Wednesday, June 29, 2016

ہم ہیں بنارس کے بھیا - الطاف شيخ

ہم ہیں بنارس کے بھیا
الطاف شيخ
گنگا نديءَ جي ڪناري تي هندستان جو هي شهر بنارس، جيڪو ورانسي ۽ ڪاشي به سڏجي ٿو، هڪ عجيب شهر آهي، جنهن ۾ ٻارهو ئي ميلو متل رَهي ٿو. هن شهر جي زيارت لاءِ، گنگا ۾ ٽٻي ڏئي پنهنجا پاپَ ڌوئڻ لاءِ، مري ويل پنهنجن پيارن کي گنگا جي پاڻي ۾ لوڙهڻ يا چکيا چاڙهڻ لاءِ روزانو هزارن جي تعداد ۾  اچن ٿا. هڪ طرف ياتري ۽ فارين ٽوئرسٽ ته ٻي طرف شاگردن جي اچ وڃ لڳي رهي ٿي ڇو جو بنارس نه فقط مندرن ۽ گهاٽن جو شهر آهي پر اسڪولن ۽ اسپتالن جو به شهر آهي. ۽ هن شهر جي رونق هن صديءَ کان نه آهي ۽ نه ورهاڱي کان پوءِ جي جيئن اسان وٽ حيدرآباد وارو قاسم آباد يا اسلام آباد آهي. بنارس ته صدين کان آباد شهر آهي. اڄ کان فقط ٻه صديون اڳ جڏهن اڃان ڪوالالمپور يا ڪينيا جي گاديءَ واري سهڻي شهر نئروبي جو پهريون گهر به نه ٺهيو هو تڏهن به بنارس ۾ روزانو پري پري کان ياتري گهوڙن، گڏهن ۽ اٺن تي چڙهي يا پيدل پنڌ پهتا ٿي. بنارس عيسوي سن کان به پراڻو آهي.... ايترو پراڻو جيترا هندو ڌرم جا پاڪ ڪِتاب ويد. منهنجي خيالَ ۾ دنيا جو ٻيو ڪو ورلي شهر هوندو جنهن جو احوال ايترن مختلف تاريخي ۽ جاگرافي ڪِتابن ۾ ۽ ناولن ۽ سفرنامن ۾ آيو هوندو. فلمن ۾ ڏيکاريو ويو هوندو.... ها هڪ ٻه اهڙا شهر لنڊن، قاهرا جهڙا ضرور آهن پر ملاڪا، ممبئي، لاهور، جِدو، حيدرآباد.... هرگز نه.

Tuesday, June 28, 2016

ڇا ڪبوتر توهانجو به پير ۽ مرشد آهي؟ - الطاف شيخ

ڇا ڪبوتر توهانجو به پير ۽ مرشد آهي؟
الطاف شيخ
نواب شاهه جو عزيز لاکو ڪراچي ۾ ان علائقي ۾ رهي ٿو جنهن ۾ آئون رهان ٿو. منهنجي ساڻس ڪئنٽونمينٽ بورڊ ڪلفٽن واري عمارت ۾ سکر جي انجنيئر عابد شاهه جي آفيس ۾ اوچتو ملاقات ٿي. هو منهنجي لکڻين مان بيحد متاثر ٿي لڳو ۽ مون سان ملڻ لاءِ بيتاب هو. ان ئي ڏينهن هو مونکي گهر اچي ڪجهه ڪتاب ۽ ڪيڪ به ڏئي ويو.
هينئر مونکي عزيز لاکو ياد اچي ويو. مون کيس ٽيليفون ڪيو . خير عافيت معلوم ڪرڻ بعد مون يڪدم پڇيو ”عزيز! ايئر گن اٿئي؟“

Sunday, June 26, 2016

اوآهُو جو جابلُو سامُونڊي ڪنارو“مڪاپُو” (u’Makapu) ڪِلف ۽ سيهڙ وارو ٻيٽ - ياسر قاضي

اوآهُو جو جابلُو سامُونڊي ڪنارو“مڪاپُو” (u’Makapu) ڪِلف ۽ سيهڙ وارو ٻيٽ
ياسر قاضي
گذريل هفتي هن “سفر ـ ڪٿا” ۾ پاڻ “الُوپو هِي آيُو” (ULUPO HEIAU) گھميوسين، جيڪو “اوآهُو” جو هڪ قديم ماڳ (آرڪيالاجيڪل سائيٽ) آهي. هينئر اسين ڪوسٽر ۾ سوار ٿي “اوآهُو” ٻيٽ جي تاريخي ۽ ثقافتي سير جي سلسلي ۾ پئسفڪ جي جنهن جابلُو سامونڊي ڪناري (Beach) ڏانهن وڃي رهياهُئاسُون، اُن کي “مڪاپُو” (u’Makapu) ڪلف چون ٿا، جنهن جي جاگرافيائي اهميت جيان ان جي تاريخي ۽ جنگي حيثيت به اهميت جي حامل آهي. هي ماڳ “اوآهُو” ٻيٽ جي انتهائي اوڀر واري ڇيڙي تي واقع هڪ سهڻو سامُونڊي ڪنارو آهي. “الُوپو هِي آيُو” (ULUPO HEIAU) کان “مڪاپُو” (u’Makapu) ايندي “اوآهُو” جي مُختلف حصّن جي موسم، قربان ٿيڻ جهڙي هئي. بادلن جا بُخار جهڙوڪر اسان جي ڪوسٽر کان ٿورو مٿي ئي پئي اُڏاميا. هلڪي سيءَ مائل موسم خوشگوار احساس جي رنگن سان سمُورا رستا واسي ڇڏيا هئا. جنهن جنهن رستي سان اسان جِي ڪوسٽر گُذرِي ٿي، هر اُن رستي تي مؤسم پنهنجي خوشگواريُن کي وڇايو اسان جو انتظار پئي ڪيو.

