي حدن ۾ گاڏي هلائين ٿا. ان جو اهو مطلب ڪونهي ته هتان جي حڪومت ايڏي سخت آهي، جو سوين ٽريفڪ پوليس وارا لڳايا اٿن ته قانون ٽوڙيندڙن کي پڪڙي جيل ۾ وجهن. هرگز نه! اصل ۾ معاشرو اهڙو ته ذميدار ۽ سمجهدار بنايو ويو آهي، جو هر ماڻهو، ڪوشش ڪري، پنهنجي حدن ۾ ٿو رهي.
گذريل ستن سالن ۾، مون کي ڪڏهن به بجلي، ٽيليفون، انڪم ٽيڪس، پاڻي ۽ گئس جي آفيسن ۾ وڃڻ جي ضروت ڪا نه پئي آهي. ڇو ته سڀ ڪم ٽيليفون تي ٻه چار منٽ ڳالهائڻ سان ٿي ويا يا صرف هڪ اِي ميل ڪرڻ جي دير هئي. ست سال پهرين، هڪ بينڪ ۾ ويس ۽ پنهنجو اڪائونٽ کولائي واپس موٽي آيس ۽ ان کانپوءِ وري ان بينڪ ۾ منهنجو وڃڻ ڪو نه ٿيو آهي. ڇو ته ضرورت ئي ڪا نه پئي آهي. ان بينڪ جون ملڪ ۾ موجود سموريون برانچون مونکي ساڳي سروس مهيا ڪري ڏين ٿيون. صرف اڪائونٽ نمبر ٻڌائڻ جي دير آهي. روڊ جي حادثن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي ڪوشش ڪندا آهن. گاڏي هلائڻ جو مڪمل لائسنس وٺڻ ڪافي ڏکيو ڪم آهي ۽ ڪيترن ئي مرحلن منجهان گذرڻو پوندو آهي. سيکڙاٽ ڊرائيورن لاءِ ضروري آهي ته ڪار مٿان ”L“ معنيٰ لرنر، جو نشان ضرور لڳائي ۽ موٽر وي تي هلڻ جي ڪوشش نه ڪري. پراڻيون گاڏيون هر سال ۽ نيون گاڏيون هر ٻئي سال مقرر ٿيل ورڪشاپ مان چيڪ ڪرائي، گاڏيءَ جو فٽنيس سرٽيفڪيٽ وٺڻ لازمي آهي ۽ اهو سرٽيفڪيٽ ٻاهرئين شيشي تي موٽر ٽيڪس ۽ انشورنس سرٽيفڪيٽ سان گڏ چنبڙائڻ لازمي آهي. مقرر ٿيل ورڪشاپ ۾، ڪار جي چڪاس ڪرڻ کانپوءِ، جيڪڏهن منجھس ڪو نقص هوندو، ته اهو لکت ۾ ڏيندا آهن ۽ ٻن هفتن جي اندر ان نقص کي ٺيڪ ڪرائي، وري گاڏي چڪاسبي آهي ۽ ان جي چڪاس في ٻيو دفعو مالڪ جي ذمي آهي.

Friday, January 11, 2013

ايشيا جي غريب عورتن سان جپان ۾ ظلم - الطاف شيخ


ايشيا جي غريب عورتن سان جپان ۾ ظلم
الطاف شيخ
ڪجهه مهينا اڳ جي ڳالهه آهي ته چين جي هڪ شهر ۾ آيل جپاني ٽوئرسٽ، هڪ هوٽل ۾ ڪجهه مڪاني (چيني) نابالغ ڇوڪرين سان عياشي ڪندي جهليا ويا. اها خبر نه فقط اخباري ميڊيا زور شور سان ڏني، پر عورتن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ سوسائٽين به ان لاءِ آواز بلند ڪيو ۽ ڌارين (جپاني دولتمندن) سان گڏ مڪاني هوٽلن جي چيني مالڪن کي به خوب ننديو ويو، جيڪي پئسي ڪمائڻ جي لالچ ۾ جپانين لاءِ هن قسم جي عياشي مهيا ڪن ٿا.

