Saturday, August 31, 2013

ڪوالالمپور کان ٻاهر - الطاف شيخ

ڪوالالمپور کان ٻاهر
الطاف شيخ
ڪوالالمپور ۾ جيڪڏهن توهان هڪ يا ٻن ڏينهن لاءِ آيل آهيو ته پوءِ شهر ۽ ان جون مختلف گهٽيون، دڪان ۽ عمارتون ڏسڻ ۾ ئي توهان جو چڱو وقت گذري ويندو. پر جي گهڻن ڏينهن لاءِ آيل آهيو يا شهر اڳهين ڏٺل اٿوَ ته پوءِ شهر کان ٻاهر ويهه پنجويهه ميلن جي دائري ۾ ڪيتريون ئي شيون توهان جي لاءِ نواڻ ۽ تفريح پيدا ڪري سگهن ٿيون. پوءِ جي ٻارن سان آهيو ته Negra-Zoo جهڙي چڙيا گهر ۾ ئي سڄو ڏينهن گذارري سگهو ٿا. هني مون تي آيل آهيو ته گئنتن هاءِ لئنڊ جهڙي سهڻي ۽ جابلو جاءِ هتي ٻي نه ملندي. جوئا جا شوقين پڻ هتي نظر اچن ٿا جو هن ريجن جو وڏو Casino (جوئا خانو) هتي آهي. دوستن سان پڪنڪ ملهائڻ جي موڊَ ۾ آهيو ته ٿورو پري سمنڊ ۾ پکڙيل مختلف ٻيٽن: ڪئري آئيلينڊ، پلاءُ ڪيتام (Ketam) وغيره مان ڪنهن تي فيري يا ٻيڙيءَ ذريعي وڃڻ بهتر ٿيندو جي تنهائي پسند، شاعر طبيعت يا قدرتي شين ۾ دلچسپي رکو ٿا ته پوءِ ٽيمپلر پارڪ ڏي ئي رُخ رکڻ ۾ عافيت آهي. اهي مڙيئي شيون شهر کان پرڀرو آهن. جن کي ڏسڻ کان عام ٽوئرسٽ ته محروم رهي ٿو پر مشغول زندگي ڪري ڪوالالمپور جا شهري پڻ. جيئن ڪراچيءَ جي مشغول ماڻهن، ويجھو هوندي به ڀنڀور، مڪلي يا منگهو پير جهڙا اهم ۽ تواريخي هنڌ نه ڏٺا هوندا.

ڪوالالمپور اندر - الطاف شيخ

ڪوالالمپور اندر
الطاف شيخ
هن مهانگائيءَ واري دور ۾ دنيا جي جن چند شهرن وڏي ترقي ڪئي آهي، ڪوالالمپور پڻ انهن مان هڪ آهي.
شهرن جي تواريخ ۾ جتي هزارها سالَ پراڻا شهر پيا آهن اتي ڪوالالمپور ڪو گهڻو پراڻو شهر ناهي. سؤ سوا سؤ سال کن اڳ ته هن شهر جي نالي کان هن تر جا ماڻهو به گهڻو واقف نه هئا. ڪوالالمپور کان وڌيڪَ جھونو شهر ته ڪلانگ (Kalang) آهي، جيڪو ٽيهارو کن ڪلوميٽرن اتر ۾ سمنڊ جي ڪناري تي آهي ۽ اڄ به بندرگاهه جا ڪم سرانجام ڏئي ٿو. ڪوالالمپور سمنڊ جي ڪناري تي هجڻ بدران ڪلانگ ۽ گومباڪ (Gombak) ندين جي سنگم تي آهي.

Friday, August 30, 2013

هڪ ڏينهنَ جي ڳالهه آ..- الطاف شيخ

هڪ ڏينهنَ جي ڳالهه آ...
الطاف شيخ
سومر ڏينهن صبح جو چانهه پي گهران نڪتس. اڃا ملاڪا رياست ۾ ئي هوس ته وڏ ڦڙو شروع ٿي ويو. ملائيشيا جا رستا گهڻو ئي سٺا ۽ ڪشادا آهن، پر ور وڪڙن ۽ مينهوڳيءَ ڪري گاڏيءَ جي رفتار گهٽائڻي پوي ٿي. سامهون ايندڙ گاڏين جو ايترو خوف نٿو رهي جو هتي هرڪو پنهنجي پاسي وارو اڌ رستو وٺي هلي ٿو پر بي پرواهه مينهن ڍڳين کي ڪهڙي خبر ته Right of the way ڪنهنجو آهي. جنهن وقت خيال اچين ٿو ٻيلي يا پوک مان نڪري رستو ٽپن ٿيون يا ماڳهين رستي تي هڪ هنڌ بيهيو رهن. ڪي ڪي علائقا ته مينهن جي آزار کان مشهور آهن. جيئن ملاڪا رياست ۾ لنگي ۽ رنتائو ڳوٺن جي وچ ۾ ـــ جتان لنگهي سريمبان پهچڻو هوم، ايتريون ته مينهون نظر اچن ٿيون جو ڊرائيور کي خبردار ڪرڻ لاءِ ٽرئفڪ کاتي ڪيترن ئي هنڌن تي ٽڪنڊا بورڊ جنهن تي مينهن ٺهيل آهي، هڻي ڇڏيا آهن. جيئن پاڻ وٽ اسڪولن اڳيان ڪتابن واري ٿيلهي سان گڏ ٻار ڏيکاريل هوندو آهي ـــ معنيٰ ان هنڌ تان گاڏي خيال سان هلايو متان ڪو ٻار بي خياليءَ ۾ رستو ٽپي. بهرحال اسڪولن اڳيان ان قسم جي ٽرئفڪ نشاني ته سڄي دنيا ۾ عام آهي ۽ هتي ملائيشيا ۾ پڻ اها آهي. پر هيءَ مينهن يا ڍڳيءَ واري نشاني ڌارين ملڪن جي ماڻهن لاءِ ايتري ئي نرالي آهي، جيتري سعودي عرب ۽ بحرين پاسي رستي تي اٺ جي شڪل جي نشاني.

