Sunday, December 16, 2018

اٺ ڏينهن آذر بائيجان ۾ - ڊاڪٽر نواز علي شوق


اٺ ڏينهن آذر بائيجان ۾
ڊاڪٽر نواز علي شوق
ننڍڙي لاءِ قصن ۾ ٻڌندا هئاسون ته آذربائيجان نالي هڪ ملڪ آهي، جتي ڪوهه ڪاف آهي. ان جبل تي پريون رهن ٿيون. جيئن جنت جي حورن لاءِ طرح طرح جا تصور پيدا ٿيندا هئا، تيئن ڪوهه ڪاف ۽ اتان جي پرين متعلق به عجيب و غريب خيال دل ۾ اڀري ايندا هئا. تصوراتي دنيا جون رنگينيون به عجيب هونديون آهن. جڏهن ادبي دنيا ۾ آيس ۽ شاهه لطيف جو رسالو پڙهيم ته سُر ڪوهياري ۾ شاهه صاحب ڏونگر کي مخاطب ٿي، ان کي ڪاف (قاف) جي تاريخي نالي سان مخاطب ٿي فرمايو آهي: