Friday, December 30, 2011

شڪارپوري، شڪارپورڪر ۽ شڪارپور والا... - الطاف شيخ


شڪارپوري، شڪارپورڪر ۽ شڪارپور والا...
الطاف شيخ
ممبئي انڊيا جي مهاراشٽرا رياست ۾ آهي، جنهن جي سرڪاري زبان مراٺي آهي ۽ ڳالهائڻ وارا مرهٺا يا مرهٽا ۽ انگريزيءَ ۾ مهاراشٽرين سڏجن ٿا. مرهٺي مهاراشٽرا رياست کان علاوه ڀر وارين رياستن گجرات، مڌيا پرديش، گوا، ڪرناٽڪ، ڇتيس ڳڙهه ۽آنڌرا پرديس جي به ڪجهه حصن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. ڪيترائي مرهٺا آمريڪا، انگلينڊ، سنگاپور، جرمني، آسٽريليا، عرب ملڪن ۾ ته تمام گهڻا، ڏکڻ آفريڪا ويندي جپان ۽ اسرائيل ۾ به رهن ٿا.

Saturday, December 24, 2011

بمبئي جا ڌوٻي، پارسي ۽ مهاراڻي وڪٽوريا - الطاف شيخ


بمبئي جا ڌوٻي، پارسي ۽ مهاراڻي وڪٽوريا
الطاف شيخ
ممبئي شهر ۾ جتي ڪنهن ريل جي اسٽيشن تي بيهي، ٻه لک کن ماڻهن جي لنچ (منجهند جي ماني) ڍوئڻ وارن سوين ’دٻا والاز‘ جي مشين جهڙي ڦڙتي ڏسڻ جهڙي آهي، اتي ممبئي جي ڌوٻي گهاٽ تي هزارين ڌوٻين کي ڪپڙا سَٽيندو ڏسڻ پڻ، دلچسپيءَ کان خالي ناهي. روزانو سوين فارينر، دنيا جي هن وڏي ڌوٻي گهاٽ کي ڏسڻ لاءِ مهالڪشمي ريلوي اسٽيشن تي اچن ٿا. لڳي ٿو ته، انگريزن جتي به حڪومت ڪئي، اتي ڪپڙن جي ڌوئارڻ لاءِ ڌوٻي گهاٽ جو ضرور بندوبست ڪيو. پينانگ (ملائيشيا) ۽ سنگاپور ۾ به، زمين جو هڪ حصو ڪپڙا ڌوئڻ وارن حوالي ڪيائون، جيڪو اتي به ڌوٻي گهاٽ سڏجي ٿو. ڌوٻي گهاٽ جيتوڻيڪ هندي ۽ اردو جو لفظ آهي، پر ڌوٻي ۽ ڌوٻي گهاٽ ٻئي لفظ انگريزي، چيني، ملئي ۽ ڏکڻ هندستان جي ٻولين ۾ شامل ٿي ويا آهن. سنگاپور جو ڌوٻي گهاٽ جيتوڻيڪ اڄ ڌوٻي گهاٽ نه رهيو آهي. اڄ اتي اوچيون عمارتون ۽ شاپنگ سينٽر آهن، پر اڄ به اهو علائقو ڌوٻي گهاٽ سڏجي ٿو. ماڊرن زماني جي ٽيڪنالاجي مان فائدو وٺي، عورتون توڙي ڌوٻي، واشنگ مشينن ۾ ڪپڙا ڌوئن ٿا. پر ممبئي جو هي ڌوٻي گهاٽ، جيڪو دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڌوٻي گهاٽ آهي، اتي اڄ به هٿ سان ڪپڙا ڌوتا وڃن ٿا ۽ اڄ هڪ صدي کن اڳ واري طريقي سان، ڪپڙن کي گرم پاڻيءَ ۾ ٽهڪائي، صابڻ ۽ کار هڻي، ڏنڱرين سان سٽيا وڃن ٿا يا وري پٿر جي وڏي بلاڪ مٿان ڪُٽيا وڃن ٿا.

