Saturday, August 12, 2017

اچو ته ٿر گهمون- فرزانا نور محمد چانڊيو

اچو ته ٿر گهمون
فرزانا نور محمد چانڊيو
چون ٿا ته ٿر ۾ هن سال برسات ايتري ٿي آھي جو ڏھن سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو آھي ۽ جنهن کي ٿر جي سونهن ڏسڻي آھي، تنهن کي هن سال ٿر ضرور گهمڻ گهرجي.
پر جيئن ته ٿر ايندڙن جي سهوليت لاءِ هتي جي تاريخي ماڳن ۽ مڪانن متعلق رستن تي ڪي به معلوماتي بورڊ وغيره ناهن لڳل، جنهن سان هتان جي تاريخي ماڳن جي ڄاڻ پئجي سگهي، انهيءَ ڪري اسين هتان جي ڪجهه تاريخي آستانن متعلق ڄاڻ ڏيون ٿا ته جيئن سياحن کي سهوليت ٿي سگهي.

Monday, August 07, 2017

آميريڪا جتي ماڻهو هڪ کان وڌيڪ ڪم ڪري سگهن ٿا - ڊاڪٽر ايوب شيخ

آميريڪا جتي ماڻهو هڪ کان وڌيڪ ڪم ڪري سگهن ٿا
ڊاڪٽر ايوب شيخ
آميريڪا جو حوال لکندي مون کي هڪڙو وڏو فائدو اهو ٿيو ته مون انهن ويهن ڏينهن ۾ پنجاهه مان جيڪي چار رياستون گهُميون، انهن جو تاريخ، سياست، اصل آميريڪا، انتظاميا، وڻن ٽڻن کان ويندي جانورن، پهاڙن ۽ وادين، پارڪن ۽ جهنگن توڙي ميوزمن توڙي ٿيئٽرن ۽ اڪيڊمين، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ گهمندي مونکي جيڪي لٽريچر مليو سو مون کنيو. ان کي سانڍيو. ان لٽريچر ۾ هڪ ته انهن سمورين ڳالهين جي مارڪيٽنگ آهي، جنهن ۾ ڪهڙي شيءِ ڪٿان ملي ٿي، ڪهڙي ڪٿان. پر خود جنهن شيءِ کي ماڻهو ڏسي ٿو، ان جي باري ۾ جيڪا تاريخي ڄاڻ موجود آهي، سا واهه جو آهي. مونکي گهمڻ سان گڏ ٻيو فائدو اهو ٿيو ته مون کي نئين ۽ پراڻي آميريڪا جي باري ۾ وڌيڪ پڙهڻ جو شوق جاڳيو.

انساني لڏپلاڻ - عبدالله مورائي

انساني لڏپلاڻ
Notes from Europe
عبدالله مورائي
سنڌي ۾ چوندا آهن ته ميلي جي موٽ يا آخر خراب هوندي آ. موري جي ڀرسان شاهپور جهانيان جي ميلي تي ته اسان ماما غلام رسول سان گڏجي هميشه وچين ڌمال تي ويندا هئاسين. شاهپور جهانيان واري ان ميلي جي موٽ جي ته خبر ناهي ته اها ڪيئن ٿيندي هوندي پر مون پاڪستان جي اترين علائقن ۾ شندور واري پولو راند واري ميلي جي پڇاڙي ڏٺي هئي. پاڪستان جي اڳوڻي ڊڪٽيٽر ۽ صدر پرويز مشرف شايد نچڻ بند ڪيو ۽ ميلو جيئن ئي پڄاڻي تي پهتو ته هڪڙو طوفان برپا ٿي ويو. ڪي گاڏين جا قافلا گلگت واري پاسي وڃڻ لڳا ته ڪي وري چترال واري پاسي. هونئن ته علائقو تمام خوبصورت آهي پر گاڏين جي اڏايل ڌوڙ هڻي خوبصورتي جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا، خيما پٽجڻ لڳا، ماڻهو موڪلائڻ لڳا. مون کي گلگت جي دوستن اڳ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ته ميلو ختم ٿيڻ کان پهريان تون مٿي پهاڙي تي بيٺل جيپ ۾ هلي ويهجان، نه ته هڪ ٻئي کان وڇڙي وينداسين، پوءِ اهو سڄو لقاءُ مون ويهي جيپ مان ڏٺو.

