Saturday, August 12, 2017

اچو ته ٿر گهمون- فرزانا نور محمد چانڊيو

اچو ته ٿر گهمون
فرزانا نور محمد چانڊيو
چون ٿا ته ٿر ۾ هن سال برسات ايتري ٿي آھي جو ڏھن سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو آھي ۽ جنهن کي ٿر جي سونهن ڏسڻي آھي، تنهن کي هن سال ٿر ضرور گهمڻ گهرجي.
پر جيئن ته ٿر ايندڙن جي سهوليت لاءِ هتي جي تاريخي ماڳن ۽ مڪانن متعلق رستن تي ڪي به معلوماتي بورڊ وغيره ناهن لڳل، جنهن سان هتان جي تاريخي ماڳن جي ڄاڻ پئجي سگهي، انهيءَ ڪري اسين هتان جي ڪجهه تاريخي آستانن متعلق ڄاڻ ڏيون ٿا ته جيئن سياحن کي سهوليت ٿي سگهي.


ٿر ۽ پارڪر جي جابلو ۽ واريءَ جي ڀٽن تان وسڪاري ۾ ٿر جا نظارا ڏاڍا خوبصورت هجن ٿا، پر ٻاهران کان ايندڙ ماڻهن کي گهمڻ وارين جڳهين جي خبر ناهي ته پارڪر ۾ ڪهڙيون جڳهيون گهمڻ جهڙيون آهن، سو اهي جبل ڏسي واپس ورن ٿا. انهن لاءِ اهو جبل ئي سڄو پارڪر آهي.
در اصل مٺيءَ جي گڊي ڀٽ ۽ اسلام ڪوٽ ۾ سنت نيڻورام جي مندر گهمڻ بعد، حقيقت ۾ ويرا واهه ٽپندي ئي، پارڪر جو ذرو ذرو گهمڻ جهڙو آهي. ويرا واهه واري چيڪ پوسٽ سان لڳو لڳ، پاري ننگر شهر جا نشان/ آثار موجود آهن، جيڪو ڪنهن وقت ۾ جين مت جو وڏو شهر هو. انهيءَ شهر ڦٽندي، ويرا واهه جو شهر وسي ويو.
ويراواھ جي شهر ۾، جيڪي سرون استعمال ٿيل آهن، سي به پاري ننگر جون آهن. جيڪو وڏو بندر گاهه هو. اتي ئي زبون حال ۾ جين جو وڏو مندر آهي ۽ ويرا واهه سان لڳ ڪجلا سر جو تلاءُ آهي. جڏهن پاري ننگر جون ڪامڻيون صبوح سوير، انهي تلاءَ تي وهنجڻ وينديون هيون ته انهن جي ڪجل جا ڪس، انهيءَ تلاءَ جي ڪنارن تي ٿيندا ھيا. اهو تلاءُ، اڄ به وسڪاري جي مند ۾ مينهن جي پاڻيءَ سان ڀرجي ٿو وڃي.
ڀالوا ۾، مارئيءَ جو کوھ آھي. سڄي ٿر ۾ اونھا کوھ به کارا ۽ ڪسارا آھن. پر ھن کوھ جو پاڻي مٺو آھي. جھونن جو چوڻ آھي ته؛ ھيءُ کوھ ٽي صديون اڳ کوٽايو ويو ھو. ھاڻ ان کي مارئيءَ جو کوھ سڏيو وڃي ٿو. جڏھن ته عمر مارئيءَ جو قصو سومرن جي دور سان تعلق رکي ٿو.
ويرا واهه وارو موڙ ٽپندي، ننگر شهر ڏانهن ويندي، لڳو لڳ اوهان کي وسڪاري وارن ڏينهن ۾ پاڻيءَ جي، پري پري تائين اڇ ئي اڇ نظر ايندي. اها آهي سانگا ڍنڍ. اها پارڪر جي گهمڻ جي زبردست جڳهه ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن انهيءَ ڍنڍ جا پاسا صاف ڪرائي، انهيءَ ۾ ڪو ملاح ٻيڙيءَ تي گهمائي ته شهري ماڻهو، سانگا تي لهندڙ پکين سان گڏ سانگا گهمندا.
اتان نڪرندي ئي ڀوڏيسر آهي. جتي بيگڙي جي ٺهرايل مسجد به آهي ته ڀوڏيسر جو تلاءُ به. اتي جين جو وڏو مندر آهي، جيڪو هاڻ ته زبون حال آهي.
اتان اڳتي پارڪر جو شهر آهي. جتان ٿي، انهيءَ شهر جي ٻنهي پاسن کان گوڙدڙو ۽ ڀٽياڻي نئيون وهنديون آهن. انهيءَ ئي ننگر جي شهر ۾ جين جو مندر به آهي. ننگر جي بازار، جنهن جا دڪان مٽيءَ جي ٺڪرين وارن نرين سان ڍڪيل آهن ۽ پارڪر جا اڪثر گهر به انهيءَ سان ڍڪيل آهن.
اتان شهر مان ئي انچلا سر جو آشرم وارو چشمو، ڪجهه ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. اتي وچ جبل ۾ سؤ سيڙهيءَ جا ڏاڪا چڙهي، انهيءَ وڏي وڻ هيٺان ويهجي ته روح تان دنياداريءَ جا سمورا ڪٽ لهي سگهن ٿا.
اتي ئي ڪارونجهر جبل ۾ ساڙدڙي جو آَشرم آهي، ساڙڌڙو گوڙڌڙي نئن جي منھن تي آھي ۽ اُتي مھاديو جو ھڪ مندر آھي، جتي ھڪ تلاءُ آھي. ھندن جو عقيدو آھي ته؛ ھي تلاءُ گنگا سمان پوتر آھي. ان ڪري ديهانت ڪري ويلن جي هڏڙن جي رک، عقيدي طور هن تلاءَ ۾ وجھندا آھن. سندن چوڻ آھي ته؛ ساڙڌري تلاءُ جو ذڪر، پراڻن شاسترن ۾ به ملي ٿو. ھن تلاءُ ۾ مئل ماڻهوءَ جي رک پئي، ڄڻ اُھا گنگا ۾ پئي. ان جي مٿان ديويءَ جو ھڪ مندر آھي، جتي شِو مھراج جو لُنگُ به ٺھيل آھي. ساڙڌري کان ٿورو مٿڀرو پاراشر رشيءَ جو آستان آھي. چون ٿا ته پاراشر رشيءَ ھن ھنڌ تي ڏھ ھزار سال تپسيا ڪئي ھئي ۽ ھو ھڪ ھزار سالن تائين پير جي ھڪ آڱر تي بيٺو رھيو ھو. پير جي آڱرين جا اھڙا ڏھ نشان اڄ به انھيءَ ھنڌ تي اُڪريل آھن.
پاراشر جي آستان کان گئو مُکي، ميل کن جي مفاصلي تي، ڏکڻ طرف جبل ۾ آھي. اهو ٻن پھاڙن جي وچ وارو رستو آھي، جيڪو انتھائي ڏکيو ۽ خطرناڪ آھي. جنهن ۾ هڪڙي هنڌ تي ٻه چوٽيون پاڻ ۾ گڏجن ٿيون، جتان مينهن جو پاڻي ٽيهارو فوٽن جي بلنديءَ تان آبشار وانگر هيٺ ڪري ٿو. انهيءَ هنڌ کي هندو ’گئو-مک‘ سڏين ٿا.
جيڪڏهن آديگام ڏانهن وڃڻ جي ڪندا ته اتان اوڻ جي وانڍئي وٽان جبل اهڙو ڏيک ڏيندو، جهڙو مصر جا اهرام هجن.
ننگر شهر مان جن جبل ڏٺو هوندو، اهي جيڪڏهن آديگام وٽان ڏسندا ته چوندا ته هي اهو ڪارونجهر ناهي، اتان به ڪاسبي واٽ وڃي ٿي، پر روڊ ڪونهي. انهيءَ ڪري گهمڻ وارن کي وري ننگر مان ڦري وڃڻو پوندو. اتي ٻه وڏا مندر آهن.
اتان وري ننگر شهر مان چوڙئي جبل تائين ڪچو رستو آهي. اهو سڄو رستو بڙتلا چيڪ پوسٽ کان وٺي بارڊر سان لڳو لڳ گذري ٿو. انهيءَ چوڙئي جي چوٽي تي مندر آهي ۽ انهي چوٽيءَ تي ويهڻ کانپوءِ اوهان کي جبل جي هن پاسي کان پاڙيسري ملڪ جي سرحد لڳي ٿي، اتان هن ملڪ جا ڳوٺ نظر ايندا، اتان جا فوجي ڀائر گهمندي نظر ايندا، جڏهن جنگ ڪونه لڳي هئي ته هن مندر تي لڳندڙ ميلي ۾ اتان جا ماڻهو ايندا هئا. سامهون ڪڇ جو رڻ آهي، رات جو هنن جي بارڊر لائين تي لڳل بتين جو سهائو، انهيءَ ڏونگر جي چوٽي تي ٿيندو آهي.
انهيءَ ئي چوڙئي واري رستي تي راڻ پور ڊيم به گهمڻ جهڙو ماڳ آهي ۽ جي شڪار تي جهل پئجي وڃي ته روجهن ۽ هرڻين جا ولر پيا پارڪر جي پوٺن تي ڊوڙندا ۽ اهو کليل زو هوندو. بھرحال ڪاسبي مان، جينجهو ندي گهمڻ ضرور وڃڻ کپي، جنهن جي پيٽ ۾ رڳو چشما آهن.
چون ٿا ته ٿر ۾ ڪل ۱۰۸ آستان آهن جن مان صرف ڪن جو ذڪر اسين هتي ڪري چڪا آهيون جڏهن ته اڃا به گهڻا ئي آستان آهن. ٿر گهمڻ لاءِ ايندڙن کي هتان جي ماڳن مڪانن متعلق ڪا معلومات ملي سگهي ۽ اهي ٿرپارڪر جي سمورن خوبصورت منظر کان لطف اندوز ٿي سگهن.


نکريل ٿر
سانوڻ رُت ۾ ٿر جي نکريل سونهن ۽ پنهنجن جون يادون
گهنشام داس ڀيل
ٿر تي سانوڻي هن دفعي دل سان برسي ۽ گرجي آهي، هر پاسي سانوڻي جي مينهوڳي واري رُت ۾ گيت آلاپيا پيا وڃن سهرا چيا ٿا وڃن، ماڻهن جا ميلا، ٻيهر متا آهن، هر طرف خوشين ڀريو ماحول انتهائي دل کي ڀائيندڙ محسوس ٿئي ٿو، ورهين کان وڇڙيلن جو ميلاپ وري ٻيهر سانوڻ جي رُت جي بهاني ٿيو آهي ماڻهن پنهنجا ويران کيتر اندر ۾ نوان خواب سرجي کيڙڻ شروع ڪيا آهن اهو ٿرين جو ميلاپ دلڪشي جا دل جھوريندڙ منظر پيش ڪري ٿو انهن جو ميل ميلاپ هن مينهوڳي جي منُد ۾ خوشين جو سبب بڻيل آهي ۽ اهي نه صرف هن رُت ۾ پاڻ گڏجي خوشيون ملهائن پيا پر پنهنجي دوستن کي دل سان دعوتون ڏيئي ٿر گهمائي رهيا آهن ۽ انهن جي خوب دل کان خاطر خواهه خدمتون ڪيون پيون وڃن ننگر پارڪر کان مٺي، ڇاڇري عمرڪوٽ تائين مختلف شهرن مان ماڻهن جا وڏا ميڙ ٿر جي قدرتي سونهن کي پنهنجي ڪئميرائن ۽ موبائيل سيلفين ۾ قيد ڪرڻ لاءِ ٿر پهتا آهن جتان جو آزاد ماحول ۽ دلڪشيون انهن کي جھوري ڇڏين پيون اهي انهي ماحول مان جتي مزا وٺندي، ڊانسون ڪندي، گيت جهونگاريندي نٿا ڍاپن ته اُتي ٿر جي مهمانين جا گيت به ڳائيندي ساراهين ٿا ته ٿر جا ماڻهو محبتي ۽ پيار ڪندڙ آهن ٿر جي ويران ڀٽن جي چوٽين تي مالوندن جا هوڪا اِهو سنديشو ڏيئي رهيا آهن، ته ٿر وٺو آهي ۽ هاڻ خوشحالي جو هڪ نئون سلسلو شروع ٿي چڪو آهي. مالوندن جا ولر بئراجي علائقن مان ٽولين جي صورت ۾ ٻيهر ٿر اچي رهيا آهن، ته هن سان گڏ ٻاهرين شهرن ۾ مزدوري ڪندڙ ٿريا به واپس ٿر موٽيا آهن ۽ انهن وسڪاري بعد پنهنجا کيت کيڙڻ شروع ڪري ڏنا آهن. ٿر ۾ هڪ ئي وقت سانوڻ رُت ۾ ڪئين خوشيون مختلف چئواٽن تي پيار ۽ محبتن جو سنديشو ڏيندي نظر اچن ٿيون. اهو سڀ ٿر جا منظر ڪنهن دل لُڀائيندڙ خواب کان گهٽ ناهن. ٿر ته هونهن هر لحاظ سان مالا مال، بي پناهه خوبين جو حامل بڻيل رهيو آهي ته هتي جو لباس رهڻي ڪهڻي جا طور طريقا هميشه کان وٺي ڪري ماڻهن لاءِ توجهه جو مرڪز بڻيل آهن .
