Sunday, December 22, 2013

پرديس پهچندڙن سان ٿيندڙ جٺيون - الطاف شيخ

پرديس پهچندڙن سان ٿيندڙ جٺيون
الطاف شيخ
پرديس ۾ جڏهن ڪو ماڻهو نوڪريءَ لاءِ پهچي ٿو، ته شروع جا ڏينهن ڏاڍو پريشانيءَ ۾ گذاري ٿو. ڀلي کڻي پهچڻ سان هن کي رهائش ۽ مهيني يا اڌ جو پگهار ائڊوانس ۾ ڏنو وڃي، ته به ڪيترين ئي ڳالهين جي کوٽ: جهڙوڪ، مائٽن مٽن کان دوري، موسم جي تبديلي، زبان جي ڏکيائي ۽ ماحول جي اوپرائپ تمام گهڻي محسوس ڪري ٿو. ويندي هڪ جهاز کان ٻئي جهاز تي ويندي به ڪجهه ڏينهن دل ٻڏندي محسوس ٿيندي هئي، جيتوڻيڪ جهازن جو ماحول گهر جهڙو ٿئي ٿو، جِتي پنهنجي ملڪ جا ماڻهو، پنهنجي ملڪ جي ماني ٽڪي ۽ ريتون رسمون ٿين ٿيون. توهان کي ڇا ڏک ڀريا داستان ٻڌايان، ته اسان جي ملڪ جا مجبور ۽ بيروزگار ماڻهو حق حلال جي روزي ڪمائڻ لاءِ ڌارين ملڪن ۾ جڏهن پهچن ٿا، ته هنن سان پنهنجا ئي هم وطني، (جيڪي هاڻ انهن ملڪن جا شهري ٿي ويا آهن)، ڪيڏا ظلم ڪن ٿا. هنن جي پورهئي ۽ پگهر مان پاڻ امير ٿين ٿا ۽ هنن نون وطن ڇڏي آيلن جي باوجود احتجاج ڪرڻ تي پراڻا رهاڪو کين حق ڏيڻ بدران هنن کي پوليس ۽ ڪورٽ جي چڪرن ۾ ڦاسائي سزائون ڏيارين ٿا. نيويارڪ ۾ هئس، ته اتي پنهنجي هڪ ڳوٺائيءَ کي ڏٺم، جيڪو اتي اچڻ کان اڳ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪلارڪ هو. آمريڪن ويزا واري لاٽريءَ ۾ سندس نالو نڪتو. پنهنجي وطن ۾ پگهار مان پُورت نٿي ٿيس. پنهنجا ۽ ٻچن جا خواب پورا ڪرڻ لاءِ اچي آمريڪا کان نڪتو هو. هن کي آمريڪا ۾ رهڻ لاءِ گرين ڪارڊ ته ملي ويو پر روزگار ملڻ ڪو سولو ڪم نه هو، جو ولايت ۾ اچي ڏٺائين، ته وڌيڪَ تعليم يافته، ڊاڪٽر، يا انجنيئر به پيا سب وي ۾ برگر وڪڻن يا سپر مارڪيٽن ۾ گوشت ڍوئين. آخر هن کي هڪ پاڪستانيءَ جي ريسٽورنٽ ۾ ڪڪڙين ترڻ جو ڪم ملي ويو. نيويارڪ ۾ جِتي سخت سردي ٿئي ٿي، اُتي اونهاري جي مهينن ۾ سخت گرمي به رهي ٿي ۽ هن کي ان گرميءَ ۾ اٺ ڪلاڪ پيرن ڀر بيهي وڏي ڪڙهائيءَ ۾ ٽهڪندڙ تيل ۾ ڪڪڙيون ترڻيون پيون ٿي. قانوني طرح جيڪو پورهيت جو گهٽ ۾ گهٽ پگهار آهي، کيس ان کان به گهٽ مليو ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته، ريسٽورنٽ جي وڏي ڏاڙهيءَ واري پاڪستاني مالڪ اهو چئي، ته کيس ٽئڪس وغيره به ڏيڻا پون ٿا، کانئس ”صحيح“ گهڻي پگهار واري انگ تي ورتي ٿي. مون پنهنجي ڳوٺائيءَ کي چيو ته، اهو نسورو ظلم آهي. تنهنجو حق پيو ماري.... توکي احتجاج ڪرڻ کپي. اسانجو ڳوٺائي، جنهن کي ڪيترا مهينا ڌڪا کائي مس مس نوڪري ملي هئي ۽ هِتي جي حالتن کان واقف ٿي چڪو هو، تنهن مونکي نِماڻائيءَ سان چيو: ”سائين هِتي جيڪو پئسي پٺيان آهي، ان لاءِ ڪو دين ڌرم ناهي. اسان مزدورن جي ئي پگهار ۾ ڪٽوتي ڪري هي سيٺ ٿيا آهن. مونکي ته وري به گرين ڪارڊ هجڻ ڪري هو ايترو به پگهار ڏئي ٿو ... ٻيا ويچارا پاڪستاني جن جي ويزا ختم ٿي وئي آهي ۽ هِتي هاڻ غير قانوني طور آهن، انهن جو ته رت ست ٿو چُوسيو وڃي ۽ مجال آهي جو هو ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍن. سيٺ کي رڳو هڪڙو فون اميگريشن پوليس کي ڪرڻو پوي ٿو ۽ هو جيل حوالي ٿيو وڃن....“

