Sunday, April 29, 2012

ملائيشيا ۾ نئون ماڻهو ڇا کائي؟ - الطاف شيخ


ملائيشيا ۾ نئون ماڻهو ڇا کائي؟
الطاف شيخ
ملائيشيا جي کاڌن بابت ڪجهه پهرين به لکي چڪو آهيان، ڪجهه هتي وڌيڪ لکڻ ضروري سمجهان ٿو، جو اسان جي ملڪ جا ڪيترا ماڻهو (ڪجهه ڏينهن لاءِ ايندڙ ٽوئرسٽ توڙي اهي شاگرد يا نوڪري ڪرڻ وارا جيڪي ٻن ٽن سالن لاءِ اچن ٿا) پڇن ٿا ته ڇا کائجي، ڪٿي کائجي، ان کان علاوه حرام ۽ حلال جو به پڇن ٿا.

Friday, April 27, 2012

ڪجهه ملائيشيا جي سِکن بابت - الطاف شيخ


ڪجهه ملائيشيا جي سِکن بابت
الطاف شيخ
ملائيشيا؛ ملئي، چيني ۽ ڏکڻ هندستاني تاملن ۽ مدراسين جو ملڪ آهي. ملائيشيا جو سرڪاري معلومات جو کاتو به اهو ئي ٻڌائي ٿو ته؛ ملائيشيا ۾ 50 سيڪڙو ملئي آهن ۽ باقيءَ ۾ 40 سيڪڙو چيني ۽ 10 کن سيڪڙو انڊين آهن. ملائيشيا ۾، جيڪو ٻن ٽن ڏينهن يا هفتي کن لاءِ گهمڻ اچي ٿو، ان کي به ائين لڳي ٿو، پر جيڪو هتي پڙهڻ يا نوڪري خاطر ڊگهي عرصي لاءِ رهي ٿو، ان کي آهستي آهستي معلومات ٿئي ٿي ته 10 سيڪڙو انڊين ۾ رڳو ڏکڻ هندستان جا تامل، تيلگو، مليالم ۽ ڪنهڙ ڳالهائيندڙ مدراسي نه آهن، توڙي کڻي انهن جي وڏي مئجارٽي آهي، پر انهن سان گڏ وڏي تعداد ۾ پنجابي، پٺاڻ، بوهري ۽ سک به آهن.

Wednesday, April 25, 2012

فريزر ۽ ڪئمرون هِل کان گورک هِل تائين - الطاف شيخ


فريزر ۽ ڪئمرون هِل کان گورک هِل تائين
الطاف شيخ
انگريز ٿڌي ملڪ جا هيراڪ جتي به رهيا ته هنن ان ملڪ ۾ ٿڌڪار وارن هنڌن جي ڳولا ڪئي. 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪرڻ بعد هنن ڏٺو ته حيدرآباد ۾ اونهاري ۾ سخت گرمي ٿي ٿئي. هونءَ ته سڄي سنڌ گرم علائقو آهي پر ان هوندي به هنن بهتر جاءِ تي پنهنجي گادي ٺاهي ٿي. ان لاءِ هنن کي ڪراچي سمنڊ جي ڪناري تي هجڻ ڪري سٺو هنڌ لڳو، جتي سياري توڙي اونهاري ۾ سٺي موسم رهي ٿي، ائين ته ڪجهه عرصو ٻيو رهن ها ته گورک هِل کي به Develop ڪري وڃن ها. اهڙي طرح ملائيشيا (جيڪو ان وقت ملايا سڏبو هو) ۾ به هنن ڪوهه مري ۽ شمله جهڙيون ڪيتريون ئي پهاڙي جايون ڳولي ورتيون، جتي اونهاري ۾ به ٿڌڪار رهي ٿي. گنتنگ هاءِ لئنڊ ته انگريزن جي وڃڻ بعد ملائيشيا جي امير چيني بزنيس مين ”مسٽر لِم گوح“ ڊيولپ ڪرايو، پر ان کان اڳ انگريزن جون ايجاد ڪيل ۽ ٺهرايل هِل اسٽيشنن مان ٻن، فريزر هِل ۽ ڪئمرون هاءِ لئنڊ تي ٻه چار سٽون لکڻ ضروري سمجهان ٿو، جيڪي منهنجي رهائش واري شهر ملاڪا کي ويجهو هجڻ ڪري منهنجو اتي اڪثر وڃڻ ٿيو ٿي.

