Monday, July 23, 2012

پورچوگالي ۽ هسپانوي زبانن ۾ اوڻويھين ويهين جو فرق آهي - الطاف شيخ


پورچوگالي ۽ هسپانوي زبانن ۾ اوڻويھين ويهين جو فرق آهي
الطاف شيخ
نيويارڪ جي علائقي بي رج ۾ لبنانين بعد ٻئي نمبر تي مصري آهن ۽ پوءِ مراقش، انڊيا، پاڪستان، عراق ۽ فلسطين جا گهڻا آهن.
هونءَ ڪيترا آمريڪن، جيڪي نيويارڪ ۽ ڀر واري رياست نيو جرسيءَ ۾ رهيا پيا آهن، تن کي به هن علائقي بي رج جي گهڻي خبر ناهي، جيڪو بروڪلن جي پوڇڙ تي ائين آهي، جيئن ڪراچيءَ ۾ منگهو پير يا ماڙيپور. هيمون به پهرين پڇڻ لڳو ته Bay Ridge ڪهڙو آهي. اسان جا جهاز بي رج جي پاسي واري ڊراءِ ڊاڪ ۽ آرمي ٽرمينل وٽان لنگهڻ ڪري ۽ انهن ڏينهن ۾ نيويارڪ جي هنن علائقن ۾ هفتن جا هفتا بلڪ مهينا واندا رهڻ ڪري، هيڏانهن هوڏانهن رلڻ لاءِ چڱو وقت ملي ويو ٿي ۽ بقول هڪ مسخري مئرين انجنيئر محمود جي ته، مڪاني ماڻهن به پنهنجي شهر جا رستا اسان کان ٿي پڇيا. شايد اهو ئي سبب آهي جو اسان جا ڪيترا ئي جهازي انجنيئر ۽ نيويگيٽر آفيسر ڏکي سامونڊي نوڪري ڇڏي، آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ ٽئڪسي ڊرائيور وڃي ٿيا ۽ جلدي اسان کان سکيا ستابا ٿي ويا. پئسي ڏوڪڙ ۾ به ته صحت ۾ به ۽ وڏي ڳالهه ذهني سڪون ۾ به. سمنڊ تي ته پاڻ رستا ٺاهي هلڻو ٿي پيو. هتي ڌرتيءَ تي ته اڳ ئي ٺهيل آهن ۽ اچي اچي ياد به ٿي ويا هئا.

Saturday, July 21, 2012

هي نيويارڪ جو علائقو بي رج نه پر بيروت آهي - الطاف شيخ


هي نيويارڪ جو علائقو بي رج نه پر بيروت آهي
الطاف شيخ
آئون پنهنجي ڀاڻيجي هيمون (ضمير وسطڙو) سان گڏ ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي ڀرسان بارڪلي اسٽريٽ وٽ ئي هوس. اهو حصو جتي WTC آهي بلڪه هو. نيويارڪ شهر جي مئن هٽن جو هيٺيون حصو (Lower Manhatton) سڏجي ٿو. ٻه روڊ (ويسٽ براڊ وي ۽ چرچ اسٽريٽ) ڇڏي، ٽئين روڊ تي سٽي هال ۽ سٽي هال پارڪ آهي. اها چرچ اسٽريٽ ڏيئي، ٿورو هيٺ ڏکڻ ڏي هليو وڃجي، ته هن مئن هٽن ٻيٽ جي پڇڙ وٽ جتي سمنڊ سان ٿو ملي. بيٽري پارڪ آهي جتان فيريون (ننڍا پئسينجر جهاز جيڪي ماڻهو ۽ انهن جون سواريون موٽر لاريون کڻي سگهن) ڀر واري ٻيٽ اليز آئلنڊ (Ellis Island) ۽ ان ٻيٽ تي ٿيون وڃن، جنهن تي آزاديءَ جو مجسمو (Statue of liberty) آهي. هيمونءَ جو ڪم موري اسٽريٽ ۽ گرين وچ اسٽريٽ جي ڪراسنگ وٽ سينٽ جانس يونيورسٽي ۾ هو، جيڪو مئن هٽن وارو ڪئمپس سڏجي ٿو. جيئن ته ڪم اُميد کان گهڻو اڳ لهي ويو. ان ڪري اسان وٽ هيڏانهن هوڏانهن چڪر هڻڻ لاءِ ڪافي ٽائيم پُڇي پيو.
”هلو ته آزاديءَ جو مجسمو ڏسڻ هلون.“ هيمونءَ صلاح ڏني پر مون ڪجهه دير سوچي انڪار ڪيو.