Thursday, December 22, 2011

دلين تي راڄ ڪندڙ فلمي هيروئن - الطاف شيخ


دلين تي راڄ ڪندڙ فلمي هيروئن
الطاف شيخ
گذريل پنج ڇهه سالن ۾ هندستان تي ڪيترائي لکيل سفرناما نظر مان گذريا آهن. ڪي ڪتابي صورت ۾، جيئن ته تاجل بيوس ۽ دادو جي وڪيل صاحب علي احمد قريشي جو. انڊيا جا ڪجهه سفرناما مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ به پڙهڻ جو موقعو مليو آهي، جن مان هن وقت نصرت لاشاري ۽ ماهين هيسباڻي جا ياد اچي رهيا آهن. هڪ سفرنامو جيڪو مهاڳ لکڻ لاءِ پهتو ۽ اهو ڪتاب هيستائين ڇپجي به چڪو هجي، اهو هڪ نوجوان ليکڪ ڊاڪٽر عامر عباس سومرو جو آهي ۽ سفرنامن جي شوقينن کي ڊاڪٽر سومرو جو سفرنامو پڙهڻ لاءِ صلاح ڏيندس. ڊاڪٽر صاحب نه رڳو شڪارپور جو آهي، پر هن کي شڪارپور جي تاريخ جي به وڏي ڄاڻ آهي. هن انڊيا ۾ ڪيترن ئي شڪارپور جي ماڻهن سان ملي انهن جو دلچسپ احوال لکيو آهي. هن جي انڊيا جي ڪيترن ئي شهرن ۽ انهن جي عمارتن جي تواريخي ڄاڻ هجڻ ڪري سندس سفرنامو مون کي بيحد دلچسپ لڳو. ڊاڪٽر صاحب پاڻ به هڪ سنڌي پڙهيل ڳڙهيل ۽ اهم ڪٽنب سان تعلق رکي ٿو. پاڻ سنڌ جي پهرين ۽ ننڍي عمر واري وزيراعظم شهيد الله بخش سومري جو پوٽو آهي ۽ 1968ع ۾ شڪارپور ۾ عبدالصمد سومرو صاحب ۽ مئڊم ثريا جي گهر ۾ جنم ورتو.

Wednesday, December 21, 2011

ممبئي جا Dhabawala - الطاف شيخ


الطاف شيخ
ممبئي ۾ توهان جي ٻه چار ڏينهن به آهيو، ته توهان کي هڪ دلچسپ شيءِ ڏسڻ جو مشورو ڏيندس، جنهن جو تعلق فقط ممبئي سان آهي ۽ جنهن کي ڏسڻ لاءِ نه ٽڪيٽ آهي ۽ نه وقت جو زيان ٿي سگهي ٿو. توهان منهنجي هيءَ ڳالهه پڙهڻ بنا ڏسي سگهندائو. بلڪ توهان کي ضرور ڏسڻ ۾ ايندي. اھا ٻي ڳالھ آھي ته توهان کي هيءُ پنا پڙهڻ بنا، نه ان جي اهميت جو قدر ٿيندو ۽ نه تاريخي پسمنظر جي ڄاڻ. هن لقاءَ کي ڏسڻ لاءِ، ويندي يورپ ۽ آمريڪا جا گورا، ممبئي ۾ اچن ٿا، بلڪ ولايت توڙي انڊيا ۾ ڪيتريون يونيورسٽيون جن ۾ بزنيس، ائڊمنسٽريشن ۽ مئنيجمينٽ جا سبجيڪٽ پڙهايا وڃن ٿا، تن پنھنجن شاگردن کي ممبئيءَ جي هن لقاءَ کي ڏسڻ يا ان بابت ڄاڻڻ ۽ Case Study خاطر پنهنجي ٿيسز ۾ شامل ڪرڻ ضروري ڪري ڇڏيو آهي. هيءُ معرڪو، جيڪو ممبئي شهر ۾ روزانو ٻه دفعا عروج تي رهي ٿو، ان بابت لکڻ کان پهرين، تمهيد خاطر هڪ اڌ ٻي ڳالهه لکندس. ان بعد توهان هن کي ڏسڻ سان يا پڙهڻ سان، حظ حاصل ڪري سگهندائو.

