Tuesday, January 03, 2017

برمودا ٽڪنڊي بابت جھونن ڪئپٽنن جي راءِ - الطاف شيخ


برمودا ٽڪنڊي بابت جھونن ڪئپٽنن جي راءِ

الطاف شيخ

برمودا ٽڪنڊي واري سمنڊ بابت ڪنهن انگريز، يورپين يا آمريڪن جهازران کان پڇڻ بدران پنهنجي ملڪ جي جهازيءَ کان ڇو نه پڇجي. ڪجهه ڪجهه اسان جا  جهازران آهن جن جي تعليم، ڄاڻ ۽ جهاز هلائڻ جي تجربي سان گورو، ڪو چيني، ڪو جپاني به  مقابلو نٿو ڪري. انهن مان هڪ ٻيو جنهن کان پڻ مون برمودا ٽڪنڊي بابت پڇيو ڪئپٽن مظهر حسين زيدي آهي. هو مونکان پنج ڇهه سال ننڍو آهي پر هن جيترو وقت سمنڊ تي گذاريو آهي اوترو ڪنهن ٻئي پاڪستانيءَ ته ڇا ڪنهن انگريز به ورلي گذاريو هوندو. هو هن وقت 65 سالن جو آهي پر هن جو اڄ به جهازن سان واسطو آهي. هن آئل ٽئنڪر ۽ پئسينجر جهازن کان وٺي ڪارگو، ڪنٽينر، ڪار ڪئريئر ۽ ڪئٽل ڪئريئر (رڍون ٻڪرين کڻڻ وارا جهاز) دنيا جي هر سمنڊ تي هلايا آهن. ايران ۽ عراق واري جنگ ۾ جڏهن ايرانين جا جهاز هلائڻ لاءِ ايراني جهازران آفيسر نه بچيا هئا ۽ بم باري ڪري ڌارين ملڪن جي جهازرانن ايراني جهازن تي نوڪري ڪرڻ کان ڪيٻايو ٿي ان وقت به ڪئپٽن مظهر زيدي خوشي ۽ دليري سان ايران جا ڪيترائي جهاز هلائيندو رهيو جن مان ٻن جهازن تي عراق وارن جي طرفان ميزائيل هنيا ويا جنهن ڪري جهاز ته سخت طرح تباهه ٿي ويا پر قدرت اسان واري ڪئپٽن مظهر زيديءَ کي بچائي ورتو. منهنجو ايران بابت اڙدو وارو سفرنامو ”ايران ڪي دن“ جيڪو ويلڪم بڪ پورٽ، اڙدو بازار ڪراچي وارن ڇپيو آهي، اهو ڪئپٽن زيديءَ کي منسوب ٿيل آهي. ساڻس منهنجي واقفيت 1970ع کان ٿي جڏهن اسان هيٺين پوسٽ تي ساڳي جهاز تي يورپ لاءِ Sail ڪيوسين. ان بعد به جڏهن هو چيف آفيسر (چيف ميٽ) هو ۽ آئون سيڪنڊ انجنيئر ته اسان وري هڪ ٻن جهازن تي ڏور اوڀر واري روٽ تي جهاز هلاياسين. شادين بعد ٻار وڏا ٿيا ۽ ٻارن جي اسڪولنگ لاءِ هڪ هڪ ٿي سمنـڊ جي نوڪري ڇڏي ڪناري جي نوڪري اختيار ڪندو رهيو پر ڪئپٽن مظهر زيدي لڳاتار Sail ڪندو رهيو. سو هن جي قابليت ۽ تجربي کان ڪو به انڪاري ناهي. هن کي ڪيترا ئي دفعا مختلف جهازن کي برمودا ٽڪنڊي وارو سمنڊ اڪارڻو پيو. منهنجي ٻڌائڻ تي ته اڄ ڪلهه آئون برمودا ٽڪنڊي تي لکي رهيو آهيان ۽ پڙهندڙن لاءِ سندس ان بابت views پڇڻا آهن هن فون ذريعي جيڪا پنج ڇهه منٽ گفتگو ڪئي اها هن ريت آهي: