Friday, November 30, 2018

سڊنيءَ ۾ رولاڪي - عبدالله عثمان مورائي


سڊنيءَ ۾ رولاڪي
Notes from Europe
عبدالله عثمان مورائي
”ڪٿان جا آهيو؟“
”سڪرنڊ ۽ موري جا.“ وراڻيوسينس.
”اوهان ڪٿي جا آهيو؟“
ٻڌايائين؛ ”مان خيرپور ميرس جو آهيان پر سڊني ۾ گذريل ٽيهن سالن کان رهان ٿو.“
اوبر ٽيڪسي جو ڊرائيور هيو ته پنجابي، پر سنڌي صاف پئي ڳالهايائين. وڌيڪ چيائين؛ ”مونکي خوشي پئي ٿئي جو مان سنڌي گهڻي وقت کان پوءِ پيو ڳالهايان. هونءَ به سنڌي ۽ پنجابي ۾ تمام گهڻا لفظ ۽ جملا بلڪل ساڳيا آهن.“

Monday, November 26, 2018

الطاف شيخ جي سفرنامن تي ٿيندڙ پي ايڇ ڊي- ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو


الطاف شيخ جي سفرنامن تي ٿيندڙ پي ايڇ ڊي
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
سنڌي ادب ۾ سفرنامي جي صنف کي سڃاڻپ محترم الطاف شيخ صاحب ڏياري آهي. جڏهن به سفرنامي جو ذڪر ٿئي ٿو ته الطاف شيخ جو نالو زبان تي اچي وڃي ٿو. هڪ سئو جي لڳ ڀڳ ڪتابن جو خالق الطاف شيخ سنڌي ٻوليءَ سان گڏ اُردو جو به وڏو ليکڪ آهي. وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي، الطاف شيخ صاحب جي سفرنامن تي گذريل چئن سالن کان تحقيق جو سلسلو شروع ڪيو آهي. ان حوالي سان منهنجيءَ نگرانيءَ ۾ محترمه رضيه ٻگهيو پي ايڇ ڊي ڪري پئي، سندس ڪم مڪمل ٿيڻ وارو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ تحقيق جي سلسلي ۾ شيخ صاحب جي گهر اسان جو وڃڻ ٿيو، ساڻس ڏاڍي سٺي ڪچهري ٿي. اسان کيس سالگره مبارڪ به چئي. ان ڪچهريءَ مان سندس ڪجهه ڳالهيون اوهان سان ونڊجن ٿيون.

Friday, November 23, 2018

جڏھن بوندون برسنديون... ميان مير چانڊيو


جڏھن بوندون برسنديون...
ميان مير چانڊيو
ٿر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ صدين کان هلندي پيئي اچي، ليڪن هاڻي ته جر جو پاڻي کارو ٿيڻ ڪري سنڌ جي مختلف ٻين علائقن ۾ به پيئڻ جي صاف ۽ مٺي پاڻيءَ جي کوٽ شدت اختيار ڪري ويئي آھي. ماڻھو دُٻن جو گندو ۽ جر جو کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آھن. جنهنڪري ماڻھن جي صحت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي ٿي وڃي. پيٽ، گردن ۽ جگر جي مختلف بيمارين ڪري ماڻھن ۾ موت جي شرح ۾ واڌارو ٿي رهيو آھي. صحت جي عالمي اداري ملڪ جي ڪجھ ٻين علائقن سميت سنڌ ۾ جر جي پاڻي ۾ ٽيھ سيڪڙو سينکيو رپورٽ ڪيو آھي ۽ ان کي پيئڻ لاءِ انتهائي هاڃيڪار قرار ڏنو آھي. اهڙي پاڻيءَ کي واپرائڻ سان جگر، گردا، ۽ تلي آھستي آھستي ڪم ڪرڻ ڇڏي ٿا ڏين ۽ ماڻھو موت طرف ڌڪجڻ لڳي ٿو. ان رپورٽ اچڻ کان اڳ مون کي ھڪ ڊاڪٽر دوست به ٻڌايو هو ته جر جو پاڻي پيئڻ خودڪشي برابر آھي جڏھن کان ان ۾ سنکئي جو مقدار وڌڻ شروع ٿيو آھي. هن اين جو اوز ۾ ڪم ٿي ڪيو جنهن اين جي اوز کلئي پاڻيءَ کي هٿرادو فلٽر ڪري پيئڻ لائق بنائڻ تي ڪم ٿي ڪيو. ڊاڪٽر انسان دوست ماڻھو هو، هن ۾ سنجيدگي ۽ ديرينائي جهلڪي رهي هئي. اهي گڻ وچٿري عمر جا هوندا آھن. هو ته اڃان ڦوھ جواني ۾ ھو. ان ۾ ماڻھن لاءِ خدمت جو جذبو چنڊ جي چٽائيءَ وانگر نظر اچي رهيو هو. هن مون کي ٻڌايو ته مون تنهنجا ڪتاب پڙھيا آھن، جن ۾ محبت، انسانيت ۽ فطرت ڪنهن موم بتيءَ جيان ٻرندي نظر اچي ٿي. ماڻھوءَ جي جسم کي پائندگي ناهي پر ڪتاب گهڻي عرصي تائين لکندڙن کي زندھ رکن ٿا. هن ٻڌايو ته پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جو بندوبست حڪومت کي آڳاٽو ڪرڻ کپندو هو، ليڪن حڪومت اڃان تائين ان سلسلي ۾ ڪجھ نه ڪري سگهي آھي سواءِ ڪجھ ھنڌن تي آر او پلانٽ ڏيڻ جي. اهي به گهڻو ڪري ناڪاره بڻجي چڪا آھن. اسان اها رات اسلام ڪوٽ کان ٽيھ ميل کن ڏکڻ اوڀر ۾ هڪ ڳوٺ ڪهڙي ۾ جعفر سميجي وٽ رهيا هئاسين، جنهن تي آئون اڳ لکي چڪو آھيان.