Tuesday, December 20, 2011

هندستان تي حاوي هڪ سنڌي وڪيل - الطاف شيخ


هندستان تي حاوي هڪ سنڌي وڪيل
الطاف شيخ
گذريل هڪ مضمون ۾ سنڌي فلم The Awakening جي ڳالهه ڪئي اٿم. ان فلم جو پريميئر جڏهن دهليءَ ۾ ٿيو، ته ان ۾ ايل. ڪي. آڏواڻي ۽ انڊيا جو جهونو ۽ ڀوائتو وڪيل ۽ اسيمبلي جو ميمبر رام ڄيٺملاڻي مهمان خصوصي طور تي موجود هئا. رام ڄيٺملاڻي لاءِ ڀوائتو وڪيل ان ڪري لکيو اٿم ته هي هميشه اهڙا ڳرا ۽ ڪرمنل قسم جا ڪيس کڻي، کٽي ڏيکاري ٿو، جيڪي عام وڪيل کڻندي ڇرڪن ٿا. اندرا گانڌيءَ جو جن سکن قتل ڪيو هو، انهن جو ڪيس به رام ڄيٺملاڻيءَ کنيو هو. پاڪستاني شهري محمد افضل کي انڊيا جي پارليامينٽ تي دهشتگردي حملو ڪرڻ جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ملڻ جي باوجود ان کي هن بچايو. اهڙيءَ طرح ڪيترا ئي بدنام ڪيس آهن جيڪي رام ڄيٺملاڻي وڙهندو اچي.  اڻ هن وقت 86 ورهين جو ٿيندو. هو ٻه دفعا پارليامينٽ جو ميمبر رهي چڪو آهي. هڪ دفعو ته هن ڏيڍ لک ووٽن جي ليڊ سان پنهنجي مخالف گوکالي کي شڪست ڏني، جيڪو اندرا گانڌي جي حڪومت ۾ ان وقت وزير هو. مسٽر رام ڄيٺملاڻي ٻه دفعا انڊيا جو وزير قانون به رهي چڪو آهي. 2004ع ۾ هن انڊيا جي وزيراعظم اٽل بهاري واجپائي سان لکنؤ واري سيٽ تي آزاد اميدوار جي حيثيت سان مقابلو ڪيو، پر اليڪشن هارائي ويو. هينئر وري BJP طرفان راجستان مان راجيا سڀا جي سيٽ لاءِ اليڪشن وڙهيو ۽ کٽي ويو آهي. هن پنهنجو ڪيريئر پڙهائڻ سان شروع ڪيو، جنهن جو کيس اڄ به شوق آهي ۽ پوني جي لا ڪاليج ۾ ليڪچر دوران منهنجي ساڻس ملاقات ٿي. پاڻ هڪ اهم شخصيت آهي، اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي پر هو منهنجي لاءِ ان ڪري به اهم آهي جو هو منهنجي والد گل محمد شيخ جو ڪراچي جي لاڪاليج ۾ ٽيچر به رهي چڪو آهي. سندس وڪالت ۽ ٽيچنگ ۾ هوشيار هجڻ جون خبرون اسان پنهنجي والد ۽ هن جي ڪلاس ميٽس سائين غلام مصطفيٰ شاهه، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ شيخ اياز کان ٻڌيون.

Monday, December 19, 2011

وائسر ئي گم - الطاف شيخ


وائسر ئي گم
الطاف شيخ
گذريل مضمونن ۾ پاڻ سنڌي فلم ”پيار ڪري ڏس“ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جيڪا اٽڪل پنجن سالن جي گئپ بعد ٺهي آهي. ان کان اڳ 2002ع ۾ سنڌي فلم ’پاڙيواري‘ ٺهي هئي ۽ ان کان سال اڳ هڪ مزاحيه فلم ”دل ڏجي دل وارن کي“ ۽ ”ڪير ڪنهنجو“ فلم ٺهي هئي. ان کان اڳ 1990ع ۾ ’سنت ڪنور رام‘ فلم ٺهي هئي. هڪ اهڙي ئي نالي واري ”ڀڳت ڪنور رام“ 1952ع ۾ ٺهي هئي. منهنجي خيال ۾ سنڌيءَ جي اها ۽ ماتلي جي ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي ’ايڪتا‘ فلم پهريون فلمون آهن. ممبئي جي رهاڪو مدن جماڻيءَ جنهن سان پهريون دفعو ملاقات هڪ هفتو کن اڳ پوني ۾ ٿي هئي، تنهن ڪجهه سنڌي فلمن جا نالا ٻڌايا، جيڪي 1956ع ۾ ’مارئي‘ کان 1989ع جي ’جئه جهولي لعل‘ فلم تائين هن ريت آهن: راءِ ڏياچ (1958ع)، اباڻا (1958ع)، انصاف ڪٿي آهي (1959ع)، جهولي لعل (1966ع)، لاڏلي (1968ع) رات هڪ طوفان جي (1969ع)، شل ڌيئر نه ڄمن (1970ع)، نقلي شان (1971ع)، اڃان ته مان ننڍڙي آهيان، هل ته ڀڄي هلون (1984ع)، امر اڏيرو لعل (1988ع)، اوکا پنڌ پيار جا... وغيره.