اوآهُو ٻيٽ جو نو آنُو پالي لُڪ آئُوٽ - ياسر قاضي

اوآهُو ٻيٽ جو نو آنُو پالي لُڪ آئُوٽ (پولي ڪلف)
ياسر قاضي
گذريل قسط ۾ اسان امريڪا ۾ هوائي (رياست) جِي ”اوآهُو“ ٻيٽ جو ”هاف آئلينڊ ٽُوئر“ (اڌ ٻيٽ جو سير) ڪندي، اوآهُو ۽ هونولُولُو جي تارِيخي، ثقافتي توڙي جاگرافيائِي اهميت کي سمجھڻ جِي ڪوشش ڪندي، ”ٿامس رِج وي“ تي، هونولُولُو جِي مشهُور ”الي اِيو لانِي هالِي“ نالي عمارت جي سامهُون بِيٺل، هوائِي سلطنت جي بانِي بادشاهه ”ڪاميهاميها ايڇ اي پهرين“ جي 1883ع ۾ ٺاهيل پِتل جي مُجسمي کي ڏسِي، گھُمي، پنهنجو اڳتي جو سفر شرُوع ڪرڻ لڳا هُئاسِين.

واشنگٽن جو چيري بلاسم ۽ شهر ۾ آخري شام - ياسر قاضي

واشنگٽن جو چيري بلاسم ۽ شهر ۾ آخري شام
پئسفڪ جي پاڙي ۾ قسط: 45
ياسر قاضي
گذريل هفتي اسان امريڪي دفاعي هيڊڪوارٽر، ”پينٽاگون“ گھميوسي. اميد آهي ته اُن مختصر مضمُون ۾ پينٽاگون جي سير جا گھڻي کان گھڻا عڪس اوهان تائين پهچائڻ جي ڪوشش ۾ ڪامياب رهيو هُوندس. اهو اڱاري 8 اپريل 2014ع جو احوال هو. اڄ به ان ئي ڏينهن جو احوال اوهان سان سَلبو. اسين ”پينٽاگون“ گھمي، منجھند جو لڳ ڀڳ اڍائي لڳي ڌاري ان ساڳئي ئي رستي (ڪاريڊور نمبر 8) کان پينٽاگون کان نڪتاسِين. اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ پاران ”پينٽاگون“ اندر اسان جي سُونهي، ”چارلس ڪول“ به سيڪيورٽي گيٽ اُڪرندي اسان کان موڪلايو ۽ اسين اُن ساڳئيءَ پٿر واريءَ پُل تان واڪ ڪندا (جيڪا گھُمندي ”ديوارِ چين“ جهڙو ڏيک ڏئي رهي هئي) ان جي ڏاڪڻ لهي اچي ڪوسٽر ۾ چڙهياسِين. اُس نڪري چُڪي هُئي ۽ پينٽاگون اندر وڃڻ مهل جيڪا سج ۽ ڪڪرن جي اکٻُوٽ جاري هُئي، اُها تقريباً ختم ٿي چُڪي هُئي. هتان اسان جي گرُوپ منجھان ٽن ڄڻن (خالد خيشگِيءَ، ضياءُ الرحمٰن ۽ ذوالفقار مهتُوءَ) کي هڪ مُذاڪري ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ روانو ٿيڻو هو، جيڪي اسان جي لاهور واري ساٿيءَ، ذوالفقار مهتُوءَ جي سرواڻيءَ ۾ ٽيڪسيءَ ۾ چڙهي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ روانا ٿيا، جن کي اسان جي ڪوآرڊينيٽر، ”مائي اينان“ (مسز اين هارٽمين) چڱيءَ ريت سمجھايو ته هُو اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ پهچي ”جُڊيٿ وين هيلن“ سان ملن. تاڪيد ته مائي اينان کين ٻارن وانگر تفصيل سان پئي ڪيو ته هيئن ڪجو! ۽ هيئن نه ڪجو! هيڏانهن وڃجو! ۽ هوڏانهن نه نه وڃجو! وغيره... جيئن اسان وٽ ٻار کي اسڪُول رواني ٿيڻ مهل والدين هدايتُون ڏيندا آهن ته: ”بابا! ڪنهن کان ڪا شئي وٺي نه کائجانءِ! ڪوئي چوئي ته مان تنهنجي پيءُ جو دوست آهيان، هل ته هيڏانهن وٺي هلانءِ! ته اُن سان هرگز نه وڃجانءِ!“ وغيره وغيره... بلڪل ايئن ٿي لڳو ته مائي اينان به ڄڻ پنهنجن ٻارن کي اهڙيُون هدايتُون ڏئي اسڪُول موڪلي رهي هجي. اسان جا اهي ٽئي صحافي دوست اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ روانا ٿيا ته اسان جو باقي گرُوپ اُن وڏيءَ ڪوچ ۾ سوار ٿي (جيڪا صبح کان وٺي اسان سان گڏ آهي) واشنگٽن ڊِي سِيءَ جي مشهُور ”پوٽومڪ نديءَ، ٽائيڊل بيسن“ جي ڪناري تي، ويسٽ پوٽومڪ پارڪ جي وچ ۾ ٺهيل، جيفرسن ميموريل روانو ٿيو، جيڪو پينٽاگون کان مشڪل سان 10 منٽن جي ڊرائيو تي هو. اوستائين پهچندي، جارج واشنگٽن ميموريل کي پڻ ويجھڙائيءَ سان ڏٺوسين. ”جيفرسن ميموريل“ نالي هي يادگار امريڪا جي ٽئين صدر، ٿامس جيفرسن (ڄم: 13 اپريل 1743ع ـ لاڏاڻو: 4 جُولاءِ 1826ع) جي ياد ۾ جوڙايل آهي، جيڪو 1801ع کان وٺي 1809ع تائين، لڳ ڀڳ 8 سال (ٻن مُدن لاءِ) امريڪا جو صدر ۽ ان کان اڳ 1797ع کان وٺي 1801ع تائين 4 سال امريڪا جو نائب صدر رهيو. ٿامس جيفرسن کي به امريڪا جي ”باني ابن“ (فائُونڊنگ فادرس) منجھه ڳڻيو ويندو آهي. 7 لک 99 هزار 758 چورس فوٽن تي ٻڌل هي ”جيفرسن ميموريل“ 1943ع ۾ تعمير ٿيو، جنهن جو نقشو امريڪا جي مشهُور آرڪيٽيڪٽ، ”جان رَسل پوپ“ تخليق ڪيو. هن يادگار کي هر سال لڳ ڀڳ 24 لک ڏيهي توڙي پرڏيهي سيّاح ڏسڻ اچن ٿا. هن يادگار جي اندر جيفرسن جو مُجسمو رکيل آهي، بلڪل ايئن، جيئن لنڪن ميموريل ۾ ابراهام لنڪن جو سهڻو مُجسمو رکيل آهي. اڪثر سوچيندو آهيان ته شخصيتن جا مُجسما ٺاهي انهن کي خراج پيش ڪرڻ وارو طريقو ڪيڏو نه تخليقي، ديرپا ۽ سهڻو آهي. اسان وٽ سنڌ ۾ 7 ڏهاڪا اڳ تائين اهو رواج عام هو ۽ مختلف عمارتن ٻاهران عظيم ماڻهن جا مُجسّما تعمير ٿيل هُوندا هُئا، جن کي اسان جي پياري چنڊ تاري واري پاڪستان آزاد ٿيڻ کان پوءِ نون ايمان آندلن يا ته ڊاهي مسمار ڪري ڇڏيو، يا وري ڏامر سان انهن جا مُنهن ڪارا ڪري ڇڏيا. انهن مان هڪ اڌ اُهي مُجسما محفُوظ رهيا، جن کي سنڌالاجي  يا ٻيا ڪي خانگي ميُوزيم کڻائي ويا. اڄ اسان پنهنجين هستين کي اهڙو خراج پيش نه ٿا ڪري سگھُون، ڇو ته بقول هن مفاد پرست ٺوڳي واعظ جي، ان سان دين خطري ۾ اچي ويندو.

