Monday, October 22, 2018

انٽارڪٽيڪا جي هوائن سان پرڏيهي ماڳن جو سير - عبدالله عثمان مورائي


انٽارڪٽيڪا جي هوائن سان پرڏيهي ماڳن جو سير
Notes from Europe
عبدالله عثمان مورائي
سگريٽ جو وڏو ڪش هڻندي چيائين ته عبدالله مون کي تمام گهڻو ڏک ٿيو جڏهن مون سيوهڻ ۾ ملنگن تي حملي جي خبر ٻڌي. جيڪو به ٿيو تمام گهڻو ڏکوئيندڙ ۽ خراب ٿيو. مون کي ياد آهي ته روبرٽ مون وٽ موري اچڻ کان پهريان ڪراچي کان سيوهڻ گهمڻ ويو هو. روبرٽ سان منهنجي دوستي 2006 کان هلندي اچي پئي، جڏهن اسان هڪ ئي جيپ ۾ گلگت کان شندور ميلو گهمڻ لاءِ ويا هئاسين ۽ پرويز مشرف کي اتي نچندي ڏٺو هئوسين. پوءِ آئون واپس گلگت موٽي آيو هئس ۽ روبرٽ وري شندور کان چترال واري پاسي هليو ويو هيو ۽ پوءِ ڪجهه سالن کان پوءِ مون وٽ موري گهمڻ آيو هيو.