Sunday, August 06, 2017

سنڌ جي ثقافتي ورثي جا رکپال- مشتاق باگاڻي

سنڌ جي ثقافتي ورثي جا رکپال
مشتاق باگاڻي
تاريخ چوڏھن جولاءِ ۲۰۱۷ع تي، سنڌي ادب جي لاڏلي ڪهاڻيڪار، نسيم کرل جي ورسي هئي. مون کي منهنجي مهربان دوست عبدالقادر منگيءَ فون تي دعوت ڏني. مون کان دعوت ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ ڪجهه لکي اچڻ جو وچن ورتائين.

Saturday, August 05, 2017

ننگر ٺٽي جي سانگين جا سٻاجهڙا سانگ - مشتاق باگاڻي

ننگر ٺٽي جي سانگين جا سٻاجهڙا سانگ
مشتاق باگاڻي
گذريل مضمون ۾ جنگشاهيءَ جي اتر پاسي وارن جبلن، مڪانن، نئين، ڍورن ۽ کيٽن جون خبرون ڪيون هيونسين. هن ڀيري ڪينجهر، ھيڏيري ۽ هاليجيءَ جي پٽن، پڊن ۽ کيٽن جي ڳالهه ٿا کڻون.

ڪينجهر جي اوڀر ۾ گندرن، سومرن، تارن، ماڇين ۽ چانگن جا راڄ آباد آهن. اتر ۾ امير، پير ۽ جهمپير جا شهر. اتر اولهه ۾ مولدي مياڻ. اولهه ۾ ڍور وارو تڙ. ڏکڻ اولهه ۾ هيجن جا راڄ. ڏکڻ ۾ گندرن، هيلاين، شورن، ڪاتيارن جا راڄ  آباد آهن. مولديءَ تي ماڇي ۽ منڇري، جڏھن ته ڍور واري تڙ تي ميري پوٽن جاکرن جا راڄ رهن ٿا. ڪينجهر جي ڏکڻ اولهه ۾، کوهيءَ جي اتر کان، ڀنڀرن جا راڄ  رهن ٿا. ڪينجهر سان گڏ، اتر واري پاڻيءَ جي حصي کي سونهري ڍنڍ سڏيندا آهن.

Friday, August 04, 2017

ٽنڊوڄام کان ڪيٽي بندر - مٺل جسڪاڻي

ٽنڊوڄام کان ڪيٽي بندر
مٺل جسڪاڻي
ٿيو ائين ته مون کي، منھنجي فرزند ارجمند وقار مٺل جسڪاڻي سان ڳاڙھو، ضلع ٺٽه وڃي ملڻو ھو. هو ملازمت سانگي، اتي ترسيل آهي. گهر کان ٻاهر اڪيلي رهڻ جو سندس هي پهريون موقعو آهي، ان ڪري فون تي ڳالهين مان لڳو، ته همراهه سان روبرو ملي، سندس تربيت ڪرڻ ضروري آهي. ان ڪري سفر جي سھوليت ڀاءُ علي جسڪاڻي مهيا ڪئي. اسان سان گڏ بدين مان آيل مھمان ماما گنھور جسڪاڻي به ھليو. وقت ٿورو، فاصلو گھڻو ھو. ان ڪري لوڪ کان نه، سنگت ساٿ کان لڪي لڪي، آچر ۳۰ جولاءِ ۲۰۱۷ع جي صبح ستين وڳي ٽنڊوڄام مان نڪتاسين. ڪيٽي بندر کان ٿي، رات جو ٻارهين وڳي ڌاري واپس پهتاسين.