Sunday, July 31, 2022

پاڪستان جي خوبصورت ۽ تفريحي ماڳن جو سير

پاڪستان جي خوبصورت ۽ تفريحي ماڳن جو سير

ميوارام نجار

 


نگرپارڪر جو سير

(نگرپارڪر ايندڙ سياح ڪهڙي رستي سفر ڪن ۽ هن سفر ۾ ٻيا ڪهڙا ماڳ گهمن.)

اسان جو ملڪ پاڪستان قدرت جي حسين سنگم سان مالا مال آهي جنهن ۾ معدنيات کان علاوه ڪيتريون ئي خوبصورت واديون سياحن لاءِ پڻ منتظر آهن. سو هن ملڪ جي ڪجھ حسين خوبصورت وادين جو جڏهن مون سير ڪيو ته منهنجي دل کان انهن جو احوال لکڻ رهجي نه سگهيو سو انهن وادين جي اهميت، روڊ رستا، سفر، جاگرافي بيهڪ، رهڻي ڪهڻي، آبادي وغيرہ بابت معلومات هاڻي روزاني هلال پاڪستان ڪراچي ۾ قسط وار شايع ٿيندو.

Saturday, July 30, 2022

ڪجهه احساس، جذبا، سوچون ۽ مشاهدا - مٺل جسڪاڻي

ڪجهه احساس، جذبا، سوچون ۽ مشاهدا...

مٺل جسڪاڻي



علم پرائڻ ۽ پيٽ گذر جي لاءِ جتي ۽ جيستائين به وڃي سگهجي، وڃي نڪرجي. واندڪائيءَ ۾ گهمڻ ڦرڻ سان پڻ مشاهدن مان پرائبو آهي، مستقبل جي رٿابندي ڪرڻ ۾ سولائي ٿيندي آهي، زندگيءَ جي ڪنهن به موڙ تي، ڪيڏانهن نڪرڻ ڏکيو نه لڳندو آهي. ان ڪري، خاص طور تي، ننڍي عمر وارن کي پهرين ترجيح تعليم پرائڻ، ٻي ترجيح جهڙو به، جيڪو به، جتي به روزگار ملي، اهو ماڻي، ٻئي بهتر روزگار جي جستجو جاري رکڻ گهرجي. جيڪو وقت بچت ٿي ملي، اهو پهچ آهر، ويجهو ويجهو يا پري پري، گهمڻ ڦرڻ نڪري وڃجي.

Wednesday, July 27, 2022

ٽنڊوڄام کان ڪوئيٽا - مٺل جسڪاڻي

ٽنڊوڄام کان ڪوئيٽا

روبرو ڏسڻ، پسڻ، سمجهڻ جي ڪوشش

مٺل جسڪاڻي



ٽنڊوڄام کان مٽياري، اتان پوءِ مُک شاھراھ (نيشنل ھاءِ وي) سان سکر مان شڪارپور کان ٿيندا، ڪوئيٽا تائين جو سفر صبح سوائين پنجين وڳي شروع ٿي، شام ستين وڳي مقرر ماڳ رَسيُس. جمعو ۲۲ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي ڏينھن ڏينھن جو سفر ھو. اکيون کليل ھيون. ھونئن ته برسات جي موسم ھجڻ سبب برساتيون اڳ ۾ به وسيل ھيون، پر سفر دوران به ڪٿان برسات پھچڻ جي آثارن ۾ اڳتي وڌياسين، ڪٿي برسات چند گهڙيون اڳ وسي بيٺي ھئي ته گذرياسين، سعيد آباد کان شايد ڪنڊيارو تائين وسندي برسات ۾ سفر ڪيوسين. ھي ٻه اکر لکڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ راءِ جُڙِي ته منٿ ڪريان:

