Sunday, September 30, 2018

جرمنيءَ جو دورو - ڊاڪٽر رميش ڪمار


جرمنيءَ جو دورو
ڪجهه يادون
ڊاڪٽر رميش ڪمار
Image result for germany images photos
پنهنجي هڪ جرمني جي دوري دوران فرينڪفرٽ ايئرپورٽ تي پهريون نظارو جيڪو ڏسڻ وٽان مليو هو اهو اڄ به منهنجي دل ۽ دماغ ۾ تازو آهي. ان جو سبب اُتي ڪجهه ستر جي لڳ ڀڳ هوائي جهاز هئا، جيڪي انتهائي منظم انداز ۾ فضائي آپريشن ۾ مصروفِ عمل هئا. مون مختلف ملڪن جي قومي ۽ خانگي ايئرلائينز جي مختلف رنگن جي جهازن جي موجودگي ۾ جيڪا شديد کوٽ محسوس ڪئي، اها هئي پاڪستان جي قومي ايئرلائن جي جهازن جو اُتي نه هجڻ. ڪنهن زماني ۾ پاڪستان جي قومي ايئرلائن سڄي دنيا جي پسنديده ترين ايئرلائن جي حيثيت رکندي هئي پر اڄ زوال جو شڪار پي آءِ اي دنيا جي رڳو ۲۱ ملڪن ۾ رسائي ڪرڻ تائين مجبور آهي. يورپ جي مصروف ترين ايئرپورٽس مان ان جرمن ايئرپورٽ کي اهو منفرد اعزاز حاصل آهي ته دنيا جي پهرين ايئرلائن گذريل صدي جي شروعات ۾ فرينڪفرٽ ايئرپورٽ ۾ ئي قائم ڪئي وئي هئي. ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪري هوٽل وڃڻ لاءِ ٽيڪسي هائر ڪئي ته ڊرائيور منهن مهانڊي مان پاڪستاني لڳو. ڳالهه ٻولهه ڪرڻ بعد خبر پئي ته هونئن ته ناروال سان تعلق رکي ٿو پر جرمن قانون موجب پاڪستاني نيشنلٽي سرينڊر ڪرڻ کانپوءِ هاڻ جرمن شهري آهي. جرمن دنيا جي انهن ملڪن ۾ سڀ کان اڳڀرو آهي، جتي ٻٽي شهريت رکڻ قانون طور منع آهي ۽ جرمنيءَ جي شهريت حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي اباڻي ڏيهه جي شهريت کان موڪلائڻو پوندو آهي. مونکي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پنهنجي دورن دوران پرڏيهي پاڪستانين سان ڳالهين جي ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي پر جيڪو ڏک مون ناروال جي هن ڊرائيور جي ڳالهين ۾ ڏٺو، اهو وسارڻ جوڳو ناهي. پاڪستان جي ناسازگار حالتن کيس هجرت جو ڏک برداشت ڪرڻ تي مجبور ته ڪيو پر پاڪستاني شهريت وڃائي هاڻ هو نفسياتي طور پاڻ کي ٻين پاڪستانين جي نظر ۾ غير ملڪي سمجهڻ لڳو هو.

Tuesday, September 25, 2018

ڪجهه ذڪر فرانس جي ناٽرڊيم گرجا گهر جو - عبدالحي پليجو


ڪجهه ذڪر فرانس جي ناٽرڊيم گرجا گهر جو
عبدالحي پليجو
پاڻ وٽ سگريٽ پيئندڙ شخص، سگريٽ نه پيئندڙ ٻئي شخص جو ڪو خيال ئي ڪونه ڪندو آهي. هونئن به اسانجي معاشري ۾ رواداري ۽ سهپ گهٽ آهي. اسان عورت ۽ ٻارن جو به جائز احترام ڪونه ٿا ڪريون، جڏهن ته معاشرو، اخلاقيات ۽ مذهب انهن ڳالهين لاءِ خاص هدايت ٿو ڪري پر خبر نه آهي ڇو اسان ائين ڪونه ٿا ڪريون. ڪنهن حد تائين اسان انهن جي دل آزاري به ڪريون ٿا، پر يورپ ۽ استنبول ۾ مون ٻارن ۽ عورتن لاءِ وڏي عزت ۽ احترام ڏٺو. ڪنهن مصروف روڊ تي سائي بتي ٻرندي به ڪو ٻار يا عورت غلطيءَ سان روڊ ڪراس ڪيو ته سوين گاڏيون بيهي رهنديون، جيسين نه اهي ٻار يا عورتون روڊ ڪراس ڪن. ڪنهن پوليس واري ٻار کي اتي بيٺل ڏٺو ته کڻي يا آڱر کان وٺي ان کي روڊ ڪراس ڪرائيندو. ڪيڏو نه فرق آهي پنهنجي ۽ يورپ جي معاشري ۾!! ان جا گهڻا ئي مثال آهن. پر توهان صرف هڪ ننڍو مثال وٺو. يعني پنهنجي ۽ يورپ جي پوليس جو. يورپ ۾ پوليس ماڻهن لاءِ هڪ پيار ۽ محبت جو اهڃاڻ آهي، جنهن کي هر ننڍو وڏو عزت ۽ احترام سان ڏسي ٿو. وڏا ته ٺهيو پر ننڍا معصوم ٻار جڏهن صُبح سوير اسڪول ايندي ويندي ڪنهن پوليس واري کي ڏسن ته ضرور کيس سلام ڪن. انگلينڊ ۾ ته ننڍا ٻار پوليس وارن کي پيار مان چون ئي بوبي. جيڪي پڻ انهن ننڍڙن ٻارن لاءِ ٽافيون کيسن ۾ وجهيو گهمن ۽ هيلو هيلو ڪرڻ شرط يڪدم ٽافي ڪڍي کڻي ٻار کي ڏيندا ۽ انهيءَ جي مقابلي ۾ پاڻ وٽ پوليس نفرت جو اهڃاڻ آهي، جنهن کي معاشري ۾ شديد نفرت سان ڏٺو ٿو وڃي. ان حد تائين جو ڪنهن فلم ۾ ڌاڙيل ۽ پوليس جي مقابلي وارو سين هوندو ته ماڻهن جي پوليس کان وڌيڪ انهيءَ ڌاڙيل سان همدردي هوندي. انهيءَ فلمي سين ۾ ڪنهن ڌاڙيل جي گوليءَ سان جي ڪو پوليس وارو مري پيو ته سڄي هال ۾ تاڙين جا ٺڪاءُ ٿي ويندا. انهيءَ مان اهو تاثر ٿو ملي ته غريب ۽ مسڪين عام ماڻهوءَ کي پوليس سان تِر برابر به همدردي ناهي.