Sunday, December 15, 2013

شايد ٻين ملڪن ۾ به ڪم ائين پيو هلي - الطاف شيخ

شايد ٻين ملڪن ۾ به ڪم ائين پيو هلي...!
الطاف شيخ
گذريل ڏينهن هڪ همراهه جو سکر کان فون آيو. ”آئون پنهنجي پٽ کي ملائيشيا نوڪريءَ لاءِ موڪلي رهيو آهيان.“
”ڏاڍو سٺو.“ مون جواب ڏنومانس.
ظاهر آهي اڄ جي دور ۾ جڏهن ملائيشيا ۽ جپان جهڙن ملڪن ۾، جِتي سندن مقامي ماڻهو نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ پريشان آهن، اُتي ڪنهن ڌارئين مُلڪَ جي ماڻهوءَ کي، خاص ڪري اسان جي پاڪستانيءَ کي نوڪري ملي، خوشيءَ جي ڳالهه آهي. ”پر سائين هڪ مسئلو آهي، جنهن بابت توهان کان پُڇڻو آهي.“ هن چيو.

ڪجهه گهڙيون لاڙڪاڻو ريلوي اسٽيشن تي - اُستاد نظاماڻي

ڪجهه گهڙيون لاڙڪاڻو ريلوي اسٽيشن تي
اُستاد نظاماڻي
چار نومبر جي صبح جو نوين وڳي هوٽل سپنا کان ٻاهر نڪتس. سڀ کان پهريان مان اسٽيشن تي ويس. لاڙڪاڻي جي اسٽيشن، ماضيءَ جي شاندار اسٽيشن جيڪا لکين روپيه روزانه ريلوي کي فائدو ڏيندي هُئي، هاڻي ڪجهه هزارن (سٺ هزار) کان وڌيڪ آمدني نه آهي. (اها معلومات اُتي ئي ريلوي جي ملازم ڏني) صرف ٻه ٽرينون هلن پيون؛ خوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس ۽ بولان ميل.