ٿر جي سونهن کي سنڌ جي وڏن شاعرن پڻ لفظي مالا ۾ پروئي پنهنجي لفظن سان بيان ڪيو آهي ٿر جي خاص طور تي عورتن جو لباس، گج ۽ ٻانڌڻو تمام مشهور رهيا آهن ۽ سنڌ جي ڪافي سارين لوڪ فنڪارن جن ۾ شازيه خشڪ، ثرُيا سومرو ۽ ٻين ٿري لباس ۾ ڏيهه توڙي پر ڏيهه ۾ مڃتا ماڻي ۽ اهو ٿري لباس سندن جي سڃاڻپ بڻجي ويو ٿر جي خوبصورتي ته هونهن نرالي دلڪش بڻيل نظر اچي ٿي، پر مونکي اهي پل انتهائي دلڪش ۽ من اندريان لڳندا آهن جڏهن ٿر جون عورتون پنهنجي گهرن جو ڪم ڪار لاهي منجھند واري ماني رُمال ۾ ٻڌي پاڻ سان گڏ ٻني تي کڻي خوشي مان هٿ لوڏيندي سڀ گڏجي پاڙي راڄ جون جڏهن قطارن جي صورت ۾ ڪچهري ڪندي هڪ ٻئي سان خوشيون اوريندي جڏهن پنهنجي کيترن ۾ پهچن ٿيون ته اهو منظر مونکي تمام گهڻو متاثر ڪندڙ لڳندو آهي انهن جا ٽهڪ ، خوشيون، مُرڪون جيڪي پنهنجي پاڻ ۾ هزار درد ۽ سور هوندي به پنهنجي روشن مستقبل کي ساراهيندي اُميدن جي جهان ۾ جھاتي پائيندي ڪنهن گمنام خواب وانگي مونکي محسوس ٿيندا آهن جيڪي خواب حاصل ڪرڻ لاءِ هو سالن کان سانوڻ رُت ۾ اهڙي طرح پنهنجو کيتر کيڙي پنهنجي مردن سان گڏ ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي جھار اُڏائيندي، هوڪا ڏيندي اهو سنديشو ڏينديون رهيون آهن ته ٿر جون عورتون ڪنهن کان پوئتي ناهن انهن وقتن ۾ ٿر جي اندر هڪ ٻيو به سلسلو جيڪو مونکي اڪثر طور تي تڙپائي وهندو آهي ۽ آئون انهي کي برداشت ناهيان ڪري سگهندو ۽ دل چوندي آهي ته هن لاءِ پڪارون ڪيان پر تنهن باوجود به نااُميدن جي هن جهان ۾ اُميدن کي پسڻ لاءِ ڪنهن مهاڳ ڏي ضرور پيرا کڻندو آهيان ۽ اهي سڀ شيون سانوڻ رُت جي هن مينهوڳي واري پلن ۾ هر ڪو ئي محسوس ڪري سگهي ٿو ۽ هن رُت ۾ وري جيڪر ٿر ۾ ڪو ڪنهن سان جُدا هجي ته اها جدائي وري هن رُت ۾ هن کان برداشت ناهي ٿيندي ۽ ٿر جا ڪيئن شاعر مينهوڳي واري مند ۾ جدائي جي جام تي تمام گهڻي شاعري پڻ ڪري چڪا آهن هر ڪنهن جي حسرت هوندي آهي ته هو هن رُت ۾ گڏ هجن ۽ هنن جا خواب گڏجي پلجن انهي لاءِ جڏهن به ٿر ۾ برسات پوي ٿي ته ٿر جي مختلف علائقن ۾ پرڻايل ناريون به پنهنجي اباڻي ڏي واپسي ٽيج، ڪانوڙو، رڪشابندن اُتي ملهائڻ لاءِ اينديون آهن ۽ پنهنجي والدين سان گڏ خوشيون ملهائينديون آهن ۽ وري مينهن ميڙا ٿيندا آهن، گهر گهر وڃي ڪڻڪ جي لپ وٺي لاپسي تيار ڪري ڏاڍي پيار مان خيرات وانگي هر ڪنهن کي کارائي ويندي آهي انهي سڄي سلسلي ۾ ڪيڏي نه خوشي ۽ پنهنجائپ ڏسڻ لاءِ ملي ٿي تنهن کي ڏسڻ بعد ائين محسوس ٿيندو آهي ته زندگي جي اڃان به خوبصورتي باقي رهيل آهي پر ماڻهو الائجي ڇو اڄ هن ماحول ۾ هڪ ٻئي سان ايڏا ڇو خفا آهن ۽ ڇا جي لاءِ اهي نفرتون ٻنين جي ٿورن ٿورن ٽڪرن تي پالي هڪ ٻئي جو خون وهائين ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ وري به هنن کي ڪجهه نٿو ملي سواءِ زماني جي بدنامي کان. ٿر ۾ اينيمي واري پراپرٽي واري مسئلي جو حل نه ٿيڻ به تمام وڏو ڳنڀير مسئلو آهي جنهن ڪري ان زمينن تي هر سال سانوڻ رُت ۾ جھيڙا ٿين ٿا، ماڻهو مرن ٿا پر قانوني طور تي ڪجهه به نٿو ٿئي هزارين اعلان ۽ واعدا حڪمرانن جا خبر ناهي ته ڪٿي رُلي ويا آهن. هن سموري ماحول ۾ سوال ته ڪافي سارا آهن پر انهن جا جواب خبر ناهي ته ڪير ڏيندو. هاڻ جڏهن بادل ٿر تي مهربان ٿيا آهن ته هن سان گڏ ٿر ۾ ورهين کان ويران پيل ٽوبا، ترايون تارو تار ٿي پيا آهن ننگرپارڪر جي لوڻي ندي، ڀوڏيسر جي ترائي، راڻا سر جي ترائي کان ويندي جتي ڪٿي برساتي پاڻي ڇوليون هڻندي هر ايندڙ ماڻهو کي ڀليڪار ڏي ٿو پر هن سان گڏ جيڪي به ماڻهو هن موسم ٿر گهمڻ لاءِ اچن ٿا تن کي سهولتن جي اڻ هوند ڪري مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. سهولتن جي کوٽ ڪري اهي سياح پريشان بڻجي رهجي وڃن ٿا ۽ سهولتن جي کوٽ ڪري اڪثر طور تي اهي سياح ميارون ڏين ٿا ۽ اڪثر سياح پنهنجي دوستن، يارن، مٽن مائٽن وٽ رهائش اختيار ڪن ٿا. وسڪاري کان پوءِ ٿر ۾ کونڀين سميت، مرهيڙو، پپون ۽ ٻيون قدرتي ڀاڄيون هن وقت تيار ٿي چڪيون آهن جن کي ٿر جا ماڻهو ڏاڍي محبت ۽ پيار سان پنهنجي چاهيندڙن کي جتي گفٽ ڪن ٿا ته اُتي ٿر جي وڏن شهرن ۾ اهي ڀاڄيون وڪرو ٿيندي به نظر اچن ٿيون. جن جي خريداري به گهڻائي ۾ ٿيندي نظر اچي رهي آهي. جنهن سان جتي ٿر جي ماڻهن کي مالي طور تي سھائتا ملي ٿي ته اُتي ان سان گڏ انهن شين جي گهرج به وڌندي نظر اچي ٿي.
انهي لاءِ ضرورت رڳو آهي ته ماڻهو هن سلسلي ۾ پلاننگ ۽ رٿا بندي ذريعي ڪم وٺن، جنهن جا نتيجا ايندڙ مستقبل ۾ انتهائي مثبت ۽ ڀلا ملي سگهن ٿا. ٿر ۾ هاڻوڪي ڀرپور وسڪاري کان پوءِ لاتعداد خوشين جا گيت ڳونجندي نظر پيا اچن ته هن سان گڏ هتان جا مارو ماڻهو سنڌ جي لوڪ فنڪارن جا گيت خصوصي طور تي جھونگاري ان موسم جون خوشيون ملهائيندي نظر اچي رهيا آهن اهي خوشيون ۽ انهن ۾ وري مائي ڀاڳي، مائي ڌائي، صادق فقير، شفيع فقير، فوزيه سومرو ۽ ٻين جا گيت هن مُند ۾ جھونگاري پنهنجون خوشيون هڪ ٻئي سان شيئر ڪري رهيا آهن، جيڪا تمام بهتر روايتن کي جنم ڏيندڙ چئي سگهجي ٿي ۽ انهي سان ٿر گهمڻ لاءِ ايندڙن ڏانهن هڪ سٺو پيغام وڃي ٿو، ته هن سان گڏ ٿر جي ماڻهن جي روايتن ۽ ريتن کي به مڃتا ملي ٿي. آئون بنيادي طور تي ٿر جي هر منظر کي پنهنجي دل جي ويجھو وٺندو آهيان ۽ اُتي جي ماڻهن جي خوشين کي پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهندي انهي ۾ حصيدار بڻجي ويندو آهيان. پر مونکي الائجي ڇو انهي رُت ۾ ڪنهن جو ڪنهن کان رُسڻ ۽ پري رهڻ برداشت ناهي ٿيندو آئون چاهيندو آهيان ته انهي رُت ۾ سڀ گڏ هجن ۽ انهن جو ميلاپ ۽ خوشيون هڪ ٻئي جي جھولي ۾ پسا کڻن ۽ هو هڪ ٻئي سان گلي ملي هن مينهوڳي موسم ۾پنهنجون خوشيون ورهائن، مرُڪون هر ڏس وڌائين ۽ هر ايندڙ ويندڙ کي اهو سنديشو ڏين ته ٿر جي سرزمين پيار ڪندڙن جي سرزمين آهي، جتي ڪنهن جو ڪنهن کان رُسڻ ڪار  ناهي پر افسوس مونکي انهي ڳالهه تي ٿيندو آهي ته ائين ناهي ۽ ماڻهو الائجي ڇو هڪٻئي کان ڇو رُسيل آهن. اهي محبتون هن واري جي دڙن پويان خبر ناهي ته ڪٿي وڃائجي چڪيون آهن جن کي آئون سالن کان ڳولڻ لاءِ جھر جھنگ تڙپان ۽ ترسان پيو پر اهي واري جي ذرڙن جيان هر وقت منهنجي هٿن مان ناچاهيندي به کسڪي وينديون آهن ۽ اهي خوشيون خبر ناهي ته ڪٿي گم ٿي ويون آهن جن ۾ اسان جي زندگي جا سنهري پل هڪ نئين صبح کي تراشي رهيا آهن پر بدقسمتي سان ٿر ۾ هيڏي وڏي ٿيل وسڪاري  ۽ ماڻهن جي ميلن ۾ مچندڙ ٽهڪ مونکي الائجي ڇو محبتن جي هن ڏُڪار ۾ زهر جهڙا محسوس ٿين ٿا. ڇو جو جڏهن هن مند ۾ ڪنهن کي هن رُت ۾ دل سان چاهيندڙ ۽ من گهريو ساٿي گڏ نه هجي ته اها مينهوڳي واري موسم به  سک ڇني ڇڏيندي آهي ۽ ماڻهو پنهنجي پاڻ کان بيخبر بڻجي نيڻن مان لڙڪ لاڙڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو. اهي لڙڪ جيڪي پنهنجي پاڻ ۾ هزارين سوال رکن ٿا پر انهن جي گهيرائي تائين ڪير پهچڻ جي ڪوشش ڪرڻ بجاءِ هر ڪو انهي تي آڱر کڻي ٿو. آخر اهي بي صبري ۽ احساسپڻو نه هئڻ واري روايت ڪڏهن ختم ٿيندي ۽ اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو جڏهن هن سانوڻ رُت ۾ ٿر جي ڌرتي تي سالن کان محبتن جي تلاش ۾ ڀٽڪندڙ رُح پاڻ ۾ ميلاپ ڪندا ۽ اهي نئين روايتن کي جنم ڏيندا ۽ ڪڏهن اهي محبتي مُرڪون ساهه کڻنديون ۽ ڪڏهن انهن پريمين جا ميلا مچندا آخر ڪڏهن؟ اهو سوال هن سانوڻ رُت ۾ اڪثر طور تي مون کي پريشان ڪري ڇڏيندو آهي ۽ آئون هر هر انهي تي سوچيندي رهجي ويندو آهيان ته اسان سان رڳو ائين ڇو ٿو ٿئي ۽ آخر اهڙي نموني سان ڇا لاءِ اسان کي تڙپائي، ستائي ڪهڙو سنديشو ٿو ڏنو وڃي پر هن ماحول ۾ جيڪو به هجي اکين تي اسان برداشت ڪري وينداسين ۽ ماضي ۾ وري ڪجهه خواب سرجي من جي مندر ۾ محبتن مانڊاڻ مچائينداسين. اسان جون حسرتون ڀلين پنهنجي منزل نه ماڻي سگهيون ته ڇا آهي پر اسان نااُميد ناهيون هڪ حسرت اسان جي دم ٽوڙي وئي ته ڇا ٿيو ٻئي حسرت تي اسان جي اڄ پوري ٿي آهي ٿر وٺو آهي هر پاسي هُٻڪار آهي خوشيون ملهائجن پيون پر انتظاري اڃان به باقي آهي اُستاد بخاري جي هن لفظن وانگي ته:
نه انتظاري يار، نه اُلڪو بهار جو،
ڪيف ئي نه رهيو آهي، هن ندوري ڄمار جو
ڏينهن رات جا چڪر، ڪجهه اسان تي به قرب ڪر،
ڪو ته پل آڻ هاڻي، قرار جو.


ٿرين لاءِ خوشحاليءَ جو خواب!