لنڊن جو ويڪ فيلڊ ٽاور ۽ ڪاٺ وارا بجلي جا ٿنڀا - عبدالحي پليجو

لنڊن جو ويڪ فيلڊ ٽاور ۽ ڪاٺ وارا بجلي جا ٿنڀا
عبدالحي پليجو
هي ٽاور لنڊن ٽاور جي سڀني ٽاورن ۾ وائيٽ ٽاور کانپوءِ ٻيو نمبر سڀني کان وڏو ٽاور آهي. اڳ ۾ موجود محل جي عمارت ۾ واڌاري طور هي ٽاور ۱۲۲۰ کان ۱۲۴۰ع جي وچ ۾ بادشاهه هينري (ٽئين) جي دورِ حڪومت ۾ جوڙيو ويو. بادشاهه جي مکيه ذاتي ڪمري جي حيثيت سان گڏوگڏ محل جي وڌايل بچاءُ وارن عناصرن ۾ هي ٽاور مضبوط هنڌ هوندي صفا ڪپ تي هئڻ ڪري هڪ پاسي مکيه آبي ڦاٽڪ تي ضابطو رکندو آيو. جيڪو پوءِ بلڊي ٽاور سان ملايو ويو ۽ ٻئي طرف درياءَ کان محل ڏانهن ويندڙ ننڍو پويون گذر گاهه پڻ هو. جيڪو واٽر لين ۾ ڏسي سگهجي ٿو، واٽر لين وٽان ويڪ فيلڊ ٽاور جي هيٺئين چيمبر جو معائنو ڪري سگهجي ٿو، جتي ڪنهن وقت ۾ محافظن جو هڪ ڪمرو به هوندو هو. ٽاور جو مٿيون طبق، وڏين درين ۽ بخاري وارو چيمبر، جنهن جي گولائيءَ واري ڇت اوڻيهين صديءَ ۾ نئين سر تعمير ٿي هئي. سندس بسترو اتر اوڀر ۾ موجود خلوت خاني ۾ رکيل هوندو، ان وقت اولهه ۾ خانگي هال قائم هوندو، جتي بادشاهه پنهنجي صلاحڪار ڪائونسل سان ملندو هوندو ۽ طعام تواضح ڪندو هوندو. لکيل احوالن، شاهدين ۽ بچي ويل سامان جي آڌار تي ڪمرن کي اندر بادشاهه ايڊورڊ (اول) جي وقت ۾ٿيندڙ سينگار ۽ آرائش وانگر آراسته ڪيو ويو آهي. ايڊورڊ اول جي وقت ۾ هن ڪمري جي خواب گاهه واري حيثيت ختم ٿي ۽ اهو سينٽ ٿامس جي ٽاور واري هڪ نئين چيمبر جي انتظار گاهه طور ڪم اچڻ لڳو. ائين ئي هي ڪمرو وري حاضريءَ جو ڪمرو يا شاهي تخت واري چيمبر طور ڪم اچي ٿو، ويسٽ منسٽر ايبي  ۾ رکيل تاجپوشيءَ لاءِ ڪم ايندڙ ڪرسيءَ جو نقل ڪري ٺاهيل تخت ڪمري ۾ اولهه طرف ٺهيل ڍڪئي، تي رکيل آهي. ۱۳۰۷ع ۾ ايڊورڊ جي وفات بعد بادشاهه جو ذاتي چيمبر لينٿرن ٽاور ۾ منتقل ڪيو ويو ۽ ويڪ فيلڊ ٽاور جي رهائشي حيثيت ختم ٿي وئي.

Wednesday, August 21, 2013

ترقي جون راهون، وهم ۽ وسوسا - عبدالله مورائي

ترقي جون راهون، وهم ۽ وسوسا
عبدالله مورائي
جڏهن به جهاز آسمان تي ڏسبو آهي ته گهڻي قدر اها سوچ ٿيندي آهي ته اهو آخر ڪٿان کان ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي. پوءِ ٿورو سوچي ماٺ کڻي ڪبي هئي ته اهو ممڪن نه آهي ته خبر پئجي سگهي، پر سائين سائنس اڄڪلهه ناممڪن کي ممڪن بنائي ڇڏيو آهي. گذريل مهيني آئرلينڊ ۾ منهنجن ڀاڻيجن معز ۽ سالار ڄڻ ته منهنجي هڪ ننڍي هوندي جي خواهش کي عملي جامو پهرايو ۽ مون کي اها ڄاڻ ڏنائون ته اهو هاڻي ممڪن آهي. فقط جهازن جي ريڊار جي ويب سائيٽ کوليو ۽ ڏسو ته دنيا ۾ هن وقت جيڪي به جهاز اڏامي رهيا آهن، انهن جي منزل ڪهڙي آهي. ڪٿان کان اڏاميا آهن ۽ ڪهڙي ڪمپني جا جهاز آهن ۽ انهن جو نمبر ڪهڙو آهي.