Tuesday, December 10, 2013

ڪئناڊا ۾ ثقافت ۽ سنڌيت جا رنگ - دليپ رتناڻي

ڪئناڊا ۾ ثقافت ۽ سنڌيت جا رنگ
دليپ رتناڻي
اسان جي سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب جا هونئن ته کوڙ سارا اهڃاڻ آهن، جن ۾ اسان وڏي فخر سان موهن جي دڙي جي آثارن کي شامل ڪندا آهيون ۽ اها حقيقت به آهي ته، اسان سنڌي ماڻهو، آڳاٽي زماني کان تهذيب يافته آهيون ۽ پنهنجي ثقافتي ورثي سان پيار ڪندا آهيون، ثقافتي اهڃاڻن ۾ پوشاڪ هڪ وڏو اهڃاڻ هوندي آهي. اسان جي سنڌي پوشاڪ ۾ اسان جي ثقافت جو وڏو اهڃاڻ اجرڪ ۽ ٽوپي آهن، ڇو ته لباس، هڪ اهڙي شئي آهي، جنهن کي ڏسڻ سان ئي سمجهي وڃبو آهي، ته هِي ڪهڙي علائقي يا قوم جو ماڻهو آهي. هڪ دفعي مان اجرڪ ۽ ٽوپي پائي ٽورنٽو جي بين الاقوامي هوائي اڏي تي ڪنهن دوست کي وٺڻ لاءِ ويس، ته اُتي بيٺل هڪ همراهه ويجهو ٿيندي، انتهائي غور سان نِهارڻ شروع ڪيو. مون پڇيس؛ ”ادا ڇا پيا ڏسو؟“ هڪدم چيائين: ”تسي سنڌي لگ رهي هو.“ مون چيو ته، ها ادا مان سنڌي آهيان، ۽ مون کي سنڌي هجڻ تي فخر آهي، وري چيائين ته، ”تواڊي ڊريس تون لگ ريا تي، تسي سنڌي هو.“ مان سمجهي ويس، ته همراهه منهنجي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ تي اک پٽي آهي.