منير نارائي
محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي حڪومتي دور ۾ جنهن گورڊن وو پاور پراجيڪٽ جو معاهدو ڪيو هو، جيڪڏهن ان کي سياسي مخالفت جي ور چاڙهي ختم نه ڪيو وڃي ها ته اڄ اسان کي هن بدترين لوڊشيڊنگ کي منهن نه ڏيڻو پوي ها، پر بدقسمتي سان نواز شريف محترمه کان پوءِ اقتدار ۾ ايندي ئي ان منصوبي کي ختم ڪري ڇڏيو هو، جنهن جو ڪيتو اڄ سڄي ملڪ جو عوام لوڙي رهيو آهي. سڀني کي خبر آهي ته ٿر ۾ ايترو ڪوئلو موجود آهي جو جنهن کي استعمال ۾ آڻجي ته لڳاتار ۲۰۰ سالن تائين ان مان بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي، اهو ڪوئلو ۱۹۵۰ ۾ دريافت ٿيو هو پر اڃا تائين ان جو استعمال نه ٿي سگهيو آهي. اسان جي پاڙيسري ملڪ هندستان واري ٿر ۾ ڪوئلي جا جيڪي ذخيرا هئا انهن اهي ڪڍي استعمال ڪري ختم به ڪري ڇڏيا آهن ۽ اسان اڃا تائين ان کي استعمال نه ڪري سگهيا آهيون. هاڻي جڏهن صوبائي توڙي وفاقي حڪومت کي توانائي جي بحران جي خاتمي جي لاءِ ٻي ڪا واهه نظر نٿي اچي ته انهن سنجيدگي جو مظاهرو ڪندي ان ڪوئلي کي استعمال ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کنيا آهن ۽ ان ڪوئلي کي ٻاهر ڪڍڻ جي لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو آهي پر روايتي مخالفت شروع ٿي وئي آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ سي پيڪ منصوبي تحت ٿر ۾ پاور پلانٽ لڳائيندڙ ڪمپني اينگرو پاران لڳايل پاور پلانٽ ۽ گوڙاڻو ڊيم جو دورو ڪرايو ويو ان موقعي تي پروجيڪٽ جي جنرل مئنيجر برگيڊيئر رٽائرڊ طارق قادر لاکير بريفنگ ڏيندي اسان کي ٻڌايو ته سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني پاران ٿر جي بلاڪ ٽو مان ڪوئلو ڪڍي ان مان بجلي پيدا ڪرڻ واري رٿا جو ڪم تيزي سان جاري آهي، هي هڪ اهڙي بنيادي اهميت جي رٿا آهي جنهن سان نه رڳو ٿر پر سڄي سنڌ جي تقدير بدلجڻ پئي وڃي. هن ٻڌايو ان رٿا هيٺ لاڳاپيل کاڻ مان پاڻي جي نيڪال جي اسڪيم بابت ماڻهن جون ڪجهه غلط فهميون آهن ۽ ڪجهه حلقن پاران حقيقتن جي ابتڙ ناڪاري پروپيگنڊا به ڪئي پئي وڃي، جن جي وضاحت ڪرڻ ۽ اصل حقيقتون سنڌ جي ماڻهن جي آڏو رکڻ ضروري آهن، هن چيو ته هڪڙي غلط فهمي اها آهي ته (تلاءَ ۾ گڏ ٿيندڙ پاڻي زهريلو هوندو) پر حقيقت اها آهي ته اهو پاڻي بلڪل به زهريلو ناهي، اهو فقط کارو پاڻي آهي، جنهن ۾ ڪو به صنعتي نيڪال شامل ناهي، ليبارٽري ٽيسٽ موجب ان جي ٽي ڊي ايس سطح ۵۰۰۰ پي پي ايم جي لڳ ڀڳ آهي جڏهن ته پاڻي ۾ موجود ٻيا ڪيميائي جزا نيشنل انوائرومينٽل ڪوالٽي اسٽينڊرس جي اجازت ڏنل معيار کان به گهڻو گهٽ آهن، ان جي باوجود ان نقصان نه ڏيندڙ کاري پاڻي کي پوکائي جي لائق بنائڻ جي لاءِ ڪمپني هڪ رٿا تي ڪم شروع ڪيو  آهي، جنهن سان ان پاڻي مان چوپائي مال جي چاري سميت مختلف فصلن جي پوکائي شروع ڪئي وئي آهي ۽ هينئر تائين ان پاڻي تي وونئڻن ۽ ڀاڄين جا ڪامياب فصل پوکي چڪا آهيون، اهڙي ريت اهو تلاءُ زحمت بدران رحمت بنجي رهيو آهي. ٻي غلط فهمي اها آهي ته (تلاءَ ۾ گڏ ٿيندڙ پاڻي سان جر جو پاڻي زهريلو ٿي ويندو) جنهن جي اصل حقيقت ٻڌائيندي طارق قادر لاکير چيو ته ساک رکندڙ ادارن جهڙوڪ آر ڊبليو ئي جرمني پاران ڪرايل اڀياس موجب تلاءَ جي هيٺان زمين تي چن جا تهه قدرتي طور تي موجود آهن، جيڪي کاري پاڻي کي جر هيٺان پهچڻ نه ڏيندا، ان کان علاوه به جيڪڏهن اڳتي هلي ڪٿي پسگردائي ۾ کوهه جو پاڻي متاثر ٿيو ته ڪمپني آر او پلانٽ نصب ڪري ان مسئلي کي حل ڪندي، جڏهن ته ڪمپني اڳ ۾ ئي پنهنجي خرچ تي ۳ آر او پلانٽ نصب ڪري چڪي آهي، جن مان ڳوٺاڻا فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. هڪڙي غلط فهمي اها آهي ته (تلاءُ ٺهڻ سان هزارين ماڻهو لڏ پلاڻ ڪندا) پر حقيقت اها آهي ته تلاءَ جي اڏاوت سان ڳوٺ گوڙاڻو يا ڀرپاسي وارن ڳوٺن جو هڪڙو به ڪٽنب لڏ پلاڻ نه ڪندو. پنهنجي بريفنگ ۾ هن اهو به ٻڌايو ته اسان رڳو ڪوئلو نه پيا ڪڍون پر ان سان گڏ علائقي واسين جي خوشحالي جي لاءِ به ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن هو سک جو ساهه کڻي سگهن، جهڙوڪ اسلام ڪوٽ ۾ ۱۰۰ بسترن واري اسپتال قائم ڪري رهيا آهيون، جيڪا آغا خان اسپتال جي معيار جهڙي هوندي، اسڪول ٺاهيا پيا وڃن  ته جيئن هتان جا ٻار معياري تعليم حاصل ڪري سگهن. ان کان علاوه ٻن ڳوٺن ٿاريو هاليپوٽو ۽ ڳوٺ سينهڙي درس کي انٽرنيٽ جي مفت سروس فراهم ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ اهي سنڌ جا پهريان فري واءِ فاءِ ڳوٺ  بنجي چڪا آهن. هن چيو ته اسان ٿر بلاڪ ٽو کي ۲۱ هين صدي جون سموريون سهولتون ڏيڻ چاهيون ٿا، اهڙي ريت بلاڪ ٽو جي باقي ڳوٺن کي به اها سهولت فراهم ڪئي ويندي. ٿر ڪول بلاڪ ٽو جي سمورن اسڪولن ۾ به مفت انٽرنيٽ جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي ته جيئن هتان جا ٻار شهري ٻارن جيان معلومات تائين آساني سان رسائي حاصل ڪري سگهن. ٿر ڪول بلاڪ ٽو جي متاثرين جي نئين سر آبادڪاري سمورن متاثرن کي ۱۱۱۱ والن تي گهر تعمير ڪرائي ڏنا پيا وڃن جنهن ۾ ٽي ڪمرا، اوطاق، عورتن لاءِ ويهڻ جو ورانڊو، جنرل ورانڊو، ننڍڙو پارڪ، وٿاڻ، غسل خانو ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وينديون، هن چيو ته سڀ کان پهريان ڳوٺ سينهڙي درس جي ڳوٺاڻن کي سال ۲۰۱۸ جي آخر ۾ لڏايو ويندو. ان مقصد جي لاءِ ۱۷۲ ڪٽنبن لاءِ مثالي ڪالوني جو ڪم شروع ٿي ويو آهي، ان ڪالوني ۾ هر شادي شده جوڙي کي ڌار گهر ڏنو ويندو ۽ هر گهر  جي تعمير تي لڳ ڀڳ ۳۰ لک روپيه خرچ ايندو، هن ٻڌايو ته گهرن جي ڊزائين ۽ نقشو مقامي ماڻهن ۽ عورتن جي صلاح مشوري سان نامياري آرڪيٽيڪٽ مرليڌر پاران تيار ڪيو ويو آهي ۽ اسان ان ڪالوني کي پاڪستان جي بهترين ڪالوني بنائڻ جو ارادو رکون ٿا، جنهن ۾ زندگي جون سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون هن ٻڌايو ته هن مهل تائين هڪ هزار ٿرين کي نوڪريون ڏنيون ويون آهن، ۱۴۰۰ کان مٿي ٿرين کي فني سکيا فراهم ڪئي وئي آهي، ايندڙ سال ٽن کان چار هزار وڌيڪ ٿرين کي نوڪرين ۾ رکيو ويندو، اهڙي ريت هتان جي ۲۵ مقامي انجنيئرن کي ڪراچي جي ناميارن ادارن ۾ ٽرينڊ ڪري رهيا آهيون، جن تي ساليانو ۱۰ ڪروڙ روپيا خرچ ٿيندو جنهن کان پوءِ اهي اسان جي معيار تي پورا لٿا ته انهن کي نوڪرين ۾ رکيو ويندو ۽ گهڻي ڀاڱي ننڍا وڏا ٺيڪا هتان جي ماڻهن کي ڏنا پيا وڃن، جنهن ڪري انهن جي معاشي حالت ۾ بهتري اچي رهي آهي. اسلام ڪوٽ ۾ ڳوٺ ٿاهريو هاليپوٽو ويجهو ٿر بلاڪ ٽو تي ڪوئلي جي کوٽائي ۽ بجلي گهر جي تعمير جو ڪم تيزي سان جاري آهي، ٿر ڪول مان وڏي پيماني تي اقتصادي لاڀ فقط تڏهن ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو جڏهن مائيننگ منصوبي کي توسيع ڏني وڃي، ملڪ مان توانائي واري بحران کي حل ڪرڻ ۽ سستي اگهه ۾ بجلي مهيا ڪرڻ وارو مقصد ئي ذهن ۾ رکندي سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني ڪوئلي جي کوٽائي واري رٿا جو دائرو تمام تيزي سان وڌائي رهي آهي، اسان ۲۰۲۲ تائين هر سال ۱۹ ملين ٽن پيداوار حاصل ڪرڻ ۽ انهي کي مختلف بجلي گهرن کي فراهم ڪرڻ جو اڳواٽ ئي رٿي ڇڏيو آهي، جنهن جي بنياد تي ۳۳۰۰ ميگا واٽ بجلي روزانو جي بنياد تي پيدا ڪئي ويندي. اهو به ٻڌايو ويو ته ٿر ڪول بلاڪ ٽو ۾ ٿيندڙ مختلف ٺيڪيداري ڪمن جا ٺيڪا بلاڪ ٽو ۾ ايندڙ ڳوٺاڻن کي ئي ڏنا ويندا جو اهڙا ٺيڪا ساليانو ڪروڙين روپين جا ٿيندا، جن ۾ مختلف قسمن جا ڪم مقامي ٺيڪيدارن کي ڏئي ٻين ڪيترن ئي ڳوٺاڻن جي روزگار جو پڻ بندوبست ڪيو ويندو، هن چيو ته ايندڙ وقت ۾ ٿر جو ڪوئلو پاڪستان جي توانائي جي بحران ۾ هڪ مسيحا ٿي اڀرندو، جنهن سان سنڌ سميت سڄي ۾ ملڪ ترقي جو نئون سج اڀرندو.
ٿر ياترا
ارشاد ڪٽپر
ڪن پيارن دوستن جي خواهش تي، پنهنجي ٻن ڏينهن جي ٿر ياترا بابت مختصر احوال عرض رکجي ٿو.
رات جو ۱۰ وڳي سائين پتمبر راٺي، منهنجو پاڙيسري جيڪو اصل مٺي جو آهي، اطلاع ڏنو ته صبح جو مٺي هلبو. مون به ان اچانڪ پروگرام تي اعتراض نه ڪيو ۽ صبح جو ۷.۳۰ وڳي بس ۾ چڙهي ۱۲ وڳي مٺي پهتاسين. ماني کائي شام جو محترم سائل مهراڻ، دولت رام کتريءَ سان ملڻ ويس، جن چانه جي دعوت ڏني هئي. ٽائون ڪميٽي چوڪ تي سائل سان ڪچهري ڪري سائين دولت رام کتري کي فون ڪيم جيڪو اتي آيو ۽ پوءِ ڪشمير چوڪ تي چانھ پي گڍي ڀٽ جيڪا مٺيءَ جي بهترين تفريح گاه آهي تي وياسين، جتان پورو مٺي شهر نظر ايندو آهي.
رات مٺيءَ ۾ راٺي صاحب وٽ گذاري صبح جو ٽيڪسي ڪري ننگر پارڪر ۽ ٻيا ماڳ ڏسڻ لاءِ اڪيلو نڪري پيم. ٽيڪسي راٺي صاحب جي معرفت سندس پاڙي ۾ رهندڙ جي هئي. ڊرائيور دليپ هڪ ٻئي همراه ڪيلاش مالهي کي به گڏ کنيو جيڪو آثار قديمه جو فيلڊ آفيسر آهي. ان جي ساڻ هجڻ سان اسان کي هر هنڌ سٺو آدرڀاءُ مليو، ۽ هن جي معلومات مان فائدو ٿيو. چانهيون مانيون آثارن جي رکوالن طرفان زبردستي کارايون ويون. عجب جي ڳالھ اها هئي ته ٿري به ٿر کان علاوه باقي بيراج علائقي کي سنڌ چون ٿا. جنهن تي مون کين کلندي دٻڙاٽ ڪڍيو ته ڇا ٿر سنڌ ۾ ناهي ڇا؟ اوهان به ڪراچي وارن وانگر ڳالهيون پيا ڪيو؟
مختصر گهميل ماڳن جي تفصيل هيءَ آهي.
1. غوري دور جو غوري مندر.
2. مارئي جو ڳوٺ ڀالوا ۽ کوه جتان مارئي کنئي وئي هئي. اتي ننڍڙو ميوزم به ٺاهيو ويو آهي.
3. ڀوڏيسر جي پراڻي مسجد، مندر ۽ ڊيم.
4. ڪارونجهر جبلن اندر سارتري مندر. خوبصورت نظارا.
5. ننگر شهر ۾ ٻارھين تيرھين صديءَ جو جين ڌرم جو مندر ڏسي، هوٽل تي کوسي چوڪيدار جي ماني کاڌي.
6. ڪاسبو ۾ موجوده دور جو مندر خوبصورت وڻڪاري ۽ آڳر سان.
7. ويرا واه، (پاري پارڪر) شهر جيڪو ماضي ۾ ٻه دفعا تباه ٿيو آهي، ۾ مندر ڏسي اتان جي خاص سوکڙي مائو کاڌوسين.
8. واپسي ۾ اسلام ڪوٽ ۾ سائين نند لال جي چانهه پي شام جو مٺي پهتاسين.
بس ٿڪجي پيس پو ٻي رات مٺي ۾ رهي صبح جو واپس ڪراچي آيس.
ترتيب سان فوٽو به رکجن ٿا.
واڌو حد ادب
ارشاد ڪٽپر*



ننگر پارڪر
سنڌ جي سئيٽزرلينڊ جي سونھن ۽ سياحن جا سور
نثار کوکر
هن ڀيري چوماسي جي برساتن کانپوءِ، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هزارين لکين ماڻهو، اچي ان ننگرپارڪر جي پاسي پهتا، جتي فطري حسن دل کولي سندن آجيان ڪري رهيو آهي. ڪراچيءَ مان آيل هڪ اردو اسپيڪنگ جهوني جوڳي جڏهن پنهنجا فوٽو سوشل ميڊيا تي رکي اهو لکيو ته مان سوئٽزلينڊ نه، پر ننگرپارڪر ۾ آهيان ته ماڻهو حيران رهجي ويا، ڇو ته ننگر جو حسن برساتن ۾ ايترو نکري پوندو، سو شايد ڪنهن کي اندازو به نه هيو.