Tuesday, April 24, 2012

لنگڪوي ۽ گنتنگ - الطاف شيخ


لنگڪوي ۽ گنتنگ
الطاف شيخ
ملائيشيا مان جيڪو به گهمي اچي ٿو، ان کان کڻي پڇ ته ڇا ڇا ڏٺئه؟ ته يڪدم لنگڪوي ٻيٽ جو نالو کڻندو. لنگڪوي ٻيٽ ڏسڻ وٽان آهي، پر انگريزن ۽ يورپين لاءِ. اسان لاءِ ملائيشيا ۾ ڏسڻ لاءِ لنگڪوي کان وڌيڪ ٻيون شيون ۽ ملائيشيا جا ٻيا شهر آهن. هي ائين آهي جيئن ڪو ميرپورخاص يا سکر کان ڪراچي گهمڻ لاءِ ٻه ڏينهن صدر جي ڪنهن هوٽل ۾ رهي ۽ ڪلفٽن، ڪياماڙي، آرٽس ڪائونسل ۽ سنڌ ميوزيم ڏسڻ بدران نوري آباد ڪنهن فارم هائوس تي سڄو ڏينهن وڃي گذاري. مطلب اهو آهي ته اهڙي خاموشي ۽ اڪيلائي وارا باغ بستان ته هو ميرپورخاص يا سکر ۾ به ڏسي سگهي ٿو. پر اهڙيءَ طرح ڪوالالمپور پهچي پوءِ هوائي جهاز يا بس ۽ ٽرين ذريعي 500 کن ڪلو ميٽر ڪري لنگڪوي ٻيٽ تي وڃي، ريتيءَ تي ليٽجي ۽ سمنڊ جون لهرون ڳڻجن، ان مان ڪهڙو فائدو. اهو سڀ ڪجهه ته اسان ڪراچيءَ جي سئنڊس پٽ يا هاڪس بي تي به ڏسي سگهون ٿا. يورپي ڀلي وڃن، جو هو ٿڌ ۽ گوڙ گهمسان کان ڀڄي، هيڏانهن اچن ٿا ۽ ملائيشيا وارا به لنگڪوي ٻيٽ جي مشهوري انهن امير يورپين لاءِ ڪن ٿا.

Saturday, April 21, 2012

هتي جي ماڻهن جا وهم ۽ وسوسا - الطاف شيخ


هتي جي ماڻهن جا وهم ۽ وسوسا
الطاف شيخ
سڄي ملائيشيا ۾ ساٺ، سوڻ، وهم وسوسا تمام گهڻا آهن. ڪيتريون ڳالهيون آهن جن جو اسلام سان ڪو واسطو ناهي پر ماحول ڪري ڪيترا ئي ملئي مسلمان به انهن وهمن ۾ يقين ڪن ٿا. جيئن ملائيشيا بابت هڪ پراڻي سفرنامي ۾ پنهنجن ٻن دوست ڪئپٽنن جو ذڪر ڪيو اٿم ته هو ٻئي وڏين ڏاڙهين سان مولوي ٿي ڪري، گڏ فوٽو نه پيا ڪڍرائين. چون ته؛ ”ٽن جو انگ نڀاڳو آهي، ڪنهن چوٿين کي به سڏي پاڻ سان گڏ بيهاريون.“