امريڪي دفاعي هيڊڪوارٽر ـ پينٽاگون - ياسر قاضي

امريڪي دفاعي هيڊڪوارٽر ـ پينٽاگون
پئسفڪ جي پاڙي ۾ - قسط: 44
ياسر قاضي
سُومر 7 اپريل 2014ع جُون سمُوريون مصرُوفيتُون گذارڻ کان پوءِ اسان سمُورا ساٿي سِي اين اين (CNN) جي آفيس کان ڪڻو ڪڻو ٿيا. گذريل قسط ۾ اوهان کي ٻُڌايُم ته مان، اشفاق آذر ۽ ضياءالرحمٰن، لگزري جِيپ (ٽيڪسيءَ) تي چڙهي ڀارت جي هڪ هندو نؤجوان سان ڪچهري ڪندا، هوٽل تي پهتاسِين ۽ ڪمري تي اچي ٻئي ڏينهن جي ڪپڙن لٽن جي تياري ڪئي سين. ٿوريءَ دير ۾ اِشُو ۽ مان هوٽل ڀرسان چائنيز ريسٽورنٽ تان وڃي هيلوڪي چڪر ۾ آخري ڀيرو حلال چڪن سان ڊنر ڪري آياسِين. روز جيان اڄ به واشنگٽن ۾ سِيءُ سوايو هو. واشنگٽن ۾ آخري رات گذاري، صبح يعني اڱاري 8 اپريل 2014ع تي سويل اٿي معمُول مُوجب پهريان نيرن ڪري، پوءِ تيار ٿي سوا 8 لڳي صبح جو پنهنجي سمُوري سامان سميت لابيءَ ۾ پهتاسُون، ڇاڪاڻ ته هاڻي اسان کي چيڪ آئُوٽ ڪري هوٽل مان نڪرڻو هو ۽ اڄ جي مصروُفيتن کان پوءِ هوٽل واپس ڪونه هو اچڻو، بلڪه منجھند تائين واشنگٽن ۾ ٽن جاين تي پنهنجيُون مصرُوفيتُون اُڪلائي، اُتان ئي نيُويارڪ روانو ٿي وڃڻو هو. اسان سڀني پنهنجو پنهنجو سامان ڪوچ ۾ رکيو. اڄ اسان کي وٺڻ لاءِ ننڍي ڪوسٽر نه پر وڏي ڪوچ آئي هئي، جنهن ۾ 40 کان 44 ماڻهن ويهڻ جي گنجائش هُوندي آهي. خبر ناهي ته 12 ڄڻن لاءِ ايڏي وڏي ڪوچ ڇو گھرائي وئي، شايد ان ڏينهن ڪوسٽر جو انتظام نه ٿي سگھيو هجي! ڪاري رنگ جي ڪوچ جي ٽُول باڪس ۾ اسان سڀني پنهنجو پنهنجو لگيج (سامان) رکيو. هوٽل (”ميرييٽ ريزيڊنسيءَ“) مان چيڪ آئُوٽ ڪيو ۽ ساڍي اٺين ڌاري ڪوچ ۾ چڙهي ”پيُو ريسرچ سينٽر“ روانا ٿياسِين. 2004ع ۾ قائم ٿيل ”پيُو ريسرچ سينٽر“، امريڪي ”ٿنڪ ٽينڪس“ تي ٻڌل هڪ اهڙي اين جِي او آهي، جيڪا امريڪي سرڪار کي ٽيڪس ڏيڻ کان ڇُٽل آهي. (ان قسم جي ادارن کي امريڪا ۾ ”نان پارٽِيزن“ ادارا چيو ويندو آهي) ”پيُو ريسرچ سينٽر“ جو ڪم عوامي راءِ تي آڌاريل پولنگ، آبادياتي تحقيقي طريقن، ميڊيا تان نشر ٿيندڙ مواد جي جانچ پڙتال سميت ٻين طريقن سان، سماجي مسئلن، عوامي راءِ ۽ آبادياتي تبديلين جي امريڪا توڙي دنيا تي پوندڙ اثرن تي تحقيق ڪرڻ آهي. ”پيُو ريسرچ سينٽر“، ”پيُو چيريٽيبل ٽرسٽ“ تحت ڪم ڪندڙ تحقيقي ادارو آهي. اڄ ڪلهه ”ڊونلڊ ڪميلمين“ هن اداري جو چيئرمين ۽ ”مائيڪل ڊِي موڪ“ ان جو صدر آهي. هن اداري ۾ 130 کان وڌيڪ جو عملو ملازمت ڪري ٿو. اسين صبح پوڻي 9 ڌاري واشنگٽن ڊِي سِيءَ جي ”ايل“ اسٽرِيٽ جي عمارت نمبر 1615 جي ڪمري (سُوئيٽ) نمبر 700 پهتاسِين، جتي ”پيُو ريسرچ سينٽر“ جي ”گلوبل ايٽِيٽيُوڊس