Saturday, November 22, 2014

شاهه ٻيلو ۾ گذاريل ڪجهه گهڙيون - خالد ٻانڀڻ

شاهه ٻيلو ۾ گذاريل ڪجهه گهڙيون
خالد ٻانڀڻ
ڪچي جا به پنهنجا رنگ آهن. دلفريب ۽ دل لڀائيندڙ وڻن جون قطارون، ڪنهن محبوبا جي چڳ جيان لڳنديون. درياهه جا نانگ وانگر ور وڪڙ، ڪٿي پاڻي جا تيز وهڪرا، ڪٿي ماٺار، ٻٻرن جا گهاٽا وڻ، باهڻ، لئي، ڪنڊي جي وڻن جا نه کٽندڙ سلسلا اکين کي ايترو ته مزو ڏئي رهيا هئا جو من جي وادين ۾ ڄڻ بهار آئي هجي. ان ڏهاڙي سکر جي صحافي دوستن جنهن ۾ لالا اسد پٺاڻ، علي محمد شر، فقير جلال الدين ڀيو، محب چانڊيو، گل مهر، نادر خان، اسلم دايو، فريد سومرو، عزيز مهر، امداد بوزدار ۽ ٻين گڏجي الف ڪچو ۽ شاهه ٻيلو گهمڻ لاءِ لانچ تي چڙهي روانا ٿياسين. درياهه جي سيرن کي ٻيڙي چيريندي الف ڪچو ۽ شاهه ٻيلو دنگ وٽ پهتي ته ڪچي جي انسائيڪلو پيڊيا جمال الدين عرف چاچو جمن مهر جيڪو هينئر ۷۰ سال تي پهچي چڪو آهي، ان کي کنيوسين، جيڪو هن عمر ۾ ڪچي جو بادشاهه ۽ درياهه بابت ڄاڻ رکندڙ آهي، جيڪو ٻيڙي ۾ ٻڌائيندو هليو ته درياهه هاڻي سڄي پاسي کي ڇڏي کاٻي تي کاڌ شروع ڪئي آهي. درياهه جا رخ مٽائڻ وارا هنڌ آڱر جي اشاري سان ٻڌائيندو هليو. هن چيو ته ڦاڙهو جنهن کي ڪچي جي زبان ۾ جهانگو سڏين ٿا. جام آهي، ان کانسواءِ سوئر، ۲۰۱۰ع واري ٻوڏ ۾ شينهن به هتي آيا هئا. سنڌ جي زمين خاص ڪري ڪچي جي ڀرڻي ۽ ذرڙا ٿيندڙ آهي، پاڻي جي وهڪرن سان ڀيڙون ڏئي ڪِري ٿي درياهه جي پاڻي کي رستو ڏيندي وڃي ٿي. نتيجن پاڻي ۾ جڏهن چاڙهه ايندو آهي ته لٽ وڏي تعداد ۾ اچي ٿي.

Monday, November 17, 2014

گورک ڏانھن اڏار- گل حسن ساگر ڪوري

گورک ڏانھن اڏار
گل حسن ساگر ڪوري
فيسبڪ جي پياري دوست کي جڏھن پيغام ڏنم ته ”گورک ھل اسٽيشن” اوھان کي گھمائجي — ته ان موٽ ۾ لکيو ته؛ ”گورک” ڇا ھي؟ مون ڀوڳ ۾ جواب ڏنو ته ”گوگل ۾ گورک ھل اسٽيشن کي سرچ ڪيو.” ۽ ڪم ڪار سبب مون موبائل تان فيسبڪ بند ڪيو. ٻئي ڏينھن جڏھن فيسبڪ کوليم ته ان دوست جون گورک جي گود ۾ تصويرون ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي.

گورک ڏانھن اڏار گل حسن ساگر ڪوري

گورک ڏانھن اڏار
گل حسن ساگر ڪوري
فيسبڪ جي پياري دوست کي جڏھن پيغام ڏنم ته ”گورک ھل اسٽيشن” اوھان کي گھمائجي — ته ان موٽ ۾ لکيو ته؛ ”گورک” ڇا ھي؟ مون ڀوڳ ۾ جواب ڏنو ته ”گوگل ۾ گورک ھل اسٽيشن کي سرچ ڪيو.” ۽ ڪم ڪار سبب مون موبائل تان فيسبڪ بند ڪيو. ٻئي ڏينھن جڏھن فيسبڪ کوليم ته ان دوست جون گورک جي گود ۾ تصويرون ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي.

