Wednesday, June 28, 2017

موبائل فون فوبيه ۽ ان جا معاشري تي اثر- عبدالله مورائي

موبائل فون فوبيه ۽ ان جا معاشري تي اثر
عبدالله مورائي      
ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اڄڪلهه جي دنيا ۾ موبائل فون رابطي جو تڪڙو ذريعو آهي، نه صرف رابطو پر هتي اولهه ۾ ته موبائل فون بئنڪ به آهي ته وري اخبار به، ڪئميرا به ته تفريح پڻ؛ رستو ڳولهڻ جو ذريعو به ته مٿان وري موسيقي ٻڌڻ جو اوزار پڻ. ٻيون به الائي ڪيتريون شيون آهن جيڪي اڄڪلهه ماڻهو موبائل فون ذريعي ڪري ٿو، پر چوندا آهن ته هر شيءِ جي هڪ حد هوندي آهي ۽ جيڪڏهن ماڻهو اها حد پار ڪري ته پوءِ اها شيءِ عام رواجي نٿي رهي ۽ ان جا نتيجا ظاهر ٿيڻ شروع ٿين ٿا، جيڪي ڪنهن بيماريءَ جي شڪل به اختيار ڪري سگهن ٿا.

Tuesday, June 27, 2017

سمبارا جي ديس ۾ - نصير مرزا

سمبارا جي ديس ۾
نصير مرزا
ڄاڻان ٿو ته نه منهنجي هٿ ۾ سفر جي لڪير، نه پير کڙي ۾ گهمن گهيري جي ڪا سِير، پوءِ به موهن جي دڙي بابت انڊس سولائيزيشن ڪانفرنس ۾ شرڪت جو سڏ جو مليو ته ٽپ ڏيئي چڙهي ويهي رهيس لاريءَ ۾. جنهن ڪوچ تي آئون سوار، ان جو سالار عزيزم اظهار سومرو ۽ ساڻ همسفر تاج جويو، پيارو نفيس احمد شيخ ناشاد، شوڪت حسين شورو، ادي نذير ناز، نسرين الطاف، حافظ احمد دين انڍڙ، احساس ميرل ۽ ڪي نظاماڻي نوجوان عمران، منتظر ۽ شهزاد....هونئن حيدرآباد عجائب گهر کان لاڙڪاڻي تائين وايا شاهراهه انڊس ۽ باءِ پاس هي سفر ڇا ته خوشگار...اڙي بابا! تاج جويي جي پَٽ پَٽ ۽ فونن تي هي ڏسو ته ميهڙ ۾ آزاد انور ڪانڌڙو اتان جو گرم گرم لذيذ ۽ خوشبودار مائو کنيو بيٺو بس اسٽاپ تي- ڪوچ خيرپور ناٿن شاهه پهتي ته اڙي واهه....اتي وري بيهن جي ڀرڪڻن پڪوڙن جا پڙا کنيو ٻيو ادب دوست منتظر بيٺو هو. کاڌ پيت جي اهڙي ڪرت دوران ڀرسان ويٺل ناشاد صاحب اطلاع فراهم ٿو ڪري....”هن ڪانفرنس کان اڳي ڀُٽي صاحب 1973ع ڌاري موهن جو دڙي تي جيڪو انٽرنيشنل سمپوزيم سڏايو هو، ان وقت جا سارا مندوب دنيا مان هاڻي موڪلائي چڪا آهن، سواءِ مون ناچيز ناشاد ۽ سائين حاڪم علي شاهه بخاريءَ جي.“ اڙي واهه...ميهڙ مان روانو ٿئي ڪو ڪلاڪڙو سوا مس گذريو هوندو، جو لاڙڪاڻي شهر ۾ اسين داخل ٿي وياسين. يا الله!! هي ايڏو برباد شهر...بينظير صاحبه ۽ ڀٽي صاحب جو شهر پر جهڙو کنڊر!!

برمودا ٻيٽ گهمڻ لاءِ ڪيئن رهندو - الطاف شيخ

برمودا ٻيٽ گهمڻ لاءِ ڪيئن رهندو
الطاف شيخ
برمودا ٻيٽ تي پهچڻ لاءِ ڏکيائي پنهنجي جاءِ تي، برمودا سان وابسته جل پرين ۽ جهاز غائب ٿيڻ جون ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي پر موسم ۽ آرام جي زندگي گذارڻ لاءِ هن ٻيٽ جي ڇا تعريف ڪجي! ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جتي به انگريزن پنهنجو هٿ رکيو اهو ٻيٽ دنيا ۾ اعليٰ ٿي ويو ... . پوءِ اهو چاهي ممبئي هجي، هانگ ڪانگ هجي يا سنگاپور ۽ پينانگ. مون جهڙا پوڙها جن 1950ع يا 1960ع واري ڏهاڪي تائين به جيڪڏهن ڪراچي جو صدر وارو علائقو ڏٺو هوندو ته انهن کي برمودا ٻيٽ جو هُڳاءُ محسوس ٿي سگهي ٿو. جتي جتي انگريز رهيا آهن اتي هنن رهائش جو پنهنجو اسٽائيل رکيو آهي ... . دڪان، هوٽلون، جيم خانه، ريلوي اسٽيشنون، عمارتن جو آرڪيٽيڪچر ... . ممباسا، زنجبار، ڪولمبو وغيره مون کي هميشه انگلنڊ جا شهر ۽ انهن جو ماحول ياد ڏياريندا هئا. هاڻ مٿين ٻيٽن ۽ شهرن مان جيتوڻيڪ آهستي آهستي ٿي اها ڳالهه نڪري چڪي آهي پر برمودا ۽ ٻئي نمبر تي ٽرنيڊاڊ ۽ ٽباگو اهڙا ٻيٽ آهن جن مان اڄ به انگريز ڪالونيل ڪلچر جي سڳنڌ اچي ٿي.