Monday, December 14, 2015

لو گنگا مان! تمهين اپنا پِتا ديتا هون الطاف شيخ

لو گنگا مان! تمهين اپنا پِتا ديتا هون
الطاف شيخ
ورانسي يعني بنارس شهر ۾ پهريان ٻه ڏينهن کن هوٽل ورونا (Varuna) ۾ رهيس. ورونا هن شهر مان وهندڙ ندي جو نالو آهي جيئن لنڊن شهر مان ٿيمس ندي وهي ٿي ۽ ملاڪا شهر مان ملاڪا ندي..... يا کڻي چئجي ته بنارس جي ورونا ندي ائين آهي جيئن لاڙڪاڻي ضلعي جي باڊهه شهر مان رائيس ڪئنال وهي ٿو جنهن جي اهميت پنهنجي جاءِ تي آهي پر ٿورو پرتي وهندڙ سنڌو نديءَ جي ڳالهه ئي ٻي آهي. سو هِتي ورانسي ۾ ورونا ندي ڄڻ رائيس ڪئنال آهي. اهم شيءِ گنگا ندي آهي جنهن جي ڪناري تي هي شهر بنارس ويدن جي ڏينهن کان آباد آهي. گنگا ندي هندستان جي ڊگھي ۾ ڊگهي ۽ پوتر ندي آهي. هندن جي ڌرمي ڪِتابن ويدن مان پهرين ڪِتاب رگ ويد ۾ فقط سنڌو ۽ سراسوتي جو ذڪر اهم ڀلارين ندين طور آيل آهي ۽ ان ۾ گنگا جو نالو بلڪل ناهي... هيءَ ڳالهه آئون سنڌو جو رهاڪو ٿي ڪري پنهنجي طرفان ٺاهي نه پيو ڪريان پر هِتي جي ڪيترن ئي پنڊتن ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن ٻڌائي... گنگا ندي جو ذڪر ان بعد وارن ويدن... يجر ويد، سما ويد ۽ اٿر ويد ۾ ضرور آهي... بلڪه چون ٿا ته تمام گهڻو آهي.

ڪوهه مري، ڪشمير ۽ ايوبيا جو احوال - مٺل جسڪاڻي

ڪوهه مري، ڪشمير ۽ ايوبيا جو احوال...
مٺل جسڪاڻي
پهرين ڳالهه ڪجي پراڻي! آئون ننڍو هئس. هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هئس. شايد 75-1974ع سال هو. اهو ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جو زمانو هو. هر ڪنهن وات ڀٽو هوندو هو. ان زماني ۾، هڪ ڏينهن، منهنجي خيال ۾ ڪنهن سنڌي اخبار جي سرخي هئي ”ڀٽو مري ويو“. ان سرخي گهٽ پڙهيل ۽ گهٽ گهميل ماڻهن کي حيران ۽ ذوالفقار ڀٽو سان محبت ڪندڙن کي روئڻهارڪو ڪري ڇڏيو هو! ڇو ته خبر جو مطلب هو ”ذوالفقار علي ڀٽو ڪوهه مري ويو“، گهڻن ماڻهن کي خبر نه هئي ته ڪوهه مري کي صرف مري به چون ٿا ۽ مري ملڪ جو سهڻو ۽ ٿڌو علائقو آهي. ان زماني ۾ شايد مون کي به ان خبر عيوض خبر پئي هئي ته مري به ڪو علائقو آهي!مريءَ جي حوالي سان، ماڻهو هجي ڌن دولت ۽ مال ملڪيت وارو، ته سياري ۾ ٿڌ کان بچڻ لاءِ هيٽر هلائي، ۽ اونهاري ۾ جتي هجي گرمي، اتي ايئر ڪنڊيشن جو مزو وٺي، يا وري وڃي ڪوهه مريءَ ۾ گذاري، هجي هڙ ۾ ته نه لڳي سيءَ نه لڳي گرمي. جتي هيٽر ۽ اي سي هلائڻ ممڪن نه هجن، اتي ڪپڙا اهڙا هجن، جن ۾ ٿڌ ۽ گرمي جو اثر گهٽ هجي.

Saturday, December 12, 2015

رهيس راولپنڊيءَ ۾، گهميس اسلام آباد - مٺل جسڪاڻي

رهيس راولپنڊيءَ ۾، گهميس اسلام آباد
مٺل جسڪاڻي
اسلام آباد پهريون دفعو ڪڏهن ويس، ياد نه آهي! گهڻا دفعا ويو آهيان، اهو به ياد ڪونهي! هڪ دفعي جيئن ئي شام جو اسلام آباد پهتس، ته مون کي هڪ هوٽل ۾ وڃي ڇڏيائون! اتي رات گذاري، صبح سوير کڻي ويا اسلام آباد کان ٿورو ٻاهر، جتان واپس شام جو اچي هوٽل ڇڏيائون! ٻئي ڏينهن صبح سوير وري به کڻي ويا ساڳئين جاءِ تي، ورائي آيا ساڳئين هوٽل تي! ٽئين ڏينهن به صبح سوير کڻي ويا، شام جو پهچايائون هوائي اڏي تي! اتان کنيو جهاز، جنهن اچي ڇڏيو ڪراچي ۾...

Thursday, December 03, 2015

اِيسٽ ويسٽ سينٽ ۾ مذاڪرو ۽ سِي اين اين اسٽُوڊيو - ياسر قاضي

اِيسٽ ويسٽ سينٽ ۾ مذاڪرو ۽ سِي اين اين اسٽُوڊيو
پئسفڪ جي پاڙي ۾ - ۴۲
ياسر قاضي
هن سفرنامي جي پوئينءَ قسط ۾ اوهان ۽ اسان، سُومر ۷ اپريل ۲۰۱۴ع جي برساتي ٽيپهري، واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ قائم پاڪستاني سفارتخاني ۾ پاڪستاني سفير جليل عبّاس جيلانيءَ سان چانهه پڪوڙا کائيندي گُذارِي، جنهن وقت ٻاهر وقفي وقفي سان برسات جارِي هُئي. مُون اوهان کي ٻُڌايو هو ته اسان جي گروُپ جا سمُورا ساٿي اُتان ٻن ٽيڪسين ۾ اِيسٽ ويسٽ سينٽر روانا ٿي چُڪا هئا، جتي اسان جو هڪ مُذاڪرو رکيل هو. سفارتخاني جي سھڻين پاڪستاني پينٽنگس سان سينگاريل هڪ گيسٽ ويٽنگ رُوم مُون ۽ منهنجي گروُپ جي ٻن دوستن، اشفاق آذر ۽ ضياءالرحمٰن، سفارتخاني جي پريس اتاشي، نديم هوتيانا سان گڏ ڪچهري پئي ڪئي، جيستائين اسان ٽنهي کي وٺڻ لاءِ ٽيڪسي آئي. سفارتخاني جي ماڻهُوءَ ٻُڌايو ته ٽيڪسي اچي چُڪي آهي. اسان ٽئي هوتيانا صاحب کان موڪلائي نڪتاسِين. ان وقت زور جي بارش جاري هُئي، ان حد تائين جو سفارتخاني جي عمارت کان سفارتخاني جي صدر دروازي تائين پهچندي، به اسان پنهنجيُون ڇٽيوُن کوليُون، جنهن جي باوجُود به رين ڪوٽ ڀڄائيندا اچي ٽيڪسيءَ ۾ ويٺاسِين. ٽيڪسيءَ پنهنجو سفر ”ايل اسٽرِيٽ“ اين ڊبليُو تي قائم عمارت نمبر ۱۸۱۹ع ۾ واقع اِيسٽ ويسٽ سينٽر جي آفيس طرف شروُع ڪيو. اسان ٽنهي پاڻ ۾ نارمل گفتگُو پئي ڪئي ۽ ظاهر آهي ته سنڌيءَ ۽ اردُوءَ ۾ پئي ڳالهايوسي. اسان کي ڪا دير اها خبر ئي ڪانه پئي ته ٽيڪسي ڊرائيور پاڪستاني آهي. هُو به گھڻي دير ته چپ رهيو ۽ شايد پاڻ بابت ٻُڌائڻ مناسب نه سمجھيائين، پر پوءِ نيٺ الائي ڪهڙيءَ ڳالهه تي اسان ٽنهي جي ڳالهه ٻولهه جي وچ واريءَ ڪنهن وٿِيءَ ۾ هُن اسان سان انگريزيءَ ۾ ئي ڳالهائڻ شرُوع ڪيو ۽ هن قسم جا سوال ڪرڻ شرُوع ڪيا ته ”اوهان پاڪستان مان آيا آهيو...؟ ڇو آيا آهيو...؟ ڇا ڪندا آهيو...؟ ڪٿي رهيل آهيو...؟ اوهان کي امريڪا ڪيئن لڳو...؟ اڄڪلهه پاڪستاني حڪُومت ڪيئن آهي...؟ اڄڪلهه اتي ڪرپشن جو ڇا حال آهي...؟“ وغيره وغيره... انهن سوالن مان جن جن سوالن جا جواب جنهن جنهن انداز ۾ هڪ اڻ ڏٺل ماڻهُوءَ کي ڏيڻ گھُرجن، اسان ڏناسي. تنهن کان پوءِ هُن کُلي ڳالهائڻ شرُوع ڪيو. هُن ٻڌايو ته آءٌ پاڪستاني آهيان. هتي ۱۹۸۰ع واري ڏهاڪي ۾ آيو هئس. محنت مزدُوري ڪري ڪمائڻ شرُوع ڪيم. پهريان هتان ڪمائي پنهنجي ڪُٽنب ڏانهن پاڪستان موڪليندو هئس، پوءِ آڪهه به هتي گھُرائي ورتم. خاندان جي ٻين فردن کي به سيٽ ڪيم. ڪُجهه عرصو اڳ جڏهن سمجھيم ته اڪائُونٽ ۾ ڪجهه ڏوڪڙ آهن ته، هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي ديس جي تانگھه ۾ پاڪستان واپس وڃي مستقل اُتي شفٽ ٿيڻ جو سوچيم ۽ سوچيم ته اُتي وڃي هڪ کنڊ جو ڪارخانو (شگر مِل) لڳايان. هتان سڀ ڪجهه سهيڙي پاڪستان پهتس. شُگر مل لڳائڻ لاءِ ڪاڳري ڪارروائي شرُوع ڪيم... پر جنهن به آفيس ۾ ٿي ويم ته آفيسر ۽ عملدار ان فائيل کي پراسيس ڪرڻ لاءِ ججھا ڏوڪڙ وٺڻ لاءِ پنهنجا وات ڦاڙيو ويٺا هئا... جنهن ڏي وڃ اهو حشر هو...“ (اهي لفظ چوندي ٽيڪسي ڊرائيور جو لهجو ڪاوڙ ۾ تيز ٿيندو ويو) چي: ”مُون هنن کان ٿي پڇيو... بابا! ڇا جا ڏوڪڙ ڏيان... ته حيرت مان ٿي پُڇيائُون ته تُون هتي نئون آيو آن ڇا!؟ هن ڪم لاءِ هيترا ڏوڪڙ ڏيڻا پوندا آهن... فلاڻي ڪم جا هيترا پئسا ته مُقرر آهن... سڀ ڏيندا آهن... پر مُون پئي پُڇيو ته ڪهڙي قانُون تحت ڏيان اهي پئسا...؟ جيڪي فيس جا پئسا آهن، اهي ته ڀريندو پيو اچان... پر هنن نڀاڳن (هُن اڃا ڏکيا ۽ سخت لفظ پئي استعمال ڪيا) پنهنجا وات بند نه ڪيا... مون چيو منهنجو ڇا وڃي اهڙي مُلڪ سان... جنهن کي ڪرپشن جي اڏوهي ان حد تائين کائي چُڪي آهي، جو آءٌ هڪ جائز ڪم لاءِ ڌڪا پيو کاوان. اڃا ته ڪارخانو هنيو ڪونه اٿم. هڻي بيهندس ته پوءِ ته الائي گھڻا جٿا ۽ ٽولا ڀتا وٺڻ لاءِ هر مهيني در تي بيٺا هُوندا! مُون چيو باهه ڏيان اهڙي ڪاروبار کي، جيڪو مُون کان منهنجو آرام کسي! مون چيو اهو مُنهنجو مُلڪ ئي ناهي، جنهن جو منهنجي وڏڙن خواب ڏٺو هو... هي ته ڪو ٻيو پاڪستان آهي، جنهن کي راشي ڪامورن ۽ حرص ۾ ورتل حڪمرانن تخليق ڪيو آهي...