Sunday, December 18, 2011

هندستان ۾ جن ڳالهين تي حيرت ٿي - الطاف شيخ


هندستان ۾ جن ڳالهين تي حيرت ٿي
الطاف شيخ
منهنجي پڙهندڙن کي مون وانگر ان ڳالهه تي ضرور حيرت ٿيندي، ته انڊيا ۾ ڪيترين بيمارين جو علاج ڳئون جي ڇيڻي يا ان جي پيشاب (جنهن کي هو گئومترا سڏين ٿا) سان ڪيو وڃي ٿو ۽ آيورويديڪ طب جي ڪيترين دوائن ۽ گورين ۾ گئومترا استعمال ٿئي ٿو. ممبئي يونيورسٽي جي هڪ فنڪشن ۾ منهنجي انڊيا جي هڪ مشهور آيورويدڪ ڊاڪٽر پيوش مشرا (Dr. piyush Mishra)سان ملاقات ٿي، جيڪو B.A.M.S آهي. يعني بيچلر آف آيورويدڪ ميڊيسن ائنڊ سرجري آهي. کانئس ۽ سندس ٻين ڊاڪٽر دوستن سان مون سندن پروفيشن بابت خبرچار ڪئي، جنهن ۾ ڳئون ماتا جو به ذڪر نڪتو. پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ هتي ڪجهه نقطا لکي رهيو آهيان. جيڪي مون هنن جي ڳالهين مان حاصل ڪيا آهن يا گهٽ ۾ گهٽ مون سمجهيا آهن ته هنن جو اهو مطلب آهي.

Friday, December 16, 2011

پيار ڪري ڏس... - الطاف شيخ


پيار ڪري ڏس...
الطاف شيخ
پوني ۾ ساڌو واسواڻي مشن جي PRO نريش سنگهاڻي ۽ ائڊمنسٽريٽر آفيسرياڻي رجني آهوجا مون کي جيڪي ساڌو واسواڻي انتظاميا سان واسطو رکندڙ اسپتالون ڏيکاريون، انهن مان هڪ اکين جي اسپتال پڻ هئي. ڪي. ڪي انسٽيٽيوٽ نالي اکين جي هيءَ اسپتال هتي جي مشهور ڪوريگائون پارڪ ۾ هوٽل ”تاج بلو ڊائمنڊ“ جي پٺيان آهي. هن اسپتال جو معيار، عوام لاءِ خدمت ۽ مختلف آپريشنن لاءِ فين جا اگهه ڏسي حيرت ٿي. ساڳي طرح انڊيا جي مختلف شهرن ۾ تعليمي ادارا ۽ اسپتالون ڏسي رشڪ ٿو ٿئي، ته ڪاش اسان جي ملڪ ۾ به اهي شيون ان معيار ۽ سهولت جون هجن. آئون اهو چوندس ته انڊيا جا امير توڙي غريب ان معاملي ۾ خوش نصيب آهن، جو هنن وٽ ديسي اگهه تي ولايتي سهولتون موجود آهن. تعليمي ادارن جي اعليٰ تعليم ۽ ڊاڪٽرن ۽ اسپتالن جو اعليٰ معيار، ڄاڻ، صفائي سٺائي ۽ ماڊرن ٽيڪنالاجي جي ڪري دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا ماڻهو تعليم ۽ علاج لاءِ انڊيا اچن ٿا. ويندي يورپ ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ انڊين ۽ مڪاني ماڻهو هوائي جهاز جون ٽڪيٽون ڀري علاج لاءِ انڊيا اچن ٿا، جيڪو بقول هنن جي هنن کي سستو ۽ بهتر لڳي ٿو. ممبئي ۽ پوني جي ڪيترن ئي اسپتالن ۾ پاڪستان کان به مريض اچن ٿا. ممبئي ايندي وقت ايئرپورٽ تي هڪ ڪراچي جي پٺاڻ فئملي ملي، جيڪا ممبئي کان اڳتي مدراس وڃي رهي هئي، جتي هنن کي اهڙي ڪا آپريشن ڪرائڻي هئي جيڪا پاڪستان ۾ نٿي ٿي سگهي.

