Thursday, January 30, 2014

دُنيا جا وشال ساگرَ ۽ ڪنارن تي آباد قومن جي سمنڊ شناسي - عبدالحي پليجو

دُنيا جا وشال ساگرَ ۽ ڪنارن تي آباد قومن جي سمنڊ شناسي
عبدالحي پليجو
پئسفڪ سمنڊ جو اُڀرندو ڪنارو آمريڪا جي ڪارڊيليران جابلو سلسلي Cordilleran mountain system سان وابسته آهي. هِي جابلو سلسلو اُتر ۾ الاسڪا تائين پکڙيل آهي. سندس سر اتر ۽ سر ڏکڻ وارن پهاڙي ڪنارن کي ڇڏي، باقي سمورو ساحل هڪ ساريڪو آهي، انهيءَ جي ابتڙ سندس الهندو يعني ايشيا وارو ساحل بناوٽ ۾ هڪ ساريڪو يعني ريگيولر ڪونهي. پئسفڪ وڏي سمنڊ جي هن اُلهندي ساحل يعني ايشيا واري ڀاڱي سان هن کنڊ جا ڪيترا ئي علاقائي سمنڊ ڳنڍيل آهن، جهڙوڪ جاپاني سمنڊ، پِيلو سمنڊ، اُڀرندو چِيني سمنڊ ۽ ڏکڻ چِيني سمنڊ وغيره. اوڀر ايشيا جي مشهور وڏين ندين مثلن، آمر AMUR يا آمون درياهه يانگزي ندي، سبچيانگ ندي ۽ ميڪانگ ندين جو پاڻي مذڪوره ڳنڍيل علائقائي سمنڊ معرفت اڻسڌيءَ  طرح پئسفڪ سمنڊ ۾ داخل ٿئي ٿو.

Tuesday, January 21, 2014

وقت جي اهميت ۽ قدر - الطاف شيخ

وقت جي اهميت ۽ قدر
الطاف شيخ
ڪيترا ماڻهو پنهنجي پاڻ ۽ پنهنجن ٻارن جي پڙهائيءَ لاءِ يا ٻاهر وڃي نوڪري ڪرڻ جي سلسلي ۾ مون کان صلاح وٺڻ لاءِ فون ڪندا رهن ٿا. هو منهنجو فون نمبر اخبار وارن کان يا شايد انٽرنيٽ تان هٿ ڪري ڳالهائين ٿا ۽ ڪوشش ڪري هنن کي جواب ڏيڻ، پنهنجي ڄاڻَ ۽ تجربي مطابق هنن کي مشورو ڏيڻ آئون پنهنجو فرض سمجھان ٿو. آئون سوير سُمهڻ وارو آهيان پر اسان جي ملڪ ۾ دير تائين جاڳڻ ۽ صبح جو دير سان اُٿڻ جو ڪلچر ٿي پيو آهي، (جيڪو ڪنهن قوم يا ملڪ لاءِ بيحد خراب ۽ نقصانڪار شيءِ آهي) سو ڪڏهن ڪڏهن ڪو فون رات ڌاري نِنڊ ڦِٽائيندو آهي، ته سخت ڊسٽرب ٿي ويندو آهيان پر پوءِ پاڻ کي اهي لوليون ڏئي ننڊ کي آڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، ته ڇا ڪجي اسان جي ملڪ جي ماڻهن کي انهن ڳالهين جو احساس ئي نٿو ٿئي ... بهرحال رات جو دير سان فون ڪري ٻئي کي ڊسٽرب ڪرڻ جي نه فقط مونکي شڪايت آهي پر ان بابت مون سان ٻاهر رهندڙ منهنجي ڪيترن هم وطنن به اها شڪايت ڪئي آهي، ته آئون ان بابت لکان. ڳالهه اها آهي ته، اڄڪلهه اسان جي ملڪ جا ڪيترائي ماڻهو ٻاهرين ملڪن ۾ نوڪري ڪن ٿا يا شاگرد تعليم حاصل ڪن ٿا.... جپان، چين، ملائيشيا کان دبئي، سعودي عرب، ايران، انگلينڊ، آمريڪا، آسٽريليا ۽ ڪئناڊا وغيره. هنن جا فون نمبر هنن جي مائٽن ۽ دوستن وٽ رهن ٿا. پرديس ۾ رهي اسان جا هم وطني پنهنجي وطن کان فون اچڻ جو انتظار ڪن ٿا، ڄاڻي واڻي ته ائين نه ٿيندو هوندو پر اڻ ڄاڻائي يا غير ذميوار رويي ڪري اسان جي ملڪ جي ماڻهن کي جنهن وقت دل چوي ٿي پرڏيهه فون ڪن ٿا. هو اهو نٿا سوچين ته هنن وٽ ته ڏينهن آهي پر جنهن ملڪ ۾ هو پنهنجي دوست يا مائٽ کي فون ڪري رهيا آهن اُتي ڇا هوندو!.