Wednesday, April 18, 2012

باليق ڪمپونگ - الطاف شيخ


باليق ڪمپونگ
الطاف شيخ
ان ڏينهن ملاڪا جي سير تي ڊاڪٽر عطا سان گڏ سندس پٽ مير غلام محمد جيڪو هتي جي ڪنهن اسڪول ۾ او ليول ڪري رهيو آهي، پڻ ساڻ هليو. کين آئون اڄ کان ٽيهارو کن سال اڳ جي ملاڪا جو احوال ٻڌائيندو هليس، جڏهن منهنجو هن شهر ۾ پهريون دفعو اچڻ ٿيو هو. جيڏانهن ٿي مون چيو، ڊاڪٽر عطا پنهنجي پروٽان ڪار جو رخ اوڏانهن ٿي ڪيو. آئون ٿڪجي پيس پر منهنجا ميزبان نه. آخرڪار مون واپس گهر هلڻ جو سوچيو ۽ جيئن ئي غلام محمد پڇيو ته انڪل هاڻ ڪيڏانهن هلون ته مون جواب ۾ اسان جي ڏينهن جي ٽاپ جي مشهور گاني جا ٻول ان نموني سان ورجايا:
”هاڻ باليق ڪمپونگ، باليق ڪمپونگ“
”واپس ڳوٺ، واپس ڳوٺ“

Tuesday, April 17, 2012

سکر جو ڊاڪٽر ملائيشيا ۾ - الطاف شيخ


سکر جو ڊاڪٽر ملائيشيا ۾
الطاف شيخ
ملائيشيا جو ذڪر ڪندي، سکر جي هڪ سهڻي ڊاڪٽر افتخار عباسي جو ذڪر نه ڪرڻ ناانصافي ٿيندي، جنهن کي گهر ۾ پيار مان جاني سڏين ٿا. ڊاڪٽر افتخار هڪ ذهين، محنتي ۽ ڄاڻو ڊاڪٽر مڃيو وڃي ٿو. هن انٽر سائنس جي امتحان ۾ سيڪنڊري بورڊ آف ايڊيوڪيشن ۾ اول پوزيشن حاصل ڪئي ۽ 2002ع ۾ ڊو ميڊيڪل يونيورسٽي مان MBBS ۽ 2 سال هائوس جاب ڪيو، ان بعد ملائيشيا هليو آيو. گذريل دفعي آئون ملائيشيا آيو هوس ته هو هن شهر جوهور بارو جي سلطانا امينا اسپتال ۾ پاڻ ۽ سندس ملائيشيا جي زال ڊاڪٽر زرينا بنت شيخ محمد دائود نوڪري ڪري رهيا هئا. هو هتي 2 سال کن نوڪري ڪرڻ بعد، ايسٽ ملائيشيا جي شهر ڪوٽا ڪِنابالو هليا ويا، جتي هنن اتي جي مشهور انگريزن جي ڏينهن جي اسپتال ”ڪُئين ايلزبيٿ هاسپيٽل“ ۾ ڏيڍ سال ڪم ڪيو. مون ڊاڪٽر افتخار کان پڇيو هو ته ويسٽ ملائيشيا جيڪو اسان کي ويجهو آهي، وڌيڪ ماڊرن آهي ۽ هر ڪو اتي رهڻ چاهي ٿو، ان جي شهر جوهور بارو کي ڇڏي ايسٽ ملائيشيا جي شهر ڪوٽا ڪِنابالو ڇو وئين؟

Monday, April 16, 2012

سريمبان جون يادون - الطاف شيخ

سريمبان جون يادون
الطاف شيخ
لنگي ڳوٺ ۾ ڪجهه دير ترسي، هتي جي پهرئين گائنا ڪالاجسٽ ڊاڪٽر محمد سعيد جي فيمليءَ جي ڪجهه مائٽن سان ملڻ بعد، اسان جي ٻي منزل بانگي شهر هو، جتي پڻ منهنجي هڪ پراڻي دوست ۽ شاگرد ڪئپٽن رزالي يعقوب ۽ ان جي ٻارن ٻچن سان ملڻو هو.
بانگي شهر سلينگور رياست ۾ آهي، جنهن رياست جي گاديءَ جو شهر ’شاهه عالم‘ آهي. سمجهو ته ڪوالالمپور به سلينگور رياست جي وچ ۾ آهي، جيئن اسلام آباد پنجاب صوبي ۾ آهي. بانگي ٽائون جيتوڻيڪ سلينگور رياست ۾ آهي، پر سندس جاگرافيائي پوزيشن نينگري سيمبيلان رياست جي بارڊر وٽ آهي. ملائيشيا جي هيءَ رياست، ملاڪا ۽ سلينگور رياستن جي وچ ۾ آهي ۽ ملاڪا کان بانگي يا ڪوالالمپور وڃڻ لاءِ ”نينگري سيمبيلان“ رياست مان لنگهڻو پوي ٿو. ملائيشيا جي هن رياست جو نالو، جيتوڻيڪ ڌارين ماڻهن لاءِ اوپرو ۽ عجيب لڳي ٿو، پر مڪاني ماڻهن يا ملئي زبان ڄاڻندڙن لاءِ بيحد سولو ۽ آسان آهي. هي ائين آهي جيئن پاڪستان ۾ پنجون صوبو ٺاهي ان جو نالو ئي ”پنجون صوبو“ رکجي. ملئي زبان ۾ ملڪ کي نگارا ۽ رياست کي Negri (نيگري) سڏجي ٿو ۽ Sembilan (سيمبيلان) معنيٰ نائون (نمبر).
ملئي زبان ۾ هڪ کان ڏهين تائين انگ هن ريت آهن: ساتو، دُئا، تِيگا، ايمپت، لِيما، اَنام، تُوجو، لاپان، سيمبيلان، سَي پُلو.