Wednesday, December 14, 2011

ننڍي کنڊ جي پهرين مسجد ۽ اصحابي - الطاف شيخ


ننڍي کنڊ جي پهرين مسجد ۽ اصحابي
الطاف شيخ

جيئن سنڌ يونيورسٽي ۾ انگريزي ڊپارٽمينٽ آهي ۽ ان جي ويجهو سنڌي ۽ اڙدو جا ڊپارٽمينٽ آهن. تيئن ممبئي يونيورسٽي ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ آهي، جنهن جي ڀرسان ئي اڙدو ۽ انگريزي ڊپارٽمينٽ آهن. جنهن بلڊنگ ۾ هي آرٽس فيڪلٽي آهي ان جو نالو جسٽس رانا دي ڀاون آهي. سنڌي ڊپارٽمينٽ جي ساڄي پاسي مرهٺي ۽ گجراتي ڊپارٽمينٽ آهن ۽ کاٻي پاسي ڪنهڙ، هندي ۽ اڙدو ڊپارٽمينٽ آهن.
گجراتي ڊپارٽمينٽ جي هيڊ ڊاڪٽر رتي لعل روهت وٽ چانهه پي اٿيس ته هن مرڪندي چيو: ”ليکڪ آهين سو به ٽريولاگ رائيٽر. هڪ جاءِ ڏسڻ لاءِ صلاح ڏيانءِ؟“
”بس سمجهي ويس،“ مون کلندي چيومانس، ”تون پڪ مون کي گجرات موڪلڻ چاهين ٿو، بڙودا يا احمد آباد جو ڪو مندر ڏسڻ لاءِ.“
سر غلط سؤ سيڪڙو غلط،“ رتي لعل هٿ ملائيندي چيو، ”آئون توهان کي گجرات ڪنهن مندر ڏسڻ لاءِ نه پر ڪيرالا هڪ جهوني مسجد ”چيرامن پيرومل جمعا مسجد“ ڏسڻ لاءِ موڪلڻ چاهيان ٿو....“

Tuesday, December 13, 2011

يوگنڊا تي هاڻ ڪنهن جي حڪومت آهي - الطاف شيخ


يوگنڊا تي هاڻ ڪنهن جي حڪومت آهي
الطاف شيخ
                                                                                                                                            
يوگنڊا کي آزادي ڏيڻ کان اڳ 1962ع جي شروع وارن مهينن ۾ انگريزن اليڪشن ڪرائي جنهن ۾ يوگنڊا جي ”لانگو“ قبيلي جي سردار جو پٽ ”ملٽن اوبوٽي“ کٽي ويو ۽ ملڪ جو پهريون وزيراعظم مقرر ٿيو. ملڪ جو عوام جيڪو سالن کان يوگنڊا کي انگريزن کان ڇڏائڻ ۽ پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ جي جدوجهد ۾ هئو اهو بيحد خوش ٿيو ته هاڻ سندن ملڪ تمام گهڻي ترقي ڪندو پر سندن پهريون ئي وزيراعظم اوبوتي ناڪارو ۽ نڪمو ثابت ٿيو. هن کي عوام جي اون ۽ خوشحاليءَ بدران هر وقت پنهنجي ڪرسي مضبوط ڪرڻ ۽ گهڻي کان گهڻو پاور ۽ دولت حاصل ڪرڻ جو فڪر لڳو رهيو. ملڪ جي صدر کي جيڪي ٿورا گهڻا پاور مليل هئا اهي به پاڻ کسي هڪ طاقتور وزيراعظم بنجي هر مخالف جو خاتمو آڻيندو رهيو. بي انتها دولت ڪمائڻ جي چڪر ۾ هن هڪ بيڪار فوجي آفيسر عيدي امين کي اعليٰ عهدي تي رکي پوءِ هن سان ملي ڪري ڀر واري ملڪ ڪانگو مان سون ۽ عاج جي سمگلنگ ڪرائڻ لڳو ۽ جڏهن پارليامينٽ ان بابت سوال اٿاريا ۽ عيدي امين کي فوج مان ڪڍڻ لاءِ زور ڀريو ته هن ماڳهين آئين کي  suspend ڪري پاڻ صدر ٿي ويٺو ۽ ايمرجنسيءَ جو اعلان ڪيائين. هيءَ 1966ع جي ڳالهه آهي. اوبوتي سڀ ڪجهه پاڻ ٿي ويٺو جيڪي وڻيس ٿي اهو ڪيائين ٿي. مخالف قبيلن جي سياستدانن کي بنا ڏوهن جي جيل اماڻيو ٿي يا غائب ڪرائي ڇڏيو ٿي. ملڪ جي خزاني جون ٽجوڙيون خالي ڪرائي ڇڏيائين. سندس قبيلي جي ماڻهن، دوستن ۽ خوشامدڙين کي جيئن وڻيو ٿي تيئن ڪيو ٿي. يوگنڊا جهڙو ملڪ جيڪو انگريزن جي ڏينهن ۾ سڄي آفريڪا ۾ امن ۽ سانت وارو هڪ سهڻو ملڪ سمجهيو ويو ٿي اهو پنهنجي ماڻهوءَ جي ڪنٽرول ۾ اچڻ بعد سڌريو ته نه پر ماڳهين تباهه ٿي ويو. اهو ملڪ جنهن جي هر شهر ۾ يورپ ۽ ايشيا جا ٽوئرسٽ سُک سان گهمندي نظر آيا ٿي، اتي هاڻي مڪاني ماڻهو به خوف کائڻ لڳا. جتي ڪٿي چوريون، خون ۽ اغوائون عام ٿي پيون. نه رڳو انگريز ۽ يورپين جي پراپرٽي تي قبضا ۽ انهن جا قتل ٿيڻ لڳا پر گرجا گهرن جي پادرين کي به نه ڇڏيو ويو. ملڪ جا ماڻهو توڙي ڌاريان ان انتظار ۾ هئا ته هن مان جان ڇٽي. آخر جنوري 1971ع ۾ اوبوتي جيئن ئي سنگاپور جي ٽوئر تي ويو ته پٺيان سندس فوجي جنرل عيدي امين (جنهن لاءِ چون ٿا ته شروع ۾ انگريزن به چاهيو ٿي ۽ سندس ڳجهه ڳوهه ۾ مدد ڪئي هئي) ملڪ جون واڳون سنڀالي ويهي رهيو. اوبوتي جي جهاز کي يوگنڊا ۾ لهڻ کان روڪيو ويو ۽ هن ڀر واري ملڪ تنزانيا ۾ وڃي پناهه ورتي.