Friday, January 17, 2014

آمريڪا ڏانهن اڏام - عبدالحي پليجو

آمريڪا ڏانهن اڏام
عبدالحي پليجو
اسان جو  جهاز آمريڪا کان ڪافي ڏور ٿي ويو آهي ۽ هاڻ چوطرف سمنڊ ئي سمنڊ نظر اچي رهيو آهي، ڏينهن آهي تنهنڪري هر شئي صاف ۽ چٽي نظر اچي رهي آهي، ٽائيم ڏٺم ته سمجهيم ته نون ڪلاڪن کانپوءِ لنڊن جي هيٿرو پورٽ تي پهچبو. آمريڪا ايڏو ته وڏو ملڪ آهي جو خود آمريڪا ۾ به ڇهه مختلف ٽائيم آهن، جن کي اڄڪلهه يونيورسل ڪوآرڊينيٽيڊ ٽائيم  جي نالي سان ياد ڪيو ٿو وڃي ۽ اڳم هن عالمي ٽائيم کي دنيا اندر گرين وچ مين ٽائيم  جي نالي سان سڏيو ويندو هو. آمريڪا هيٺين مختلف ٽائيمن  ۾ ورهايل آهي.
Eastern standard time G M T 5
Central standard time G M T 6
Mountain Standard Time G M T 7
Pacific Standard Time G M T 8
Alaska zone time G M T 9.5 to 11
Hawaii zone time 10

Monday, January 13, 2014

ڳوٺ ويندي استنبول جو چڪر - عبدالله مورائي

ڳوٺ ويندي استنبول جو چڪر
عبدالله مورائي
استنبول استنبول- مون کي لڳو ڄڻ آئون جڳ مشهور ريل گاڏي اوريئنٽ ايڪسپريس (Orient Experience) ۾ آهيان ۽ ريل گاڏي جو ڪنڊيڪٽر (Conductor) مون سميت سڀني مسافرن کي استنبول (Istanbul) اچڻ جو اطلاع ڏيندو هجي. گهريءَ ننڊ مان سجاڳي ٿي ته، اوريئنٽ ايڪسپريس (Orient Express) ۽ نه ئي ڪو ڪنڊيڪٽر، بلڪ سامهون ترڪش ايئرلائينز (Turkish Air lines) جي هڪ سهڻي ايئرهوسٽس (Air hostess) استنبول اچڻ جو اطلاع ڏئي رهي هئي ۽ مون کي به هدايت ڪيائين ته سيٽ بيلٽ (Seat Belt) ٻڌي پنهنجي پاڻ کي قابو ڪر ۽ سڌو ٿي ويهه. جهاز استنبول جي عطا ترڪ هوائي اڏي تي لهڻ جا سانباها ڪري رهيو هيو. آئون اسٽاڪهوم کان ڳوٺ، وايه استنبول، اچي رهيو هيس. منهنجو دوست، عالم صديقي به مون سان گڏ هيو. اوريئنٽ ايڪسپريس ۾ سفر ڪرڻ جو خواب اڃا خواب ئي رهجي ويو. آئون به سڌو ٿي ويهي رهيس ۽ انتظار ڪرڻ لڳس.