Saturday, April 14, 2012

ڪجهه خوبصورت يادون الطاف شيخ


ڪجهه خوبصورت يادون
الطاف شيخ
پرلس، پينانگ ۽ ملاڪا، ملائيشيا جون تمام ننڍيون رياستون آهن. ملاڪا رياست ۾ ٽي وڏا شهر آهن؛ هڪ رياست وارو شهر ملاڪا ۽ باقي ٻه ’جاسن‘ ۽ ’الور گاجا‘. اسان ملاڪا شهر کان نڪتا هئاسين ۽ اتر طرف وڃي رهيا هئاسين. رستي تي تنجنگ ڪِلنگ، بُڪت رَمبائي ۽ سُنگائي اُڊانگ جهڙا ڳوٺ لتاڙي ٽنڊوآدم ۽ شهدادپور جهڙي ٽائون مسجد تاناح ۾ آياسين جنهن جي بلڪل ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ رهندڙ صفيه درزياڻيءَ سان ملي هاڻ اسان اڳتي جو سفر شروع ڪيو. مسجد تاناح کانپوءِ 15 منٽن جي فاصلي تي لبوڪ چينا (Lubok Cina) ڳوٺ اچي ٿو، جيڪو ملاڪا رياست جي بارڊر وارو ڳوٺ آهي. جنهن بعد ڀر واري رياست، نينگري سيمبيلان، شروع ٿئي ٿي. هتي اهو لکندو هلان ته ملائيشيا ۾، رستن تي جيڪي روڊن ۽ گهٽين يا اسڪولن ۽ اسپتالن جي نالن جا انگريزي الفابيٽ ۾ بورڊ لڳل آهن، اهي انگريزي زبان ۾ نه پر ملئي زبان ۾ آهن. انگريزي ۽ ملئي الفابيٽ جا ڪجهه اچار مختلف آهن. ملئي زبان ۾ C جو اُچار ”چ“ آهي، `SY’ جو اچار ”ش“ آهي. جيتوڻيڪ انگريزي ۾ ش جي اچار لاءِ ‘SH’ استعمال ٿئي ٿو. اسان شاهه SHAH ڪري لکون ٿا پر ملئي ماڻهو SYAH ڪري لکن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته آئون شيخ جي اسپيلنگ SHAIKH لکان ٿو ته هو مون کي ڌاريو سمجهي، سمجهيو وڃن ته اهو لفظ سهيخ نه پر شيخ آهي. پر ان چڪر ۾ هو ڪڏهن غلطي به ڪريو وڃن، جڏهن هو بنگالي ڪئپٽن اسحاق جي نالي ISHAQ کي عشاق پڙهيو وڃن. بهرحال مٿي ٻڌايل ڳوٺ لبوڪ چينا جي چينا لفظ جي ملئي اسپيلنگ ۾ CH بدران فقط C اچي ٿي. ملئي اخبارن ۾ ڪئناڊا جي اسپيلنگ KANADA ملندي. جي توهان Canada لکندائو ته ملئي ماڻهو ان کي چئناڊا پڙهي ويندو. ٻي ڳالهه ته ’مسجد تاناح‘ ڪنهن مسجد جو نه پر ڳوٺ جو نالو آهي. تاناح ملئي لفظ آهي جنهن جي لفظي معنيٰ مسجد واري زمين يا ڳوٺ ٿيو. اها به حقيقت آهي ته هن ڳوٺ ۾ هڪ تمام جهوني مسجد آهي. (اھو ائين آھي جيئن اتر سنڌ ۾ ’اڇي مسيت‘ نالي ڳوٺ آھي.)