ريسرچ“ شعبي جي ڊائريڪٽر، ڊاڪٽر رچرڊ وائِيڪ (پي ايڇ ڊِيءَ) اسان جي سٿ جو استقبال ڪيو. امريڪا ۾ ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري حاصل ڪندڙ (پِي ايڇ ڊِيز) پنهنجي نالي اڳيان لفظ ”ڊاڪٽر“ لڳائڻ بدران، پنهنجي نالي پُٺيان لفظ ”پِي ايڇ ڊِي“ لڳائيندا آهن. جيئن رچرڊ جو نالو به سندس بزنس (وزِيٽنگ) ڪارڊ تي ايئن ئي لکيل هو: ”رچرڊ وائِيڪ؛ پِي ايڇ ڊِي“

سي اين اين واشنگٽن ڊِي سِي ۽ ”دِي سچُوئيشن رُوم“ - ياسر قاضي

سي اين اين واشنگٽن ڊِي سِي ۽ ”دِي سچُوئيشن رُوم“
پئسفڪ جي پاڙي ۾
ياسر قاضي
هن سفرـ پچار ۾ پوئين هفتي اسين واشنگٽن ڊِي سِيءَ جي سُومر 7 اپريل جي برساتي شام ۾ امريڪا جي مشهُور سيٽيلائيٽ نيُوز چينل ”سِي اين اين“ (CNN) يعني ”ڪيبل نيُوز نيٽورڪ“ جي اسٽوڊيوز پهتا هُئاسُون، جتي اسان کي ”سِي اين اين“ (CNN) جي مقبُول پرائيم ٽائيم حالاتِ حاضره واري پروگرام ”دِي سچُوئيشن رُوم ود وُولف بلٽزر“ جي ٽيم سان مُلاقات ڪرڻي هُئي ۽ اسان جي هن دؤري جي ميزباني هن پروگرام جِي ايگزيڪٽو پروڊيوُسر ۽ نامياري ٽيليويزن براڊڪاسٽر، ”مس لِنڊا روٿ“ ڪري رهي هئي. لنڊا جو اسان سان ملڻ کان اڳ هڪ تعلق اهو به هو ته هُوءَ به اسان واري مادرِعلميءَ (جنهن تحت اسان هي ايڪسچينج پروگرام ڪري رهيا هُئاسُون) ”ايسٽ ويسٽ سينٽر“ جي اڳُوڻي شاگرد (ايلمناءِ) آهي، ان حوالي سان جهڙوڪر هُوءَ اسان جي سينيئر به آهي. اسان طريقي مُطابق ”سِي اين اين“ (CNN) جي وسيع ۽ ڦهليل آفيس جي استقباليه تي پهچي، پنهنجي شناخت ڪرائي، ضرُوري سيڪيورٽي مرحلن منجھان گذرِي ”اسڪارٽ“ (سُونهي) سان گڏ ”سِي اين اين“ (CNN) جي آفيس جا مختلف سوڙها ويڪرا ڪاريڊور لتاڙيندا، مختلف فلورن (منزلن) تان پير گھُمائيندا، هڪ اهڙي سوڙهي گھٽيءَ مان گُذرڻ لڳاسِين، جيڪا سِي اين اين جي لائيو اسٽُوڊيوز ۽ مرڪزي ڪنٽرول رُوم ڏانهن وڃي رهي هئي، جنهن ڏانهن ويندي رستي ۾ لنڊا روٿ اسان سان ملِي، جيڪا اسان کي وٺڻ لاءِ ئي اچي رهي هُئي. هُن پاٻوهه ۽ انتهائي گرمجوشيءَ سان اسان مڙني جو استقبال ڪيو. ساڻس گڏ اِيسٽ ويسٽ سينٽر جي هڪ ٻي اڳُوڻي شاگرد (ايلمناءِ) ۽ امريڪي ٽِي وِيءَ ۽ ريڊيي جي نامياري ميزبان ۽ پروڊيُوسر، ”مسز ٽيري آنزر“ به هُئي. اُن پڻ اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ اِيسٽ ويسٽ سينٽر سان تعلق هُئڻ ڪري هنن اسان کي ته عزت ڏني ئي ڏني، پر اسان جي ڪوآرڊينيٽر ۽ گائيڊ، ”مائي اينان“ (مسز اين هارٽمين) سان هُو ٻئي، جنهن اُڪنڊ ۽ سِڪ سان مليُون، اهو ڏسڻ جهڙو هو. ايئن ٿي لڳو ته ڄڻ ورهن جُون وڇڙيل مايُون پاڻ ۾ مليُون آهن.