Tuesday, January 07, 2014

رعب تاب ۾ دٻيل سنڌ - امر لغاري

رعب تاب ۾ دٻيل سنڌ
امر لغاري
گڊو مان شڪارپور ايندي مون پنهنجن ڪن مهربانن کي فون ذريعي پيغام موڪليو ته مون کي سکر جي ڪنهن صاف سٿري هوٽل جو ڏس پتو ڏين ته جيئن صبح جو لاڙڪاڻي ويندي رات آرام سان ڪٽي سگھجي. دوستن ٻن ٽن هوٽلن ۽ ٻن ٽن گيسٽ هائوسز جو ڏس پتو ٻڌايو، جن مان اسان ٻن چار کي ڏسي بريز گيسٽ هائوس جي چونڊ ڪئي. سامان سڙو رکي سوچيوسين ته هلڪو شهر کي چڪر ڏجي. انهيءَ خيال سان اتان ٻاهر نڪري آياسين. جيتوڻيڪ اسان شهر جي پوش علائقي، ايئرپورٽ روڊ کان ٿي آءِ بي اي سکر ۽ نادرا آفيس وارو روڊ ورتوسين، جيڪو سکر جي وڏن بنگلن واري سوسائٽيءَ مان ٿي شهر ڏي اچي ٿو. انهي ئي سوسائٽيءَ ۾ بنگلن نما هوٽلن ۽ گيسٽ هائوسز جي ڀرمار آهي. مسافرن جي ريل پيل، بارگينگ ۽ طرح طرح جي ايئر ريفريشرز جي خوشبوءَ هتي هر اچڻ ۽ وڃڻ واري جي استقبال لاءِ ۲۴ ڪلاڪ موجود آهي. مان پنهنجي دوست ساٿي استاد نظاماڻيءَ کان ڄاڻڻ گھريو ته سکر جهڙي شهر ۾ اهي ايترا گيسٽ هائوسز ۽ هوٽل ڪنهن جي لاءِ ٺهيا آهن؟ جواب ۾ ڪجھه دير، استاد کي به خبر ناهي ته ان جو راز ڇا هي؟ هڪ ڳالهه سمجھه ۾ اچي ٿي ته انهن گسٽ هائوسز جو نمونو ڏسي ايئن لڳي ٿو هي درجنين ڪروڙ پتي يا ارب پتي پنهنجن بنگلن کي ڪرائي تي ڏئي يا پاڻ خود گيسٽ هائوس ڪري پيا هلائين ۽ پاڻ ڪنهن ٻئي پاسي پيا رهن. اسان جي ذهنن ۾ سوال پيدا ٿئي ٿو ته انهن وٽ ايتري دولت ڪٿان آئي آهي جو اهڙا لگزري بنگلا ڇڏي پاڻ ٻين اهڙن بنگلن ۾ پيا رهن؟ باقي مون کي قطعي ايئن نٿو لڳي ته جنهن طرز ۽ انداز جا اهي بنگلا ٺهيل آهن، انهن جا ڌڻي ڪن فليٽن يا عام ٻن ٽن ڪمرن وارن گھرن ۾ رهي سگهندا هجن! مون استاد جي جواب جو انتظار پئي ڪيو، منهنجي ذهن تي اچانڪ ۲۰۱۰ع واري ٻوڏ جو مظرنامو تري آيو. سکر اتر سنڌ جو ٻوڏ جي حوالي سان ان وقت محفوظ ترين هنڌ هو. اتي جن ايڊ ايجنسين، اين جي اوز، ٽرسٽن جي ڀرمار ٿي انهن يقينن اهڙي ضرورت پيدا ڪئي هوندي جو بنگلن جا مالڪ ڊالر ۽ بي انتها پئسو ڏسي هرکجي پيا هوندا. هونئن به چوندا آهن ته پئسو پئسي کي ڪمائي، ان ڪري اها سوسائٽي ايئرپورٽ کي ويجھو هوندي انهن ايڊ ايجنسين، ملازمن ۽ ورڪرن لاءِ نهايت موزون جاءِ هئي. اتر سنڌ جي ڀوتارڪي ڪلچر کان گھڻو نه سهي پر ڪنهن حد تائين اربن ڏيک ڏيندڙ هي سکر شهر وري به ٻاهرئين ماڻهن لاءِ محفوظ ترين جاءِ هئي. سکر مان شڪارپور، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور وڃجي يا لاڙڪاڻو، قمبر- شهدادڪوٽ، خيرپور ۽ نوشهروفيروز اچجي يا مورو دادو ڏانهن اسهجي. گھوٽڪي- رحيم يار خان ڏانهن رخ رکجي يا ٺل- جيڪب آباد ڏانهن روانو ٿجي، سکر وري به مرڪز مائل قوت جي حيثيت رکي ٿو، پر هڪڙي ڳالهه اسان کي حيران ڪري وڌو ته انهي ساڳي سوسائٽيءَ جا روڊ رستا، خود آءِ بي اي وارو رستو، جيڪو مين شهر ۾ داخل ٿئي ٿو، ڪِن سان ڀريل ۽ گٽرن جي پاڻيءَ سان تر ٿيل نظر آيا.