Wednesday, November 05, 2014

ٿي سگهي ٿو هيءَ ڪهاڻي توهان جي سوچَ بدلي - الطاف شيخ

ٿي سگهي ٿو هيءَ ڪهاڻي توهان جي سوچَ بدلي
الطاف شيخ
گذريل هفتي منهنجي ڪلاس ميٽ ۽ مون وانگر جهازن جي مئرين چيف انجنيئر اجتبيٰ زيديءَ جو فون آيو. هو ڪراچي جي ان علائقي ”ڊفينس سوسائٽي“ ۾ ئي رهي ٿو جِتي منهنجي رهائش آهي.
”ڪالهه هڪ سنڌي پلمبر اسان جي گهر ۾ ڪم ڪرڻ آيو. اصغر گهانگهرو نالو اٿس. تو کي به سڃاڻي پيو.“ هن ٻڌايو.
”جي ها. آئون هن کي وڏي عرصي کان سڃاڻان ٿو. هن جو ڀاءُ منهنجا ڪِتاب ڇپيندو آهي. ڪيئن لڳو تو کي؟“ مون پنهنجي ڪليگ زيديءَ کان پڇيو، جيڪو سڄي زندگي هر جهاز تي بهتر کان بهتر ڪم ڪندو رهيو ۽ هن پاڻ سان گڏ جهاز تي ٻيا ڪم وارا جونئر انجنيئر، اليڪٽريشن، ڊيزل مڪينڪ، تيل وارا، آگ وارا به اهي ٿي پسند ڪيا جيڪي محنتي ۽ ڪم جا ماهر هُجن.

Tuesday, November 04, 2014

ننڍي عمر ۾ ولايت وڃڻ - الطاف شيخ

ننڍي عمر ۾ ولايت وڃڻ
الطاف شيخ
نوڪريءَ جا آخري 25 سال کن مون ماستريءَ ۾ گذاريا جنهن ۾ ڪيترن ئي ملڪن جا شاگردن سان واسطو پيو. ان کان علاوه ڪيترن ملڪن جي نوجوانن جهازن تي توڙي ملائيشيا ۾ منهنجي هٿ هيٺ ڪم ڪيو. ننڍي کنڊ جي نوجوانن کي ٿو ڏسجي ته ان ۾ انڊين شاگرد بيحد محنتي ۽ هوشيار آهن. هنن جي تعليم هيٺين ڪلاسن کان رُخَ ۾ ٿئي ٿي. ممبئي، پوني، دهلي، بنارس ۽ بڙودا جهڙن شهرن جي مختلف اسڪولن توڙي يونيورسٽين ۾ وڃي ڏٺو اٿم ته هو (شاگرد) ڪافي حد تائين Punctual (وقت جا پابند) آهن ۽ پڙهائيءَ کي گهڻو وقت ڏين ٿا. ممبئي يونيورسٽي جي لئبرري ۾ به شامَ جو نائين ڏهين تائين شاگرد ويٺا هوندا. اهڙن موقعن تي پنهنجي سنڌ يونيورسٽي کي ڀيٽي ڏاڍو ڏک ٿيندو اٿم.

آئون صلاح نه ڏيندس - الطاف شيخ

آئون صلاح نه ڏيندس
الطاف شيخ
مختلف اخبارن ۾ مختلف تعليمي ادارن جا ڪورسن بابت ڪوڙا سچا اشتهار ايندا رهن ٿا ته ٽن يا ڇهن مهينن جو اليڪٽرڪ جو يا ريڊيو مڪينڪ جو ڪورس ڪري توهان پنهنجي توڙي ڌارين ملڪن ۾ هيتري وڏي پگهار واري نوڪري حاصل ڪري سگهو ٿا. اهڙي طرح هڪ GP3 ڪورس جو به اشتهار ايندو آهي ته ”ڇهن مهينن جو هي ڪورس ڪرڻ سان توهانکي جهاز تي  هيڏي ڳري پگهار جي نوڪري ملي سگهي ٿي ۽ توهان جي محنت ڪندئو ته هڪ ڏينهن جهاز جا ڪئپٽن به ٿي ويندئو جنهن جو مهيني جو پگهار چار کان ست لک رپين تائين آهي. ڪو به مئٽرڪ پاس هن ڪورس جي چاليهه هزار رپيا في ڏئي ڪري سگهي ٿو.“

Missing You a Lot.... الطاف شيخ

Missing You a Lot....
الطاف شيخ
خبر ناهي ته ڪمپيوٽر تي فيس بڪ ڪڏهن کان شروع ٿيو پر گهٽ ۾ گهٽ ڇهه ست سال اڳ تائين، جڏهن آئون هڪ شيعا زائرين جي قافلي سان گڏ ڪراچيءَ کان مشهد پهتس ته Facebook کان اڻ واقف هوس. رات جي مانيءَ بعد هوٽل جي لائونج ۾ پنهنجي قافلي جي ماڻهن جون تصويرون ڪڍي رهيو هوس ته منهنجي ٽولي ۾ موجود ڪراچيءَ جي هڪ ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي ۽ ان جي ڀر ۾ ويٺل هڪ ٻي خاتون جنهن بعد ۾ٻڌايو ته هوءَ ڪراچيءَ جي ڪنهن بئنڪ جي مئنيجر آهي تن مونکان آهستي پڇيو ته؛ هي فوٽو ”فيس بڪ“ تي ڏيندائو؟
دل ۾ سوچيم ته؛ الائي ڪهڙي بڪ جي ڳالهه پيون ڪن.