امريڪي سينيٽ ۽ پاڪستاني سفارتخانو - ياسر قاضي

امريڪي سينيٽ ۽ پاڪستاني سفارتخانو
پئسفڪ جي پاڙي ۾ - ۴۱
ياسر قاضي
پوئين هفتي واشنگٽن ياترا دؤران، اسين 7 اپريل 2014ع جي برساتي ڏينهن تي منجهند جي مُني ھڪ لڳي ڌاري ”ڊرڪسن سينيٽ آفيس بلڊنگ“ جي بيسمينٽ (زيرِ زمين حصّي) ۾ واقع ڪيفي ٽيريا ۾ پيٽ پُوڄا لاءِ پهتا هئاسين، جتي پوڻي ٻين لڳي تائين مانجھاندو ڪري، اسين ساڳئيءَ عمارت ۾ مٿي ڪمري نمبر ”ايس ڊِي 419“ وٽ پهتاسِين، جتي اسان جي سيشن ۾ اڃا ڪجهه وقت هو، ڇاڪاڻ ته اسان جي ملاقات، ”مائيڪل فيلن“ سان سوا 2 لڳي ٿيڻي هئي. مائيڪل ڪير آهي، اهو اوهان کي ٻڌايان ٿو، پر ان کان اڳ ۾ هن سينيٽ عمارت جي صاف شفاف ماحول جو نقشو چٽڻ ٿو چاهيان. هُونءَ ته خير! امريڪا جي عمارت هئڻ، سو به سرڪاري عمارت هئڻ ئي ان جي چڱيءَ ريت دِيد جي قابل هئڻ لاءِ ٻه ڀرپُور حوالا آهن، پر ڪنهن ڪنهن سُونهن ۾ عجيب اُجرائي نظر ايندي آهي، اهڙي ئي سُونهن، هن عمارت جي اڏاوت توڙي ان جي ڪايڊورس جي سرڪاري شڪوهه ۾ هئي. انتهائي شانائتا، وڏا ويڪرا ڪاريڊورس، جنهن جي ٻنهي پاسن کان مختلف دفترن جا دروازا... چمڪِيلا فرش... اُجريُون ڀتيُون... جن ۾ پنهنجو چهرو به نظر ٿي آيو... جهڙوڪر هاڻي ڪو سنگ مر مر آويزان ڪري ويو آهي... ماڻهن جي اچ وڃ ۽ هلچل جي باوجُود به رش يا گوڙ جو ڪو به تاثر نه...! جهڙوڪر آرام ۽ سڪُون سان سڀ ڪم ڪار هلي رهيا هئا... ڪن ڪن آفيسن جي دروازن ٻاهران اسٽينڊ تي امريڪا جو قومي جھنڊو ۽ ڪٿي ڪٿي امريڪي سينيٽ جي مونوگرام وارو جھنڊو لڳل... مينهوڳيءَ جي ڪري آفيسن ٻاهران ڇٽين ۽ برساتي ڪوٽ ٽنگڻ لاءِ هينگرس لڳل... هر ڪاريڊور ۾ ٿوري ٿوري مفاصلي تي ”سينيٽائيزر“ جُون پوائنٽُون لڳل...

شاهه لطيف جي ڪردارن موکي ۽ متارن جو درشن - محمد سليمان وساڻ

شاهه لطيف جي ڪردارن موکي ۽ متارن جو درشن
محمد سليمان وساڻ
شاهه سائين اهو ذڪر سُريمن ڪلياڻ جي چوٿين داستان ۾ ڪيو آهي. شاهه صاحب پنهنجي جوانيءَ جي ڏهاڙن ۾ جڏهن ڀٽ شاهه کان لاهوت لا مڪان ۽ هنگلاج لاءِ سفر تي روانو ٿيو يا سسئي جي جهاڳيل لَڪن ۽ جبلن تان گذريو ته ڪراچيءَ وٽان لنگهندي موکيءَ ۽ متارن جي ماڳ جو مشاهدو ڪندو پوءِ اڳتي وڌيو هو.