بمبئي منھنجي ڀاڪر ۾- انتساب - الطاف شيخ

ڳوٺ پير جهنڊي جي
سائين پير فضل الحق شاهه نالي
                
هي ڪتاب آئون پنهنجي ۽ آمريڪا ۾ اڄ کان اڌ صدي کن اڳ رهندڙ ڪيترن دوستن جي دلپسند شخصيت، هڪ پياري ۽ نيڪ انسان پير فضل الحق شاهه راشدي نالي ڪريان ٿو.
ان سان گڏ سائينءَ ۽ سندن خاندان (پير جهنڊي واري خاندان) بابت مختصر احوال لکڻ ضروري سمجهان ٿو، جنهن ۾ گهڻا تڻا نه فقط فقير طبيعت جا ماڻهو، عالم ۽ درويش ٿي گذريا آهن، پر وطن جي آزاديءَ لاءِ پڻ هنن هر قسم جون قربانيون ڏنيون. اها ٻي ڳالهه آهي ته انگريز سرڪار پنهنجي حڪومت کي طول ڏيڻ لاءِ پڳ وارن توڙي هنن جهنڊي وارن پيرن جي انهن نيڪين ۽ حب الوطني جي جذبن کي ظاهر ڪرڻ بدران discredit ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پاڪستان ٿيڻ بعد پنهنجين حڪومتن به انهن جي هيرو ورشپ نه ڪئي آهي. سچ ته اهو آهي ته اڄ جي نفانفسيءَ واري دور ۾، جڏهن هرڪو ظاهري ڏيک ويک جو قائل ٿي پيو آهي، جتي هر شيءِ کي دولت ۽ سرڪاري عهدي جي ساهميءَ ۾ توريو وڃي ٿو، اتي اسان جو نوجوان مذهب ۽ وطن جي سچن عاشقن کي وساري ويٺو آهي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ههڙن ماڻهن کان اسان جي ملڪ جي عوام ته ڇا سنڌ صوبي جا رهواسي به بي خبر ٿيندا وڃن. ٻيو ته ٺهيو هالا ۽ سعيد آباد جي ڪيترن پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن کان کڻي پُڇ ته اهي به اڻ ڄاڻائي ۽ حيرت جو اظهار ڪن ٿا. ڳالهه اها آهي ته اسان جي نيڪ ماڻهن ۽ وطن جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪندڙن جي ڳالهه نه درسي ڪتابن ۾ آهي، نه انهن کي خراج تحسين پيش ڪيو وڃي ٿو. انهن جي نالن تي نه روڊ رستا آهن ۽ نه پارڪ پليون.

بمبئي منھنجي ڀاڪر ۾ - مھاڳ- پروفيسر محمد سليم ميمڻ




مھاڳ

سفر حيرت ۽ نئين جستجوءَ جو ذريعو آهي ۽ نئين تجربي جو خالق پڻ، سفر ذريعي ئي گلستان ۽ بوستان جي تخليق ٿي، سفر نه هجي ها ته سعدي به نه هجي ها.
ڏٺو وڃي ته هر ماڻهو گهمندڙ ڦرندڙ سفرنامو آهي، ڪو ننڍو ته ڪو وڏو. ڪو پنهنجي اندر ۾ سفر ڪري ٿو ته ڪو ٻاهر ۽ ڪو ٻنهي رُخن ۾، حقيقت ۾ سفر ذات ۽ صفات جي بيان جو اهم وسيلو پڻ آهي. اندروني سفر نهايت ڏکيو هوندو آهي. اصطلاحاً ان کي روحاني تجربو، مذهبي تجربو ۽ صوفين جو تجربو ڪوٺجي ٿو.