ملائيشيا جي سيڪنڊ هوم اسڪيم - الطاف شيخ

ملائيشيا جي سيڪنڊ هوم اسڪيم
الطاف شيخ
ڌارين ماڻهن کي پنهنجي ملڪ ۾ رهائڻ جي جيڪا ملائيشيا وارن ”سيڪنڊ هوم اسڪيم“ ڪڍي آهي ان بابت منهنجا ڪيترائي پڙهندڙ ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارا پڇندا رهن ٿا. اسان جهڙن ملڪن ۾ هڪ طرف شريف ماڻهو پنهنجي ملڪ جي امن امان جي حالت خراب هجڻ ڪري ۽ هنن جي زندگي خوف ۽ پريشاني ۾ گذرڻ ڪري، ۽ ٻي طرف ڏوهاري قسم جا ماڻهو خاص ڪري اسانجا رشوت خور ڪامورا جن کي جڏهن گرفتار ٿيڻ جو خوف ورائي ٿو ته هو ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ وڃي رهڻ جو سوچين ٿا. ان کان علاوه اهي ماڻهو پڻ جيڪي ايماندار آهن ۽ هنن محنت ڪري حق حلال جي پورهئي يا ڌنڌي مان پئسو ڪمايو آهي پر ملڪ جا دهشگرد يا ڀتي خور هنن کي وڌڻ ويجھڻ بدران هنن جي زندگي عذاب ڪن ٿا ۽ ٽي طرف ڪيترا غير مسلم جن سان اسانجي ملڪ ۾ پوليس توڙي عوام باهه ٻاري ڏئي ٿو ته پوءِ هو نيٺ پنهنجو وطن ڇڏي پرائي ڏيهه وڃڻ جو سوچين ٿا. جيتوڻيڪ بقول ملائيشيا جي اڳوڻي وزير اعظم جي هر ملڪ جي عوام کي پنهنجن اهڙن ماڻهن جي عزت ڪرڻ کپي جيڪي پنهنجي محنت ۽ ذهانت سان بزنيس ۾ وڌي رهيا آهن ڇو جو هنن جي لڳايل ڪارخانن ۽ فئڪٽرين ڪري ٻين کي به روزگار ملي ٿو ۽ سندن ڏنل ٽئڪسن مان ملڪ جا اسڪول ۽ اسپتالون هلن ٿيون روڊ ۽ رستا ٺهن ٿا. اهوئي سبب آهي جو انڊيا جهڙا ملڪ امير ٿي رهيا آهن جو اتي سڪون ۽ سهولتن هجڻ ڪري ٽاٽا، گودريج، واديا، امباني، برلا ۽ والچند جهڙيون فئمليون وڃن ڪارخانا ۽ فئڪٽريون وڌائينديون. پارسي، عيسائي، يهودي ۽ سنڌي هندن جهڙا ماڻهو وتن غريب عوام لاءِ مفت جا اسڪول، اسپتالون، پارڪ ۽ رهائشي گهر ٺهرائيندا ۽ خير خيرات ڪندا. اسان وٽ NED يونيورسٽي، ڏيارام ڄيٺمل (ڊي جي) سائنس ڪاليج، آغا خان يونيورسٽيون ٺاهڻ وارن پارسين، هندن، بوهرين، آغا خانين، قاديانين ۽ شيعن کي به ستايو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ اسان وٽ جيڪي يهودي ۽ سک رهن ٿا حڪومت کي انهن جو به خيال رکڻ کپي جو هو به هن ملڪ جا شهري آهن. پر اسان ماڳهين هنن جا عبادت گهر به ڊاهيو ڇڏيون.

سئيڊن جي عورت جي سوچ - الطاف شيخ

سئيڊن جي عورت جي سوچ
الطاف شيخ
ڪئناڊا، آمريڪا، انگلنڊ، سئٽزرلئنڊ، سعودي عرب، ڪويت ۽ ٻيا ڪيترا ئي ملڪ پنهنجي شهرين جو خيال ڪن ٿا ۽ کين مفت ميڊيڪل، بنيادي تعليم جو خرچ، بيروزگاري جو الائونس ۽/ يا ٻيا ڪي فائدا پهچائين ٿا پر منهنجي نظرن ۾صحيح معنيٰ ۾ رفاهي (ويلفيئر) اسٽيٽ يا ملڪ فقط سئيڊن آهي جنهن ۾ مونکي تعليم حاصل ڪرڻ کان علاوه ڪيترائي دفعا جهاز کي به وٺي وڃڻو پيو.

