Thursday, October 29, 2015

گلوبلائيزيشن ۽ سڪڙجندڙ دنيا عبد الله مورائي

گلوبلائيزيشن ۽ سڪڙجندڙ دنيا
عبد الله مورائي
جيئن پاڻ وٽ سنڌو درياهه جي هڪ ڪناري سان سکر ۽ ٻئي ڪناري سان روهڙي يا ساڳيءَ طرح سان حيدرآباد ۽ ڄامشورو ٻئي جاڙا شهر آهن، تيئن درياهه ڊنيوب (Danube) جي ڪنارن سان هنگري (Hungary) جي گادي جو شهر بڊاپيست (Budapest) به ٻن الڳ الڳ شهرن تي مشتمل آهي. يعني درياهه جي هڪ پاسي بڊا ۽ ٻئي پاسي پيسٽ. دنيا جي ٻين شهرن وانگر هتي به صبح جو ناشتو هوٽل وارن تي ئي هيو، مانجهاندو بڊاپيسٽ واٽر سمٽ (Budapest Water Summit) ڪرائڻ وارن يعني اتان جي فارين افيئرس جي وزارت (Ministry of Foreign Affairs) تي هيو، جن مونکي دعوت ڏئي گهرايو هو. اهو ته ٿيو ڏينهن جو قصو, هاڻي سائين رات جو ماڻهو ماني ڪٿي ۽ ڇا کائي؟ مٿان وري مينهن وسندو هجي ته ماڻهو رهندو پريشان ته وڃي ته ڪاڏي وڃي؟

Monday, October 05, 2015

ڪئناڊا جتي ايمبولينس بي ايم ڊبليو کان به اهم آهي - ڊاڪٽر مرليڌر

ڪئناڊا جتي ايمبولينس بي ايم ڊبليو کان به اهم آهي
ڊاڪٽر مرليڌر
ڪئناڊا جتي ايمبولينس Bmw کان گهڻي اهم آهي، سڌريل ۽ ترقي يافته دنيا ۾ ڪئناڊا اهو ملڪ آهي جتي صحت جون سهولتون به مفت آهن، سرڪار اها ذميواري پنهنجي ذمي لڳائي آهي هر شهري وٽ هڪ هيلٿ ڪارڊ هوندو آهي، اهو ڏيکاري هو مفت سهولت حاصل ڪري سگهي ٿو، هڪ ٻي اهم شيءِ جيڪا مون ڏٺي اها هيءَ ته روڊ تي جيڪڏهن ايمبولينس سائرن وڄائيندي گذرندي ته ٻين گاڏين کي روڊ جي پاسي تي وڃي بيهڻو آهي، جيستائين ايمبولينس اتان گذري نه وڃي، اها گاڏي چاهي کڻي ڪيتري ئي وڏي ماڻهو جي ڇو نه هجي Bmw ئي ڇو نه هجي اهو قانون آهي جيڪو عمل نه ڪندو سزا پائيندو، ٻيا به ڪيترائي چڱا قانون آهن جهڙوڪ؛ اسڪول بس کي رستو ڏيڻو آهي، جيڪڏهن ٻار بس مان لهن پيا ته اوهان کي پنهنجي گاڏي مورڳو پري بيهارڻي پوندي جيستائين ٻار لهي نه وڃن، جيڪڏهن پيادي پنهنجا پير فٽ پاٿ تان هيٺ لاٿا يا هو رستي کي ڪراس ٿو ڪري ته قانون مطابق گاڏي واري کي بيهڻو آهي، اهڙي طرح رستي تي هلڻ واري تي به ڪجهه پابنديون آهن، بهرحال هر ڪو ئي قانون جي پاسداري ڪندي نظر ايندو.

يُو ايس ڪيپيٽول جي اندر - ياسر قاضي

يُو ايس ڪيپيٽول جي اندر
پئسفڪ جي پاسي ۾ قسط: 35
ياسر قاضي
هن ”سفر ـ ڪٿا“ جي پوئين ڀاڱي ۾ اسان امريڪي وفاقي سرڪار جي قانون ساز برانچ ۽ امريڪي ڪانگريس جي خاص عمارت ”يُو ايس ڪيپيٽول“ جي ٻاهران وارو حصو ۽ واشنگٽن ڊِي سيءَ جي لوڪل ريل سرشتي (ميٽرو ريل) ۽ واشنگٽن کي ٻين شهرن سان ريل رستي ڳنڍيندڙ ريلوي نظام جي گڏيل جنڪشن اسٽيشن، يُونين اسٽيشن جو سير ڪري ”يُو ايس ڪيپيٽول هِل“ جي اندر سير ڪرڻ لاءِ عمارت جي اوڀارين پاسي (اِيسٽ فرنٽ) کان اندر داخل ٿيڻ لاءِ پهچي چُڪا هئاسِين ۽ جيئن ته اسين يُونين اسٽيشن کان پنڌ هلي هيستائين پهتا هئاسين، تنهن ڪري حالت خراب هئي. اڄ صبح کان هوٽل مان نڪتل اسين، جن هينئر يعني ٽنپهرن تائين واشنگٽن ڊِي سيءَ جي چئن پنجن مک تاريخي ماڳن جو تفصيل سان سير ۽ مشاهدو ڪيو هو، ڏئي وٺي بيهي رهيا هئاسُون. پر اها عمارت، جنهن کي پَري کان ڏسي، دل سَٽون ٿي کاڌيُون ۽ جنهن جا فوٽو ننڍي لاءِ کان ڏٺا هئا، پنهنجي اندر اچڻ لاءِ اسان کي ڀليڪار ڪري رهي هئي، ان ڪري منهنجو اُتساهه، ان ٿڪ تي حاوي هو. اسان کي سينيئر امريڪي سياستدان ۽ اڳوڻي امريڪي اسٽيٽس مين ”جم مُوڊيءَ“ ڀليڪار چيو. جم مُوڊِيءَ کي جيڪڏهن آءٌ امريڪي ايواني سياست جو نوابزادو نصرالله خان چوان ته ڪو به وڌاءُ ڪونه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته پاڪستاني سياست ۾ هزارين اختلافن جي باوجُود جيڪا عزت نوابزادي نصرالله خان جي هئي، امريڪا ۾ اهڙو ئي مقام جم موڊِيءَ جو آهي.