“ اهي لفظ چئي بسم الله ڪري جو همراهه اڳوڻي صدر سميت پاڪستاني حڪمرانن ۽ ڪامورن کي گاريُون ڏيڻ شرُوع ڪيون، ته همراهه بس ڪري ڇا! الله اڪبر!!! انگريزيءَ ۾ ايتريُون گرما گرم، قراريُون ۽ سچي گيهه ۾ پڪل ڪچيُون گاريُون مُون هڪ ئي وقت ان کان اڳ ۾ ڪڏهن به ڪونه ٻُڌيُون هيُون. ان کان اڳ ۾ مُون کي اهو زعم ۽ لئي هُئي ته گاريُن ڏيڻ ۾ اسان پاڪستانين خاص ڪري سنڌين جو ڪو مَٽ ۽ ثاني ناهي ۽ اسان کي ان ڏس ۾ نوبل پرائيز لاءِ نامزد ٿيڻ گھُرجي، پر ان ٽيڪسي ڊرائيور جي پاڪستاني حڪمرانن ۽ بيوروڪريٽس لاءِ ڏنل گارين کي ٻُڌڻ کان پوءِ مُون مان ان خوشفهميءَ جي هوا بنهه نڪري وئي ۽ آءٌ ان نتيجي تي پهتس ته جيڪڏهن ڪو پاڪستاني، انگريزيءَ ۾ گاريُون سکي وٺي، ته ان جهڙي اُپٽار ٻيو ڪو ڪري ئي نه ٿو سگھي، ڇاڪاڻ ته اهي گاريوُن جن جي ٻوليءَ جُون آهن، انهن جو اتفاق سان گاريال مزاج ناهي. انهن مان گھڻائي شائسته ماڻهن جي آهي ۽ گار کي Deliever ڪرڻ لاءِ اوهان جو گاريال مزاج هئڻ بي حد ضرُوري آهي. مزي جي ڳالهه اها ته ان همراهه کي پاڪستان سان ان حد تائين نفرت ٿي چُڪي هئي، جو هُن اسان ٽنهي پاڪستانين سان اردُوءَ ۾ ڳالهائڻ به پسند نه پئي ڪيو ۽ هيستائين هُن سڄي ڳالهه ٻولهه انگلش ۾ پئي ڪئي. جيتوڻيڪ اسان کانئس سوال جواب اردُوءَ ۾ پئي ڪيا، پر هُن اسان کي انهن جا جواب انگلش ۾ پئي ڏنا. سندس لهجي مان پاڪستان ۽ ان جي ٻوليءَ سان نفرت پڌري پٽ ظاهر هُئي. شايد اسان جي هن سفر جي شرُوع وارن منٽن ۾ سندس خاموشيءَ جو سبب به اهو هو، جو هُو دل ۾ سوچيندو هُوندو ته: ”آيا هن نڀاڳا، ڪرپٽ مُلڪ مان... هُنهن...!!!“ پر پوءِ الائي ڪهڙيءَ ڳالهه سندس دل مان اُٻڙاڪ ڏئي انهن جذبن کي نڪرڻ تي مجبُور ڪيو!! نيٺ اسان جو سندس ۸۰ سيڪڙو کان وڌيڪ سندس ڳالهين تي سهمتِي ڏيکارِي، ته همراهه اسان کي پنهنجو همدرد سمجھندي، لهجي ۾ به ٿڌاڻ آندِي ۽ اسان سان نيٺ اردُوءَ ۾ ڳالهائڻ شرُوع ڪيائين. ساڻس همدردي ڪندي، اسان ڪو ساڻس گڏ گاريُون ڪونه ٿي ڏنيُون، پر جنهن سسٽم کي هُن غلط چيو پئي، اسان ان تي کيس آٿت ڏيندي مڃيوسي پئي ته ”ڀائُو! تُون صحيح ٿو چوين!“ پر جيسين همراهه اردُو ڳالهائڻ شرُوع ڪئي، تيسين اسان جي منزل به ويجھي اچي پهتي ۽ اسين اڌ ڪلاڪ، ۳۵ منٽن جو اهو سفر طئي ڪري، اِيسٽ ويسٽ سينٽر پهتاسِين. مُون کيس ڪرايو ڏيندي، سندس نالو پُڇيو ته ٻڌايائين ”اقبال!“ جيڪڏهن سفر جي آغاز ۾ يا سندس ڪاوڙ وارن جُملن جي وچ ۾ سندس نالو پُڇان ها ته ڏي ها مُون کي به گاريُون! بهرحال اسان لهندي خوشگوار انداز ۾ هڪٻئي سان موڪلايوسي. هتي مِينهن ڪُجهه جھڪو ٿي چُڪو هو، پر جھُڙ سبب ٽيپهري ڪُجهه اُونداهي هُئي. اِيسٽ ويسٽ سينٽر واريءَ عمارت (نمبر ۱۸۱۹) جي سُوئيٽ نمبر ۶۰۰ ۾ پهتاسِين (جتي اڄ صبح ۽ ڪالهه به اسان جا سيشنز هئا) ته اُتي مذاڪرو جاري هو. لفٽ مان لهندي ئي اُن مرڪزي هال ۾، جتي اسان مختلف سيشنز اٽينڊ ڪيا هُئا، مرڪزي ميز ٻاهر نڪتل هُئي (ڪانه هئي). سامهُون