Tuesday, July 26, 2022

سئيڊن ۾ تجربي هيٺ آيل ڪجهه شيون - عبدالله عثمان مورائي

سئيڊن ۾ تجربي هيٺ آيل ڪجهه شيون

عبدالله عثمان مورائي



سئيڊش ٻوليءَ ۾ نانگ کي اورم چوندا آهن، اسٽاڪ هوم جو هڪ علائقو آهي اورمنگي ۽ اهو علائقو نانگن جي ڪري ئي مشهور آهي، جيئن ئي ان علائقي ۾ وڃبو ته روڊ جي پهرئين رائونڊ ابائوٽ تي فن تعمير، علائقي جي نسبت ۽ آرٽ کي ذهن ۾ رکي مختلف رنگن جي ٽن نانگن جون منڍيون ٺهيل آهن، جنهن سان خبر پوندي ته هاڻي اسان ان نانگن واري علائقي ۾ آهيون. منهنجو اتي هڪ نئين تعمير ٿيندڙ پروجيڪٽ تي گرائونڊ واٽر جي سلسلي ۾ مهيني ۾ ٻه ٽي دفعا وڃڻ ٿيندو آهي. هڪ دفعي منهنجي هڪ فرينچ ڪليگ رڙ ڪري چيو ته هتي نانگ اٿئي خيال ڪجانءِ. اسان جيترو وقت به اتي هئاسين اهو نانگ اسان کان ٻه ٽي ميٽر پري اتي ئي ويٺو رهيو، نه هن اسان کي تنگ ڪيو ۽ نه ئي اسان وري ان کي ڇيڙيو. مون کي ياد آهي ته اسان جڏهن سنڌ ۾ واٽر مئنيجمينٽ ۾ هئاسين ته ڪافي دفعا اهو تجربو ٿيو جو تمام خطرناڪ نانگ آس پاس موجود هوندا هئا، يا وري صبح جو جڏهن فيلڊ ۾ ويندا هئاسين ته اتي خبر پوندي هئي ته واٽر ڪورس جي کاٽي يا سڌائي ڪرڻ دوران خطرناڪ نانگ ظاهر ٿيا جن کي مزدورن يا هارين اتي جواتي ماري ڇڏيو. هتي سئيڊن ۾ نانگ ضرور آهن پر خطرناڪ ناهن. يورپ ۾ آئرلينڊ وري اهڙو ملڪ آهي جتي نانگ بنهه ڪونه ٿين.

Monday, July 11, 2022

باڪو جي سفر جون ساروڻيون - ڊاڪٽر فياض لطيف

باڪو جي سفر جون ساروڻيون

باڪو جا پُربهار سَت ڏينهن ۽ راتيون

ڊاڪٽر فياض لطيف



تاريخ ۶ اپريل ۲۰۲۲ع تي رات جو ڏهين بجي ڌاري پياري دوست جامي چانڊيي فون ڪري چيو ته، ’فياض! تياري ڪر، پاڻ ٻن ٽن ڏينهن ۾ آذربائيجان پيا هلون‘.

پُڇيم ٻي سنگت ڪهڙي هلندي؟

چيائين، ’تون، مان، مرتضى سيال ۽ ڊاڪٽر علم الدين انصاري. مون ٻنهي دوستن سان ڳالهائي ڇڏيو آهي، هو تيار آهن. بس تون ها ڪر ته، پروگرام کي حتمي شڪل ڏيون‘.

وڌيڪ ٻڌايائين ته، ڪنهن ٽريول ايجنٽ دوست باڪو لاءِ ستن ڏينهن جو بهترين ۽ سستو پيڪيج موڪليو آهي، انهيءَ ڪري پاڻ چارئي دوست گڏجي هلي باڪو گهمي ٿا اچون.

منهنجا ڪجهه دوست باڪو ياترا ڪري آيا هئا، ۽ انهن موٽي اچي باڪو جون اهڙيون تعريفون ڪيون هيون، جو ان کي ڏسڻ جو اشتياق ٿي پيو هو.

مون جامي سان بنا ڪنهن سوچ ويچار جي، هلڻ لاءِ ها ڪئي.