پنهنجن ٻارن کي لاڏلو ۽ ڪِڪلو نه بڻايو - الطاف شيخ

پنهنجن ٻارن کي لاڏلو ۽ ڪِڪلو نه بڻايو
الطاف شيخ
حيدرآباد ۾ سنڌين جو هڪ نئون ڪلاس رهي ٿو جن اوس پاس جي ضلعن جي ننڍن توڙي وڏن شهرن مان، ٻارن جي تعليم يا نوڪري ڌندي لاءِ اچي قاسم آباد وسايو آهي. هنن مان ڪيترن کي واقعي پنهنجن ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جو فڪر آهي. هو پنهنجن ٻارن کي سٺن اسڪولن ۾ پڙهائين ٿا...... اها ٻي ڳالهه آهي ته هنن لاءِ سٺو اسڪول معنيٰ انگريزي نالي وارو اسڪول جنهن ۾ ٻار حيدرآباد جهڙي ڪاڙهي جي گرمي به رسيءَ جهڙي ٽائي ٻڌي وڃي. انگريز به دهلي ۽ حيدرآباد جهڙي گرميءَ ۾ هيٺ چڍو ۽ مٿي تي ڪارڪ جو ٺهيل (Insulated) ٽوپلو پائي هلندا هئا...... هِتي ڏسو ته معصوم ٻارن جو منهن پگهر سان ۽ ڳچي آراين سان ڀري پئي هوندي ان مٿان ٽائي ڄڻ ته هنن کي گُهٽو ڏئي رهي هجي. مائٽن کي جِتي ٻار جي مستقبل جو فڪر آهي اتي هو ڪن ڳالهين تي منجھيل (confused) به آهن. هو سمجھن ٿا ته ٻارن لاءِ ٽيوشن ضروري آهي. آئون کين اهو ئي چوندو آهيان ته توهان جي چونڊيل اسڪول ۾ جيڪڏهن پڙهائڻ وارا ٽيچر يا مِسون قابل آهن ته پوءِ ٻار کي ٽيوشن لاءِ ڇو ٿا موڪليو؟ ڪٿي ايئن ته نه آهي ته ٻار ڪلاس ۾ ڊيسڪ تي مٿو رکي ننڊون ٿو ڪري؟ ۽ جي نه تو پوءِ اهوئي ڪلاس ۾ ورتل سبق گهر ۾ اچي پڙهي ۽ پڪو ڪري. ان جي ٿوري گهڻي چڪاس (Monitoring) يا مدد (رهنمائي) ڪرڻ ماءُ جو ڪم آهي. ان ڪم لاءِ پيءُ تي نه ڀاڙجي جو اسان وٽ پاڪستان ۾ به هاڻ ٻاهر جي دنيا وانگر هر پورهيو ۽ نوڪري ايڏي سخت ۽ مقابلي واري ٿيندي وڃي جو پيءُ کي روزگار ڪمائڻ خاطر سڀ قوتون ۽ سمورو وقت پنهنجي نوڪري لاءِ وقف ڪرڻو پوي ٿو. هڪ ماءُ لاءِ (خاص ڪري جي هوءَ هائوس وائيف آهي، يعني هوءَ نوڪري نٿي ڪري ۽ سڄو ڏينهن گهر ۾ ٿي گذاري ته ان لاءِ ته هيڪاندو گهڻو) ضروري آهي ته هوءَ ٻار جي پڙهائي کي پڻ ڏسي . پر اسان وٽ ڪيترين مائرن کان اهڙا ڪم نٿا پڄن جو هنن کي TV ڏسڻ ۽ ننڊون ڪرڻ کان واندڪائي ناهي. هو اهوئي expect ڪن ٿيون ته ڪلاس ۾ مِس هنن جي ٻارن کي پڙهائي قابل ڪري........ يعني ڏٺو وڃي ته هڪ سڳي ماءُ ٿي ڪري کيس پنهنجي هڪ ٻار تي نظر رکڻ جي نه خواهش آهي ۽ نه توفيق..... باقي ڪلاس روم  جي مس ڪلاس ۾ پڙهندڙ ٽيهن ٻارن جو خيال رکي. سٺن اسڪولن ۾ به جِتي مس جو پگهار کڻي 15 هزار رپيا هجي هن کي هڪ پيرڊ جا سؤ رپيا ٿا ملن يعني هڪ ٻار جا ٽي رپيا مس ٿيا. اسان وٽ مائرن جو زور رڳو پنهنجن ٻارن کي ٽيوشن لاءِ موڪلڻ تي. پوءِ اهو ٻار ٽيوشن لاءِ تيار ٿيندو. ڊرائيور کي سڏ ٿيندا پوـءِ ٽيوشن واري مِس جي گهر روانو ٿبو. رستي تي ڊرائيور پنهنجي لاءِ سِگريٽَ وٺندو، صاحب جا ڪپڙا ڊراءِ ڪلين تي ڏيندو، بيگم جي واچَ جو سيل بدلي ڪرائيندو ۽ پوءِ نينگر مِس جي گهر پهچندو جيڪا موبائيل تي ڪنهن ساهيڙي سان ڳالهائڻ ۾ بزي هوندي. ٻار ٿيلهي مان ڪاپيون ڪڍي مٿو ويٺو کنهندو. ٽيوشن واري مس (جيڪا ٻنهي جي ڀلي لاءِ اڪثر ڪلاس ٽيچر ئي هوندي آهي) فون مان واندي ٿي وري رڌڻي ۾  ٻوڙ کي ڏسڻ ويندي يا ٽي وي تي هلندڙ سندس دلپسند پروگرام جو حصو ڏسي پوءِ ڇوڪري کي اچي چوندي ته بابا هوم ورڪ ڪر. ههڙا سولا حِساب به نٿا اچنئي. ڏس هينئن ٿيندا..... پوءِ کيس سڀ حساب ڪري ڏيندي يا اها ڪاپي ڪڍي ڏينديس ته ان تان ڏسي حساب ڪر، جيڪا ڪاپي هوءَ هر سال ٻارن کي ڏيکاريندي رهي ٿي. سيکارڻ کان آڱوٺو جو ان ڪم لاءِ مغز ماري ٿي ڪرڻي پوي.