هڪ ٽيبل تي ۳ پينلسٽن سميت ۵ ڄڻا ويٺا هُئا ۽ سامهُون ٽيهارو کن ڪُرسين تي ٻُڌڻ وارا ويٺل هُئا، جن کي هي مُذاڪرو ٻڌڻ لاءِ اِيسٽ ويسٽ سينٽ وارن مدعُو ڪيو هو. اسان ٽئي به پهچندي شرط پهرينءَ قطار ۾ اچي ٻُڌڻ وارن ۾ ويهي رهياسِين. هن مُذاڪري (پينل ڊسڪشن) جو عنوان هو: ”امريڪي افغان ڦڏي کان پوءِ پاڪستان جي صُورتحال، مستقبل ۽ ترجيحُون، پاڪستاني صحافين جي نظر ۾“ جنهن ۾ پاڪستاني صحافين جو نقطهء نظر سمجھائڻ لاءِ پشاور وارو پٺاڻ، خالد خان خيشگي، اسلام آباد جو (اصل ۾ قبائلي علائقن جو) پٺاڻ، رياض برڪي ۽ ڪوئيٽه جو بلوچ، جيئند ڪاشف ساجدِي شامل هُئا. (اهڙي قسم جي موضُوعن ۾، جتي افغانستان کي ڊسڪس ڪيو ويندو هو، اسان جي خيبرپختُونخواهه سان تعلق رکندڙ دوستن کي ڳالهه ٻولهه ۾ وڌيڪ شامل رکيو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته هُو اتان جي صُورتحال تي وڌيڪ گهرِي نظر رکن ٿا.) هنن ٽنهي سان هن بحث ۾ مڊل اِيسٽ انسٽيٽيُوٽ جي ”سينٽر فار پاڪستان اسٽيڊيز“ جو ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر، ”ڊاڪٽر ماروِن وينبام“ سرگرم بهرو وٺڻ لاءِ شامل هو، جڏهن ته هن پينل ڊسڪشن کي هلائيندڙ (ماڊريٽر) توڙي ان جي صدارت ڪندڙ (چيئر) اِيسٽ ويسٽ سينٽر جي واشنگٽن ڊِي سِي سينٽر جو ڊائريڪٽر، ”مسٽر سيٽُو لمايي“ هو. هي مذاڪرو شام ۵ لڳي شرُوع ٿيو هو، جڏهن ته اسان ٽنهي کي پهچندي ساڍن ۵ کان پوڻي ۶ تائين جو ٽائيم ٿي ويو هو. جيئند کي اڄوڪي ڊسڪشن تائين هر ڊسڪشن ۾ رڳو بلوچستان بلوچستان ڪرڻ جي عادت هُئي. سندس اها وطن پرستي قابلِ تعريف هُئي، پر گھٽ ۾ گھٽ اهو ته خيال ۾ رکڻ گھُرجيس ها، ته جتي بلوچستان جي ڳالهه ڪرڻ جو موضُوع هُجي، يا ڪا تُڪ بڻجي، اُتي اهو ذڪر ڪجي. ايئن ته ناهي، ته ڊسڪشن هجي گجر جي فائدن تي يا اُٺ جي افاديت تي، ته اُن ۾ به زوريءَ ڪٿان نه ڪٿان گُنجائش ڪڍي بلوچستان جي مظلُوم هجڻ جو ذڪر ڪري. اهو مان ۽ اشفاق کيس پهريان به سمجھائي چُڪا هُئاسِين، پر پوءِ به اڄوڪي ڊسڪشن ۾ سندس زبان مان بلوچستان کان سواءِ ٻيو ڪو لفظ ئي نه پئي اُڪليو. ڳالهه هلِي پئي امريڪا جي افغانستان جي ويڙهه ۽ ان جي پاڪستان تي اثرن جي، تڏهن به هرُوڀرُو بلوچستان جو ذڪر ٿي ڇيڙيائين. هي مذاڪرو بس ٺيڪ رهيو. اسان جا دوست موضُوع تي ڳالهائڻ جي حوالي سان ڪي هرُوڀرُو فصيح ۽ بليغ ڪونه هُئا، نه ئي وري ايئن کڻي چئجي ته ڪو ان موضُوع تي سندن راءِ ڪنهن پيشاوراڻي صحافيءَ وارِي راءِ هئي. بس انهن جي معلومات توڙي نُقطهء نظر لڳ ڀڳ اهڙو / اهو ئي هو، جيڪو خيبرپختُونخواهه يا قبائلي علائقن ۾ رهندڙ هر واسيءَ جو هُوندو.