پرل هاربر موتيءَ وارو بندرگاهه - ياسر قاضي

پرل هاربر
موتيءَ وارو بندرگاهه - پئسفڪ جي پاڙي ۾ قسط 19
ياسر قاضي
پهرين اپريل 2014ع جي شام، گذاري جڏهن اسين رات جو سُتاسِين ته ٿڪ سبب اهڙي ته ننڊ آئي، جو وري 2 اپريل جي صبح جو سويل جاڳ ٿِي. هُونئن مُون سان ٿيندو ايئن آهي ته ڪوبه تاريخي يا ثقافتي ماڳ گھُمي، رات جو سُمهندو آهيان ته ڪنهن نه ڪنهن صُورت ۾ اها ئي جاءِ پئي خواب ۾ نظر ايندي آهي. اڪثر ته ايئن به ٿيو آهي ته جيڪو تاريخي ماڳ جنهن واقعي سبب مشهُور هُوندو آهي، اهو ئي واقعو خواب ۾ پنهنجي اکين آڏو پنهنجي انداز ۾ نظر ايندو اٿم، پر اڄ رات ٿڪ سبب جاڳ ئي ڪانه ٿي ۽ آءٌ بنا ساهِيءَ جي صبح تائين بي خبر سُتم. هنن ٻن ٽن ڏينهن ۾ صبح جو سوير جاڳڻ جي عادت پئجي چُڪِي هئي، سو صبح جو سوير جاڳيم، پر اڄ ڪجھه ماڻهن جي پاڻ ۾ ڳالهائڻ جي آواز تي جاڳ ٿيم. اُٿيم ته مُنهنجي ڪمري جي سلائيڊنگ ونڊو جو تاڪ کُليل هو ۽ ٻاهران ڪن ماڻهن جي ڳالهائڻ جو آواز پئي آيو. دريءَ مان ٻاهر نهاريم ته صبح چٽو ٿي چُڪو هو (اڃا سج ڪونه نڪتو هو، پر ميرانجھڙي صبح جِي ميراڻ، چٽائيءَ ۾ تبديل ٿي چُڪي هُئي) ٽئين منزل تي واقع منهنجي ڪمري جِي دريءَ مان نظر آيو ته، ”لنڪنز هال“ (اسان جي هاسٽل) جي مين دروازي تي ڪوسٽر بيٺل هئي، جنهن تي اسان جا امريڪي صحافي ساٿي ايئرپورٽ ڏانهن وڃڻ لاءِ سوار ٿي رهيا هُئا. ٻيا سمُورا ساٿي ڪوسٽر ۾ سوار ٿي چُڪا هئا، ڪوسٽر کان ٻاهر مُون ڊاڪٽر شبّير چيمه ۽ ”مسز سُوزن ڪريفلس“ کي بيٺل ڏٺو، جيڪي اسان جي امريڪي ساٿين کي ڪي هدايتُون ڏئي رهيا هئا. هي ٻئي انهن سان گڏ پاڪستان وڃڻا هُئا. اهو صبح 7 لڳي کن جو وقت هو. کين فلائيٽ نمبر UA879 ۾ اڳ ۾ نريتا (ٽوڪيو ايئرپورٽ، جپّان)، اتان پوءِ دبئي ۽ اتان اسلام آباد لاءِ اڏامڻو هو. اسان کي پنهنجي امريڪي ساٿين سان وري سندن پاران پاڪستان جي ٽن شهرن جي ۽ اسان پاران امريڪا جي اوڀر ڪوسٽ جي ٽن شهرن (بلڪه ٽن رياستن) گھُمي اچڻ کان پوءِ ئي هونولُولُو ۾ ملڻو هو. اسان کي به اڄ شام ڌاري پنهنجو سفر امريڪي راڄڌانيءَ ڏانهن ڪرڻو هو، پر ان کان اڳ اڄوڪي ڏينهن تي اسان کي ”هونولُولُو“ جو هڪ اهم ماڳ گھمڻو هو، جنهن جو ذڪر مُون گذريل قسط جي آخر ۾ اوهان سان ڪيو هو. پر ان کان به اڳ اسان کي ”برنس هال“ ۾ گڏ ٿيڻو هو ۽ اسان جي باقي امريڪي سفر بابت اسان کي اڄ بريفنگ ملڻي هُئي ته اسين ڪيڏانهن ڪيڏانهن وينداسيِن... ڪنهن ڪنهن سان ملنداسِين ۽ ڪهڙين ڪهڙين سرگرمين ۾ حصو وٺنداسِين.