دنيا جو هر ماڻهو فرانس جو شهري آهي - عبدالحي پليجو


دنيا جو هر ماڻهو فرانس جو شهري آهي
عبدالحي پليجو
جيئن ته ڪاوش ۾ ڇپيل اڳوڻي ڪالم ۾ بادشاهه هينريءَ جو ذڪر ڪري آيو آهيان، ان حوالي سان وڌيڪ ٻڌائيندو هلان ته سندس دور ۾ صنعت ترقي ڪئي. هن جو وزير اعظم سُولي هوگيوناٽ ڪٽر ڪالونسٽ هوندي به، سندس بهترين صلاحڪار ثابت ٿيو. هن جي زماني ۾ روڊن، پلين ۽ واهن جي حالت سڌاري وئي. سلڪ، ڪلابات (سوني ڌاڳي) جي ڪم ۽ شيشي جي صنعت، ملڪ جي اقصادي حالت سڌارڻ ۾ مدد ڪئي. هينري فرانس جي باربان گهراڻي جو پهريون بادشاهه هو، جنهن پنهنجن پوين لاءِ هڪ اهڙو خوشحال ۽ مذهبي معاملن ۾ رواداري رکندڙ ملڪ ورثي ۾ ڇڏيو، جيڪو مضبوط ۽ متحد هو. هن پنهنجن اختيارن، مضبوط قوت ارادي، خوش خلقي ۽ حرفت کان ڪم وٺي ناممڪن کي ممڪن ڪري ڏيکاريو. جڏهن آگسٽ ۱۶۱۰ع ۾ هڪ ڪئٿولڪ مذهبي مجنون، کيس خنجر هڻي ماري ڇڏيو، تڏهن هو سڄي يورپ ۾ سڀ کان وڌيڪ متحد ۽ طاقتور ملڪ جو حاڪم هو. هن جي باربان جانشينن فرانس کي مهانگين ۽ فضول جنگين ۾ جيڪو ڦاسايو، سو شايد اڻٽر هو، پر هن جي دور، هڪ صديءَ لاءِ اهڙا بنياد مهيا ڪري ڏنا، جنهن ۾ فرانس يورپ جي سڀ کان وڏي طاقت رهيو. هن ملڪ سورهين صديءَ ۾ جيڪو ڪامياب تجربو ڪيو، سو ڪنهن به طرح گهٽ ڪارنامو نه هو.

Wednesday, January 09, 2013

وقت جا پابند ملائيشيا جا ماڻهو - الطاف شيخ


وقت جا پابند ملائيشيا جا ماڻهو
الطاف شيخ
ملائيشيا جي اڌ کن آدمشماري مقامي مَلئي ماڻهن جي آهي ۽ اڌ کن چينين جي آهي، جيڪي سؤ سال کن اڳ چين جي ڏاکڻي صوبي مان روزگار خاطر هن ملڪ ۾ آيا، جيڪو ان وقت ”ملايا“ جي نالي سان سڏبو هو.
چيني ماڻهن جي گهڻائي شهرن ۾ رهي ٿي، هو ٽيڪنيڪل پورهئي جهڙوڪ ويلڊنگ، پلمبنگ، اليڪٽرڪ ۽ ويندي درزڪي، حجامڪي هنرن ۽ بزنيس ۾ تيز آهن. سندن عورتون ۽ ٻار به ساڻن گڏ پورهئي ۾ رڌل رهن ٿا ۽ سادگيءَ ۾ رهي پئسو بچائين ٿا ۽ ڏينهون ڏينهن وڃن امير ٿيندا. ملئي ماڻهو ڳوٺن ۾ رهن ٿا، سندن ائگريڪلچر سان گهڻو واسطو آهي، شادين مرادين ۽ ٻين شوبازين ۽ رسمن رواجن تي گهڻو خرچ ڪن ٿا. مستقبل جو گهڻو نٿا سوچين. صبر ۽ شڪر گهڻو ڪن ٿا. ايئن کڻي چئجي ته توڪلي مڙس آهن. سنڌ کان آيل ڪيترا ٽوئرسٽ يا هتي ملائشيا ۾ نوڪري ڪندڙ اسانجا سنڌي ”ملئي ماڻهن“ کي اڪثر پاڻ سان مشابهت ڏيندا آهن. ظاهري طرح لڳندو به ائين آهي، پر ڪي ڳالهيون اهڙيون آهن، جن تي اڄ به هتي جا ملئي ماڻهو قائم آهن. پر افسوس جو اسان جي سنڌ ۾ اهي ختم ٿينديون وڃن. انهن مان هڪ صبح جو سوير اٿڻ آهي. هونءَ به اُهي ملڪ سوڊان، مصر کان انڊيا (راجستان وارو حصو) ۽ ڪينيا وغيره جهڙا، جتي سخت گرمي ٿئي ٿي، اُتي کيتن جو ڪم منهن اونداهيءَ کان شروع ڪيو وڃي ٿو ۽ صبح جو سوير اٿڻ لاءِ رات جو هر ڪو جلدي سمهي رهي ٿو. پر اسان وٽ شهرن توڙي ڳوٺن ۾، اسانجا ماڻهو رات جو دير تائين ٿا جاڳن. توهان کي هوٽلن تي ڪچهري ڪندي نظر ايندا يا گهرن ۾ مرد توڙي عورتون ٻارن سميت ٽي ويءَ اڳيان ويٺل نظر ايندا. پوءِ صبح جو سوير هنن جي اک ڪيئن کلي؟