Monday, December 12, 2011

ڇا هٿين خالي پير وٽ ويندين - الطاف شيخ


ڇا هٿين خالي پير وٽ ويندين
الطاف شيخ
اوم پيپر مارٽ جي مالڪ مهيش منيال وٽ سندس راگهوناٿ دادا جي اسٽريٽ واري آفيس ۾ ويٺو هوس، ته هن وٽ ڪنهن انڊين ڳائڻي جا سنڌي راڳ هلي رهيا هئا. منهنجي تعريف ڪرڻ تي مهيش ٻڌايو، ته ممبئي جي ڏاکڻي حصي ڪولابا ۾ ڪئسيٽن جا دڪان آهن. آئون ان ڏينهن گيٽ وي آف انڊيا ڏسڻ وڃي رهيو هوس، واپسي تي ڪولابا ۾ لهي پيس، جتي شاپنگ سينٽر هئا. هي علائقو مون کي ممباسا جو ڪلندني روڊ يا ڪوالالمپور جو باتو روڊ يا کڻي چئجي ته سنگاپور جي هاءِ اسٽريٽ لڳي رهيو هو، پر اڄ کان 40 سال کن اڳ وارا روڊ جڏهن انهن روڊن تي ماڻهن جي رش گهٽ هوندي هئي. اڇن ڪوٽن ۾ سنڌي ۽ پارسي بزنيس مين فٽ پاٿن تي پسار ڪندي نظر ايندا هئا ۽ پٺيان سندن ٻهه ٻهه ڪندڙ ڊپارٽمينٽل اسٽورن تي سندن رکيل سنهيون، سهڻيون ۽ نازن واريون گجراتي، ملئي ۽ چيني سيلز گرلز اسان جهازن جي بيوقوف ۽ اگهه کان اڻ واقف جهازرانن جي ابتي کل لاهينديون هيون. ٽئڪسي واري چيو؛ ”گهڻي دير انتظار نه ڪندس، مون کي وورلي ڏي وڃڻو آهي.“ آئون ٻه ڪئسيٽ وٺي اچي ٽئڪسي ۾ ويٺس. ”سر ڪهان چلون.“ ڏاڙهي واري مسلمان ڊرائيور پڇيو.