Monday, August 19, 2013

بيل ٽاور جو نظارو ۽ تاريخ - عبدالحي پليجو

بيل ٽاور جو نظارو ۽ تاريخ
عبدالحي پليجو
 بيل ٽاور، منٽ اسٽريٽ ۽ واٽر لين واري ڪنڊ تي ٺهيل آهي ۽ وائيٽ ٽاور کانسواءِ محل جي سمورن ٽاورن ۾ پراڻو آهي. بيل ٽاور ۽ ساڻس ملندڙ ڪريٽن وال جيڪا واٽر لين سان لڳو لڳ وڌندي بلڊي ٽاور سان ملي ٿي. لندن ٽاور ۾ 1190ع واري اوائلي توسيع ۾ شمارٿين ٿا، جنهن وقت اهي درياءَ جي ڪپ تي موجود هئا.بيل ٽاور جي بنياد وارا بلاڪ ان جي ڀرسان موجود هڪ کڏي مان ندي جي ڪپ تي موجود ڏسي سگهجن ٿا. ٽاور جي بناوٽ مان اندازو آهي ته شايد اهو ٻن مرحلن ۾ تعمير ٿيل آهي. مٿين ٻي ماڙ جيڪا گول آهي، سا هيٺئين پنج ڪنڊي طبقي مٿان پوئين مرحلي ۾ اڏيل ڀانئجي ٿي. جيتوڻيڪ موجوده بيل ٽاور 1651ع کان موجود ڄاڻايو وڃي ٿو، پر ڪرفيو جو گهنڊ هن ٽاور مان گهٽ ۾ گهٽ 500 سئو سالن کان وڄندو رهي ٿو. لنڊن ٽاور جي تاريخ ۾ ڪانسٽيبل جي رهائش گاهه بيل ٽاور سان گهڻو اڳ ڳنڍي وئي.  ٿيوڊور بادشاهن جي زير حڪومت جڏهن محل جي محافظ اعلى ڪانسٽيبل جي نائب يعني ليفٽينينٽ جنهن کي ريزيڊنٽ ڊپٽي به سڏبو هو، ان جي ڊيوٽي ۾ قيدين جي سلامتي شامل هئي. ان وقت بيل ٽاور تمام مکيه حيثيت وارن قيدين جي رهائش گاهه بنجي ويو. جهڙوڪ سر ٿامس مور ۽ شهزادي ايلزبيٿ جيڪا راڻي ايلز بيٿ اول هئي. واٽر لين سان گڏ اڳيان وڌڻ سان مٿي کاٻي طرف موجود راڻي جي رهائش جو پونيون حصو ڏسڻ ۾ ايندو، جتي ٽاوَر جو گورنر اڃا تائين رهندو آهي. ٿورو اڳتي توهانجي ساڄي طرف  ميڊيئيول پيلس جو گيٽ آهي ۽ ٿورو پوئتي ٽرائيٽرس گيٽ آهي، بلڊي ٽاور جو رستو مخالف رُخ ۾ انروارڊ ڏانهن وڃي ٿو.

لاڙڪاڻو اڄ به ادب ۾ امير آهي - الطاف شيخ

لاڙڪاڻو اڄ به ادب ۾ امير آهي
الطاف شيخ
لاڙڪاڻي جهاز وٺي اچڻ وارو پائلٽ اسان جو پيٽارين هو، هُن جيڪو پنهنجو ڪِٽ نمبر ٻڌايو، ان مان اندازو لڳايم ته هو ڪئڊٽ ڪاليج ۾ مون کان 30 سال کن پوءِ آيو هو. سکر پهچڻ کان اڳ هو مون وٽ هٿ جيڏو ڪئڊبري چاڪليٽ کڻي آيو؛ ”ڀائي جان! PIA طرفان ته توهان کيِ ڪيڪ جي سلائيس ملي هوندي، هي منهنجي طرفان آهي.“
مون مرڪندي چيومانس ته؛ ”آئون ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي ٻي بئج جو آهيان، يعني 69 ورهين جو آهيان. پنجين بئچ تائين ڪو اهڙو پيٽارين آهي، جنهن کي شگر نه هجي ۽ چاڪليٽ کائيندو هُجي؟“