اسان سنڌين جو ٻِٽو اميج - الطاف شيخ

اسان سنڌين جو ٻِٽو اميج
الطاف شيخ
ريڊيو، ٽي وي ۽ ريل ۽ هوائي جهازن جي ايجاد کان اڳ ماڻهن لاءِ وندر ڇا هئي.....؟ ميلا ملاکڙا يا وري مندر درگاهون.... ۽ ماڻهن کي اتي پهچڻ لاءِ وهٽن جي سواري هوندي هئي يا پيرين پنڌ نڪري پوندا هئا. هندستان جو گجرات ۽ راجستان، جيڪي سنڌ سان لڳو لڳ آهن، مندرن، غارن ۽ آستانن سان ڀريا پيا آهن. سنڌ جي ويجھو هجڻ ڪري اسان جا ماڻهو اوڏانهن گهڻو ويا ٿي ۽ واپسيءَ تي پنهنجي سفرَ جون خبرون ڪيائون ٿي. گهمي آيل ماڻهن وڏي شوقَ سان ڳالهيون ڪيون ٿي ۽ نوان روانا ٿيا ٿي. مون کي ائين لڳي ٿو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي به، اڪيلي سر يا ٽولن سان گڏجي، ائين اهڙن هنڌن تي ويندو رهيو آهي. تڏهن ته هن بيڪانير، گرناڙ، ڀُڄ، لاهوت لامڪان جون ڳالهيون ڪيون آھن.

Monday, November 03, 2014

سالگرهه ۽ ورسين جي سياست - عبدالله مورائي

سالگرهه ۽ ورسين جي سياست
عبدالله مورائي
بسون يا وينون هلائيندڙ ڊرائيور (Driver) اهو ڀلي سکر کان جيڪب آباد ويندو هجي يا هالا کان حيدرآباد يا کڻي يورپ جي مختلف روڊن ۽ رستن سان ويندو هجي، انهن سڀني ۾ جيڪا ڳالهه هڪجهڙي آهي، اها آهي پنهنجي پٽي ڀائين سان سامهون ايندي ويندي سلام ڪرڻ يا کيڪارڻ. هتي اسٽاڪ هوم جي لوڪل بسن جا ڊرائيور به مختلف نسلن ۽ قومن سان واسطو رکندڙ آهن. ڪيڏي مهل توهان کي هندستان جي پنجاب صوبي جو پٽڪو ٻڌل سک نظر ايندو يا ڪو چين جو ننڍي قدر وارو، ڪڏهن ڪو پاڪستاني ٽڪرائجي وڃي ته ڪڏهن وري ڪو آفريڪا جو ڪارو، ايران جا ماڻهو به گاڏي هلائيندي نظر اچن ته ڪڏهن ڪڏهن اسڪارف سان مٿو ڍڪيل عرب ڇوڪري به گاڏي هلائيندي توهان کي پنهنجي منزل تائين پهچائي. گهڻو تعداد هنن جو پنهنجو ئي آهي.