Thursday, April 12, 2012

ملائيشيا سلائي سکڻ لاءِ بهترين ملڪ آهي - الطاف شيخ

 ملائيشيا سلائي سکڻ لاءِ بهترين ملڪ آهي
الطاف شيخ
ڪوالالمپور ۾ وقت نه ملڻ ڪري آئون پنهنجي ملئي دوست ابراهيم معروف جي ٻارن (ٻن ڌيئن ايمي ۽ جنيتا ۽ پهرين زال فاطمه) سان ملي نه سگهيس. ايمي ۽ سندس مڙس جيڪي ٻه چار مهينا اڳ اسان وٽ ڪراچي ۾ رهي آيا هئا، اهي آخري ڏينهن تائين مون کي گهر گهرائڻ لاءِ منٿون ڪري رهيا هئا. هنن هروڀرو مانيءَ جو اهتمام ڪرڻ ٿي چاهيو ۽ آئون کين اهو ئي چوندو رهيس ته ”مون کي جيئن ئي ٽائيم ملندو ته آئون اڌ ڪلاڪ لاءِ اچي توهان جي خبر چار لهي ويندس ۽ ماني بدران چانهه پيئڻ پسند ڪندس.“ هونءَ به ائميءَ کي ته ڏسي چڪو هوس، پر سندس ڀيڻ جنيتا کي مون تڏهن ڏٺو هو جڏهن هوءَ نائين ڪلاس ۾ مارئي منهنجي ڌيءَ سان گڏ هئي. ان وقت ڪنهن کي خبر هئي ته هڪ ڏينهن هوءَ ڪوالالمپور جي مشهور وڪيل (بئريسٽر) ٿيندي. پئان (مسز) فاطمه سان به ڪراچي مان فون تي ڳالهه ٻولهه ته ٿيندي رهي ٿي، پر ڏٺي ورهيه ٿي ويا هئا.

Friday, April 06, 2012

پنجن سالن ۾ چار ٻار ڄڻيو ويٺي آهيان - الطاف شيخ


پنجن سالن ۾ چار ٻار ڄڻيو ويٺي آهيان
الطاف شيخ
ملاڪا، ملائيشيا جي 13 رياستن مان هڪ رياست جو نالو به آهي ته ان رياست جي گاديءَ واري شهر جو نالو به آهي، جيئن پينانگ آهي يا اسان وٽ خيرپور ۽ بهاولپور رياستون هيون جن جي گادي وارن شهرن جو به ساڳيو نالو هو. ملائيشيا جي ٻي ڪا اهڙي رياست ناهي جنهن جي گاديءَ واري شهر جو به ساڳيو نالو هجي. ملائيشيا جي ڏاکڻي ۽ ڇيڙي واري رياست ’جوهور‘ (Johor) جي گادي واري شهر جو نالو البت ”جوهور بارو“ آهي. ٿي سگهي ٿو ان جو شروع ۾ ’جوهور‘ ئي نالو هجي ان بعد ان شهر جي ڀرسان هي ٻيو شهر ٺهڻ تي ان جو نالو جوهور بارو ٿي ويو هجي. ملئي زبان ۾ بارو Baru لفظ جي معنيٰ ”نئون“ آهي ۽ ڪيترن شهرن ۽ ڳوٺن جي نالن ۾ بارو (نئون) يا لاما (پراڻو) اچي ٿو جيئن اسان وٽ نيو هالا ۽ اولڊ هالا آهي يا نيو ڪراچي ۽ نئين سعيد آباد شهر آهن.