بنارس هڪ آڳاٽو جاڳندڙ شهر الطاف شيخ

بنارس هڪ آڳاٽو جاڳندڙ شهر
الطاف شيخ
گذريل مضمون کان آئون هندستان جي هن آڳاٽي ۽ مشهور شهر جو سفرنامو لکي رهيو  آهيان جيڪو مندرن جو شهر آهي ۽ هندو هن کي بيحد ڀلارو ۽ متبرڪ شهر سمجھن ٿا. هن شهر جي لاءِ مان هر وقت بنارس نالو استعمال ڪري رهيو آهيان... جيتوڻيڪ توهان کي هن شهر جي ريلوي اسٽيشنن، بس اسٽاپن ۽ ٻين هنڌن تي هن شهر جو نالو، انگريزي توڙي هندي ۽ ڪٿي ڪٿي اڙدو ۾ ورانسي (VARANASI) لکيل نظر ايندو ۽ اڄ جي هر نوجوان جي زبان تي اهو ئي نالو آهي جيڪو نالو انگريزن جي وڃڻ بعد آزاد هند سرڪار هن شهر جو رکيو نه ته اسان ننڍي لاڪون بنارس ٻڌو. پاڪستان جي شهر لائل پور ۽ منٽگمري وانگر جيڪي هاڻ فيصل آباد ۽ ساهيوال سڏجن ٿا، انڊيا به پنهنجن ڪيترن شهرن جا نالا پنهنجي مرضي مطابق نوان رکيا يا وري اهي ساڳيا رکيا جيڪي انگريزن جي 200 کن سالن جي حڪومت کان اڳ هئا. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان جهڙا پوڙها اڌ صدي کان اهي انگريزن وارا نالا جيڪي نه فقط عام طرح ٻڌا پر انگريزن جي لکيل ناولن ۾ پڙهيا سو هاڻ پيريءَ ۾ اهي نالا وسارڻ ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي. جيئن گذريل سال ممبئيءَ ۾ رهائش دوران مونکي ممبئي اچارڻ ڏکيو، عجيب ۽ اوپرو لڳو ٿي ۽ آئون هر وقت پراڻو نالو بمبئي چوندو رهيس جنهن سان سالن کان زبان هريل هئي. اهڙي طرح ”پوني“ بدران پراڻو نالو ”پونا“ استعمال ڪندو رهيس جيڪو اڃان سال ٻن جو هوس ته پنهنجي مرحوم ڏاڏيءَ کان ٻڌو هوم جيڪا هر ڳالهه ۾ پونا شهر جو ذڪر ڪندي هئي جِتان سندس اڪيلو ۽ سڪيلڌو پٽ (منهنجو والد گل محمدشيخ) سٺي پوزيشن سان ائگريڪلچر سائنس ۾ ڊگري حاصل ڪري آيو هو. پر اڄ اهو چوڻ بدران ته ”پونا Poona سٺو شهر آهي“، هرڪو چوي ٿو ته ”پوني  Pune سٺو شهر آهي“