سنڌي ٽوپيءَ وارو راشي آفيسر ۽ دوزخ جي ٽڪيٽ - عبدالله مورائي

سنڌي ٽوپيءَ وارو راشي آفيسر ۽ دوزخ جي ٽڪيٽ
عبدالله مورائي
سائين چوندا آهن ته؛ ڌڻ ته ڌڻي نه ته وڪڻ کڻي. منهنجو ڪراچيءَ ڊفينس وارو فليٽ به گهڻي وقت کان نڌڻڪو هيو، سو هاڻي جڏهن آئون سنڌ ويس ته ان کي وڪڻڻ جو فيصلو ٿيو ۽ موٽ ۾ دوزخ جي ٽڪيٽ به وٺيو آيس. ٿيو ائين جو هڪ پارٽي ڳولهڻ کانپوءِ سودو طئي ٿيو ۽ ڪاغذ پٽ تيار ڪرائي جڏهن ڊفينس واري علائقي جي رجسٽرار وٽ پهتاسين ته ڏاڍي خوشي ٿي. رجسٽرار جيڪو شايد ڪو سکر واري پاسي جو هيو. نرڙ تي سنڌي ٽوپي پايو وڏي رعب سان ويٺو هيو. مون سمجهيو ته سنڌي ٿي ڪري خيال ڪندو پر سائين اٽي جو گهوٻاٽو. اچي ٿا فائيل مان غلطيون ڪڍن، هيءَ به صحيح نه آهي، هو به صحيح ناهي. ساڻس گڏ ٻيا ٻه همراهه هڪ کي عبدالله جي نالي سان پئي سڏيائون ۽ ٻيو ڪو شاهه صاحب هيو، چوڻ لڳا ته هيءُ ڪم نه ٿيندو. بهرحال پوءِ دوزخ جي ٽڪيٽ پنجويهه هزار مقرر ڪيائون جيڪا پوءِ رعايتي اگهه تي ويهن هزارن ۾ ملي. وري ٿي سگهي ٿو دوزخ ۾ ملن. مهرباني ڪري رشوت وٺڻ مهل سنڌي ٽوپيءَ کي لاهي پنهنجي واسڪوٽي ۾ لڪايو ته بهتر، سنڌي ٽوپيءَ جي لڄ رکو.

آئرلينڊ ۽ سنڌ، بلوچستان جي ريڍارن جي ساڳي ڪرت - عبدالله مورائي

آئرلينڊ ۽ سنڌ، بلوچستان جي ريڍارن جي ساڳي ڪرت
عبدالله مورائي
توڙي جو مون يورپ جي مختلف ملڪن جي ريل گاڏين ۾ چڙهي سفر ڪري ڏٺو آهي، پوءِ ڀلي اهو اٽليءَ جي شهر ميلان کان وينس وڃڻو هجي، آئرلينڊ جي شهر ڊبلن کان ڪاسٽل بار وڃڻو هجي، سئٽزرلينڊ جي شهر جينوا کان لوزان وڃڻو هجي. ريل گاڏيون آرام ده ۽ جديد ٿين ٿيون، پر جيڪو سفر مون کي دادو کان ڪوئيٽا بولان ميل ۾ ويندي دلڪش لڳي ٿو ان جو مٽ هتان جي سفر ۾ ڪو نه آهي.

صوفين جي سنڌ ۾ زندگي کي لڳل فل اسٽاپ ۽ ايٿوپيا - عبدالله مورائي

صوفين جي سنڌ ۾ زندگي کي لڳل فل اسٽاپ ۽ ايٿوپيا
عبدالله مورائي
روز روز اخبارن ۾ رهزنن هٿان سنڌ ۾ ماڻهن مٿان ظلم ٿيڻ ۽ مارڻ جون خبرون پڙهي سچي پچي ڪڏهن دل چوندي آهي ته اخبار جو لنڪ ئي نه کولجي پر حقيقتن کان ڪيترو ڀڄبو؟ بقول ذوالفقار هاليپوٽي جي ته سنڌ ۾ ڄڻ زندگيءَ کي فل اسٽاپ اچي وئي آهي. اها فل اسٽاپ پنهنجن جي هٿان ئي ڏنو ويو آهي، جن کي اليڪشن جي وقت اسان سنڌي ٽوپيون، اجرڪ، گلن جي ورکا ۽ مانجهاندا ڏيندا آهيون. ڪنهن ڏاهي جي بقول ته جنهن ڏينهن اليڪشن جي ڪيمپين پوري ٿيندي آهي، ان ڏينهن کانپوءِ غلامي شروع ٿيندي آهي. سنڌ جي وڏي وزير بيان ڏنو آهي ته سنڌ ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ٿيا آهن سائين قبلا اکيون کوليو، رڪارڊ ترقياتي ڪمن جي نالي تي رڪارڊ ڪرپشن ٿي آهي. ماڻهو انڌا ٿورو ئي آهن جيڪي توهان جي ۽ توهان جي آس پاس ويٺلن جي زندگي، اٿڻ ويهڻ، ملڪيتون ۽ عياشون ڪو نه پيا ڏسن. ڏسڻ ۾ سڀ ڪجهه اچي پيو، اسان رڳو زنده لاش ٿي چڪا آهيون. اڄ وڪيل جيڪڏهن ڀتيون ٽپي اسيمبليءَ ۾ اچي ٿا وڃن ته ڊڄو ان ڏينهن کان جڏهن زنده لاش هوش ۾ ايندا ۽ توهان کي فراريت جو وقت به نه ملندو. بهرحال توهان تي ميار نه آهي توهان جون واڳون ڪنهن ٻئي وٽ آهن.