سفرنامن جي شيلف ڀريندڙ ليکڪ - زيب سنڌي




سفرنامن جي شيلف ڀريندڙ ليکڪ

ڪنهن زماني ۾ سنڌي ادب جي سفرنامي واري حصي ۾ اهڙي کوٽ موجود هئي، جهڙي کوٽ سنڌي ادب جي ناول واري حصي ۾ اڄ تائين به موجود آهي. ڪڏهن ڪڏهن ئي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ سفرنامو شايع ٿيندو هو، پر جڏهن الطاف شيخ دنيا جي سفر تي نڪتو، ته سنڌي ادب جي سفرنامن واري شيلف ۾ ڪتاب وڌندا ئي ويا. جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ٻئي ليکڪ جو سفرنامو به نظر اچي ٿو، پر الطاف شيخ جي لڳاتار سفر ۽ سفرناما لکڻ ڪري، سنڌي ادب جي سفرنامن واري شيلف ۾ ايترا ڪتاب موجود آهن، جو هاڻي اها خالي نٿي لڳي.

Wednesday, July 18, 2012

نيويارڪ جو بروڪلن برج - الطاف شيخ


نيويارڪ جو بروڪلن برج
الطاف شيخ

سو نيويارڪ جي هيءَ پل بروڪلن برج ٺهي پئي ته ان جي پيلپاين ۽ ٿنڀن کي سمنڊ اندر هڪ سؤ فوٽن کان به وڌيڪ کوٽائي ڪري لڳايو ويو هو. تن ڏينهن ۾ سائنس اڃا ايڏي ترقي نه ڪئي هئي. ظاهر آهي هي ۱۸۸۳ع کان به اڳ جو وقت ٿيو جڏهن ته ڊائبٽيز جهڙين بيمارين جي ئي ۱۹۲۰ع کانپوءِ ڄاڻ ٿي آهي. سو ان وقت ڪيترين بيمارين ۽ انهن جي علاجن جي خبر نه هئي. خاص ڪري انهن بيمارين جي جيڪي مٿئين Altitude تي ٿين ٿيون ياUnpressurized  هوائي جهازن ۾ ۽ هيٺ سمنڊ جي اونهي تري ۾. سو هن پل ٺهڻ وقت به جيڪي ڪاريگر، هيٺ سمنڊ جي اونهائيءَ ۾ ڪم ڪري رهيا هئا، اهي بيمار ٿي پيا. گهڻو پوءِ خبر پيئي ته هنن کي Caisson بيماري ٿي پيئي هئي. جيڪا Bends ۽Decompression  به سڏجي ٿي. اھا، بقول ڊاڪٽر ڪئپٽن مفتون سولنگيءَ جي، اونهين ٽٻين Diving ۾ يا تمام گهڻو هيٺ کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن کي هاءِ پريشر پيدا ٿيڻ ڪري ٿئي ٿي. ڊاڪٽر مفتون سولنگي، پاڪستان جي انهن ٻن ٽن اسپيشلسٽن مان هڪ آهي، جنهنUnder Water Medicines ڪورس ڪيو آهي ۽ Diving Hyperbaric Diseases جو اسپيشلسٽ آهي.