Saturday, December 10, 2011

ڪوئا من جون مرادون پوريون ڪن ٿا - الطاف شيخ


ڪوئا من جون مرادون پوريون ڪن ٿا
الطاف شيخ
گذريل مضمون ۾ پاڻ هندن جي ديوتائن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جيڪي انگريزي ۾ ننڍي g وارا gods سڏجن ٿا. انڊيا ۾ ته آئون فقط ٻه ٽي دفعا آيو آهيان، پر سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ ته هندن سان گڏ سالن جا سال رهيو آهيان. سچي ڳالهه اها آهي ته هندو ڌرم بابت منهنجي ڄاڻ تمام گهٽ آهي. بلڪ ائين لکڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو ته آئون ان کي چڱيءَ طرح سمجهي نه سگهيو آهيان. جيڪي ڪجهه آئون سمجهي سگهيو آهيان، اهو هن ريت ته هندو ڌرم کي عام طرح Polytheistic رليجن سمجهيو وڃي ٿو. ڇو جو عام زندگيءَ ۾ ڪيترا ئي هندو ڪيترن gods کي مڃين ٿا. ڪي هندو ٽن ديوتائن کي مڃين ٿا، ڪي هزارن جو تعداد ٻڌائين ٿا، ته ڪي وري لکن ڪروڙن جو انگ به ٻڌائين ٿا. هندو Pantheism جي فلسفي ۾ يقين رکن ٿا. يعني عام هندو ان ۾ يقين رکي ٿو ته؛ هر شيءِ زندهه توڙي اڻ زندهه پاڪ پوتر ۽ Divine آهي. ان ڪري عام هندو، هر شيءِ کي god  سمجهي ٿو. هن لاءِ سج، چنڊ، تارا، درياهه، نانگ، ڀولڙا، هاٿي سڀ ديوتا آهن. يعني هن لاءِ Everything is god. مسلمان ۽ هندوءَ ۾ ظاهري فرق اهو نظر ٿو اچي ته؛ مسلمان هر شيءِ کي خدا جي مخلوق سمجهي ٿو. يعني اها الله جي خلقيل شيءِ آهي. يعني مسلمان لاءِ Everything is God’s

Friday, December 09, 2011

بمبئي جي روڊن تي بالي وڊ اداڪارائون - الطاف شيخ


بمبئي جي روڊن تي بالي وڊ اداڪارائون
الطاف شيخ
انڊيا جي ٻين شهرن وانگر ممبئي جي رستن تي به ڪيترا ئي دفعا پنهنجي منهن اڪيلي سر ڍڳين کي سير سپاٽو ڪندي ڏٺم. ٻين شهرن جي مقابلي ۾ جيتوڻيڪ ممبئي ۾ تمام گهڻي ٽرئفڪ آهي، پر هي ڍڳيون رستن تي گهمي گهمي ايڏيون Bold ۽ ٽرئفڪ جي مزاج کان واقف نظر اچن ٿيون، جو هنن کي ڪنهن به قسم جو خوف يا فڪر ناهي. ڏاڍيون Composed ۽ پرسڪون نموني سان رستو ٽپندي، رستي جي ڪناري تي لڳل گاهه يا ڀاڄيون وڪڻڻ وارن طرفان اڇلايل ڀاڄيون کائيندي ۽ ڇيڻا لاهيندي نظر اچن ٿيون. ڪو به واٽهڙو يا ڪار وارو کين ڊسٽرب نٿو ڪري. ”هندو ڌرم ۾ ڳئون کي پوڄيو وڃي ٿو.“ مون اهو ٻڌو هو يا گهٽ ۾ گهٽ منهنجي ذهن ۾ هو. ممبئي يونيورسٽي جي گيسٽ روم ۾ جتي آئون ٽڪيل هوس، اتي جي ڀر واري ڪمري ۾ رهندڙ هڪ جرمن پروفيسر جنهن کي هندو ڌرم جي وڏي ڄاڻ هئي، تنهن گيسٽ هائوس جي ٽي وي لائونج ۾ مون کي ٻڌايو ته؛ ”هندو ڪڏهن به ڳئون جي پوڄا نٿو ڪري...“
For India, the Cow represents the sacred Principle of motherhood. She symbolizes charity and generosity because of the way she distributes the milk, which is essential for the nourishment of the young...
هن پروفيسر چيو ته؛ ڳئونءَ کي انڊيا ۾ اگهنيا چيو وڃي ٿو، يعني اها شيءِ جنهن کي ذبح نه ڪجي. ظاهر آهي هوءَ ماءُ وانگر ٻارن لاءِ کير ڏئي ٿي. ان کير جو حق ادا ڪرڻ لاءِ ڇا هن کي ڌڪارجي يا ڪُهي ڇڏجي، جڏهن هوءَ پوڙهي ٿي وڃي يا کير ڏيڻ لائق نه رهي؟