Tuesday, August 13, 2013

ٺڳ ايجنٽن هٿان ٺڳجندڙ سنڌي ڳوٺاڻا ۽ ڊوميسٽڪ فلائيٽ - الطاف شيخ

ٺڳ ايجنٽن هٿان ٺڳجندڙ سنڌي ڳوٺاڻا ۽ ڊوميسٽڪ فلائيٽ
الطاف شيخ
لاڙڪاڻي وڃڻ لاءِ، ڪراچيءَ کان منهنجي اڏام پوري پنجين وڳي هئي. آئون ٻين وڳي کان ايئرپورٽ جي انتظار گاهه (لائونج) ۾ ويٺو هوس. سڄي لائونج ماڻهن سان کچاکچ ڀريل هئي. ساهه کڻڻ ۾ به دشواري ٿي رهي هئي. هوائي جهاز ۾ مٿانهين بلندي Altitude تي اهڙي حالت ٿيڻ تي مسافر مٿان ماسڪ (ٻوٿاڙا) پائي ڪري پوندا آهن، جن کي وات ۽ نڪ تي رکي ڊگها ساهه کڻڻ تي انهن مان آڪسيجن اچي ٿي. منهنجي آسپاس سنڌي ٽوپين ۽ پٽڪن ۾ ويٺل ۽ بيٺل گهوٽڪيءَ جي ٻروچن ٻڌايو ته هنن کي پنهنجي اڏام جي انتظار ۾ ذري گهٽ ۲۴ ڪلاڪَ ٿي ويا آهن. اهو ٻڌي مون کي ٽينـشن ٿي رهيو هو ته منهنجي اڏام ته خبر ناهي ڪڏهن ايندي. هو جدي کان ڪراچي آيا هئا.

مسندم - نعيم شيخ

مسندم
جتي عيد جي موڪلن ۾ هزارين ماڻهو تفريح لاءِ پهچن ٿا
نعيم شيخ/دُبئي
دُبئي ۾ رهندڙ اڪثر ماڻهن جي ڪوشش هوندي آهي ته، موڪلن وارن ڏينهن ۾ وڌ کان وڌ تفريح حاصل ڪجي. ڇاڪاڻ ته هتان جي روزمره جي زندگي ايتري ته تيز ۽ مصروف آهي، جو باقي ڏينهَن ۾ هر ماڻهو سڄو ڏينهن فقط پنهنجي آفيسن ۽ گهرن تائين محدود رهي ٿو. ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته، مختلف ملڪ ۽ ڪلچر ڏسڻ سان هڪ ته نئون تجربو ٿئي ٿو، ٻيو وري ذهن تازو ٿي وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح مونکي ۽ منهنجي دوستن کي به دُبئي مان ڪنهن ٻئي ملڪ وڃڻ جو موقعو مليو.

Monday, August 12, 2013

وڪڙو، آريجا، باقراڻي، هٽي ۽ اوٺا - الطاف شيخ

وڪڙو، آريجا، باقراڻي، هٽي ۽ اوٺا
الطاف شيخ
ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو پرنسپال، محمد يوسف، مونکي پنهنجي ڪاليج کان، لاڙڪاڻي شھر ڏي وٺي وڃي رهيو هو. ڪاليج مان نڪرڻ بعد، کاٻي پاسي ڏوڪري ۽ يارهن کن ڪلوميٽر اڳيان باڊهه ۽ پوءِ نصير آباد واري رستي ڏي وڃڻ بدران، اسان ساڄي پاسي ڏي ويندڙ رستي تي هلڻ لڳاسين. ٽن چئن ڪلوميٽرن بعد وڪڙو نالي ڳوٺ آيو، جتي لهي مون اسٽان واري هوٽل ۽ ماڻهن جون تصويرون ڪڍيون. چون ٿا ته؛ بئراجون ٺهڻ کان اڳ، هِتان وهندڙ درياهه هن هنڌ تان ڪجهه موڙ يعني وڪڙ کاڌو ٿي، ان ڪري ان جي ڪپر تي آباد ٿيل هي ڳوٺ، وڪڙو سڏجڻ لڳو. بنهه ننڍڙو ڳوٺ آهي. چانهه تي ويٺل ٽن نوجوانن کان پڇيم ته؛ ”توهان جي شهر ۾ ڪو اَديب يا شاعر رهي ٿو؟“ هنن ٻڌايو ته؛ ”وڪڙو سارنگ ماڇي نالي شاعر کان مشهور آهي.“

اي وزٽ ٽو لاڙڪانا - الطاف شيخ

اي وزٽ ٽو لاڙڪانا.......
الطاف شيخ
ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ٽي ڏينهن رهڻ دوران آ اڄ کان اڌ صدي اڳ جو زمانو ياد ڪندو رهيس؛ جڏهن ۱۹۵۸ع کان ۱۹۶۳ع تائين آئون ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جو شاگرد هوس. اها ئي هن ڪاليج وانگر شهر کان پري رهائش، اهي ئي ميدان ۽ سياري جون ٿڌيون هوائون، اهو ئي ڊسپلين ۽ اهو ئي وقت جي پابنديءَ تي زور!

Sunday, August 11, 2013

عورت جي آزادي، محنت ۾ عظمت ۽ خوداعتمادي - عبدالله مورائي

عورت جي آزادي، محنت ۾ عظمت ۽ خوداعتمادي
عبدالله مورائي
سئيڊن (Sweden) اتر يورپ جو ٿڌو ۽ صاف ترين ملڪ، جنهن ۾ مون کي گذريل پنجن سالن کان رهڻ دوران ڪافي انيڪ تجربا ۽ تجزيا ڪرڻ جو موقعو مليو آهي.
ملڪ جي آبادي ۹۳ لکن جي لڳ ڀڳ آهي ۽ آبادي جو وڏو حصو گادي واري شهر اسٽاڪهوم ۾ رهي ٿو/ آباد آهي، جيڪو مختلف ۱۳ ٻيٽن تي مشتمل آهي.

