Saturday, May 27, 2017

اسان وٽ مُون سائيٽنگ ۽ مُون فائيٽنگ - الطاف شيخ

اسان وٽ مُون سائيٽنگ ۽ مُون فائيٽنگ
الطاف شيخ

اسلامي مهينو نئين چنڊ جي ”اڀرڻ يعني ڄمڻ“ سان نه پر ”نظر اچڻ“ سان شروع ٿئي ٿو. سج ته جيئن ئي اڀري ٿو ته اسان کي نه رڳو نظر اچي ٿو پر سڄو گول نظر اچي ٿو. جو هن کي پنهنجي روشني آهي. چنڊ ڪوئلي وانگر ڪارو ۽ اونداهو آهي. اهو فقط تڏهن نظر اچي ٿو جڏهن ان تي سج جي روشني پوي ٿي ۽ اسان کي فقط اوترو نظر اچي ٿو جيترو سج جي روشني وارو حصو اسان جي ڌرتيءَ ڏي آهي. مثال طور چوڏهين تاريخ تي اهو سڄو گول نظر اچي ٿو، ڇو جو چنڊ جو اهو سڄو پاسو جنهن تي سج جي روشني پوي ٿي ان جو منهن اسان ڏي، يعني ڌرتيءَ ڏي آهي. اسلامي مهيني جي پهرين تاريخ تي به اهو سڄو بال جهڙو چنڊ اڀري ٿو پر اسان کي فقط گدري جي سنهي ڦار جهڙو نظر اچي ٿو جو سج جي روشني وارو فقط ايترو حصو ڌرتي ڏي آهي.