Saturday, December 03, 2011

شهيد پاڳاري کي هو بچائي نه سگهيو..- الطاف شيخ


شهيد پاڳاري کي هو بچائي نه سگهيو...
الطاف شيخ
حيدرآباد سنڌ جي مشهور ڊاڪٽر منگهن مل جي نُنهن ۽ ممبئي جي ناليواريENT سرجن ڊاڪٽر ناري ڪرپلاڻي جي زال سُرلا ٻڌايو ته سندس پٽ ڊاڪٽر ديپڪ اڄ ڪلهه پنهنجي پيءُ جي ڪلينڪ تي ويهي ٿو، جيڪا هن شهر ممبئي جي مشهور روڊ پيڊر روڊ  (Pedder Road) تي آهي. پيڊر روڊ ممبئي جي ڏاکڻي حصي ڪمبالا-هل واري امير علائقي ۾ آهي، جيڪو ڊبليو جي پيڊر نالي آهي. هو صاحب 1879ع ۾ ممبئي جو ميونسپل ڪمشنر هو. هي روڊ اڄ ڪلهه انڊيا جي سماجي جاکوڙي گوپال رائو ديشمک نالي آهي، پر ممبئي جي ٻين رستن وانگر هن روڊ کي به پراڻي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.

Friday, December 02, 2011

Altaf Shaikh Interview


An Interview with a Merchant Navy Chief Engineer (Marine) Altaf Shaikh regarding sea, ships and service.

Q- What is Marine Engineering?
Altaf- It is a branch of engineering which deals with construction, running, maintenance and repair of ship and its engines.

Q- What are the subjects taught in marine engineering?
Altaf- Besides academic subjects such as Math, Physics, chemistry etc the other subjects are: Naval Architecture, ship Construction, Air Conditioning & Refrigeration, Boilers, Electro Technology, Fuel & Fuel Technology, Instrumentation & Automation, Mechanics, Heat & Heat Engines, Turbines & Diesel Engines, Fire Fighting and Safety at Sea.

الطاف شيخ سان ڳالهه ٻولهه - عبرت سٿ


پاڪستان جي مشهور چيف انجنيئر (مئرين)
الطاف شيخ سان ڳالهه ٻولهه
 ڳالهه ٻولهه: عبرت سٿ
(سنڌ جا ڪيترا نوجوان جيڪي سامونڊي نوڪريءَ جو شوق رکن ٿا، اهي سمنڊ، جهاز ۽ نيويءَ بابت ڪيترن سوالن جا جواب معلوم ڪرڻ جا خواهشمند آهن. اسان ان سلسلي ۾ سنڌ جي مشهور سفرناما نويس الطاف شيخ کان انٽرويو ورتو آهي. الطاف شيخ نه فقط جهاز جي چيف انجنيئر جي حيثيت ۾ 15 سال کن مختلف جهاز هلايا، پر ملائيشيا ۾ پاڪستان جي مئرين اڪيڊمين ۾ 20 سال کن هيڊ آف ڊپارٽمينٽ ٿي رهيو. عبرت سٿ)
سوال: 1962ع ۾ توهان جڏهن انٽر (ڪلاس ٻارهين) ۾ پهتائو ته انهن ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ مئرين اڪيڊمي کلي هئي. توهان جي ڪلاس-ميٽس سِول، مڪينيڪل يا اليڪٽريڪل انجنيئرنگ کنئي ۽ هنن مهراڻ يونيورسٽي ۽ NED ۾ داخلا ورتي. توهان اڪيلا هئائو، جنهن مئرين انجنيئرنگ چونڊي ۽ جنهن جي تعليم لاءِ توهان کي اولهندي پاڪستان کان اوڀر پاڪستان جي ڏورانهين شهر ۽ بندرگاهه چٽگانگ ۾ وڃڻو پيو؟
الطاف: هڪ ته مون چاهيو ٿي ته آئون ٻين کان ڪجهه مختلف فيلڊ ۾ وڃان. ٻيو ته مون کي سمنڊ وڻيو ٿي. ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جا اسان سِي اسڪائوٽ موڪلن ۾ پنهنجي نيول آفيسر سان گڏ منهوڙو ويندا هئاسين ته سهڻن رنگن وارا چمڪندڙ جهاز ۽ انهن جي آفيسرن جا سفيد يونيفارم ڏسي مون کي هن پروفيشن لاءِ ڏاڍي ڪشش ٿيندي هئي.

Thursday, December 01, 2011

مئڊم سُرلا ڪرپلاڻي سان ملاقات - الطاف شيخ


مئڊم سُرلا ڪرپلاڻي سان ملاقات
الطاف شيخ
ممبئي يونيورسٽي ۾ رهائش دوران، هڪ ڏينهن اسان جي وڏي ڀيڻوئي ڊاڪٽر عابد ميمڻ جي ننڍپڻ جي دوست ۽ ڪلاس ميٽ ڊاڪٽر ناري ڪرپالاڻي جي گهر فون ڪيم.