Monday, January 31, 2022

گاجي شاهه جي ميلي جو سربستو احوال - محمد خالد ميمڻ

گاجي شاهه جي ميلي جو سربستو احوال!

محمد خالد ميمڻ



گذريل ڇنڇر واري ڏينهن دوستن ممتاز کوسو، استاد غلام مرتضيٰ ڦل، ماجد علي ميمڻ ۽ ڊرائيور وقار ڪوري سان گڏ جنن جي بادشاهه طور مشهور گاجي شاه جو ميلو گهمڻ جو پروگرام ٺھيو. ڦل شھر مان منجنهد جو ٽين وڳي نڪتاسين. نڪرڻ کان اڳ سگا ڪاڇو شاخ جي جنرل سيڪريٽري پياري دوست غياث الدين شاهاڻي، جيڪو دادو ۾ رهندو آھي، ان کي به پاڻ سان گڏ ميلي تي وٺي وڃڻ واسطي تيار رهڻ لاءِ چيم. دادو پهچي، غياث الدين شاهاڻي کي گڏ کڻي، گاجي شاهه جي ميلي تي نڪري پياسين. رستي تي جوهي شھر جيڪو تعلقي هيڊڪوارٽر آھي، اتي شام جي چانھ هڪ هوٽل تي پيتيسين. جوهي تائين روڊ ڀلو هو. پر جڏهن اڳتي هلياسين ته روڊ جيڪو مان ٻه سال اڳ، گاجي شاهه جي ميلي تي ويو هيس ته صحيح هو، پر هن دفعي ڏٺم ته صفا خراب لڳو. تنھن تي غياث الدين شاهاڻي ٻڌايو ته؛ گذريل سال جيڪا برساتن سبب ٻوڏ آئي هئي ۽ پاڻيءَ جي سخت دٻاءَ سبب ايف پي بند ڀَڳو هيو ته ان پاڻيءَ جي ڪري روڊ هنڌان هنڌان ٽُٽي ويو آھي. روڊ جو هڪ پاسو، صفا کاڄي ويو هو. جنهن جي ڪري ميلي جي زائرين کي تمام گهڻي تڪليف سان منهن ڏيڻو پيو آهي. هن ميلي تي ڪارن، بسن، رڪشن کان سواءِ موٽرسائيڪلن تي زائرين وڏي تعداد ۾ ويندا آھن.