Tuesday, July 17, 2012

”ڪل هو يا نه هو“ فلم ۽ نيويارڪ جي ويرازانو پُل - الطاف شيخ


”ڪل هو يا نه هو“ فلم ۽ نيويارڪ جي ويرازانو پُل
الطاف شيخ
ٿي سگهي ٿو ته آمريڪا پاسي نه آيل ان ڳالهه تي يقين نه ڪن، پر مون کي خبر آهي ته اهڙا ئي فراڊ اسان جا هم وطني ٽئڪسي وارا لنڊن جي هيٿرو هوائي اڏي تي پنهنجن سان پيا ڪن. اسان مان شايد ڪو سوچي ته اهي ٽئڪسي وارا مسافر کان ڪيئن تيز ٿي سگهن ٿا. مون به اهو ئي سوچيو هو پر هاڻ مهينو ٻه آمريڪا ۾ رهي ڏسان پيو ته اسان جا ماڻهو پنهنجن کي ته ڇا، پر هتي جي آمريڪن کي به بيوقوف بڻايو ويٺا آهن ۽ اسان جي ملڪ جي نه فقط شهرن جا پر ماتلي ۽ ان جي اوسي پاسي جي ڳوٺن جا ماڻهو به هتي آمريڪا ۾ اچي اهڙا ڦڏا ۽ فراڊ جا جوکائتا ڪم ڪري رهيا آهن، جو ڏندين اڱريون ٿيون اچن. بهرحال انهن ڳالهين جو احوال اڳتي هلي ڪٿي ڪبو هتي پاڻ ويرازانو پل بابت ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا هئاسين، جيڪا ڊبل ڊيڪ آهي، يعني ٽريفڪ لاءِ هن تي ٻه طبقا آهن. آئون پهريون دفعو ۱۹۶۸ع ۾ جڏهن نيويارڪ جهاز وٺي آيو هوس، ته ان وقت فقط مٿيون طبقو هو ۽ ان کان هيٺئين تي ڪم هلي رهيو هو، جيڪو جون ۱۹۶۹ع ۾ ٺهي راس ٿيو. هينئر هڪ ٻه دفعا باءِ ڪار هيءَ پل ڪراس ڪرڻ وقت مون ڏٺو ته ٽرڪن ۽ وڏن ٽرالرن کي هيٺين طبقي تان لنگهڻ نٿي ڏنائون، شايد ان ڊپ کان ته ڪو بارود کڻي هن پل کي Sabotage ڪري ته سندس ٻئي طبقا تباهه نه ٿي وڃن ۽ هڪ ٻه دفعو ته جڏهن انگلينڊ ۾ بم ڦاٽو، ته هتي نه فقط ريلوي اسٽيشن تي هر هڪ جا پاسپورٽ چيڪ ڪرڻ لڳا، پر هن اهم پل جو هيٺيون طبقو ڪارن موٽرن لاءِ به بند ڪري ٿي ڇڏيائون. هي سڀ ڪم نائن اليون کانپوءِ ئي ظهور ۾ آيا آهن، نه ته اڄ کان ٽيهه چاليهه سال اڳ جڏهن نيويارڪ ايندا هئاسين ته ڪنهن به ڳالهه جي جهل پل نه هوندي هئي. تن ڏينهن جي اتاهين عمارت ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ جي به چوٽيءَ تي هليا وياسين ٿي، پر هاڻ اهڙن ڪيترن هنڌن تي ٽوئرسٽ کي وڃڻ جي جهل آهي، ڇو جو ان وقت ۾ اتاهين بلڊنگ تي پهچي گهمڻ جي شوقينن فوٽا ٿي ڪڍيا (اسان به يادگار طور تن ڏينهن ۾ نيويارڪ ۾ رهندڙ رئيس نور احمد نظاماڻيءَ سان گڏ فوٽو ڪڍايو هو) پر هاڻ جي خبر نٿي پوي ته ڪير ڪنهن وقت اتان ڪو بم نه ڪيرائي، اتي پهتل ٻين ٽوئرسٽ کي Hostage بڻائي يا پاڻ خودڪشي ڪري.