Monday, January 06, 2014

ڇا پرڏيهي پاسپورٽ رکندڙ ديس واسين کان خبردار رهجي؟ - الطاف شيخ

ڇا پرڏيهي پاسپورٽ رکندڙ ديس واسين کان خبردار رهجي؟
الطاف شيخ
سڄي دنيا خبردار ٿي وئي آهي ته، سگريٽ يا ٻيون نشي آور شيون انساني صحت لاءِ هاڃيڪار آهن پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته، اسان وٽ سنڌ ۾ اڄ به ان کي، خاص ڪري شراب پيئڻ کي فيشن ۽ ’وڏ ماڻهپي‘ سمجھيو وڃي ٿو. دنيا جي هر پڙهيل ڳڙهيل ۽ سُڌريل ملڪ ۾ شراب پيئڻ کي خراب سمجھيو وڃي ٿو، خاص ڪري گذريل صديءَ جي ويهارو سالن کان شراب خلاف سخت مهم هلي رهي آهي. ايشيا جا ملڪ جپان ڪوريا هجن يا يورپ آمريڪا..... هن شيءِ لاءِ اهو ئي چيو پيو وڃي ته، هِي اهو زهر آهي، اها بيماري آهي، جيڪا اسان پئسا ڏئي خريد ڪريون ٿا. ميڊيڪل سائنس به هاڻ اهو ئي ثابت ڪيو آهي ته، دنيا جا پنجاهه سيڪڙو ڏوهه شراب جي ڪري ٿين ٿا. مون ته سُلجهيل ۽ سٺن گهرن جي انگريزن کي به ان شيءِ کان نفرت ڪندي ڏٺو آهي. اسانجا ڪيترا ڳوٺاڻا، سرڪاري ڪامورا ۽ وڏيرا اهو ئي سمجھن ٿا ته، جيڪو ولايت ۾ رهي ٿو اهو شراب پيئي ٿو يا ان لاءِ پيئڻ ضروري آهي. اسان جا ماڻهو ڪيڏو بي عقل آهن! اڄ سڄي دنيا ان شيءِ کان نفرت ڪري ٿي، ٻيا  ملڪ ته ڇڏيو آمريڪا ۾ هلي ڏسو ته ڪيترا آهن جيڪي شراب پيئن ٿا. اسان جا سنڌي ته ڇڏيو پر مڪاني گورا به ڪيترا آهن، جيڪي پيئن ٿا.... هر عقلمند ماڻهو ان نشي کي خراب سمجھي ٿو، پر ماڻهو ڏسو.... بيهوش ٿي ويندا، نازيبا ٻولي ڳالهائيندا، يا رستي تي اُلٽيون ڪري ڪريا پيا هوندا!