شايد ٻين ملڪن ۾ به ڪم ائين پيو هلي - الطاف شيخ

شايد ٻين ملڪن ۾ به ڪم ائين پيو هلي
الطاف شيخ
ڪالهه هڪ همراهه جو سکر کان فون آيو. ”آئون پنهنجي پٽ کي ملائيشيا نوڪريءَ لاءِ موڪلي رهيو آهيان.“
”ڏاڍو سٺو.“ مون جواب ڏنو مانس. ظاهر آهي اڄ جي دور ۾ جڏهن ملائيشيا ۽ جپان جهڙن ملڪن ۾ جِتي سندن مڪاني ماڻهو نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ پريشان آهن اُتي ڪنهن ڌارئين ملڪَ جي ماڻهوءَ کي، خاص ڪري اسان جي پاڪستانيءَ کي نوڪري ملي، خوشي جي ڳالهه آهي.
”پر سائين هڪ مسئلو آهي جنهن بابت توهان کان پڇڻو آهي.“ هن چيو.

نيپالي ڇوڪري ۽ وطن سان محبت! عبدالله مورائي

نيپالي ڇوڪري ۽ وطن سان محبت!
عبدالله مورائي
آئون سوچان پيو ته آخر ان ڳالهه جا ڪهڙا سبب آهن جو ڪوڪا ڪولا يا رسيلي سوپاري ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ ملي ٿي وڃي؟ ان جو مون کي هڪڙو ئي سبب نظر اچي ٿو ته ان جي ايڊورٽائيزمينٽ يا کڻي چئجي ماڻهن تائين ان شيءِ جي پهچ جو اطلاع آهي. اڄڪلهه جو دؤر انفارميشن جو دؤر آهي. هڪڙو نه پر کوڙ اهڙا ذريعا آهن جن جي وسيلي ماڻهن کي ڪنهن به وقت ڪوبه اطلاع ڏئي سگهجي ٿو. ڇونه پوءِ اهو اطلاع ڪنهن جنگ جي شروعات جو هجي يا کڻي موسم جي تبديلي جو، ڪنهن ٻوڏ جي اچڻ جو انديشو هجي يا سمنڊ ۾ طوفاني لهرن جو. اها لسٽ اڃا به وڏي ٿي سگهي ٿي. هن سال هتي سئيڊن ۾ گرمي ٿوري گهڻي پئي هئي، گرمي پد ۲۵ کن ٿئي ته سڄي پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ ايئرڪنڊيشن هلائين، اخبار ۾ اهي اطلاع پڻ ڏين ته فلاڻي ڏينهن تي گرمي پد هيترو يا هوترو ٿيندو، سو پاڻي گهڻو پيئو ۽ پوڙهن پڪن لاءِ صلاح ته گهرن ۾ رهو. اهو به پهريون ڀيرو ٻڌڻ ۾ آيو ته هتي سئيڊن ۾ پکا سڄي ملڪ مان ختم ٿي ويا، پوءِ ته سائين ماڻهن کي پکا يورپ جي ٻين ملڪن کان گهرائڻا پيا.

چرنا ٻيٽ تي مرجان جي صفائي - غلام مصطفيٰ سولنگي

چرنا ٻيٽ تي مرجان جي صفائي
غلام مصطفيٰ سولنگي
مهينو سوا اڳ جي ڳالهه آهي، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ قائم سامونڊي جيوت جي علمن جي مرڪز فضيلت (Center OF Excellence for marine Biology) ۾ پڙهائيندڙ منهنجي دوست پروفيسر ڊاڪٽر امجد عليءَ موبائل تي ڳالهايو هيو؛ ”سائين! ۲۵ سيپٽمبر تي تيار رهجو. جيڪڏهن موسم ٺيڪ رهي ۽ سمنڊ هيٺ لهڻ جي موڪل ڏني ته پوءِ چرنا ٻيٽ تي هلنداسين. خبر اٿو ته ۲۵ سيپٽمبر تي ڇا جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي؟“

