Tuesday, June 26, 2012

هوائي ۽ سامونڊي سفر ۾ فرق - الطاف شيخ


هوائي ۽ سامونڊي سفر ۾ فرق
الطاف شيخ
عرب امارات جو هوائي جهاز جيڪو چار سؤ کن مسافر دبئيءَ مان کڻي، پنهنجي منزل نيويارڪ ڏي وڃڻ جو سفر طئي ڪري رهيو هو. اهو هاڻ يورپ کنڊ جو آخري حصو لتاڙي، ائٽلانٽڪ سمنڊ مٿان اڏامڻ لڳو. جنهن جي خبر اسان کي پنهنجي سيٽ اڳيان رکيل ٽي وي جي اسڪرين تان به پيئي ته جهاز جي پائليٽ به اعلان ڪيو. ان سان گڏ ايئر هوسٽيس مختلف هنڌن تي بيهي، جهاز جي مسافرن کي هڪ دفعو وري اها معلومات ڏني ته هوائي جهاز ۾ هوا جو دٻاءُ گهٽجڻ تي، آڪسيجن جي سپلاءِ لاءِ، مٿي لڳل ٻوٿاڙو (Breathing mask) خودبخود ڪري پوندو، جنهن کي منهن سان لڳائي، ساهه کڻي سگهو ٿا. ان کان علاوھ جهاز جي سمنڊ ۾ ڪرڻ تي، سيٽن هيٺان رکيل لائيف جئڪيٽ پائي، پنهنجو بچاءُ ڪري سگهو ٿا. لائيف جئڪيٽ، سمنڊ ۾ ٻڏڻ کان بچائي ٿي ۽ ان ۾ ٻڌل سيٽي ۽ ٽارچ سان، پري کان ويندڙ ٻيڙي وارن يا جهاز جو پاڻ ڏي ڌيان ڇڪائي سگهو ٿا... وغيره وغيره.

Wednesday, June 20, 2012

ڪهڙو آمريڪا؟ - الطاف شيخ


ڪهڙو آمريڪا؟
الطاف شيخ
اسان ڪهڙي آمريڪا جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون؟ توهان جي اڳيان جي دنيا جو گولو آهي ۽ ان کي گول ڦيرائي ڏسندؤ ته پهرين نظر ۾ ئي محسوس ٿي ويندوَ ته هن ڌرتيءَ جي گولي تي اڌ کان وڌيڪ سمنڊ ئي سمنڊ آهي. زمين اڌ کان گهڻي گهٽ آهي ۽ اها زمين هڪ ئي چَڪَ (وڏي Piece) ۾ هجڻ بدران ڇهه ست ٽڪرن ۾ آهي، جيڪي کنڊ Continents ٿا سڏجن. انهن مان هڪ ننڍو ٽڪراٽو هيٺ ڏکڻ اڌ گول ۾ آسٽريليا آهي ۽ جتي اسان رهون ٿا، اتي يڪا ٽي ٽُڪر (کنڊ) ايشيا، يورپ، آفريڪا نالي آهن، جيڪي معمولي ۽ سنهين پٽين سان هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن ۽ پوءِ ڪافي پري اتر آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جا کنڊ آهن، جيڪي هڪ ٻئي سان پاناما، ڪاسٽاريڪا، نڪراگئا جهڙن پنج ڇهه سنهن ملڪن ذريعي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن، جيڪي وچ آمريڪا جا ملڪ سڏجن ٿا.