Saturday, December 07, 2013

سجاڳ قومن جي رهڻ ڪهڻ جا طريقا ۽ خيال عبدالله مورائي

سجاڳ قومن جي رهڻ ڪهڻ جا طريقا ۽ خيال
عبدالله مورائي
ٽريفڪ جا حادثا هتي سئيڊن ۾ به ٿين ٿا، پر انهن حادثن ۾ ماڻهوءَ مرڻ جو انگ، نه هئڻ برابر هوندو آهي. ان جو سبب اهو ئي آهي جو هتي قانون جو مڪمل ضابطو آهي ۽ ٽريفڪ کي مڪمل ضابطي ۾ رکيو وڃي ٿو. هتي ڊرائيونگ لائسنس (Driving license) وٺڻ ناممڪن ته نه آهي پر تمام ڏکيو ضرور آهي. ڊرائيونگ سکڻ تي ماڻهن جا لکين روپيا لڳيو وڃن. لائسنس وٺڻ لاءِ ٻن مرحلن مان گذرڻو پوي ٿو، هڪ ٿيوري (Theory) پاس ڪرڻي پوي ٿي ۽ ٻيو پريڪٽيڪل (Piratical). ٿيوريءَ جا سوال مختلف مضمونن مان اچن ٿا. مثلًا؛ ٽريفڪ جا نشان، سگنل جو استعمال ۽ ان کي سمجهڻ، روڊ تي پيرين پنڌ هلڻ وارن جا حق، قانوني نقطا، شهرن ۾ گاڏي هلائڻ جا طريقا، ٻهراڙين وارن روڊن تي هلڻ جا اصول، رات جو گاڏي ڪيئن هلائجي، موسم جي حساب سان ٽائرن جي ڦيرڦار جيئن هتي سياري جا ٽائر الڳ ٿين ۽ وري اونهاري جا الڳ. اهو به پڙهايو وڃي ٿو ته ماحول کي ڪيئن صاف سٿرو رکجي ۽ گاڏيءَ کي ڪيئن چڪاسڻ گهرجي ۽ ضرورت وقت مشڪل مان ڪيئن نڪرجي. بهرحال جڏهن ماڻهوءَ کي ڊرائيونگ لائسنس ملي ٿو ته ڄڻ همراهه بٺيءَ مان پچي نڪري ٿو ۽ نتيجي ۾ حادثا تمام ٿورا ۽ گهٽ نقصان ڏيڻ وارا هجن ٿا.
کائڻ پيئڻ جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته هتي يورپ جي گهڻن ماڻهن جو مسئلو قيمت نه پر ذائقو آهي. ڀلي فرج يا گهر ۾ مختلف قسم جا کاڌا موجود هجن پر کائيندا اهو، جيڪو دل چوندن. ڀلي ان لاءِ کين ٻاهر وڃي کائڻو پوي يا گهر ۾، وري اها شيءِ پچائي وٺن. پاڻ وٽ گهڻي قدر ان جي ابتڙ آهي. گهڻن جو مسئلو ذائقو نه پر قيمت آهي. اهو ذائقو اسان جي ماڻهن کان اڄڪلهه جي حڪمرانن ۽ انهن جي چمچن کسي ورتو آهي، جيڪو واپس ڪرائڻو پوندو.
يورپ جا ماڻهو، جڏهن به ڪاڏي گهمڻ ڦرڻ وڃن ٿا ته هر ڪنهن وٽ پنهنجا گهمڻ ڦرڻ جا پروگرام هوندا آهن. ڪي خاص طور تي ميوزيم ڏسڻ وڃن ٿا، ڪي پهاڙن ۾ وڃن ٿا، ڪي سمنڊ جي ڪنارن ڏانهن رخ ڪن ٿا، ڪن جو مقصد تاريخ ۽ ان سان گڏوگڏ اهي پراڻا کنڊرات ڏسڻ اوليت آهي ته ڪي وري وائين (Wine) يا شراب يا بيئر پيئڻ لاءِ مختلف جاين تي وڃن ٿا.
گذريل مهيني اسٽاڪهوم کان پئرس وڃي رهيو هيس ته جهاز ۾ منهنجي ڀر ۾ ٻه سئيڊش ڇوڪرا ويٺل هيا. سندن پئرس وڃڻ جو مقصد صرف اهو هيو ته هو ڪجهه فرانس جا کاڌا آزمائي ڏسن ۽ ان کانپوءِ سندن پروگرام ٻين ملڪن ڏانهن وڃڻ جو پڻ هيو. پاڻ مستقبل ۾ بورچي ٿيڻ پئي چاهيائون ۽ سندن خيال هيو ته جنهن ملڪ جو کاڌو اسان کي سڀني کان وڌيڪ پسند ايندو، ان ملڪ جي کاڌي پچائڻ جي سکيا ۽ مهارت وٺي پوءِ ميدان ۾ لهبو.
آمريڪا کان آيل سنڌي پروفيسر گل آغا، قادر جتوئي ۽ آئون هڪ ڏينهن اسٽاڪهوم جي پن ڇڻ واري موسم ۾ گڏجي سنڌ جا سور پئي سلياسين. اها سنڌ جي تند ئي هئي جنهن اسان کي گڏجي هڪ هنڌ اچي ويهاريو. آغا ۽ جتوئي، جيئن ته سنڌ کان گهڻو وقت ٻاهر رهيا آهن پر سندن سنڌي ٻوليءَ سان اهو ئي پيار هلندو اچي. سندن سنڌي ٻولي ڳالهائڻ ۾ ڪنهن به قسم جو فرق نه آيو ۽ اها ئي وڏي نشاني آهي پنهنجي وجود سان اٽڪيو رهڻ جي. افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته اسان جا ڪافي دوست، جڏهن ڪراچي لڏي وڃن ٿا ته اهي سنڌي ٻوليءَ کي وسارڻ شروع ڪن ٿا. ۽ پهريون وار امان مان امي ۽ بابا مان ابُو هجي ٿو.
ڪافي کان گهڻا دوست، فيس بڪ يا موبائل تي، مسيج به اردو ۾ ڪن ٿا. سچ پچ ته اهو هڪ وڏو مسئلو آهي، جنهن تي جلد کان جلد ضابطو آندو وڃي، نه ته ڳالهه هٿن مان نڪري ويندي.
جيئن ڊاڪٽر سئي (Injection) جي ذريعي دوا رڳن ۾ لاهيندو آهي، اهڙيءَ طرح سان اسان سنڌين جي نسل ۾ اردو ٻولي لاٿي پئي وڃي. ڪا به ٻولي سکڻ سان ڪو مسئلو نه آهي، وڌ کان وڌ ٻوليون اچڻ گهرجن پر پنهنجي سنڌين سان اردوءَ ۾ ڳالهائڻ جي ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. سوچڻ گهرجي نه ته اسان جو حال به آئرلينڊ وارن وانگر ٿيندو، جتي آئرش ٻوليءَ جي جاءِ تي انگريزي رائج ٿي چڪي آهي. هاڻي هو ڪوشش ڪري رهيا آهن ته ٻوليءَ کي زنده رکيو وڃي پر گهڻي ڳالهه هٿن مان نڪري وئي اٿن ۽ نٿو لڳي ته آئرش ٻولي آئرلينڊ ۾ ساڳي حالت ۾ وري رائج ٿيندي.
هتي يورپ ۾ هر ماڻهو پنهنجي حساب سان سوچي ٿو. ڪن کي آمريڪا وڻي ٿو ۽ چون ٿا ته اها انهن جي ڊريم ڊيسٽينيشن (Dream Destinations) آهي. پر ڪن جو خيال آهي ته؛ اهي آمريڪا سان گڏوگڏ انهن ملڪن ۾ بنهه ڪو نه ويندا جتي اڃا تائين ڦاسيءَ جي سزا تي عمل ٿئي ٿو. سندن خيال ۾ اهو هڪ غير انساني ۽ غير فطري عمل آهي. ڪي ماڻهو وري پنهنجي يورپ جي ئي ملڪ اسپين (Spain) وڃڻ کان نفرت، فقط ان بنياد تي ڪن ٿا جو اتي بل فائٽنگ (Bull fighting) راند، وڏي شوق سان کيڏي وڃي ٿي ۽ سندن خيال مطابق اهو جانورن تي وڏو ظلم آهي.
گذريل سال پنهنجي آئيس لينڊ (Ice land) واري دوست ايوي (Eyvi) جي دعوت تي لنڊن وڃڻ ٿيو. ايوي ان وقت آئيس لينڊ جي لنڊن واري سفارتخاني ۾ نوڪري ڪندو هيو. هڪ آچر تي اسان گهمندا ڦرندا اچي هيرلڊ (Herald) واري پاسي نڪتاسين. هيرلڊ گهمندي، اندازو ٿيو ته هتي رڳو امير ماڻهو ئي خريداري ڪن ٿا ۽ گهڻي قدر عرب ملڪن جا ماڻهو يا پاڻ وارن ملڪن جا جن کي ڪو ٽيون ماڻهو خريداري ڪرائي ۽ بعد ۾ انهن کان وڏن وڏن ٺيڪن ۽ ٻين وڏن فائدن ذريعي حساب ڪتاب برابر ڪري ۽ ان جو بار عوام تي اچي.