يُو ايس ايس ايريزونا ميموريل - ياسر قاضي

يُو ايس ايس ايريزونا ميموريل
پئسفڪ جي پاڙي ۾ قسط 20
ياسر قاضي
هن ”سفر-ڪهاڻيءَ“ جي گذريل قسط ۾ اوهان کي مُون ”پرل هاربر“ (موتي بندرگاهه) گھُمايو ۽ ان بابت بابت تفصيل سان ٻُڌايو. گڏوگڏ اوهان ٻي مهاڀاري جنگ دؤران جپّان پاران امريڪا جي ”پرل هاربر“ تي ڪيل خونخوار حملي بابت پڙهيو. نه رڳو ايترو، پر اسين ان حملي جي يادگار، ”ايريزونا ميموريل“ گھمڻ لاءِ ان واقعي جي اکين ڏٺي شاهد، ”جم لِي“ سان سفر جي شرُوعات ڪندي، پرل بندرگاهه تي ٺاهيل سينيما ٿيئٽر ۾ ان حملي جي حوالي سان معلوماتي دستاويزي فلم (ڊاڪيُومينٽري) ڏسي، ان يادگار ڏانهن وڃڻ لاءِ ٻيڙيءَ ۾ سُوار ٿي چُڪا هئاسِين. سمُورن مُسافرن جي ويهڻ کان پوءِ هن سُهڻي ٻيڙيءَ (جنهن کي ”پئسفڪ فيرِي“ يعني ”پئسفڪ جِي پري“ چون ٿا)، پنهنجو سفر شرُوع ڪيو. اسين لڳ ڀڳ ڏيڍ ٻه سؤ مُسافر هڪ فيرِيءَ ۾ سوار هُئاسُون. ٻيڙيءَ جيئن ”ايرِيزونا ميموريل“ طرف پنهنجو سفر شروع ڪيو ته اسان کي پئسفڪ واري پاسي کان ”پرل هاربر“ (موتيءَ واري بندرگاهه) جي نظاري جا خدَ خال واضح انداز ۾ نظر اچڻ لڳا. اسان کي گھڻو سفر نه هو ڪرڻو، ڪناري کان مشڪل سان ڏهن منٽن جي سفر کان پوءِ اسان جِي فيرِي (ٻيڙي) ”ايريزونا ميموريل“ پهتي. اسان جي ٻيڙيءَ کان ”ايريزونا“ (يادگار) تي پير رکڻ لاءِ هڪ ڊگھو لوهي ڦٽو موجُود هو، جنهن جي ذريعي اسان هن يادگار جي عمارت جي اندر داخل ٿياسِين. هن يادگار تي اهو سلسلو پُورو ڏينهن جاري رهي ٿو ته هڪ ٻيڙِي (فيرِي) مُسافرن (سيّاحن) کي هاربر تان کڻي هن يادگار تائين آڻي ٿِي. اُتي 15 کان 20 منٽ جي لڳ ڀڳ وقت تائين (جيسين سڀ آرام سان اهو يادگار گھمي سگھن) لنگر انداز رهي ٿي ۽ پوءِ سڀني کي واپس ڪناري تائين کڻي وڃي ٿي. جنهن وقت هڪ فيرِي هن يادگار تان واپس موٽڻ لاءِ پنهنجو سفر شرُوع ڪري ٿي، اُن ئي وقت ڪناري تان ٻي فيرِي (ٻيڙي) يادگار تي اچي پارڪ ٿئي ٿي ۽ اهو سلسلو سڄو سال روزانو پابنديءَ سان هلندو رهي ٿو.

ننڍي کنڊَ ۾ ريلَ جي شروعات - الطاف شيخ

ننڍي کنڊَ ۾ ريلَ جي شروعات
الطاف شيخ
انگريزن جي ڏينهن ۾ 1853ع ۾ جڏهن بمبئي کان 34 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ٿاني (Thane) تائين پهرين ريل هلي ان وقت هندستان اڄ جي هندستان کان گهڻو وڏو هو جو ان ۾ اسانجو پاڪستان ۽ بنگلاديش به اچي ويو ٿي. سو هيءَ ٽرين انڊيا جي هڪ ڪنڊ ۾ شروع ٿي.... يعني اولهه واري حصي ۾.

مغل سراءِ ريلوي اسٽيشن - اسٽيشن الطاف شيخ

مغل سراءِ ريلوي اسٽيشن
انڊيا جي مشغول ترين اسٽيشن
الطاف شيخ
انڊيا جي مختلف شهرن: ممبئي، ڪلڪتي، دهلي، جيپور، مدراس (چينائي) امرتسر يا ٻين شهرن مان بنارس پهچڻ لاءِ توهان هوائي جهاز، بس يا ٽرين ذريعي پهچي سگهو ٿا. بنارس ۾ پهچڻ لاءِ توهان کي ورانسي (بنارس) جنڪشن يا مغل سرائي جنڪشن اسٽيشن تي لهڻ کپي. اگر توهان آگره/ تندلا کان اچي رهيا آهيو ته پوءِ مغل سراءِ اسٽيشن تي لهڻ بهتر آهي نه ته بنارس جنڪشن اسٽيشن تي لهڻ سڀ ۾ بهتر آهي. اها ئي ڳالهه توهان کي ٻيا به ٻڌائيندا. دراصل بنارس جي پوزيشن اسان جي حيدرآباد واري سمجھڻ کپي ۽ مغل سراءِ جنڪشن ڄڻ ته ڪوٽڙي جنڪشن آهي. هاڻ جيڪو ماڻهو بولان گاڏي ذريعي ڪوئٽا ۽ دادو وغيره کان ايندو ان لاءِ بهتر آهي ته ڪوٽڙي اسٽيشن تي لهي پوي جِتان رڪشا ۾ حيدرآباد هليو وڃي. باقي جيڪي خيرپور ۽ نوابشاهه کان اچي رهيو آهي انهيءَ لاءِ حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي لهڻ صحيح آهي.