ننگرپارڪر ۽ ان جي آسپاس جي فطري سونهن هاڻي به سوين هزاين ماڻهن کي پاڻ طرف ڇڪي رهي آهي، جتي وڃي هو پنهنجي شهري ۽ آٽوميٽڪ ريموٽ ڪنٽرول تي هلندڙ زندگين کان ڪجهه گهڙيون پري ٿي فطرت جي ڀاڪر ۾ ڀرجي وڃن ٿا. جتي هو ڏسي سگهن ٿا ته ڪاسبي جي مندر ٻاهران ٻاجهر جي چهچ سائي فصل ۾ ڪيئن نه مورن جا جوڙا مستيون ڪري گهمن ٿا. اهي انهن مورن جون ٻوليون ۽ انهن جو رقص پنهنجي ٽي وي اسڪرينن کان ٻاهر فطري ماحول ۾ ايترو ويجهي کان شايد پهريون ڀيرو ڏسن ٿا. ڪاسبي جي مندر ۾ ئي هو ٿر جي روايتي فنڪارن کي ڀٽائي جي شاعري آلاپيندي ٻڌن ٿا ۽ ٽلين وارا ٿر جا روايتي ساز به ٻڌن ٿا. ننگر پارڪر جي پهاڙن ۾ هاڻي ته ڪو روپلو ڪولهي رهي ٿو الائي نه، پر ان تروٽ جو ٿلهو اڃا به آثارن جو صورت ۾ موجود آهي، جتي انگريز شهنشاهيت دوران انهن هاڻوڪن حڪمرانن جيان خوف جو راڄ قائم ڪيو. روپلو ڪولهي جو روح ته شايد ڪارونجهر جي پهاڙن ۾ ڀٽڪندو هجي، پر ڪارونجهر ۾ ڪٿي به سندس نالي سان ڪو روڊ، ڪا عمارت منسوب ٿيل ناهي. شايد اها روپلو ڪولهيءَ جي بدقسمتي چئجي، جو ان جو ڪو پٽ پوٽو اقتدار ۾ ڪونهي، نه ته ان جي نالي ڪو ”بابِ روپلو“ ضرور ٺهيل هجي ها، جو اسان جي ڪيترن ئي پارليامينٽيرينز عوامي ٽئڪس جي پئسن مان پنهنجي بابن ڏاڏن جي نالي تي ڪيترن ئي شهرن ۾ باب (گيٽ) ٺهرائي ڇڏيا آهن. انهيءَ کي چئبو آهي سولي سنڌيءَ ۾ ”پرائي مال تي، ٽوپي نراڙ تي-“ ڪوشش ڪريان ٿو ته سياحت جي ذڪر دوران ڪي تلخ ڳالهيون نه ڪجن، پر ڇا ڪجي نظر انهن ننگر جي اصل ڌرتي ڌڻين طرف به کڄي وڃي ٿي، جيڪي سوين هزارين سالن کان ڪارونجهر ۾ ئي ذلت جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. عجيب ستم آهي ته هو قربانيون ڏئي ڀلا روپلا به ٿي وڃن، پر سندن نالي سان اهڙو ڪو هائوس منسوب نٿو ٿي سگهي، جهڙو هاڻوڪي حاڪم شرجيل ميمڻ جي پٽ سالار جي نالي سان ننگر شهر ۾ هڪ محل اڏيل آهي.
ننگر جي سونهن ڏسڻ لاءِ صبح جو سوير ڪنهن به طرف نڪري پئو، اوهان کي ساوڪ ئي ساوڪ نظر ايندي. هاڻي ته سياح ايتري وڏي تعداد ۾ ٿا اچن، جو ننگر جي هر رستي، هر روڊ سان اوهان کي سياح فيمليز سميت گهمندي، فوٽو ڪڍندي ملندا. اها ڀوڏيسر جي مسجد هجي يا ساڙڌري جو مندر، اها ويرا واهه جي چوٽي هجي يا خود ننگر شهر جي مک بازار ڀرسان قائم جين مندر هجي، هر طرف توهان کي سياح ئي سياح نظر ايندا. انهن جي چهرن تي توهان کي تجسس ۽ خوشي نظر ايندي. هو ننگرپارڪر جي فطري حسن ۾ ايترو ته سمائجي وڃن ٿا، جو کين انهن تڪليفن جو اندازو ئي نٿو ٿئي، جيڪي ننگر پارڪر گهمڻ دوران کين ڏسڻيون پون ٿيون. ننگر پارڪر مٿان جيڪڏهن قدرت مهربان ٿي چوماسي جون برساتون جام ڏئي ته پوءِ ننگر ڪوهه مري ته ڇڏيو، ڪنهن به سوئٽزرلينڊ کان گهٽ ناهي. اهو ته اسان جذباتي ٿي چئون ٿا، پر انهن سياحن جي سهولت لاءِ سرڪار ۽ سرڪار جون سهولتون ڪٿي آهن؟ ڇا هتي اهڙا ٽوئرسٽ هٽس يا ڪمرا نٿا تعمير ٿي سگهن، جتي ڪراچي يا سکر کان ايندڙ اهڙا سياح به رهي سگهن، جن کي ڪو خالد جوڳي نه سڃاڻيندو هجي ۽ هو ڪمرن جي مقرر فيس جمع ڪرائي رهي سگهن؟ ڇا ننگر پارڪر گهمڻ لاءِ ضروري آهي ته ماڻهو اهڙو خوار ٿئي، جهڙو تجربو ڪراچيءَ جي هڪ فيملي کي ٿيو. اهي صبح جو ڇهين بجي مون کي ننگر شهر جي سول جج واري رهائشگاه سامهون روڊ تي پنهنجي گاڏين ۾ ستل مليا. انهن سان ننگر جي مقامي هوٽل تي شربت جهڙي چانهن پيئندي جڏهن ڳالهه ٻولهه ٿي ته هنن اردو ۾ افسوس سان چيو ته اسان وڏيون اميدون کڻي آيا هئاسين ته سنڌ سرڪار سياحت کي ترقي وٺرائڻ لاءِ وڏا ڪم ڪيا آهن، تڏهن ته سڀڪو ننگر ٿو وڃي. پر اعتبار ڪيو ته اسان اهڙو ئي خوار ٿياسين، جهڙا ڪينجهر تي سرڪاري هٽس بڪ ڪرائي ٿيا هئاسين. رات جو ٻارهين بجي ننگر پهتاسين ته فيملي جي رهائش لاءِ ڪو ڪمرو، ڪو هوٽل، ڪو گيسٽ هائوس نه مليو. ڪجهه ماڻهن صلاح ڏني ته مٺي واپس وڃو، اتي ڪمرا جام ملندا پر جڏهن اسان ٻه اڍائي ڪلاڪ جو واپس سفر ڪري مٺي پهتاسين ته اسان کي اتي به ڪمرا نه مليا ۽ مايوس ٿي وري ننگر موٽي آياسين ته جيئن صبح جو ننگر جا نظارا ڏسي مهل سان ڪراچي نڪري وڃون.
هيءَ صرف هڪ فيملي نه، پر مقامي ماڻهو ٻڌائين ٿا ته هاڻي هر چوڏهين آگسٽ تي هزارين سياحن سان اهڙيون جٺيون ٿينديون آهن، جو کين روڊن تي پنهنجي گاڏين ۾ ئي عورتن ۽ ٻارن سميت رات گذارڻي پوندي، ڇو ته گرائونڊ تي سرڪار جي ڪا سهولت نظر نٿي اچي، جيڪڏهن اچي ٿي ته پاورفل ڪامورن ۽ اميرن لاءِ، جن جي انتظام خاطر اڳواٽ ئي ريسٽ هائوس ۽ نجي بنگلا بڪ ٿي وڃن ٿا. ڀوتارن کي ته سوئٽزرلينڊ ۾ به ڪمرا جام ملي ويندا، پر هڪ عام سياح جيڪو وري ڪراچي جو اردو اسپيڪنگ هجي، سو ڪوهه مري يا ڪاغان ڇڏي جيڪڏهن توهان جي ننگر اچي ٿو ته ان سياح لاءِ سرڪاري سهولت ڪهڙي آهي؟ ٿورو تصور ڪريو ته ننگر جهڙي ننڍڙي شهر ۾ هزارين لکين سياح هنن ڏينهن دوران اٿلي پون ٿا، پر مجال آهي جو ڪا سرڪاري سهولت ايمرجنسي حالت ۾ ڊوڙندي نظر اچي. ٻيو ته ڇڏيو ٻاهرين شهرن کان آيل سياحن لاءِ مک چوراهن تي ڪو اشارو، ڪو سائن بورڊ به لڳل ناهي ته فلاڻي پاسي وڃڻ لاءِ هي روڊ وٺو. ٿرين ۽ سياحن مٿان سرڪار ته جيڪا مهرباني ڪري سگهي ٿي، سا ڪندي پر ٿر جو ڪارو سون ڳولڻ لاءِ آيل ڪوئلي واري ڪمپني به ڪي ترقياتي ڪم يا سياحن جي سهولت لاءِ فلاحي ڪمن جي کاتي مان صاف پاڻي جي ڪا ٽانڪي ناهي لڳائي سگهي...ڪمپني وارن جي تعمير ڪرايل روڊ جي تعريف پئي هلي ته مون دوستن کي چيو اهو روڊ صرف ان حد تائين سٺو هوندو، جتي ڪمپني جي حد هوندي ۽ واقعي ٿيو به ائين. اسان جڏهن اسلام ڪوٽ ڪراس ڪري اڳتي وڌياسين ته ٿر جي روڊن جو اصل روپ سامهون اچي ويو. جتي سنگل ٽٽل روڊ تان ڪراچي هاءِ وي جهڙي ٽريفڪ هلي رهي هئي. جتي ڪمپنيءَ جو مفاد ختم، روڊ به اتي ئي ختم. ڪمپنيءَ کي صرف روڊ جي تعمير لاءِ ئي اڳتي اچڻ کان ائين ڪنهن روڪي ڇڏيو آهي، جيئن سنڌ سرڪار کي سياحن جي سهولت کان ڪنهن روڪيو آهي. اڪثر سرڪاري وزير مشير ڪوڙين رپورٽن آڌار ڪم ڏيکاري پڇندا آهن ته ڀلا سرڪار ڇا ٿي ڪري سگهي؟ انهن کي ڪمپنيءَ جي تعمير ڪرايل روڊن کان ويندي ان ڪنٽينر هوٽل تائين نجي ڪمپنين جون سهولتون ڏسڻ گهرجن، جيڪي ٿر ۾ ويهي چڪن چيز برگر ۽ پيزا پيش ڪن ٿا. ڀلي اگهه مهانگو وٺن، پر سياحن لاءِ ڪا سهولت نظر ته اچي. ننگر شهر يا ڪاسبي مندر ۽ ٻين سياحتي مرڪزن تي مقامي ماڻهو توهان کي ڪاورنجهر جون جڙيون ٻوٽيون يا برساتن کانپوءِ اڀري آيل کنڀيون وڪرو ڪندي عام جام نظر ايندا. انهن مان ڪنهن هڪ کي به شايد ڪنهن نه ٻڌايو آهي ته پٽاٽن جي چپس گرم ڪري وڪرو ڪرڻ سان هو سياحن ۾ ڪيترو مقبول ٿيندو. پر مقامي ماڻهن کي به ته سرڪار ئي اڳتي آڻيندي ۽ مون کي ته ننگر ۾ سرڪار صرف ٻن چيڪ پوسٽن ۽ هڪ چوراهي تي نظر آئي. رات جي وقت اسان ويرا واهه چيڪ پوسٽ تي رينجرز وٽ انٽري ڪرائي، جيڪا شهر کان ۲۵ ڪلوميٽر پري آهي ۽ اڳيان هلي ننگر شهر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٻي رينجرز چيڪ پوسٽ تي به انٽري ڪرائي. هڪ سرڪار انهن چيڪ پوسٽن تي نظر آئي، ٻي سرڪار صبح جو سوير ڪاسبو طرف ويندڙ رستي واري چوراهي تي اڪيلي بيٺل  ٽرئفڪ سپاهي جي صورت ۾ نظر آئي، جيڪو گاڏين جي وڏي رش کي مسڪرائي مئينيج ڪري رهيو هو. کيس شاباش هجي.
ننگر شهر طرف ايندي توڙي شهر کان ويندي ٻنهي صورتن ۾ توهان کي رينجرز چيڪ پوسٽن تي بيهڻو پوي ٿو. سياحن جي رش سبب اهو عمل ايترو ته سست رفتار لڳي ٿو، جو ماڻهو ڪلاڪن جا ڪلاڪ انهن انٽر پوائنٽس تي بهيجي وڃن ٿا. ڪلوميٽرن جي حساب سان سنگل روڊ تي ايندڙ ۽ ويندڙ گاڏيون ائين بيهجي وڃن ٿيون، جهڙو افغانستان جي چمن بارڊ تي هڙتال جي صورت ۾ نظر اينديون آهن. سياحن لاءِ سنڌ سرڪار ٻي ته ڪا فوري سهولت نٿي ڏئي سگهي، پر ڇا ننگر جي سونهن پسڻ لاءِ ايندڙ سياحن جي انٽري آسان بڻائي سگهي ٿي؟ جيڪڏهن سياحن کي اها آساني هن آگسٽ مهيني ۾ ترت ملندي ته ننگر جون بازارون سياحن جي رنگن سان رنگجي وينديون. مندرن جون ٽليون به وڄنديون ته ڪارونجهر جي ڪنهن چوٽيءَ تي چڙهي ڪنهن روپلي جو روح توهان کي ابراهيم منشي جي شاعري ڳائيندي به ملندو.



ٿر اندر جنگلي جيوت
مور جي نسل ڪشي ۽ جنگلي جيوت کاتي جو ڪردار!
غازي بجير - مٺي
ٿرپارڪر سنڌ جو اهو واحد خطو آهي، جتي معدني وسيلا موجود آهن ته اتي ٿر جي سونهن مور پکين سميت جهنگلي جيوت به موجود آهي. ٿر جتي مور، هرڻ، روجھه ۽ تتر سميت ٻيا ناياب نسل جا پکي ۽ جانور موجود آهن. گذريل چئن ورهين جي قهري ڏڪارن دوران ٿر ۾ هزارين مور پکي بک، اڃ ۽ راڻي کيت بيماري جي وگهي مري ويا ته وڏي تعداد ۾ روجھ ۽ هرڻ پڻ بک اڃ وگهي مئا. انهيءَ سان گڏ شڪار تيزي سان جاري رهيو. ڏڪارن بعد بک، اڃ ۽ پويان وري شڪارين جي بندوقن جي ٺڪائن سبب، مور توڙي جهنگلي جانور، لڪي ويا هئا.
هيل سال جڏهن ٿر تي مالڪ مهربان ٿيو آهي. زوردار برساتون پيون آهن. هر پاسي ساوڪ جا منظر آهن. پلر پاڻي جون ڇوليون آهن ته اتي وري مور پکي ۽ جهنگلي جانور ظاهر ٿي پيا آهن. هر طرف مورن جا ٽهوڪا، موسم کي موهي رهيا آهن. مور پکي، موسم کي انجواءِ ڪندي، خوشين وچان ٽلي رهيا آهن ته انهن جون خوشيون کسڻ لاءِ وري شڪاري ميدان تي لهي پيا آهن، جيڪي مورن سميت جهنگلي جانورن جو شڪار ڪري رهيا آهن. اهي وحشي شڪاري، پنهنجين بندوقن جي زور تي جهنگلي جانورن جو خون ڪري رهيا آهن. تيزي سان جاري هن شڪار سبب، ٿر مان ٿر جي سونهن ختم ٿيندي پئي وڃي.