Friday, July 13, 2012

ڪجهه نيويارڪ بابت - الطاف شيخ


ڪجهه نيويارڪ بابت
الطاف شيخ
اسان کي ڪجهه نيويارڪ جو ذڪر ڪرڻ کپي. جيئن ڪراچي پاڪستان جي جان آهي، توڙي کڻي گادي جو هنڌ اسلام آباد آهي يا سهڻو شهر لاهور ٿو سڏجي، پر ڪراچي واپار وڙي ۽ عوام جي لحاظ کان وڏو شهر آهي ۽ ملڪي ۽ غير ملڪي ماڻهن لاءِ فيوريٽ شهر آهي. ايتري قدر جو پاڪستان جي سڃاڻپ ڪراچي آهي ۽ ڪراچيءَ جي پاڪستان. تهڙيءَ طرح آمريڪا (USA) جو شهر نيويارڪ آهي، جتي هر ڌاريو ۽ ملڪي ماڻهو وڃڻ چاهي ٿو. آمريڪا جو جيتوڻيڪ گاديءَ جو هنڌ واشنگٽن آهي ۽ خوبصورت شهر لاس اينجلس، بالٽيمور، شڪاگو، ميامي ۽ هيوسٽن کان وٺي خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا هجن، پر وڏي ليول تي آمريڪا جي سڃاڻپ نيويارڪ آهي ۽ نيويارڪ معنيٰ USA. نيويارڪ هوائي جهاز يا پاڻيءَ واري جهاز رستي، اڄ توڙي اڳ ۾، پهچڻ سولو رهيو آهي. نيويارڪ کي پنهنجو هوائي اڏو آهي، بلڪ دنيا جو وڏي ۾ وڏو هوائي اڏو JFK ۽ ان کان علاوه ٻيا به ڪيترا ئي هوائي اڏا آهن. پاڻيءَ واري جهازن جي آمدرفت لاءِ به نيويارڪ دنيا جي وڏن ۽ اهم بندرگاهن مان هڪ آهي. آدمشماريءَ جي لحاظ کان به نيويارڪ نه فقط آمريڪا (يعني USA) جو وڏو شهر آهي، پر سڄي اتر آمريڪا کنڊ ۾ هڪ ڳتيل شهر آهي، جتي ڀانت ڀانت جا ماڻهو نظر اچن ٿا. بين الاقوامي ڏيتي ليتي (Finance)، سياست، وندر (Entertainment) ۽ ڪلچر جي لحاظ کان دنيا جا جيڪي چار شھر وڏا مڃيا وڃن ٿا، نيويارڪ انهن مان هڪ آهي (۽ ٻيا ٽي شھر آهن، لنڊن، پئرس ۽ ٽوڪيو).

Tuesday, July 10, 2012

چار ئي شير آمريڪا ۾ - الطاف شيخ


چار ئي شير آمريڪا ۾
الطاف شيخ
آمريڪي جهڙي ڏورانهين ڏيهه ۾ جتي ڪنهن زماني ۾ هم وطني ڪو ورلي ملندو هو، اتي اڄ ڪلهه، باوجود ڏکين اميگريشن قانونن، هوائي جهاز جي ڳرن ڀاڙن ۽ نوڪرين جي کوٽ جي، پنهنجا جتي ڪٿي نظر اچن ٿا. نه فقط نيويارڪ، واشنگٽن، بالٽيمور، هيوسٽن جهڙن وڏن شهرن ۾ (جيڪي ڄڻ آمريڪا جا قاسم آباد ۽ نسيم نگر آهن) پر ننڍن ڳوٺن ۾ به. آمريڪا جي ڪن شهرن ۾ ته ڪن ذاتين وارا خاص ڪري ڏاهري، قلباڻي، فاضلاڻي، عباسي، ابڙا، چنا، لغاري، ميمڻ، شيخ ۽ سومرا ته ايترا آهن، جو لڳي ٿو ته اهي ذاتيون سنڌ جون نه، پر ڪولمبس پٺيان آيل اسپيني ماڻهن جون هجن.

Sunday, July 01, 2012

هاڻ آمريڪا ۾ آچار ۽ ڳُڙ ته ڇا گدامڙيءَ ۽ هئڊ به ملي ٿي - الطاف شيخ


هاڻ آمريڪا ۾ آچار ۽ ڳُڙ ته ڇا گدامڙيءَ ۽ هئڊ به ملي ٿي
الطاف شيخ
مئرين انجنيئر جي حيثيت سان، جيئن ئي مون 1968ع کان جهاز جي نوڪري شروع ڪئي ته شروعات جا فقط ڪجهه سفر ڪولمبو، هانگ ڪانگ، چين ۽ يورپ پاسي (روس، رومانيا، بلغاريا، لبنان ۽ ترڪي جهڙن ملڪن ۾) جهازن کي وٺي وڃڻ بعد 1972ع تائين چار سال کن، منهنجو مختلف جهازن تي گهڻو وقت آمريڪا جي ئي بندرگاهن ۾ وڃڻ ٿيو.