Saturday, June 25, 2016

اسان وٽ مُون سائيٽنگ ۽ مُون فائيٽنگ - الطاف شيخ

اسان وٽ مُون سائيٽنگ ۽ مُون فائيٽنگ
(چنڊ ڪيئن ڄمي ۽ وڌي ٿو)
الطاف شيخ
اسلامي مهينو نئين چنڊ جي ”نظر اچڻ“ سان شروع ٿئي ٿو. اسان وٽ ٻين مهينن جي شروع ٿيڻ تي ايڏي آنڌ مانڌ ۽ ڇڪتاڻ نٿي ٿئي جيڏي رمضان ۽ شوال جي مهيني جي پهرين تاريخ تي. ڇو جو رمضان مهيني جو چنڊ نظر اچڻ سان روزا شروع ڪيا وڃن ٿا ۽ پهرين شوال جي چنڊ تي عيد ملهايون ٿا. اسان جهڙي وڏي ايراضيءَ واري ملڪ ۾ اهو طئه ڪرڻ ۾ اڪثر وڳوڙ ٿئي ٿو ته چنڊ نظر آيو يا نه؟ پوءِ سڄي ملڪ ۾ هڪ ڏينهن رمضان شروع ڪرڻ (يا عيد ملهائڻ) بدران ڪٿي هڪ ڏينهن اڳ ته ڪٿي هڪ ڏينهن دير سان شروع ڪيو وڃي ٿو. اسان وٽ چنڊ ڪٿي ڊزن کن مولوين کي دوربينن سان به نظر نه ايندو آهي ته ڪٿي، خاص ڪري اسانجي اتراهين علائقي جي ماڻهن کي، بنا دوربين جي نظر اچيو وڃي! اهڙن موقعن تي ماڻهن جي وات تي اها شڪايت هوندي آهي ته: ”اسان جي حڪومت سڄي ملڪ لاءِ رمضان لاءِ يا عيد لاءِ هڪ ڏينهن اڳواٽ اعلان ڇو نٿي ڪري“. ڪي وري چوندا آهن ته ”سائنس هيڏي ترقي ڪئي آهي حساب ڪري عيد جو ڏينهن اڳواٽ ڇو نه ٿو معلوم ڪيو وڃي جيئن عوام هڪ ئي ڏينهن تي روزا رکڻ شروع ڪري ۽ هڪ ئي ڏينهن تي عيد ملهائي“. ڪي چوندا آهن ته: ”جيئن عيسائي هڪ تاريخ 25 ڊسمبر تي ڪرسمس ڊي ملهائين ٿا تيئن دنيا جا مسلمان هڪ ئي ڏينهن تي ’عيد‘ ڇو نٿا ملهائين“. ڪي ماڻهو اهو به چوندا آهن ته: ”ائين ڀلا ڇو آهي ته سعودي عرب ۾ هڪ ڏينهن اڳ عيد ملهائي وڃي ٿي ۽ ان جو اعلان به اڳواٽ ڪيو وڃي ٿو پر اسان وٽ مولوي ڦڏو ڪري رمضان يا عيد ۾ دير وجهيو ڇڏين.“

ڊفرن پل، GT روڊ ۽ رڊيارڊ ڪپلنگ - نامو الطاف شيخ

ڊفرن پل، GT روڊ ۽ رڊيارڊ ڪپلنگ
بنارس جو سفر نامو
الطاف شيخ
بهرحال پاڻَ مغل سرائي جي ڳالهه پئي ڪئي جنهن جو فقط نالو اهو آهي باقي اتي نه مغل آهن نه سرائيون. حيدرآباد کان ڪراچي جڏهن سپر هائي وي ٺهي رهيو هو ته اطالوين (جن اهو روڊ ٺاهيو) روڊ ٺاهڻ جي مشينن جو گئراج توڙي مختلف شين جو اسٽور ۽ ورڪ شاپ نوري آباد ۾ ٺاهيو. آفريڪا ۾ ممباسا کان ڪمپلا (يوگنڊا) تائين، جڏهن انگريز ريلوي لائين وڇائي رهيا هئا ته هنن اڌ رستي تي گدام، اسٽور، ورڪ شاپ ۽ پنهنجي رهائش لاءِ بنگلا جنهن جاءِ تي ٺاهيا اهو پوءِ ايڏو وڏو شهر ٿي ويو جو اڄ اهو ڪينيا جي گادي جو هنڌ آهي. سندس نالو نئروبي آهي. اهڙيءَ طرح گنگا جي ساڄي ڪپر وارو هي شعر مغل سراءِ انڊيا جي ريلويز جي دل سمجھيو وڃي ٿو ۽ ريلوي يارڊ ۽ ريلوي ڪالونين ڪري مشهور آهي. هن شهر ۾ سورهن کن ريلوي ڪالونيون آهن.

Thursday, June 16, 2016

سياسي ليڊر ئي ملڪ ٺاهين ٿا - الطاف شيخ

سياسي ليڊر ئي ملڪ ٺاهين ٿا
بنارس جو سفرنامو
الطاف شيخ
بنارس جي ريلوي اسٽيشن ۽ هن شهر ۾ چوويهه ئي ڪلاڪَ لنگهندڙ ريل گاڏين جو سوچي ماضي ۾ هليو ٿو وڃان جڏهن اڄ کان ٻه صديون اڳ اسان جي ننڍي کنڊ توڙي ايشيا، آفريڪا ۽ آمريڪا جي ڪنهن شهر ۾ اڃا ريل جا پٽا نه وڇايا ويا هئا. هندستان ۾ پهرين ريل گاڏي 1853ع ۾ بمبئي کان ٿاني هلي..... يعني هيءَ ڳالهه انگريز جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پورن ڏهن سالن بعد جي آهي.