انهي سلسلي ۾ هن وقت ٿر جي جھر جهنگ واري علائقن ۾ وسڪاري جي موسم ۾ مورن جي بيدن لاھڻ وارو عمل شروع ٿي ويو آھي. مورن جي نسل جي ڍيلن برسات جي مند ۾ مورن سان ميلاپ ڪرڻ بعد آکيرا ٺاھي ان ۾ بيدا ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا آھن. ان حوالي سان گڏ ڪيل ڄاڻ موجب مور ھر سال وسڪاري جي موسم ۾ ڍيل سان ميلاپ ڪندو آھي. مور جي ان ميلاپ ۾ ٻه ڪٿائون ملن ٿيون ھڪ ته مور پکي پاران ڊيل سان عام پکي جيان ميلاپ ڪرڻ ۽ ٻيو برسات جي موسم ۾ مور جي مستي واري رمز ۾ اچڻ کانپوءِ سندس اکين مان نڪرندڙ ڳوڙھن کي مادي ڊيل پاران پنھنجي چهنب ذريعي مور جا ڳوڙھا پنھنجي جسم اندر داخل ڪرڻ بعد ان مان قدرتي بيدا پيدا ٿيڻ آھي.
ڊيل ميلاپ بعد پندرنھن ڏينھن اندر بيدا لاھيندي آھي. ڊيل جو آکيرن ۾ بيدا لاھڻ جو تعداد پنج کان ڇھه ھوندو آھي. جڏھن ته ان جو بيدو، بدڪ جي بيدي جيان وڏو ھوندو آھي. ڊيل ايڪويھه ڏينھن آري تي وھندي آھي ۽ ايڪويھن ڏينھن کانپوءِ، ان مان مور جا ٻچا ڦٽندا آھن، جيڪي بعد ۾ ڊيل سان جھر جنگ ۾ گھمندي چڳندي وڏا ٿيندا آھن. مورن جا ٻڄا، ھر سال سون جي تعداد ۾ پيدا ٿيندا آھن. پر افسوس ان ڳالھ جو آھي جو وائلڊ لائيف کاتي جي عدم دلچسپيءَ جي ڪري، ھر سال بي رحم شڪاري، ڊيل جي بيدا لاھڻ جي ٽائيم تي، ان جا بيدا آکيرن مان کڻي، پئسن عيوض وڪرو ڪندا آھن. انھن کنيل بيدن مان، وڪڻڻ کان اڳ ھزارن جي تعداد ۾ بيدا خراب به ٿي ويندا آھن.
اڪثر شڪاري، ڊيل جا کنيل بيدا، ڪڪڙين کي آري تي ويھاري، ڪڪڙين جي بيدن سان گڏ رکندا آھن. جيڪي ڪڪڙين جي ٻچن سان گڏ ڦٽندا آھن. شڪاري بعد ۾ انھن مورن جي ٻچن کي ھزار کان ٻه ھزار روپيا جوڙي ڪري وڪرو ڪندا آهن. جڏھن ته شڪارين پاران ھي موسم، ڊيلن ھيٺان بيدا کڻڻ جي آھي. انھن ھاڻي، وائلڊ لائيف کاتي جي عملدارن جي آشيرواد سان، پنھنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آھي. شڪاري، بيدن مان ڦٽندڙ مورن جي ٻچن جو پڻ بي صبريءَ سان انتظار ڪندا آھن. ان ۾ به سندن ساڳيو طريقو ھوندو آھي.
شڪاري، جھنگ توڙي ڪارونجھر جبل ۾، موجود مورن جي ٻچن کي ڊوڙائي ڊوڙائي جھليندا آھن. جنھن سان اھو ٿيندو آھي جو مورن جي ٻچن جو ھانءُ ڦاٽي پوندو آھي ۽ ھو ڦٿڪي ڦٿڪي پنھنجو پساه ڏئي ڇڏيندا آھن. شڪارين جي ان بي رحماڻي وٺ پڪڙ جي ڪري به ھر سال سون جي تعداد ۾ مورن جا ٻچا مرن ٿا. جڏھن ته مورن جي ٻڄن تي پڻ وڏا ٿيڻ تائين، جھنگلي جانورن جا لامارا ھوندا آھن. سوال اھو پيدا ٿو ٿئي ته ھرسال ھن معصوم ۽ سھڻي پکيءَ سان ويڌن اکين سان ٿيندو ڏسي، وائلڍ لائيف کاتو ڇو خاموش آھي؟ ڇو اڄ تائين انھن کي بچائڻ لاءِ اپاءُ نه ٿا ورتا وڃن؟ ھڪ پاسي مورن تي راڻي کيت بيماري جا لامارا ھجن ۽ ٻئي پاسي مٿي ڄاڻايل ڪلور ھجي، ان سان ٻيو ڪجھ ڪو نه ٿيندو مگر مورن جو نسل آھستي آھستي ھن ڌرتي تان ختم ٿي ويندو. جنھن تي ھتان جي سڄاڻ ڌرين پڻ ڳڻتي ظاھر ڪئي آھي.
سڄاڻ ڌرين حڪومت سنڌ ۽ لاڳاپيل کاتي کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي آھي ته مورن جا بيدا ۽ ٻچا وڪرو ڪندڙ شڪارين خلاف ڪارروائي ڪري ويراواھ ۾ وائلڊ لائيف کاتي پاران قائم ڪيل پوسٽ کي کولي، عملدارن کي پابند بڻائي مورن جي بيدن ۽ ٻچن کي ٻين شھرن ڏانھن کڻي ويندڙن کان بچايو وڃي ته جئين مورن جي ختم ٿيندڙ نسل کي بچائي سگھجي ۽ سندن واڌ ويجھه ٿي سگھي.
ٻئي پاسي بااثر شڪاري توڙي انهن جا ڇاڙتا، بيدن سميت مورن جي ٻچن جي تلاش ۾ نڪري پيا، جيڪي ٺهيل آکيرن کي پٽي انهن مان مورن جا بيدا توڙي معصوم ٻچن کي پڪڙي رهيا آهن، جنهن جو وڪرو ڪيو ويندو. هر سال ڊيلون سوين ٻچن توڙي بيدن کي جنم ڏين ٿيون، پر شڪار مورن جي نسل کي وڌڻ نه ٿا ڏين. هر سال برسات جي موسم ۾ ڪاروبار عروج تي هجي ٿو. مور ٿر جي سونهن جي علامت بڻيل آهن، جنهن جي نسل کي بچائڻ لاءِ لاڳاپيل کاتي ڪي به اپاءُ ناهن ورتا.
هڪ پاسي ستن ورهين کان مورن ۾ پکڙيل راڻي کيت بيمارين وگهي هزارين مور مري چڪا آهن ته ٻئي پاسي شڪار جاري آهي، جنهن سبب مورن جو نسل آهستي آهستي ختم ٿيندو پيو وڃي. مورن جي نسل کي بچائڻ جي اوٽ ۾ ٿر اندر مختلف اين جي اوز پاران ڪروڙين روپين جا پروجيڪٽ ورتا ويا، ڪجھ ڏينهن ڪم ڪري ريليون ڪڍڻ بعد ڪٿي به ڪو ڪم نه ڪيو ويو. ٿر جي مختلف ڳوٺن ۾ مورن جي پاڻي پيئڻ لاءِ ٽانڪا پڻ ٺاهڻ جون اسڪيمون مليون پر خبر ناهي ڪم ڪٿي ٿيو؟ انهي پروجيڪٽن بابت ڪا به جانچ وغيره ناهي ڪئي ويئي. مورن بابت مليل پروجيڪٽن ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن ٿي آهي، جنهن جي جانچ ٿيڻ کپي.
مورن جي حوالي سان ٿر جي سماجي زندگي ۾ عجيب قصا ۽ ڪهاڻيون جڙيل آهن، جن مطابق مورن جا ٽهوڪا ۽ ٻولڻ برسات اچڻ جون اهم نشانيون سمجهيون وينديون آهن. مور پکي نانگ جو به دشمن تصور ڪيو وڃي ٿو. مورن کي ڏسي نانگ بلائون ٻرن ۾ لڪي وڃن ٿيون. مورن نانگ کي ڏسندي انهي کي ماري ڇڏڻ سان گڏ کڻي ويندو آهي. برسات جي موسم ۾ برسات کان اڳ مور ڪيهاٽ ڪندو آهي ۽ ٽهوڪن بعد برسات جلد اچي ويندي آهي، انهي سان گڏ زلزلي جي اچڻ کان اڳ مور آواز ٻڌي ڪيهاٽ ڪن ٿا.
مور علائقي جي سونهن ۽ پکين جو سردار سڏيو وڃي ٿو، ٿر جي خصوصن ٻهراڙي وارن علائقن ۾ مارو ماڻهو هن پکي سان بي پناھ انتهائي پيار ڪن ٿا. گهرن اندر پالڻ سان گڏ مورن کي ٻچن وانگر سنڀالي کاڌ خوراڪ ۽ پاڻي ڌاڻو ڏين ٿا. انهي پيار جي بدلي انتهائي نازڪ ۽ خوف سبب ڀڄندڙ ڊڪندڙ هي مور پکي ٻهراڙي جي گهرن اندر ماڻهن توڙي ٻارن سان رلي ملي ويندو آهي ۽ ويجهو گهمندي نظر ايندو آهي.
مور پکي جا کنڀ انتهائي خوبصورت هجڻ ڪري ماڻهو وڏي چاھ سان انهن کنبن کي گهرن اوطاقن ڪاروباري هنڌن توڙي مذهبي عبادت گاهن اندر سجائي رکن ٿا. چيو وڃي ٿو ته مور پکي قدرتي ايندڙ آفتن لاءِ اڳواٺ اطلاع يعني دانهون ڪيهاٽ ڪندو آهي. ٿر ۾ اها نه صرف عام چوڻي آهي پر برساتن جي مند ۾ جڏهن به بادل پنهنجي وسڻ جو ويس ڪندا آهن ته مورن اندر ڪيهاٽ پئجي ويندا آهن، جنهن کي مقامي ماڻهو انهي ڳوٺ يا علائقي اندر برسات جو اڳواٺ اطلاع سمجهن ٿا. انهي کانسوا۽ زلزلو يا زلزلي جا جڏهن به لوڏا محسوس ٿيا آهن ته مور پکين جون اڳواٽ آهون توڙي دانهون اهو ميسيج ڏينديون آهن ته هن علائقي اندر ڪا آفت اچڻ واري آهي.
ننگرپارڪر جي علائقن ۾ بيروزگارن، مورن جي کنبن کي روزگار جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي. اتي جا ماڻهو، مورن جي کنڀن جا خوبصورت هوا هڻندڙ ويجهڻا/ وِڃڻا ۽ هٿ-پکا ٺاهي وڪرو ڪن ٿا، جيڪي تمام خوبصورت ٺهيل هجن ٿا. مورن کي وڏي آواز سان خوف ٿئي ٿو، هيوي مشينري توڙي گاڏين جي آوازن سبب مور شهرن مان موڪلائي ويا آهن، جيڪي صرف ٻهراڙي وارن ڳوٺن تائين محدود آهن. ٻهراڙين ۾ گاڏين جي آواز ۽ شور نه هجڻ ڪري مورن ٻهراڙي وسائي ڇڏي آهي، جتي صبح ۽ شام ٽاڻي مورن جا ٽهوڪا هجن ٿا.
جتي مورن جو نسل خطري ۾ اچي ويو آهي اتي ٻي جهنگلي جيوت به نشاني تي آهي، جنهن سبب هرڻ ۽ روجھ جو شڪار پڻ تيزي سان جاري آهي. انهي سلسلي ۾ ٿر ۾ ناياب پکين ۽ جانورن جو شڪار عروج تي پهچي ويو آهي.



پرڪشش ٿر
جيڪو سياحن کي ڇڪڻ لڳو!
غازي بجير - مٺي
ٿر جيڪو سنڌ جو خوشنصيب اهو علائقو آهي، جيڪو معدنياتي وسيلن جا مالامال آهي، جتي ۱۷۵ ارب ٽن ڪوئلي جي ذخيرن سميت چائنا ڪلي ۽ لوڻ جي کاڻين سميت ٻيا منصوبا آهن، پر اها بدقسمتي آهي جو اتي روزگار مقامي ماڻهن کي ملڻ مشڪل آهي. ٿر جيڪو مسلسل چئن ورهين کان قهري ڏڪارن کي منهن ڏيندو پئي آيو. انهن چئن ورهين جي ڏڪارن دوران صورتحال انتهائي بدترين رهي. غذائي کوٽ وگهي سوين معصوم ٻارڙن جو موت ٿيو. سوين مائرن جون جهوليون خالي ٿيون. روزاني پنج کان ست ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جون رپورٽون ميڊيا تي اينديون رهيون پر انهن سمورين مشڪلاتن کي ٿر واسين مڙس ٿي منهن ڏنو.
هاڻي هيل سال ٿر تي مالڪ مهربان ٿيو آهي، جنهن سبب گذريل مهيني دوران ٿر سمورو وسي پيو آهي. انهي برساتن بعد ٿرين جا سمورا ڏک سور لهي ويا آهن. چئن ورهين بعد زوردار پيل برساتن ٿر کي ڪشمير ۽ ڪوھ مري کان وڌيڪ خوبصورت بنائي ڇڏيو آهي. ٿري هارين پنهنجيون سموريون ٻنيون پوکي ورتيون آهن. مڪمل طور ٻنيون پوکڻ بعد فصل پڻ اڀڙي آيو آهي، جڏهن ته ٿر ۾ غربت، مهانگائي ۽ چئن ورهين جي ڏڪارن دوران ماروئڙن پيٽ پالڻ خاطر جانور وڪڻي ٻچن جو پيٽ پاليو.
ٿرپارڪر ضلعي ۾ ماضي اندر استعمال ٿيندڙ شيون وقت سان گڏ ڏينهون ڏينهن تبديل ٿي رهيون آهن. ان سلسلي ۾ ٿر ۾ وسڪاري جي موسم ۾ ماضي اندر ڏٺو وڃي ته جيڪي به ٻنيون پوکيون وينديون هيون، اهو صرف جانورن يعني اُٺن، ڍڳن ۽ گڏهن سان پوکيون وينديون هيون پر گذريل ڪجھ عرصي کان ٿر ۾ پوکائي جي حوالي سان وڏي تبديلي اچي چڪي آهي. جانورن جي جڳھ تي ٽريڪٽر وسيلي زمينون پوکڻ وارو رجهان وڌي رهيو آهي ۽ جانور ماضي جو قصو بڻجي رهي رهيا آهن. ڪٿي ڪٿي چند هاري غربت جي ڪري جانورن سان ٻنيون پوکي رهيا آهن پر اڪثريت هارين جو ٽريڪٽر سان ٻنيون پوکائڻ طرف لاڙو وڌي ويو آهي، جنهن سبب هن وقت ٿر ۾ تازو برساتن بعد سمورن شهرن توڙي ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ سوين ٽريڪٽر پهچي ويا آهن ۽ کيڙي وارو عمل جاري آهي.