Saturday, August 10, 2013

ڍاڪا جي گهٽين مان - شميم مري

ڍاڪا جي گهٽين مان
شميم مري
بنگلاديش جي وزٽ دوران، گهڻن دوستن زور ڀريو پئي ته موٽي اچي پنهنجا بنگلايش ۾ گهاريل اهي پل سفرنامي جي صورت ۾ سهيڙيان. چوڻ لاءِ ته کين ها ڪيم پئي پر ذهن اندر ئي اندر ان ڳالهه کي مڃيو نه پئي، وجهه....؟ اها ئي، هڪ ته هي وزٽ صرف هڪ ورڪشاپ جي سلسلي ۾ هُئي، سو منهنجو گهڻو وقت ته بند ڪمري ۾ ورڪشاپ ۾ گذرڻو هو ۽ ٻيو ته دوران هن وزٽ جي، مون وٽ ڍاڪا کان ٻاهر گهمڻ لاءِ ڪو Option نه هو ۽ منهنجو گهڻو وقت ڍاڪا جي ان علائقي ۾ گذرڻو هو، جت گهڻي ڀاڱي بنگلاديش جو مٿيون طبقو رهيو پئي. سو جڏهن مان درمياني ۽ هيٺين طبقي مان ڪنهن سان ملي نه پئي سگهيم ته پوءِ آخر سفرنامو لکان به ته لکان ڪيئن؟