هيرلڊ کان ٻاهر نڪتاسين ته ايوي چيو ته؛ ”منهنجي آفيس هتان ويجهو ئي آهي. هل ته اها تو کي ڏيکاريان.“ اسان پنڌ ئي پنڌ گهمندا ڦرندا اچي آئيس لينڊ جي ايمبيسي (Embassy) پهتاسين. نه ڪا پوليس ۽ نه ئي ڪا ٻي فورس. ايوي پهريان ڪوڊ هنيو پوءِ چاٻي. هي عمارت مختلف هئي. ھئي ته لندن ۾، پر اندر گهڙياسين ته رڳو آئيس لينڊ جي سياحتي ماڳن جا فوٽو لڳل هئا. آچر جي ڪري آفيس ۾ ڪير به ڪو نه هيو ۽ جيئن ته يورپ ۾ پٽيوالي جو تصور ڪو نه آهي ۽ هر ڪو ماڻهو پنهنجو ڪم پاڻ ڪري ٿو. اسان ايوي جي آفيس ۾ چانهه وغيره پاڻ ٺاهي پيتي. مون ڪجهه سندس ملڪ جي باري ۾ ڪتاب به کنيا. پاڻ ان وقت تائين ٿانون ڌوئڻ واري مشين مان، ڌوتل چانهه جا ڪوپ بسيون، چمچا ۽ ٻيو سامان ڪڍندو رکندو ويو. ايوي ان وقت مون کي چيو ته؛ هو هن وقت لنڊن ۾ ايندڙ اولمپڪس راندين جي حوالي سان يورپ جي ملڪن جي پاڻ ۾ (Cooperation) واري خاص طور تي سيڪيورٽي واري سيڪشن ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. مون کي وڌيڪ دعوت ڏنائين ته؛ ”جيڪڏهن تون وڌيڪ لنڊن ۾ رهين ته پوءِ پاڻ اولمپڪس (Olympics) جون رانديون گڏجي ڏسي سگهون ٿا.“ مون کانئس معذرت ڪئي ۽ سوچيم ته سڀاڻي جيڪڏهن اولمپڪس جي راندين ۾ ڪا گڙٻڙ ٿي ته پهريان ته سائي رنگ واري پاسپورٽ وارن کي جهليندا، سو اهڙو سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني.