ٿري هارين موجب ٽريڪٽر وارا في ڪلاڪ هڪ هزار روپيه وٺن ٿا، جيڪو وڏو ريٽ آهي پر مجبوري سبب پوکائي رهيا آهيون. ٽريڪٽر جي چار ڪلاڪ واري پوکائي جانور جي لاءِ چار کان پنج ڏينهن جي هوندي آهي ۽ جيڪا رقم ٽريڪٽر وارا وٺن ٿا، اها ساڳيو خرچ جانورن سان کيڙي دوران خرچ ٿئي ٿو پر وقت وڏو لڳي ٿو ۽ ٽريڪٽر سان ٽائيم بچت ٿيڻ سان گڏ زمين نرم ٿيڻ ڪري فصل فائديمند ٿئي ٿو، جنهن ڪري ٿر ۾ ٽريڪٽر سان کيڙي وارو رجحان وڌي رهيو آهي.
ٿر ۾ ڏڪارن جي سبب ۽ ٽريڪٽرن جي کيڙي بعد وڏا جانور پالڻ جو به رواج گهٽجڻ لڳو آهي. ماضي اندر ڏٺو وڃي ته ٿر ۾ هر ماڻهو هاري وٽ اُٺ، ڍڳا ۽ گڏهن سميت ٻين وڏن جانورن جو وڏو تعداد هوندو هو. پر هاڻ وسڪاري جي موسم ۾ ٻنيون ٽريڪٽر سان پوکائڻ واري وڌيل رواج بعد، جانورن جي پالڻ وارو رواج ۽ شوق ختم ٿيڻ لڳو آهي. ٿر واسين موجب ته ٿر ۾ مسلسل ڏڪارن جي ڀرمار بعد وڏن جانورن کي کارائڻ لاءِ چارو نه ملڻ توڙي پالڻ جي سگھه نه هجڻ ڪري اڪثر ماڻهن پنج اُٺن مان چار اٺ وڪڻي ڇڏيا، جنهن ڪري هن وقت ٿر ۾ خاص ڪري اُٺن جي تعداد ۾ گهٽتائي آئي آهي.
وسڪاري ۾ هڪ ته اُٺ نه هجڻ ۽ ٻيو ٽريڪٽر جي پوکائي ٽائيم گهٽ هجڻ ڪري هر ماڻهو چاهي ٿو ته جلدي کيڙي لاءِ ٽريڪٽر جو استعمال بهتر آهي، جنهن ڪري جانورن جي ڀيٽ ۾ ٽريڪٽر جي کيڙي عام جام ٿي ويئي آهي. ٽريڪٽر جي کيڙي سان زمين نرم ٿئي ٿي پر ننڍن ٻوٽن جي تباهي ٿيو وڃي، جيڪو نقصان ڪار عمل آهي. ان سلسلي ۾ اڪثر ٿرين جو اهو خيال آهي ته ٿر ۾ ٽريڪٽرن جي کيڙي سان ٿري زمين نرم ۽ پوکيل فصل لاءِ لاڀائتي هجي ٿي پر قدرتي ڦٽندڙ وڻ جنهن ۾ کپ، سڻ، اڪ، وينجهول، ٻير،گهانگيٽي ۽ ويسوني سميت ٻيا ننڍا وڻ وسڪاري ۾ ڦٽندا آهن ۽ پوءِ ٻارنهن مهينا جهنگ ۾ چرندڙ چوپائي جو گذارن هوندو آهي، جيڪي ٽريڪٽر جي کيڙي سان پاڙان پٽجڻ ڪري هو پورو سال ختم ٿي وڃن ٿا جنهن ڪري مال جي چاري جي سخت کوٽ پيدا ٿئي ٿي.
بنسبت جانورن جي کيڙي سان اهي ننڍا ٻوٽا گهٽ متاثر ٿين ٿا ۽ پوکي سان فصل سٺو ٿئي ٿو پر گاھ جنهن کي مقامي ٻولي ۾ ليڏاڻ چيو ويندو آهي اهو وڌيڪ ٿئي ٿو، جنهن ڪري هارين کي ليڏاڻ ڪڍڻ دوران وڌيڪ تڪليف ٿئي ٿي. جانورن جا اگھه ماضي جي ڀيٽ ۾ هن وقت آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن. غريب جي پهچ کان مٿي آهن. ان سلسلي ۾ ٿر اندر ۱۵ کان ۲۰ سال پوئتي ڏٺو وڃي ته اٺ جي قيمت گهٽ هئي، ڏھ کان ۱۲ هزارن ۾ ڀلو اُٺ ملي ويندو هو پر هن وقت ٿر ۾ هر هفتي مال جي وڪري جون مال پڙيون لڳڻ کانپوءِ ۽ مهانگائي جي اضافي بعد اُٺ، ڍڳو ۽ گڏھ جي قيمتن ۾ رڪاڊ واڌ آئي آهي.
سٺو اُٺ هن وقت هڪ لک يا ان کان مٿي رقم ۾ ملي ٿو ۽ ڍڳو به اسي هزارن کان مٿي جي رقم ۾ ملڻ ڪري عام ماڻهو جي پالڻ جي پهچ کان مٿي آهي، جنهن ڪري خريد گهٽ ۽ وڪرو وڌيڪ  ٿئي ٿو ۽ مسلسل ڏڪاري حالتن سبب چارو نه ٿيڻ ڪري هارين لاءِ اهي مهانگا جانور گهر ۾ رکڻ لاءِ سخت مشڪلاتون درپيش هجڻ ڪري اٺ ڍڳا پالڻ جو شوق گهٽجي ويو. اهڙي طرح انهن جانورن جي پالڻ واري رجحان ۾ گهٽتائي اچي ويئي آهي.
ٻئي پاسي مسلسل ڏڪارن جي لپيٽ ۾ رهندڙ مارئي جي ديس تي هيل رب مڪمل طور راضي ٿي پوڻ بعد ٻيهر زوردار برساتن بعد ڌرتي پنهنجو روپ ڌاري ورتو آهي، جنهن سبب مٺي اسلام ڪوٽ ننگرپارڪر ڏيپلو ڪلوئي ڇاڇرو چيلهار ڏاني سميت پوري ٿر تي زوردار برساتن ملڪ کي ملير بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن سبب برسات سبب هرپاسي پلر پلٽي پيو آهي. جهرجهنگ مان سمنڊ وانگر نيون وهي پيون آهن، جيڪي ڀٽن توڙي ڏهرن مان گجگوڙ ڪندي گذري رهيون آهن، جڏهن ته ٽوڀا ترايون مڪمل طور ڀرجي وچڻ بعد پلٽي پيون آهن، جيڪي پاڻي جهرجهنگ ۽ ٻنين ۾ بيهي رهيو آهي.
ٿر جي وارياسي زمين تي به پاڻي جمع ٿي ويو آهي. ڪارونجهر جبل تي زوردار برسات بعد جبل جي هنج مان نديون وهي پيون آهن، جيڪي جبل جي هنج مان گجگوڙ ۽ ڌڌڪا ڪري هيٺ لهي رهيون آهن، جنهن سبب اهو پاڻي ساردڙي سميت ڀيٽياڻي ندين ذريعي ڇوليون هڻي اڳتي وڌي رهيو آهي. ننگر ۾ ٺهيل ڊيم پڻ پڻ جمع ٿي رهيو آهي ۽ ٿر ۾ گنجائش کان مٿي پاڻي جمع ٿي ويو آهي. مسلسل جاري برسات سبب موسم دلڪش بنجي ويئي آهي.
هر پاسي پيارا نظارا ڏسڻ وٽان آهن، ٿر کي برساتن ڪشمير کان وڌيڪ خوبصورت بڻائي ڇڏيو. قسمن قسمن جا گل ڦٽي آيا. هر طرف گلن جي بهار لڳي ويئي، مسلسل هڪ هفتي کان ٿر بادلن جي گهيري ۾ آهي، جنهن سبب مارئي جي ديس کي بادل ڀاڪرن ۾ ويڙهي ورتو آهي. ڪارونجهر به ڪارن جبل جي ڀاڪرن ۾ڀريل آهي، جنهن سبب موسم انتهائي دلڪش بڻيل آهي، جنهن جو مزو وٺڻ لا۽ سياحن جي آمد جو سلسلو جاري آهي.
ڪارونجهر تي سياحن جو سمنڊ اٿلي پيو آهي، ٿري ماروئڙن جون پوکيل ٻنين تيار ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن. ٻاجهر ۽ گوار ليڏاڻ تي اچي ويا آهن، جڏهن ته وڏي عرصي ڪيترن ئي سالن بعد ٿر تي ڀلو وسڪارو ٿيو، جنهن سبب ڪيترن ئي سالن بعد گاھ تمام گهڻو ٿيو آهي، جنهن سبب گاھ وڌيڪ ٿيڻ ڪري مالوند مارو خوش نظر اچي رهيا آهن. ٿري هارين موجب ته اندازن ڏھ سالن بعد هن سال اهڙو وسڪارو ٿيو آهي، ٿر ۾ ۵ مهينن تائين ڪم اچڻ جيترو پاڻي جمع ٿي ويو تراين ۾ پنج مهينن تائين ڪم اچڻ جيترو پاڻي جمع ٿيل آهي. هاڻي برسات نه ٿي پوي تڏهن به پنج مهينن تائين پاڻي نه کٽندو. ٿر جي تراين ٽوڀن تي ماڻهن جي وڏي رش لڳل آهي. ترايون مڪمل طور ڀرجي وڃڻ بعد خطرو به بنجي ويون آهن، جيڪي اونهيون جام هجڻ ڪري وهنجندڙ ماڻهن لا۽ ٻڏڻ جو  خطرو ٿي ويون آهن.
ٿر جي قديمي ماڳن تي هزارين سياحن جي رش لڳل آهي. ڪارونجهر جي هنج ۾ موجود انگريزن جي دور جا پراڻا قديمي آثار جيڪي سار سنڀار نه لهڻ ڪري ڀڄي ڀري تباھ ٿي رهيا آهن. قديمي ماڳن ڀوڏيسر مسجد، گوڙي مندر، جين درم مندر، ساڙدري، چوڙيو انچليسر سميت ٻين ماڳن تي ڪي به سهولتون نه هجڻ ڪري ايندڙ سياح سخت دربدر آهن. هوڏانهن مارئي جي ديس ٿر تي برساتن بعد ماروئڙن جي ويران بڻيل اوطاقن جون رونقون موٽي آيون آهن، جنهن سبب سڄي سنڌ مان گهمڻ ايندڙ سياحن جا اوطاقن تي ميلا متل آهن، جيڪي دوستن سنگتين ساٿين وٽ مهمان ٿي ترسڻ بعد ڪارونجهر سميت قديمي ماڳ گهمي رهيا آهن، جنهن سبب قديمي آثارن تي وڏي رش لڳل آهي.
مهمانوازي طور سنڌ اڳ ۾ مشهور آهي پر سنڌ جو خطو ٿرپارڪر جيڪو مهمانوازي جي حوالي سان دنيا ۾ مشهور آهي. هن وقت ٿر ۾ مهمانوازي جا عظيم مثال قائم ٿي ويا آهن. اهڙي حوالي سان ٿر جي سمورن شهرن مٺي اسلام ڪوٽ سميت خاص طور تي ننگرپارڪر ۾ وڏو سياحن جو سمنڊ اٿلي پيو آهي، جنهن سبب هوٽلن تي رش وڌي ويئي. اوطاقون ڀرجي وڃڻ بعد مهمانن کي هوٽلن تي ترسائڻ جيتري جڳهه ناهي رهي.
ٿر ۾ برساتن بعد ٿري ڀاڄيون وڏي مقدار ۾ ٿي ويون آهن، جنهن سبب هر چلھه تي کنڀين مريڙي جو ٻوڙ تيار ٿي رهيو آهي، جنهن سان ايندڙ مهمانن کي کاڌو کارايو وڃي ٿو. ٿر ۾ گاھ ججهي تعداد ۾ ٿيڻ بعد چوپائي مال ۾ کير وڌي ويو آهي، جنهن سبب مکڻ لسي جون لهرون ٿي ويون آهن. ٻاجهر جي ماني تي مکڻ ۽ لسي سان ماني کائڻ جو مزو وري پنهنجو آهي. مٿان ماکي جي مٺاس ويتر مزي کي ٻيڻو مزيدار بڻايو ڇڏي. هن وقت ٿر جي ٻهراڙي وارن ڳوٺن ۾ اهي کاڌي جا خوبصورت طعام تيار ٿي رهيا آهن. ٿر واسين جي اوطاقن تي رش لڳل آهي، جتي ترسندڙن کي وندرائڻ لاءِ ڏها لطيف سائين جي بيتن ڏورن سميت ڳجهارتن جي ڌم متل آهي.
اوطاقن تي سگهڙ ڪچهريون ٿي رهيون آهن ۽ ڀٽن تي مقامي نوجوان فنڪار پنهنجي فن جو مظارو ڪري سياحن کي موهي رهيا آهن. ٿري مهمانوازي سان گڏ سنڌ جي ثقافت کي بچائڻ ۾ اڳڀرا ٿي سامهون اچن پيا. اهڙي حوالي سان گهمڻ ايندڙ مهمانن کي لوئي شال سميت کٿن جا تحفا پڻ ڏين ٿا. فيميلين سان ايندڙن جي عورتن کي ٿري رئا وائلا ڀرت ڀريل گج ڀرت ڀريل وهاڻا ڏنا وڃن ٿا. انهن جي خدمت ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ته مورن جي پکن جا ٺهيل ويجهڻا ڏنا وڃن ٿا. انهي سان گڏ ثقافتي شين جي وڪري ۾ رڪارڊ اضافو ٿي ويو آهي. سموري ٿر جون رونقون مڪمل طور بحال ٿيڻ سان ماروئڙا سرها آهن ۽ جهرجهنگ ۾ سياحن جا ميلا متل آهن.