Thursday, August 08, 2013

ٽاور آف لنڊن ۽ مشهور ڪوهنور هيرو - عبدالحي پليجو

ٽاور آف لنڊن ۽ مشهور ڪوهنور هيرو
عبدالحي پليجو
گذريل آرٽيڪل ۾ مون اوهان کي ٽاور آف لنڊن جي باري ۾ پئي ٻڌايو. ٽاوَر آف لنڊن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ وڏيون وڏيون قطارون لڳيون پيون آهن. اسان به هڪ قطار ۾ بيهي رهياسين. برٽش ميوزم ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪابه في ڪانهي. پر هت ٽاوَر آف لنڊن لاءِ داخلا في آهي ۽ انهيءَ جي ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ اسان قطار ۾ بيٺا آهيون. پنهنجي واري تي اسانکي به ٽڪيٽ ملي، جيڪا هٿ ۾ کڻي ٽاوَر آف لنڊن جي اندر داخل ٿيڻ لاءِ مين گيٽ تي اچي بيٺاسين، گيٽ بند آهي، ٽاوَر آف لنڊن جي اندر سير پاڻ مرادو نه پر سڄو گائيڊ گروپ جي شڪل ۾ ڪرائيندا آهن، تنهن ڪري جيئن جيئن گائيڊ واندا ٿين، تيئن تيئن ماڻهواندر داخل ٿين ۽ انهن کي اول کان آخر تائين گهمائي ڦيرائي ٻاهر روانو ڪن. فرانس جي لوور عجائب گهر ۾ يورپ جا سياح گهڻي تعداد ۾ انهيءَ ڪري وڃن ٿا، جو انهيءَ ۾ موناليزا جي تصوير رکيل آهي ۽ ٽاوَر آف لنڊن ۾ هندستاني، پاڪستاني ۽ بنگلاديشي وڏي تعداد ۾ انهيءَ ڪري وڃن ٿا، جو هت هندستان جو مشهور هيرو ڪوهه نور رکيل آهي، جيڪو ماڻهو ٽاوَر آف لنڊن گهمي ڏسي سگهي ٿو. اهڙي طرح سان ٽيپو سلطان جي تلوار وري اسڪاٽ لينڊ جي تاريخي قلعي ڪئسل آف ايڊنبرگ ۾ رکي آهي. اسان سان گڏ ننڍڙن ٻارن جو هڪ گروپ به شامل آهي، جنهن کي سندن ماسترياڻي هر هڪ ڳالهه سمجهائي رهي آهي. ڪيڏا نه پيارا ٻارڙا آهن... پنهنجي استاد جي هر ڳالهه ڌيان سان ٻڌي رهيا آهن ۽ معصوم زبان ۾ پنهنجي استاد کان سوال ڪري رهيا آهن، مِنا تمام ڌيان سان کين ڏسي رهي آهي ۽ مونکي ٻڌائي رهي آهي. هت اسانکي هڪ سنڌي فئملي به گڏي، جيڪا حيدرآباد جي هئي. اسانجي گائيڊ اسان کي هر هڪ شئي جي باري ۾ اهڙي ته سهڻي نموني سان سمجهائي رهيو آهي، ڄڻ ته هر هڪ شيءَ جي اسانجي اڳيان تصوير ڇڪجي وئي.. پاڻ هر هڪ ڳالهه تمام وڏي آواز ۽ تقرير جي انداز ۾ ٻڌائي ۽ سمجهائي رهيو هو، جيڪو سلسلو اول کان آخر تائين جاري رهيو. ٽاوَر آف لنڊن، ٽوڪيو  ٽاوَر ۽ ايفل ٽاوَر وانگر صرف ٽاوَر نه پر هڪ قلعي نما محل آهي، جنهن جي وڏي تاريخ آهي. جيڪا سَوَن سالن تي مُحيط آهي، پر انهيءَ جي مقابلي ۾ ٽوڪيو ۽ پئرس وارا ٽاوَر جديد دور جي ٽاوَرن جي عڪاسي ڪن ٿا. ٻنهي جي پنهنجي پنهنجي جدا ۽ منفرد حيثيت آهي. ٻنهي کي هر روز سڄي دنيا جا ماڻهو هزارن جي تعداد ۾ ڏسن ٿا. اسان ٽاوَر جي ٻاهران ٽاوَر جي باري ۾ هڪ ڪتاب خريد ڪيو، جنهن کي آهستي آهستي پڙهندا گائيڊ کي ٻُڌندا، فوٽو ڪڍندا اڳتي وڌي رهياسين. استنبول جو گيلاٽا ٽاور ۽ اٽلي جو پيزا ٽاور دنيا جا قديم ترين ٽاور آهن. ان سنڌي فيملي جي هڪ ميمبر  ٽاور تي لڳل جهنڊي ڏانهن اشارو ڪري مِنا پُڇيو ته؛ ”هي ڇا جو جهنڊو آهي؟“ مون کيس ٻڌايو ته، هي برطانيا جو قومي جهنڊو آهي. لنڊن ٽاوَر، شهر تي نوَ سَؤ سالن کان وڌيڪ وقت حڪمراني ڪئي آهي ۽ اڄ پڻ اهو راڄڌانيءَ جو سڀ کان وڏي اهم علامت  ۽ سياحن لاءِ  پرڪشش آهي. پنهنجي طويل تاريخ دوران هي ٽاوَر شاهي محل، قلعو، قيد خانو، ڦاسي گهاٽ، اسلحي خانو، ڪارخانو، ضرب خانو، چڙيا گهر سان گڏوگڏ شاهي جواهرات، نوادرات ۽ هٿيارن جو نمائش گهر به رهيو آهي. اڄ اهو ٽاور برطانوي تاريخ  جي طاقتور ترين علامتن يعني قديم شاهي غلامن، لنڊن جي ڪارن ۽ وڏن ڪانگن ۽ شاهي هيرن جواهرن جو گهر آهي. لنڊن ٽاور حقيقت ۾ هڪ نه پر گهڻن ئي ٽاورن، محلن، قلعن ۽ متفرق جڳهين جو مجموعو آهي، جن کي پسڻ ۽ پروڙڻ سان متاثر ڪندڙ ڄاڻ ۽ لطف حاصل ٿئي ٿو. هيٺ انهيءَ جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.
الهندو شاهي دروازو ۽ آبي رستو:
هي علائقو لنڊن ٽاوَر جي سياحن لاءِ مقرر ڪيل مکيه دروازي کان وٺي آبي رستي جي دنگ وٽ ڪريڊل ٽاور تائين مشتمل آهي. هي ماڳ ٽاور وٽ پهچڻ شرط يا ته موٽندي ٽاوَر ڇڏڻ وقت گهمي سگهجي ٿو.
الهندو لنگهه:
ايڊورڊ پهرئين جي وقت کان وٺي (۱۲۷۲ع کان ۱۳۰۷ع) محل ۾ وڃڻ جو مکيه زميني رستو ڪيترن ٽاورن ۽ لچڪدار پلين مان گذرندو هو، جيڪو پوءِ ٿيندڙ ڪيترين ئي ترميمن سبب، اڄ اها اصلي صورت وڃائي ويٺو آهي. ايڊورڊ اول طرفان قلعي ۾ ٿيل توسيع ۾ نئين ٻاهرئين پناهه ديوار ۽ شهر ۽ نديءَ وارا مکيه دروازا شامل آهن. شهر جي طرف وارو نئون شاهي دروازو ۱۲۷۵ع کان ۱۲۸۱ع جي وچ ۾ اڏيو ويو، جنهن ۾ ٽي ٽاوَر (۱) لائين ٽاوَر (۲) مڊل ٽاوَر ۽ (۳) باءِ وارڊ ٽاوَر جوڙيا ويا. لائين ٽاور بعد ۾ ڊاٺو ويو. هن وقت جديد ڪنڪريٽ پُل، ٽاور هل کان مڊل ٽاور تائين وڃي ٿي. جديد پُل  تان قديم لچڪدار پُل جا آثار ۽ لائين ٽاوَر جي ٻاهرين ديوار ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جنهن جا پٿر ٽاوَر شاپ جي اڳيان ٺهيل پٽڙيءَ ۾ لڳل نظر ايندا.
هن ٽاور ۾ شاهي چڙيا گهر قائم هو، جنهن ۾ شينهن به هوندا هئا، تنهن ڪري هن ٽاوَر جو نالو لائين ٽاوَر رکيو ويو. شاهي چڙيا گهر ۱۸۳۴ع ۾ موجود لنڊن زُو ڏانهن منتقل ڪري لائين ٽاور کي ڊاهي، انهيءَ هنڌ پمپ هائوس اڏيو ويو ۽ ان کي ٽاور شاپ طور استعمال ڪجي ٿو.
مڊل ٽاور:
لائين ٽاور کان مڊل ٽاور ڏانهن هڪڙي لچڪدار ننڍي پُل هئي، سا هاڻي ڦٽي وئي آهي. ۱۷۱۷ع ۾ جارج اول ماڊل ٽاور ۾ ترميم ۽ ڪجهه سڌارو ڪري گيٽ تي هٿيار وغيره چاڙهيا. هي ٽاور هن وقت يئومين گارڊ (قديم غلام محافظ) جي رهائشگاهه آهي. ٽاور جو بچاءُ حقيقتاً گيٽ وٽ لوهي سيخن جي ٺهيل ٻن طاقن کي زمين ۾ لڳل کانچن ۾ لڳائي ڦاٽڪ بند ڪرڻ سان ٿيندو هو. اهي کانچا اڄ به ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
باءِ وارڊ ٽاوَر
ماڊل ٽاوَر ۽ باءِ وارڊ ٽاور جي وچ ۾ هڪ ننڍو رستو هوندو هو، جنهن ۾ اصل کان هڪ لچڪدار پُل هوندي هئي. ياد رکڻ گهرجي ته انهيءَ هنڌ موجود کاهيءَ ۾ ۱۸۴۳ع تائين پاڻي ڀريل هوندو هو. هي گيٽ هائوس ايڊ ورڊ اول جي ٺهرايل ٻن گول ٽاورن سميت اڃا تائين گهڻن ئي اصل مهانڊن جو حامل آهي. ماڊل ٽاور وانگر باءِ وارڊ ٽاور پڻ لوهي سيخن جي ٺهيل ٻن طاقن سان ڦاٽڪ بند ڪري محفوط رکيو ويندو هو. ڦاٽڪ وٽان لنگهندي اهو سيخدار طاق ۽ خوني سوراخن جو سلسلو ڏسڻ ۾ ايندو، جيڪي سوراخ شايد حمله آور دشمنن طرفان گيٽ کي باهه سان ساڙڻ لاءِ استعمال ڪيا ويا هئا، ڦاٽڪ جي اڳئين پاسي ساڄي طرف تيراندازيءَ لاءِ ٺهيل اصلي سوراخ آهي، جيڪو ڦاٽڪ جي حفاظت لاءِ استعمال ٿيندو هو.
ڦاٽڪ جي ٿورو پويان ساڄي طرف هڪ ننڍو خانگي لنگهه آهي، جيڪو گهاٽ کان ٽاوَر ڏانهن ويندڙ هو ۽ شاهي خاندان پاران پندرهين ۽ سورهين صدين دوران استعمال هيٺ هو. انهيءَ لنگهه تي ننڍڙو ڦاٽڪ ۽ گهاٽ واري پاسي کان لچڪدار پل پڻ ڏسي سگهجي ٿي. اهو پوسٽرن گيٽ اصل ۾ ايڊورڊ اول ٺهرايو هو. پر سندس موجود صورت پندرهين صديءَ کان شمار ڪجي ٿي.
واٽرلين يا آبي رستو