Sunday, June 17, 2012

آمريڪا جو دلپسند صدر ڪينيڊي - الطاف شيخ

آمريڪا جو دلپسند صدر ڪينيڊي
الطاف شيخ
ٻه چار لفظ آمريڪا جي صدر ڪينيڊي بابت لکڻ ضروري سمجهان ٿو، جيڪو اسان جي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ (جڏهن اسان انٽر ڪري، پروفيشنل تعليمي اداري ۾ جهاز رانيءَ جو علم سکڻ لاءِ گهڙيا هئاسين) اسان شاگردن جو مشهور ۽ دلپسند ماڻهو هو. آئون صدر نٿو چوان، اهو پنهنجي ملڪ جي ماڻهن لاءِ هو.
اڄڪلهه يعني گذريل ويهن ٽيهن سالن کان ڏسان پيو ته آمريڪا جو هر صدر عتاب ۾ آهي يعني سڄي دنيا جون گاريون کائيندو رهي ٿو. دنيا جي هر ملڪ جو ماڻهو وس پڄيس ته رهڻ به آمريڪا USA ۾ ٿو چاهي. ساڳي وقت گاريون به آمريڪا جي عوام ۽ حڪومت کي ڏئي ٿو. پر سٺ جي شروع وارن سالن ۾ جڏهن ڪينيڊي آمريڪا جو پنجٽيهون صدر چونڊجي آيو هو ته هو پنهنجي دلچسپ شخصيت ۽ خوبصورت شڪل ڪري، نوجوان طبقي ۾ ائين پاپولر هو جيئن ڏهاڪو کن سالن بعد ذوالفقار علي ڀٽي صاحب کي پسند ڪيو ويو هو. اسان جي نيول اڪيڊميءَ ۾ اسان ڪئڊٽن ٿي سگهي ٿو ته ڪينيڊيءَ کي ان ڪري به پسند ڪيو ٿي ته هو سٺو نيول آفيسر هو. هن جي ان بهادري ۽ همٿ کان هر ڪو واقف هوندو ته 1943ع ۾ (جڏهن اڃا ٻي جنگ عظيم هلي رهي هئي) ۽ هي هڪ ننڍڙي ٻيڙيءَ نما جهاز تي ڪمانڊنگ آفيسر هو ته هڪ وڏي جپاني destroyer جهاز هن جي مٿان جلهه ڪري، سندس ٻيڙي کي ٻوڙي ڇڏيو. ڪينيڊي جيتوڻيڪ تمام گهڻو زخمي ٿي پيو، پر تنهن هوندي به ان سرد، اونداهيءَ ۽ طوفاني رات ۾ بچي ويلن کي مشڪل مان ڪڍي، ڪناري تي سلامتيءَ سان آندو.

Monday, June 11, 2012

سنڌ ۾ گرميءَ جو ٽوڙ، گورا حڪمران ۽ گورک هِل - الطاف شيخ


سنڌ ۾ گرميءَ جو ٽوڙ، گورا حڪمران ۽ گورک هِل
الطاف شيخ
انگريز ٿڌي ملڪ جا هيراڪ جتي به رهيا ته هنن ان ملڪ ۾ ٿڌڪار وارن هنڌن جي ڳولا ڪئي. 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪرڻ بعد هنن ڏٺو ته حيدرآباد ۾ اونهاري ۾ سخت گرمي ٿي ٿئي. هونءَ ته سڄي سنڌ گرم علائقو آهي پر ان هوندي به هنن بهتر جاءِ تي پنهنجي گادي ٺاهي ٿي. ان لاءِ هنن کي ڪراچي سمنڊ جي ڪناري تي هجڻ ڪري سٺو هنڌ لڳو، جتي سياري توڙي اونهاري ۾ سٺي موسم رهي ٿي، ائين ته ڪجهه عرصو ٻيو رهن ها ته گورک هِل کي به Develop ڪري وڃن ها. اهڙي طرح ملائيشيا (جيڪو ان وقت ملايا سڏبو هو) ۾ به هنن ڪوهه مري ۽ شمله جهڙيون ڪيتريون ئي پهاڙي جايون ڳولي ورتيون، جتي اونهاري ۾ به ٿڌڪار رهي ٿي. گنتنگ هاءِ لئنڊ ته انگريزن جي وڃڻ بعد ملائيشيا جي امير چيني بزنيس مين ”مسٽر لِم گوح“ ڊيولپ ڪرايو، پر ان کان اڳ انگريزن جون ايجاد ڪيل ۽ ٺهرايل هِل اسٽيشنن مان ٻن، فريزر هِل ۽ ڪئمرون هاءِ لئنڊ تي ٻه چار سٽون لکڻ ضروري سمجهان ٿو، جيڪي منهنجي رهائش واري شهر ملاڪا کي ويجهو هجڻ ڪري منهنجو اتي اڪثر وڃڻ ٿيو ٿي.