ٿر ۾ هاري ٻنين جي ڪمن ڪارن ۾ لڳي ويا آهن. همرچن جي ڌم متل آهي. تيار ٿيندڙن ٻنين جي فصلن ۾ هاري همرچا ڳائي ليڏاڻ ڪڍڻ ۾ مصروف ٿي ويا آهن، جنهن سبب جهرجهنگ گونجي اٿيو آهي. مارئي جي ديس ٿر تي برساتون پوڻ بعد ڌرتي جو حسن نکري پيو آهي. انهي حسن کي ڏسڻ لاءِ پوري ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سياحن جو سمنڊ اٿلي پيو آهي، جنهن سبب سمورن شهرن خاص ڪري ننگرپارڪر ۾ وڏي رش لڳل آهي. گڏ ڪيل معلومات موجب ته تازو صرف ۲۰ ڏينهن اندر ۳ لک سياحن جي آمد رڪارڊ ٿي آهي. انهي سان گڏوگڏ هزارين گاڏيون رڪارڊ ٿيون آهن. ايندڙ گاڏين جو روزاني جي بنيادن تي انگ پنج کان ست سئو آهي، جنهن سبب ننگرپارڪر ڀرسان ويراواھ چيڪ پوسٽ تي گاڏين جون قطارون لڳل آهي.
اڃا تائين سياحن جي تيزي سان آمد جاري آهي. ايندڙ گهڻا ماڻهو فيميلين سان گهمي رهيا آهن. انهي سلسلي ۾ ننگرپارڪر ۾ سهولتن جي مڪمل کوٽ آهي، جنهن سبب فيميلين سان گهمڻ ايندڙ سياح سخت پريشاني جو شڪار رهن ٿا، ڇو ته ڪارونجهر جبل اندر ڪجهھ پوائنٽن کانسواءِ ڪي خاص گذرڻ جو لنگھه نه هجڻ ڪري ماڻهو ڦاسي پون ٿا. ساردڙي کان ايندڙ ندي مان گذرڻ سخت ڏکيو آهي پر سنڌ حڪومت انهن رستن تان پٿر هٽائي ناهي سگهي، جنهن سبب جبل اندر لهندڙ ندي جي پاڻي تائين پهچڻ لاءِ سياحن کي ڪلاڪ لڳيو وڃي ٿو.
ڪارونجهر جبل تي ثقافت کاتي پاران چئير لفٽ لڳائڻ وارو ڪيل اعلان به هوا ۾ اڏامي ويو آهي. ڪارونجهر جبل جي هنج ۾ قيمتي ۽ قدرتي پڪنڪ پوائنٽون موجود هجڻ جي باوجود اتي حڪومت سهولتون فراهم ڪري ناهي سگهي ڪالھه ڪارونجهر تي گهمڻ آيل سياحن عاشق علي نواز خان، ملوڪ،مهراب، سلطان راهي ۽ عورتن فهميده، زليخا، زرينه ۽ صنم عوامي آواز کي ٻڌايو ته برساتن بعد ٿر ڪشمير ۽ ڪوھ مري کان وڌيڪ خوبصورت لڳي رهيو آهي. هر پاسي دلڪش منظر آهن پر افسوس اهو آهي ته سڄي دنيا کان وڌيڪ خوبصورت ماڳ هتي ڪارونجهر ۾ موجود آهن پر انهن جي سارسنڀار نه لهڻ ڪري ڀڄي ڀري ختم ٿي رهيا آهن ۽ سنڌ جي هزارين سال پراڻي ثقافت دفن ٿي رهي آهي ڪير به ڌيان ڏيڻ وارو ناهي.
هنن چيو ته سنڌ جي خوبصورت سياحتي ماڳ ٿرپارڪر ۾ تفريحي سهولتون نه هئڻ تي سنڌ سرڪار کي شرم اچڻ گهرجي. سنڌ حڪومت جي ماڳن سميت ڪارونجهر تي ڪا به نظر ناهي رڳو اعلان ڪيا ٿا وڃن. هر سال اچون ٿا ته حالت وڌيڪ خراب هجي ٿي. هتي قديمي ماڳ آهن. ڪارونجهر جي خوبصورتي به آهي پر حڪومتي سطح تي هتي ڪابه سهوليت ناهي. هنن چيو ته ڪارونجهر تي چڙهڻ لاءِ ثقافت کاتي پاران چئيرلفٽ لڳائڻ وارو اعلان به اڌورو رهجي ويو آهي. مارئي جي کوھ گوڙي مندر ڀوڏيسر مسجد سميت ڪنهن به هنڌ ڪابه سهوليت ناهي. انهي تي افسوس آهي. باقي ٿر اسان کي ڏاڍو وڻيو دل چوي ٿي ڏينهن سڄو نظارا ويهي ڏسون بهترين پاڻي جا چشما هلي رهيا آهن سنڌ حڪومت ڪوششون وٺي ڪارونجهر جبل سميت قديمي ماڳن تي سهولتون فراهم ڪري وڌيڪ پڪنڪ پوائٽون تيار ڪري ته هرسال ڪروڙين روپيا ٽيڪس ملي سگهي ٿو.



ٿر جا گئوچر
سرڪاري ۽ گئوچر زمينن تان قبضا ڪڏهن ختم ٿيندا
غازي بجير - مٺي
ٿرپارڪر ضلعو اهو سنڌ جو واحد خطو آهي جتي جي لکين ماروڙن جو گذارو برساتن ۽ چوپائي مال تي آهي ٿر جڏهن وسندو آهي ته مارو بيحد خوش ٿيندا آهن. هي ضلعو ستن تعلقن مٺي اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر، ڏيپلي، ڇاڇري، ڪلوئي ۽ ڏاهلي تي مشتمل آهي ٿر جيڪو ۲۲ هزار اسڪوائر ڪلوميٽر تي پکڙيل آهي جنهن ۾ ٽوٽل ۲۳ سئو ڳوٺ اچن ٿا انهن سمورن ڳوٺن جي رهواسين جو سڄو گذارو مال مويشي ۽ پوکي تي آهي. سمورن ڳوٺن ۾ ننڍو توڙي وڏو ۸۰ لک چوپايو مال موجود آهي جنهن جو گذران گئوچر زمين تي ٿيندڙ گاهه تي آهي. جنهن سبب ڪجھه سالن کان ٿر ۾ لکين ايڪڙ سرڪاري گئوچر زمين تي قبضا ٿيڻ شروع ٿيا آهن. جيڪو هلندي هلندي لکين ايڪڙزمين والارجي وئي آهي انهي سرڪاري زمينن تي بااثر وڏيرن زوري قبضا ڪري ٻنيون پوکي ورتيون آهن.
ان سلسلي ۾ ٿر ۾ گئوچر زمين جي مالڪي نه ٿيڻ ڪري هرسال هزارين ايڪڙن تي قبضا ٿيڻ لڳا. لکن جي تعداد ۾ رهندڙ چوپائي مال جي چراگاھ لاءِ ڇڏيل زمينن تي مقامي بااثر ڌريون قبضا ڪري غيرقانوني طور ٻنيون بنائي ڇڏيون، مال جا رستا/ لنگھ بند، ضلعي انتظاميا ۽ روينيو کاتو خبر هوندي خاموش بڻيل، مالدار ماڻهو سخت پريشان آهن، ٿرپارڪر ضلعي ۾ ضلعي/ تعلقي روينيو انتظاميا جي لاپرواهي سبب علائقي اندر چوپائي مال جي چراگاھ لاء ڇڏيل لکين ايڪڙ گئوچر زمين قبضا مافيا جي ور چڙهي رهي آهي هر ديھه مڪان توڙ ڳوٺ ۾ چوپائي مال جي چراگاھ لاءِ ڇڏيل هزارين ايڪڙ گئوچر زمينن تي هرسال وسڪاري جي موسم ۾ علائقي جي بااثر ڌرين پاران پنهنجي ڏاڍ مڙسي ذريعي ڄاڻايل زمينن تي زبردستي قبضا ڪري پوکائي ڪئي وڃي ٿي جنهن بعد هو هرسال برسات ۾ انهي قبضي هيٺ آيل زمينن کي پنهنجي ذاتي جاگير سمجهي کيڙي ڪري رهيا آهي.
ماضي جي ڀيٽ ۾ هن وقت هرسال اهڙين زمينن تي قبضن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي جنهن سبب ٿر ۾ رهندڙ لکين جي تعداد ۾ چوپائي مال جي آرمگاھ ۽ چراگاهه گئوچر خطري ۾ پئجي ويو آهي، گئوچر زمينن متعلق هتان جي هارين.ڌنارن پاران بار بار  هاءِ گهوڙا احتجاج جي باوجود انتظاميه طرفان ڪوبه عملي قدم نٿو کنيو وڃي. رڳو ڪاغذي ڪاروائي ڪرڻ تائين محدود آهي. ذريعن موجب روينيو عملو قبضيدار  ڌرين سان ٻٽ بڻيل هجڻ ڪري سندن کي ڪوسو واھُ به نٿو لڳي ۽ نه ئي ڪا عملي ڪاروائي ٿي سگهي ٿي.گذريل سال گهڻين دانهن بعد سنڌ حڪومت طرفان نوٽيس وٺي ڊويزن ۽ ضلعي انتظاميه کي گئوچر تي قبضا ڪندڙ ڌرين خلاف سخت جي هدايت ڪئي هئي پر ان تي ٽڪي جو به عمل نه ٿي سگهيو ۽ ٿر اندر ويتر وڌيڪ زمينن تي قبضا ٿيڻ شروع ٿي ويا. جنهن سبب هن سال جينئن ئي برسات پئي آهي جنهن کان پوءِ ستن ئي تعلقن جي مختلف ديهن ۾ هزارين ايڪڙ زمينن تي علائقي جي طاقتور ڌرين قبضا ڪري پوکائي ڪري رهيا آهن. پر ميرٽ جي بنياد تي مقرر ٿيل روينيو انتظاميا سندن خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي نه ڪري سگهي آهي. جنهن سبب مسلسل ڏڪارن کانپوءِ  هيل سال برسات بعد ٿيل وسڪاري ۽ گاھ کانپوءِ چوپايو مال وري به بکون مري رهيو آهي ۽ ڀاڳيا سخت پريشان آهن.
قبضيدار ڌرين دڙا.مڙها به پوکي ڇڏيا، وڻن جي وڏي پئماني تي واڍي سبب ماحولياتي خطرو وڌيويو، ٿر ۾ ڳئوچر زمينن تي قبضا ڪندڙ ڌرين پاران ڏهر زمينون پوکڻ سان گڏ واري جون ڀٽون، مڙها، پاساڙا به پوکي ڇڏيا آهن.  جنهن ڪري انهي زمينن تي بيٺل وڏي تعداد ۾ وڻن جي واڍي سرعام جاري آهي وڻن جي وڍجڻ ڪري هڪڙي پاسي چوپائي مال جو چراگاھ ختم ٿي رهيو آهي ته ٻئي پاسي ماحولياتي خطرا پيدا ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا آهن پر ٿر انتظاميا ننڍ ۾ ستل آهي. سياسي سماجي ڌريون پڻ خاموش آهن. اسلام ڪوٽ ۾ به هزارين ايڪڙ ڳئوچر زمين تي قبضا. ماڻهن وڪرو ڪرڻ سان گڏ گهر ٺاهي ڇڏيا. شهر جو مال محدود بکن ۾ پاهه ان سلسلي اسلام ڪوٽ شهر جي آسپاس سرڪاري طور ڇڏيل ڳئوچر ۽ سرڪاري زمينن تي علائقي جي بااثر ڌرين پاران زبردستي قبضا ڪري ٻنيون پوکڻ سان گڏ پلاٽنگ ڪري ڇڏي آهي جنهن تي جايون اڏڻ سان گڏ وڪرو ڪرڻ ۾ مصروف آهن. ان وقت اسلام ڪوٽ ۽ ڀرپاسي واري ڳئوچر زمين مڪمل قبضن جي گهيري ۾ اچي ويئي آهي پر انتظاميا اها زمين خالي ڪرائڻ لاءِ ڪوبه قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي. جنهن سبب شهر جي چوپايو مال جا لنگهه رستا بند ٿيڻ ڪري بکن ۾ پاهه ٿيڻ سان گڏ گهرن تائين محدود ٿي ويو آهي.
ڊپٽي ڪمشنر پاران سرڪاري زمينون پوکيندڙن خلاف ڪاروائي جو فيصلو ڪندي ليٽر روينيو ۽ پوليس کاتي ڏانهن اماڻيا ويا، زمينون پوکيندڙن ۽ وڻ وڍيندڙن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو، پاڻمرادو زميينون خالي نه ڪندڙن خلاف فوجداري قانون تحت ڪاروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، انهي سلسلي ۾ ايس ايڇ اوز کي هدايتون ڪيون ويون آهن ته جيڪڏهن سرڪاري زمينن تي قبضا ڪري ٻنيون پوکيندڙ ڪارروائي خلاف احتجاج ڪن ته انهن تي فورن ڪيس داخل ڪيا وڃن.
ياد رهي ته اسلام ڪوٽ مٺي ننگرپارڪر ڇاڇرو ڏاهلي ڏيپلو ۽ ڪلوئي تعلقن ۾ لکين ايڪڙ سرڪاري زمينن تي بااثرن قبضاڪري ٻنيون پوکي مال جا لنگھ رستا بند ڪري ڇڏيا آهن جنهن سبب وسڪاري جي موسم ۾ لکن جي تعداد ۾ چوپايو مال گهرن تائين محدود ٿي ويو آهي. انهي سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٿر پارڪر ڊاڪٽر حفيظ احمد سيال چيو آهي ته ته اگر ڪنهن به سرڪاري يا گئوچرن زمين پوکي آهي ته اهي پاڻ مرادو خالي ڪن ٻي صورت ۾ واسطيدارن خلاف روينيو ۽ فوجداري قانون موجب ڪاروائي ڪئي ويندي ۽ فصل پڻ ڀيلايا ويندا. ان سان گڏو گڏ لاڳاپيل ٿاڻي تي جوڳي ڏوهه تحت ايف آئي آر پڻ داخل ڪرائي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار ڊپٽي ڪمشنر روينيو ۽ پوليس عملدارن سان گڏجاڻي ڪندي ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته ضلعي انتظا ميا فيصلو ڪيو آهي ته گهرو کاتي سنڌ پاران ضلعي ٿرپارڪر ۾ سرڪاري يا گئوچر زمين آباد ڪرڻ ۽ وڻ جنهن ۾ روهيڙو، ڪونڀٽ ۽ ڪنڊي جي وڍڻ تي قلم ۱۴۴ سي آر پي سي هيٺ پابندي لڳائي وئي آهي. هن چيو ته اگر ڪنهن به سرڪاري يا گئوچر زمين پوکي آهي ته اهي پاڻ مرادو خالي ڪن ٻي صورت ۾ واسطيدارن خلاف روينيو ۽ فوجداري قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ فصل پڻ ڀيلايا ويندا. ان سان گڏو گڏ لاڳاپيل ٿاڻي تي جوڳي ڏوهه تحت ايف آئي آر پڻ داخل ڪرائي ويندي. وڻن جي واڍي خلاف روينيو ۽ پوليس عملدار قانوني قدم کڻن. جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو خوف پکيڙڻ ۽ ڪنهن کي هروڀرو بدنام ۽ تنگ ڪرڻ خاطر احتجاج ڪري ۽ روڊ بلاڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته انهن تي واسطيدار ايس ايڇ اوز قانوني ڪاروئي ڪن.