باءِ وارڊ ٽاور جي هيٺان لنگهڻ کانپوءِ اوهان انهيءَ هنڌ پهچندا، جتي اوهانجي کاٻي هٿ تي اتر طرف ويندڙ ضرب خاني واري گهٽي آهي ۽ اڳيان اٿوَ واٽرلين. اهو هنڌ ايڊورڊ اول جي دور وارو آئوٽر وارڊ يعني خارجي ميدان آهي. اهو وارڊ ايڊورڊ اول طرفان لنڊن ٽاور جي توسيع دوران ان وقت قائم ڪيو ويو، جڏهن ۱۲۷۵ع کان ۱۲۸۲ع جي درميان محل جي اولهه، اتر ۽ اوڀر طرفن کان هڪ نئين ٻاهرين بچاءُ واري اضافي ديوار (آئوٽر ڪريٽن وال) تعمير ڪئي وئي. نهر سان لڳو لڳ موجود واٽرلين وارو سمورو علائقو آئوٽر وارڊ قرار ڏنو ويو ۽ ٽيمس نديءَ جي ڪناري سان لڳو لڳ ٽاوَرن تي مشتمل بچاءُ جي شاهي ديوار تعمير ڪئي ويئي، انهيءَ کان اڳ ۾ اندروني پناهه واري ديوار تي اڏيل سمورا ٽاور نهر جي ڪپ تي قائم هئا.