لاهور کي لتاڙڻ لاءِ مون وسان نه گهٽايو.- مٺل جسڪاڻي

لاهور کي لتاڙڻ لاءِ مون وسان نه گهٽايو...
مٺل جسڪاڻي
پاڻ کان وڌيڪ ٻئي جي خبر ته پري جي ڳالهه، پنهنجي خبر به گهڻن کي نه هوندي آهي. مون کي مون متعلق گهڻين ڳالهين جي خبر نه آهي، ڪيترين ئي ڳالهين جي خبر هوندي به خبر نه آهي، پر ايترو ياد اچي پيو، ته جڏهن پرائمري ۾ پڙهندو هئس، يعني 1970 واڌو ڪاٽو 2 ۾، درسي ڪتابن ۾ لاهور بابت پڙهيم ۽ ڪا هڪ اڌ تصوير به ڏٺم. پوءِ وري جڏهن ڳوٺ ۾ بجلي آئي ۽ ٽي وي پهتي، ته 1980ع کان به پوءِ، ٽي وي ۾ خبرن، ڊرامن ۽ ٻين پروگرامن وسيلي لاهور جا ڪجهه منظر نظر آيا، جڏهن ته اخبارن ۽ رسالن توڙي مختلف ڪتابن ۾ لاهور جو احوال پڙهڻ ۽ پاڪستاني فلمن ۾ لاهور جون مشهور جايون ڏسڻ جا پڻ موقعا مليا.

Tuesday, December 01, 2015

منهنجي بنارس ڏي روانگي - ۲ الطاف شيخ

منهنجي بنارس ڏي روانگي - ۲
الطاف شيخ
هندستان جي شهر بنارس جو نالو اسان ننڍي هوندي کان ٻڌو. جيئن اسان مسلمان مڪي ۽ مديني وڃڻ لاءِ سڪندا رهون ٿا ۽ حج ڪرڻ بعد حاجي سڏايون ٿا، يا ايران جي شهر قم ۽ مشهد مان ٿي پاڻ کي زوار سڏائيندي فخر محسوس ڪريون ٿا تيئن ننڍي لاڪون اسانجي ڳوٺ جي هندو ٻارن ۽ وڏن کان هندستان جي شهر بنارس، هردوار ۽ مٿرا جهڙن شهرن جا نالا ٻڌبا هئا جن جي زيارت ڪرڻ هرهندوءَ جي زندگيءَ جو مقصد رهيو آهي. بنارس جو نالو ته اسان جهڙن جي ڌيان تي هڪ انڊين فلم جي گاني ڪري به رهيو آهي جيڪو شايد اميتاڀ بچن ڳايو آهي.
کھا کے پان بنارس والا
کھل جائے بند عقل کا تالا
۽ هاڻ دهلي جي هڪ هوٽل ۾ هفتو کن گذارڻ بعد منهنجي دل ۾ بنارس وڃڻ جو اردو ٿيو. ويزا ته مون وٽ هئي ان ڪري هي موقعو وڃائڻ نٿي چاهيم. دهلي هيڏو وڏو شهر آهي ته به جنهن کان کڻي پڇ ته هن کي بنارس وڃڻ جي تمنا محسوس ٿئي ٿي. ظاهر  آهي بنارس هندو مت جي ماڻهن لاءِ هڪ پوتر شهر آهي جِتان وهندڙ گنگا ۾ ٽٻي هڻڻ سان هن جا سمورا پاپَ ڌوپجيو وڃن. هندو عقيدي موجب جنهن جو بنارس ۾ ديهانت ٿئي ٿو اهو سڌو سرگ ۾ وڃي ٿو. بنارس اسان  جهڙن ٽوئرسٽن لاءِ به دلپسند شهر آهي جِتي ڀانت ڀانت جا ماڻهو نظر اچن ٿا. آڳاٽا مندر ۽ مسجدون، ميلا ملاکڙا،  مختلف قسمن جي کاڌن ۽ انهن مان نڪرندڙ نرالين خوشبوئن واريون ريسٽورنٽون آهن. هڪ اندازي مطابق بنارس ۾ روزانو 60 هزار کن ماڻهو اچن ٿا جن ۾ ڏهه سيڪڙو کان مٿي اسان جهڙا غير هندو ٽوئرسٽ به آهن.