ڊي سي پاران ڪاروائي ڪرڻ واري فيصلي باوجود ٻه هفتا گذري ويا آهن. پر ڪٿي به ڪارروائي شروع ناهي ٿي سگهي، جنهن سبب زمينن تي قبضا برقرار آهن. قبضن سبب چوپايو مال گهرن تائين محدود ٿي ويو آهي. مال جا گس ۽ گهيڙ، رستا ۽ لنگھ سڀ بند ٿي وڃڻ ڪري مالوند مارو سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويا آهن، ڀلي وسڪاري باوجود چوپايو مال بکون ڪاٽي رهيو آهي. ضلعي انتظاميا کي گهرجي ته سموري ٿر ۾ ٿيل سرڪاري گئوچر زمينن تان فوري قبضا ختم ڪرائي، ملوث ڌرين خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.





گڊيءَ ڀٽ مٿان
نصير ميرزا
مٺي جي پُرشور شهر ۾ داخل پئي ٿياسين، جو پاسي واري ڪنهن ڀٽ وٽان، مون پنهنجي دوست موهن ڀڳت جو آواز ڪنايو...”اندر اوهان لاءِ اُڃو ڙي اُڃو لا- مُنهنجو ڙي ليک لڪن سان...“ هاڻي مٺيءَ جي بازار ڏانهن مون نگاهه کنئي، ٿري کيس، گج، پڙن ۽ ڀرت ڀريل ڪپڙن سان گڏ، دڪانن جي ٻاهران رنگا رنگي ڪڪڙين جهڙا ”هٿ پکا“ ٽنگيل نظر آيا، ۽ مون تصور ڪيو ته، اهڙا پکا جهُلائي پڪ سان هي گيت ...“سهڻا تون نه وڃ لاڙ پکو مان جهليندي سانءِ...“ ٿري نينگريءَ ئي سرجيو هوندو. آئون ڪيترا ورهيه اڳ به ته هن ديار ۾ آيو هئس، جڏهن ڏُڪر هئو ۽ هر طرف ڀٽن تي جانورن جا ڍانچا ٽڙيا پکڙيا پيا هُئا، ماڻهو ملول هئا ۽ واري ويڳاڻي ويڳاڻي.! هاڻي واهوندا واريءَ تي وريا آهن ته ڄڻ هر پاسي کان آواز پئي آيا...”بوند برهه جي بهار لڳي...درد ونديءَ جو ديس وسي پيو..“ پر درد ونديءَ جي ديس جي گهٽيءَ گهٽي ۾ گهمندڙ، هي ماڻهو ڀلا ڪير؟ ٻڌايائون ته، گهڻا لوهاڻا آهن، پوءِ به ٻيا ڪولهي، ڀيل، ميگهواڙ، سُوٽهڙ، بجير، شيخ، ميمڻ ۽ مڱڻهار وغيره. مٺيءَ جي هڪ گيسٽ هائوس ۾ سامان رکي ننگر لاءِ روانا ٿياسين ته رستي ۾ ڇا ڇا ته سرسبز آباديون اينديون ويون...اسلام ڪوٽ، ڀالوا، ميمڻن جو تڙ، ڏانو ڌانڌل ۽ هنڌ هنڌ تي سياحن لاءِ برابر ته موٽيل، زيزارٽ ۽ گيسٽ هائوس موجود، پر ناموجود ته سُٺا صحت گهر ۽ اسڪول...ناموجود!
اسلام ڪوٽ ۾ گاڏيءَ مان پير ٻاهر رکيوسين ته ڪنهن چيو، خبردار، هوشيار ٿر جي ساري تر جي هيٺان بليڪ گولڊ پوريو پيو اٿوَ يا هيرن جواهرن جون کاڻيون...ڀالوا پهتاسين ته مارئي جي کوهه تي ماڻهن جا انبوهه هُئا، جنهن جي ڀرسان بيهي نوجوان ائين پنهنجي سيلفي ٺاهي رهيا هُئا، ڄڻ، کوهه نه، مارئي پاڻ اتي بيٺي هجي. کوهه واري احاطي جي چوڌاري ديوار ۽ پاسي کان ميوزم جو ڪمرو هو، جنهن ۾ اندر داخل ٿيڻ لاءِ، ٽڪيٽ جو مُلهه ويهه روپيا هو ۽ اندر زمين تي هڪ پاسي، عمر بادشاهه جو اسٽيچو، ته ٻئي پاسي مارئي جي صورت هُئي...ماڻهو انهن جي ڪلهن تي هٿ رکي ڌڙا ڌڙ سيلفيون ٺاهي رهيا هُئا، ۽ پس منظر ۾ فوزيه سومرو جو آواز گونجي رهيو هو... اَلي، اَلي مُنهنجا ماروئڙا...مُنهنجا ڏوٿيئڙا...مُنهنجا سانگيئڙا...“ ٻاهر مارئي واري کوهه جي ورت ڇڪيندڙ کان پڇيم، ڀالوا ۾ ماروئڙا، نياڻين تي ”مارئي“ جو نالو رکن؟“ وراڻايائين ها!..پر پُٽن تي ”عمر“ نالو اصل ئي ڪين رکن. ڏاني ڌانڌل ڏانهن ويندي مون ٿر جا اڳوڻا ڪيڪڙا به ته شدت سان ياد ڪيا، جن تي ٽيهارو کن ورهيه اڳ سوار ٿي ۹ ڪلاڪن ۾ نئون ڪوٽ کان ننگر پهتا هئاسين. ٻي جنگِ عظيم واريون اُهي ڪيڪڙا هاڻي ڪٿي نالي ماتر به مون کي نظر نه آيا. اهو به اهڙو ئي ته ڪو ڪيڪڙو هو، جنهن تي ۱۹۶۷ع ڌاري سوار ٿي مولانا ”گرامي صاحب“ تاريخِ ريگستان جو مصنف راءِ چند هريجن، شيخ محمد اسماعيل، ممتاز مرزا، ناشاد، خواجه امداد علي ۽ غلام حسين شيخ ڀالواءِ ۾ ”مارئي ميلي“ ۾ پهتا هئا ۽ اُتان علڻ فقير، مراد فقير ۽ مائي ڀاڳيءَ جهڙا املهه فنڪار  هٿ ڪري آيا هُئا. هاڻي اهڙي ئي مهم تي اسين به ٿر پهتا هُئاسين. ريڊيو پاڪستان جو ڊائريڪٽر پروگرامز خورشيد احمد ملڪ صاحب، جيڪو خواجه غلام فريد جي ديس جو ۽ سرائيڪي اسپيڪنگ هئو، جيڪو وک وک تي خواجه صاحب جي ڪافين جا مکڙا جهونگاري رهيو هو...”سانول ميگهه ملهاران...“ ان سان گڏ ٻيو همسفر مشهور غزل ”تون منهنجو صنم آهين“ جو خالق ڪوثر ٻرڙو، ڊائريڪٽر ريڊيو حيدرآباد محمد علي ٻانڀڻ، عرفان علي انصاري...هاڻي واٽ ۾ ايندڙ گوڙي مندر جي ياترا لاءِ اندر گهڙياسين ته ورانڊي ۾ ڪي فقير ڳائي رهيا هُئا...”ساٿي ڙي سڏ ڪندي ويا...“ مندر جي حالت خسته، ۽ ديوارون زبون، اندر اونداهه، جنهن جي هڪ غار نمان ڪمري ۾ شُوِ مهراج، پاروتي ۽ گڻيش جون تصويرون ديوار تي آويزان ۽ ٻاهر مٿي تي پيلو رومال ڌري ڪو ٻائو گيتا جو پاٺ ڪري رهيو، جنهن آڏو ڏيئو روشن رکيل هو. تڏهن مون کي امداد حسينيءَ جي هيءَ سٽ ياد پيئي: ”ڏيئو آ اونداهه جو گهاءُ!“ احاطي اندر تپسيا لاءِ، ڀرسان ڪوٺڙيون ڪوٺڙيون هيون، ۽ مون انهن ۾ جهاتي پاتي ته ڇت ۾ سوين چمڙا اونڌا لٽڪيل نظر آيا. شايد اها اُنهن جي تپسيا هُئي!
رستي ۾ رڻ  ڪڇ به آيو ۽ ڪارونجهر جي ڪڇ ۾ ڀوڏيسر واري ۱۵۰۵ع ۾ تعمير ٿيل مسجد به آئي، جيڪا مون ۱۹۹۰ع ۾ جڏهن اها ڏٺي هُئي ته بهتر حالت ۾ هئي، پر هاڻي مڪمل زبون حال- سامهون مهاوير جي دور جا مينار ته پريان کان ائين پئي لڳا، ڄڻ زمين تي ٻه تاج محل رکيا هجن. بيشڪ، ان ديار ۾ مور مون کي نظر نه آيا، پر ٿر جا ٻارڙا مون کي مور جي پرن وانگر ضرور لڳا، جيڪي الائي ته ڇو پنندا نظر آيا. هاڻي ننگر ڏانهن ويندي ڪاسبي وارو نابين ڳائڪ يوسف فقير به ته مون کي ياد پيو، جنهن کي مون ”حنا“ فلم جي اکين سڄي موسيقار رويندر جين جو نالو ڏنو هو، جنهن جي هڪ مشهور طرز هئي، ”سُن صاحبه سُن، پيار ڪي ڌُن“...هاڻي ڪارونجهر تي نظر پوندي ئي مون روپلي ڪولهيءَ کي سلام ڪيو ۽ سندس بابت شيخ اياز جي هيءَ سٽ چپن ۾ دهرايم: ”گونجار ڪندي جا مون کان پوءِ، تنهن جندڙيءَ جون مان جهرڻو هان“...روپلي کي ياد ڪندي ڪندي ڪارونجهر جبل جي هيٺان ڏٺم، ڪيئي ڪولهي زمين تي ويٺا هئا ۽ اڳيان ٿر جون جڙيون ٻوٽيون رکيو ويٺا هُئا ۽ هوڪا ڏيئي رهيا هُئا...ٿورو اڳيان وڌيس ته ساڙ ڌري ڌام وارو چشمو هو...خبر پيئي سرڳ ۾ جاءِ ماڻڻ لاءِ هتان جا هندو سيٺ پنهنجون هاٺيون ۽ کوپڙيون هن چشمي ۾ پُرواهه ڪرائڻ جون وصيتون ڪندا آهن. اُتي ڏٺم تلڪ پاتل ڪا هندو بزرگ خاتون پاڻي مان لوٽا ڀري پنهنجي سينڌ جو سنڌور ٻارن جي مٿن تي نائيندي پئي وئي.

اجهو سج لهي چُڪو ۽ چنڊ چڙهيو ته اسين سڀ مٺيءَ جي اوچي ”گڊي ڀٽ“ تائين پهچي ويا هئاسين. اڙي واهه! اتي به موج ميلو لڳو پيو هو ۽ گڊيءَ جي پويان مٺيءَ جو شهر ائين روشن، ڄڻ قمقمن سان منور ڪو شادي هال هُجي. هر طرف هوٽلون ۽ انهن تي ماڻهن جي پيهه ڏسي ڀاسيم...آئون لاهور واري ”فوڊ اسٽريٽ“ ۾ پهچي چُڪو آهيان. ڪُنڊ سان نو تعمير امر جڳديش ملاڻي ٽاور هئو، جنهن ۾ اندر ڪيترا ڪاريگر گهڙيال فٽ ڪرڻ جي ڪم ۾ مصروف نظر آيا. هاڻي مون آسمان ڏانهن ڏٺو، منڊل مٿان چوڏهينءَ جو چنڊ چمڪي رهيو هو. تڏهن بيڪ گرائونڊ ۾ نظر ايندڙ ان چنڊ آڏو بيهي اسان هڪ يادگار گروپ فوٽُو به ڪڍرايو ۽ ان کي پوءِ آٽوميٽڪ ڪئميرا جي اسڪرين تي ٻين وانگر جڏهن مون به ڏٺو ته، اداس ٿي سوچيو...کڻي اسان مان هر هڪ جي ڄمار ڪيتري به وڏي ڇو نه ٿئي، ان جي باوجود هي سارا مسافر سياح بالآخر، هن ئي صدي ۾ ڪوچ ڪري ويندا، پر هن گڊيءَ جي مٿان، چوڏهينءَ جو هي جيڪو چنڊ چمڪي پيو، پوءِ به چمڪندو ۽ سدائين چمڪندو ئي رهندو.

1 comment:

  1. قرض! قرض !! قرض !!!
    ڇا توهان هڪ قابل معزز ۽ قابل قبول نجي قرض ڪمپني جي ڳولها آهي جنهن کي زندگي گذارڻ جي موقعي لاء قرض مهيا ڪري ٿي. اسان سڀني قسمن جي قرضن کي تمام تيز ۽ آسان رستو ۾، ذاتي قرض، ڪار قرض، گروي قرض، طالب علم قرضن، ڪاروبار قرض، سيڙپڪاري قرض، قرض جي استحڪام ۽ گهڻو ڪجهه ڪري رهيا آهيو. ڇا توهان بينڪن ۽ ٻين مالي ادارن طرفان رد ڪيو ويو آهي؟ ڇا توهان کي هڪ گهربل قرض يا گروي رکڻ جي ضرورت آهي؟ وڌيڪ نه ڏسڻ ۾ ايندي آهي جيئن اسان هتي آهيون توهان جي سڀني مالي مسئلن کي ماضي جي ڪا شيء ٺاهڻ لاء. اسان انهن ماڻهن ۽ ڪمپنين جي فنڊ کي قرض ڏيو جيڪي 2 سيڪڙو جي شرح تي مالي مدد گهرجي. ڪوبه سماجي سيڪيورٽي نمبر گهربل آهي ۽ ڪو ڪريڊٽ جي چيڪ گهري، 100٪ ضمانت. آئون توهان کي انهي وچ ۾ استعمال ڪرڻ لاء انهي کي استعمال ڪرڻ چاهيندا آهيون ته اسان کي اعتماد ۽ حمايت واري مدد مهيا ڪنداسين ۽ اسان توهان کي قرض پيش ڪرڻ جي خوشي ٿي ويندي.
    پوء اسان کي هڪ اي ميل موڪليو: (amandaafredoloan42@gmail.com) قرض لاء درخواست ڏيڻ.

    ReplyDelete