Wednesday, August 07, 2013

پراگ - سياحن ۽ عاشقن جي جنت - اسحاق انصاري

پراگ
سياحن ۽ عاشقن جي جنت
اسحاق انصاري
پراڻي شهر جي ان پڌر وچ ۾ سرمئي ۽ ڪاري رنگ جو هڪ وڏو بُت ٺهيل آهي جيڪو يان هُس جو آهي. هو چارلس يونيورسٽيءَ مان پڙهيو هو ۽ هڪ فلاسفر ۽ مشهور پادري جي حيثيت ۾ نه رڳو چيڪوسلوواڪيا ۾ پر پوري يورپ ۾ پاڻ مڃايو هو. هو ڪيٿولڪ چرچ جي خلاف هو، ۽ ان ۾ سڌارن آڻڻ جي حق ۾ هو. جنهنڪري هن جا رومن ڪيٿولڪ چرچ سان جھڳڙا پيا هلندا هيا پر سندس تحريڪ زور وٺندي پئي وئي. هن جي پيروڪارن يا تحريڪ کي “هُسائيٽ” سڏيو ويندو هو. ان جي ڪري هو چرچ لاءِ خطرو بڻجندو پئي ويو جنهنڪري رومن ڪيٿولڪ چرچ، مختلف بهانا بڻائي کيس گرفتار ڪندي هئي. آخري ڀيرو کيس گرفتار ڪري انڌو منڊو ڪيس هلائي، کيس جيئري ساڙڻ جي فتوى ڏني. کيس ۶ جولاءِ ۱۴۱۵ تي ساڙڻ کان اڳ معافي وٺڻ لاءِ چيو پر هن انڪار ڪيو ۽ کيس چتا تي چاڙهيو ويو. چيو وڃي ٿو ته هو چرچ ۾ سڌارن آڻڻ جي خيال کان مارٽن لوٿر کان به اڳ ۾ هو.  ان بت جي چوڌاري ويهڻ جي جڳهه ڪري ماڻهن جا ميڙ متل هوندا آهن.

Tuesday, August 06, 2013

سڪندر اعظم جي ملڪ يونان ڏانهن - عبدالله مورائي

سڪندر اعظم جي ملڪ يونان ڏانهن
عبدالله مورائي
جمهوريت جي جنم ڀومي يونان (Greece) حالانڪ يورپ هڪ ترقي يافته ملڪ آهي پر هتي به عام ماڻهن جو حڪومت ۽ سياستدانن تي اعتبار گهٽ ۽ بيزاري گهڻي آهي. سڪندر يوناني (سڪندر اعظم) جي ڌرتيءَ تي سال جا ٻه سؤ پنجاهه ڏينهن، سج پنهنجي پوري جوڀن سان نروار ۽ روشن رهي ٿو ۽ دنيا جي ٿڌن ملڪن جا ماڻهو يونان جي مختلف ٻيٽن جو رخ ڪن ٿا. هڪ اندازي مطابق هر سال هتي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ايندڙ سياحن جو تعداد لڳ ڀڳ ڏيڍ ۽ ٻن ڪروڙن جي وچ ۾ رهي ٿو، جيڪو مسلسل وڌي رهيو آهي. ٻن هزار ٻيٽن تي مشتمل هن ملڪ ۾ سياحن جي سهولت لاءِ تمام گهڻا بين الاقوامي هوائي اڏا قائم ڪيا ويا آهن ته جيئن هر ڪو سياح پنهنجي منزل ڏانهن آسانيءَ سان وڃي سگهي.

Monday, August 05, 2013

ڪافڪا اسحاق - انصاري

ڪافڪا
اسحاق انصاري
پراگ ۽ ڪافڪا کي الڳ نه ٿو ڪري سگھجي. توهان کي پراگ ۾ ڪافڪا جو پاڇو هر وقت محسوس ٿيندو. هن شهر جا جيڪي به سياحت جا اشتهار هوندا پوءِ اهي چاهي، وڏن بل بورڊز جي صورت ۾ هجن يا، بروشر هجن يا وري هتان جي ويوڪارڊ هجن ان ۾ ڪافڪا جو ذڪر ۽ شبيهه ضرور ملندي. ان کان علاوهه هتي وڪامجندڙ ٽي شرٽس تي، ڪافي جي مگن ۽ ٻين سووئنرز تي به ڪافڪا جي شڪل ٺهيل ملندي.

مٺڙي ٻالپريءَ جو آستان ۽ تونگ وايا ڏاجهو - رمضان شورو

مٺڙي ٻالپريءَ جو آستان ۽ تونگ وايا ڏاجهو
رمضان شورو
ڪائنات جون هڙئي حسناڪيون ۽ زندگيءَ جا سڀ رنگ رکندڙ سنڌ جي ڪوهستاني پٽيءَ کي جيترو ڏسجي ٿو، انسان فطرت کي اوترو ويجهو ٿيندو وڃي ٿو. جتي سڄي دنيا جا آرڪيالاجسٽ ۽ اينٿروپولاجسٽ سنڌو سڀيتا جي عظمت کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا، اتي سنڌ جي طبعي بيهڪ/ جاگرافيءَ کي به وڏي اهميت حاصل آهي، پوءِ اهو لاڙ وارو حصو سنڌ جو دوآبو (سنڌ ڊيلٽا) هجي، اتر ڪاڇو، نارو، ٿر يا ڪوهستان هجي سڀ سنڌ جي قدامت جو اهڃاڻ آهن. ڪجهه وقت اڳ جڏهن اسان جي سنگت ڪوهه تراش لڳ کير ٿر نيشنل پارڪ ڏسڻ آئي هئي (سفر جو احوال ڪجهه وقت اڳ ”عوامي آواز جي سنڊي مئگزين“ ۾ ڇپيل) ته چئو طرف ٽڙيل پکڙيل منظرن کي ڏسي دوستن جو تجسس وڌي پيو هو ته ڇو نه هن جابلو پٽيءَ جا ٻيا به علائقا ڏسجن. نيٺ طئي ٿيو ته هر وسڪاري ۾ هتان ڀيرو ضرور ڀربو. پوءِ جو وسڪارو ٿيو ته سڀئي دوست سهي سنڀري اچي ٿاڻي بولا خان پهتا.