Wednesday, January 02, 2013

وچڙندڙ بيماريون ۽ ڪبوتر پالڻ جو شوق - الطاف شيخ


وچڙندڙ بيماريون ۽ ڪبوتر پالڻ جو شوق
الطاف شيخ
ڪي ڳالهيون اهڙيون آهن، جيڪي ننڍي هوندي کان اسان پنهنجي آسپاس ۾ ٿينديون ڏسي سمجھون ٿا ته، سڀ صحيح آهن. بهرحال اهي ڳالهيون نقصانڪار سهي، پنهنجي گهر، گهٽيءَ ۽ ڳوٺ تائين ته صحيح آهن پر ٻئي شهر، صوبي يا ملڪ ۾ ضروري ناهي ته اهي برداشت ڪيون وڃن ۽ اهي ڳالهيون اسانجي خاندان، مذهب يا ملڪ کي ٻين جي نظرن ۾ کِلڻهارڪو بنائي سگهن ٿيون.

پئرس جي سين ندي، الوداع! - عبدالحي پليجو


پئرس جي سين ندي، الوداع!
عبدالحي پليجو
ڪاوش ۾ ڇپيل اڳوڻي ڪالم ۾ پئرس مان لنڊن وڃڻ جي تيارين جو ذڪر ڪيو هو. اسان کي لنڊن اسهڻ جي تياري ڪرڻي هئي. واڪ ڪرڻ بعد پئرس ۾ هوٽل پهتاسين، جتي پهرين محبوب کي جلد تيار ٿيڻ لاءِ چيوسين ۽ اسان به جلد تيار ٿي پنهنجو سامان ٻاهر در جي اڳيان رکي، لفٽ ۾ چڙهي اچي هيٺ آخري ڀيرو مفت جي نيرن سان هٿ اٽڪاياسين. ڇاکائي ڇا کائجي، ٽيبل تي رکيل طعامن کي ڏسڻ سان ئي دل ڀرجيو وڃي. پر ناشتي ۾ فرانس جي روائتي ڊبل روٽي، آلپائن ميوزلي ۽ انناس جو جوس ته ماڻهو ڇڏي نٿو سگهي ۽ ائين انهن سان ئي پيٽ ڀرجيو وڃي. محبوب چيو ته لنڊن ڪيڏيءَ مهل پهچبو. مون چيس ته اٽڪل شام جو ڇهين بجي گهر پهچي وڃبو. پر جڏهن انگلش چئينل ۾ شپ ۾ سير ڪبو ته لنڊن ۽ پئرس وسري ويندي ۽ دل چاهيندي آهي ته شپ ۾ پيو سير ڪجي.