Tuesday, June 05, 2012

هڪ يهوديءَ جو حيرت انگيز سفر - الطاف شيخ


هڪ يهوديءَ جو حيرت انگيز سفر
الطاف شيخ
1960ع ۾ جڏهن اسين مئٽرڪ ڪلاس ۾ هئاسين ته اسان جو هڪ ڪلاس ميٽ خالد حسين مخدوم لاهور گهمي موٽڻ تي اتان “The Road to Mecca” نالي ڪتاب وٺي آيو هو. جيڪو اسان سڀني پڙهيو. هن ڪتاب بابت اسان ”ڊان“ اخبار ۾ پڙهيو هو پر اسان جو انگريزي پرنسپال ڪرنل ڪومبس، جيڪو هونءَ ته اسان کي گهڻي کان گهڻا انگريزي ڪتاب پڙهڻ لاءِ چوندو هو، جيئن اسان جي انگريزي ۽ معلومات بهتر ٿئي پر لئبرري لاءِ هيءُ ڪتاب گهرائڻ کان نٽائيندو رهيو. اسان جي پرنسپال جون هونءَ سڀ سٺيون ڳالهيون هيون پر هن کي جرمنن، يهودين، نازين لاءِ سخت نفرت هئي. ان ۾ هن جو ڏوهه به نه هو. ٻي جنگ عظيم جيتوڻيڪ آخر ۾ انگريزن کٽي پر ٽي چار سال 1939ع کان 1945ع تائين جرمنن انگريزن کي پِنائي رکيو ۽ انگريزن جو D-Day تائين ساهه مُٺ ۾ هو. جن جو اڌ دنيا تي راڄ هو، انهن کي جرمنن ۽ جپانين، ڪنگلو ۽ نفسياتي مريض بنائي ڇڏيو. جنگ کٽڻ جي باوجود، هو ايڏا ڪمزور ٿي ويا جو آفريڪا ۽ ايشيا جو هڪ هڪ ملڪ، سندن هٿن مان نڪري ويو. اسان جو انگريز فوجي پرنسپال، ان جنگ جو حصو هو. هو جرمنن جي قيد مان ته بچي ويو پر سنگاپور ۾ پوسٽنگ دوران جپانين جو Pow (پرزنر آف وار) ٿي رهيو ۽ سخت تڪليفون ڏٺائين. هن کي جپانين تي به چڙ هوندي هئي پر جرمنن لاءِ وڌيڪ غم ۽ غصو هوندو هوس، جپاني ته وري به ڌاريا ۽ ڏورانهين ڏيهه جا ٿيا پر هي پاڙي جا جرمن ته ڄڻ سندن سوٽ ماسات ٿيا، جن ڏني نه ورتي پاڻ کي به خوار ڪيو ۽ هنن (انگريزن) کي به ذليل ڪيو.

Friday, June 01, 2012

يار! اها ”لا“ نه هجي ها..- الطاف شيخ


يار! اها ”لا“ نه هجي ها....
الطاف شيخ
منهنجا ڳوٺائي توڙي ٻاهريان ڪڏهن ڪڏهن اهو بحث ڪندا آهن ته؛ هالا جو مطلب ڇا آهي. منهنجي معلومات موجب هالا ۾ جيڪي پهريان ماڻهو اچي رهيا انهن جو ”هالا“ قبيلي سان واسطو هو. هي اهي آهن جيڪي اڄ ڪلهه ارباب سڏائين ٿا. هي هالا قبيلي جا ماڻهو جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته وچ ايشيا کان لڏي ايران ۽ افغانستان کان ٿيندا هتي پهتا، انهن جا ڪجهه ماڻهو دنيا جي ٻين ملڪن ڏي پڻ شفٽ ٿيا ۽ پنهنجي ساڳي سڃاڻپ قائم رکيائون. بقولUBL  بئنڪ جي اڳوڻي صدر منور ارباب جي ته هنن جي ذات جا ڪجهه ”هالا“ ڪوريا ڏي به نقل مڪاني ڪري ويا. ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته ڪوريا ۾ خاص ڪري ڏکڻ ڪوريا ۾ هالا نالي ڪيتريون ئي جهازن ۽ ڪارخانن جون ڪمپنيون آهن.