اڄ گانڌي آشرم ڏسڻ ضرور هلنداسين - موھن مدھوش

اڄ گانڌي آشرم ڏسڻ ضرور هلنداسين
موھن مدھوش
مهاتما گانڌي سائوٿ آفريڪا کان موٽڻ بعد پهريون آشرم ۱۵ مئي ۱۹۱۵ع تي احمدآباد جي ڪوچرب علائقي ۾ کوليو هو. جيڪو ۱۷ جون ۱۹۱۷ تي سابرمتي نديءَ جي ڀر ۾ کليل ميدان جي ٽڪري تي منتقل ڪيو ويو. آشرم کي منتقل ڪرڻ جا ڪيترائي سبب هئا. مهاتما گانڌي چاهيو پئي ته مال متاءُ جي پالنا، ڳئون جي افزائش، ڪپڙو (کاڌي) اُڻڻ ۽ اُن سان لاڳاپيل سرگرمين جي جوڙجڪ کي تجرباتي دؤر مان گذارجن، ان لاءِ هُو اهڙي قسم جي زمين جي ڳولا ۾ هو. اصل ۾ اهو ميدان ڊاڍيچي رشي جو آشرم هو. جيئن ته مهاتما گانڌي جو خيال هو ته ستياگرهه تحريڪ لاءِ اها زمين جيل ۽ مساڻ کان هميشه ٻئي هنڌ هئڻ گهرجي. سابرمتي آشرم جنهن کي هريجن آشرم به چيو ويندو هو، جيڪو مهاتما گانڌيءَ جو ۱۹۱۷ کان ۱۹۳۰ تائين گهر به رهيو. اُن وقت اهو آشرم آزادي جي تحريڪ جي مُک مرڪزن مان هڪ هو، جنهن کي ستياگرهه آشرم به چيو ويندو آهي، جتان آزاديءَ جي تحريڪ جي شديد ردعمل جي صورت ۾ آزادي ماڻي. سابرمتي، آشرم جي ڀر ۾ وهندڙ نديءَ طور نالو ڏنو ويو، جيڪو ٻنهي تحريڪن جي سڃاڻپ ٿي پئي آهي.

پنجاب مان پ پ جي تڏا ويڙهه ۽ اتان جي نوجوانن جي سوچ - عبدالله مورائي

پنجاب مان پ پ جي تڏا ويڙهه ۽ اتان جي نوجوانن جي سوچ
 عبدالله مورائي
يورپ ۾ رهندڙ پنجاب جو پڙهيل لکيل نوجوان طبقو پنجاب مان پي پي پي جي تڏا ويڙهه مان خوش ناهي، ڪجهه دوستن سان ڳالهه ٻولهه دوران اندازو ٿيو ته پنجاب جا ماڻهو ڪيترو اڳتي نڪري ويا آهن، سندن مؤقف آهي ته مسلم ليگ ن ۽ پي ٽي آئي يا ٻين ننڍين وڏين سياسي پارٽين سان گڏوگڏ پي پي پي جو پنجاب ۾ هئڻ ان لاءِ ضروري آهي ته جيتريون گهڻيون پارٽيون هونديون اوتري ڪامپيٽيشن وڌندي ۽ جڏهن ڪامپيٽيشن هوندي ته وقت جي حڪومت کي بهتر کان بهتر ڊليور ڪرڻو پوندو ۽ ان ۾ اڃا پنجاب وڌيڪ ترقي ڪندو. پنجاب جا ماڻهو هاڻي هڪ هٽي هلڻ جي حق ۾ بنهه ناهن. لڳي ائين ٿو ته اڃا اتي ڪامپيٽيشن وڌندو ۽ ماڻهن جون زندگيون آسان ٿينديون. خيبر پختونخواهه جي دوستن کان جڏهن پي ٽي آئي جي حڪومت جي ڪارڪردگي جي باري ۾ راءِ وٺندو آهيان ته خبر پوي ٿي ته اتي ڪافي حد تائين ڪرپشن کي ٻنجو اچي ويو آهي. پاڻ وٽ سنڌ ۾ به ان شيءِ جي سخت ضرورت آهي ته پي پي پي جا ڪامپيٽيٽرس موجود هجن، نه ته سنڌ جو مثال ائين هوندو جيئن هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ اڪيلو دڪان، جنهن جي مالڪ کي جيئن وڻي تيئن ڪري ۽ جيڪو اگهه مقرر ڪري سو ڏيڻو پوي. جيڪو اگهه هاڻي اسان پي پي پي جي دڪانداري کي ڏيون پيا ۽ اهو ڪنهن کان به لڪل ناهي.