Sunday, December 01, 2013

ڪجهه ذڪر بيڪنگهم پئلس جو - عبدالحي پليجو

ڪجهه ذڪر بيڪنگهم پئلس جو
عبدالحي پليجو
سن ۱۸۳۷ع ۾ بڪنگهم محل ۾ پهرئين حڪمران جي حيثيت ۾ راڻي وڪٽوريا پنهنجي رهائش اختيار ڪئي. هن محل جي اڏاوت ۾ هڪ ڀيرو وري به ڪجهه تبديلي آندي وئي. جنهن موجب محل جو گيٽ پنهنجي اصلوڪي جڳهه کان هٽائي، ٽائيرن نالي ٻي جڳهه وٽ کڙو ڪيو ويو. جتي اڃا تائين اهو ماربل آرچ جي نالي سان موجود آهي. اڄڪلهه بڪنگهم محل نه فقط راڻي ۽ ايڊن برگ واري ڊيوڪ جي گهر طور ڪم اچي ٿو پر اهو شاهي انتظاميه جي دفتر طور پڻ استعمال ٿئي ٿو. اونهاري جي مُند ۾ محل جي گارڊ جي تبديليءَ واري رسم، محل جي اڳئين پاسي کان عمل ۾ ايندي آهي، جيڪا هر عام ۽ خاص ڏسي سگهي ٿو. لنڊن وڃڻ دوران آ اُها تقريب ٻارن کي ضرور ڏيکاريندو هئس. هي محل برطانوي آئيني بادشاهت جو دفتر توڙي مرڪز جي حيثيت جو حامل آهي ۽ سندس شاندار اڳياڙي پوري دنيا جي عمارتن ۾ نرالي آهي. هن محل ۾ ڊيوڪ، راڻي ۽ سندس ڪٽنب جي روزاني ڪمن ڪارن لاءِ مقرر ملازمن جا دفتر موجود آهن. هتي ڪيتريون ئي سرڪاري شاهي تقريبون منعقد ٿينديون آهن، انهن تقريبات جو انتظام شاهي انتظاميه طرفان ٿيندو آهي.