Friday, December 24, 2021

سفرناما مصوريون هوندا آهن - پروفيسر عبدالله ملاح

سفرناما مصوريون هوندا آهن

پروفيسر عبدالله ملاح



سفرناما گردِ سفر جي صورت ۽ مسافرن جي دِل، دماغ ۽ اکين جي ڏِٺل محسوس ڪيل، تجربن، مشاهدن، منظرن جي هاڪاري ناڪاري رُخن کان واقف ڪرڻ جا داستانِ حيات هوندا آهن. مسافرن جي دِلي ڪيفيتن ذوقِ سفر جي جذبي ۽ منزل مسافر جي واٽن جي حُسن ۽ حقيقتن جي سنگم مان تخليق ٿيل زندگي ناما آهن. سفر ناما پنڌ ۽ پيرن جي اُڏامندڙ ڌوڙ، پگھر ۽ منزلن جي مسافرن مٿان اُڀرندڙ چنڊن، چانڊوڪين، ستارن جي نور جون اکرن سان، مصوريون ۽ بُت تراشيون هوندا آهن. سفرناما منزل جي سمورن گَسن، پنڌن پھڻن، پٿرن، منظرن ماڻھن صبح شام جي سحرن، زھرن، ڪنڊن گُلن، خزائن، بھارن، هجر و فراق جي احساسن، جذبن، مشاھدن ۽ تجربن جي رنگن سان چٽيل صورت گريون هوندا آهن. منزل ڀلي ساڳي هجي، ماڳ مڪان ساڳيا هجن، مندون موسمون به ساڳيون هجن، ملندڙ ماڻھو به ڀلي ساڳيا هُجن، پر هر مسافر اُنھن ماڳ مڪانن ۽ گسن پنڌن جي رُخن جي صورت گري پنھنجي تمنا ۽ آرزو موجب ڪندو.

Friday, December 17, 2021

استور ۽ اسڪردو جي ماٿرين ۾ - خادم رند

استور ۽ اسڪردو جي ماٿرين ۾

خادم رند



آگسٽ ۲۰۱۹ع ۾ گلگت ۽ ھنزه واري يادگار ۽ حسين ٽوئر جون يادون اڃان ذهنن ۾ تازيون ھيون ته ۲۰۲۰ع جي آگسٽ مھيني ۾ دلبر دوست مجيد منگي ۽ مان ھڪ دفعو ٻيھر گلگت بلتستان جي دلڪش جابلو ماٿرين ڏانھن وڃڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيٺاسين. گذريل ڀيري اسان گلگت ۽ ھنزه سان گڏ پاڪستاني ڪشمير جا ڪجھ علائقا گهمي ڏٺا ھئا پر ھن ڀيري اسان جي خواھش ھئي ته گلگت بلتستان جو ڪو ٻيو پاسو ڏسجي. مجيد ۽ مان پنھنجي پنھنجي منھن سان انٽرنيٽ تي ٽوئرسٽ ڪمپنين جا گلگت بلتستان بابت مختلف پيڪيجز جاچيندا رھياسين. آخر استور ۽ اسڪردو جي ۱۲ ڏينھن واري ھڪ ٽوئر پيڪيج تي متفق ٿي ڪمپني وارن سان معاملو طئي ڪري ٽوئرازم جي مروج قاعدن ۽ ضابطن موجب اڌ رقم کين ڪمپني جي بينڪ اڪائونٽ وسيلي موڪلي ڇڏيسين. ٽوئر جي شروعات ۱۲ آگسٽ تي صبح جو سوير اسلام آباد مان ٿيڻي ھئي، ان ڪري مان ۱۰ تاريخ تي منجهند جو قمبر مان لاڙڪاڻي لاءِ نڪتس. جتان اڍائي وڳي ڪوچ ذريعي راولپنڊي لاءِ نڪرڻو ھو. جڏھن ته مجيد ۽ ان جي ٻن دوستن ۱۱ آگسٽ تي شام جو ڪراچي کان اسلام آباد جھاز وسيلي پهچڻ جو پروگرام ٺاھيو ته جيئن ڊگهي ۽ ٿڪائيندڙ سفر کان بچي سگهجي.

هُو ته هليا هنگلاج - رکيل مورائي

هُو ته هليا هنگلاج

رکيل مورائي



انساني خواب ڪڏهن ڪڏهن ساڀيان ماڻڻ ۾ چڱو ئي وقت وٺندا آهن. ادب سان جڙڻ واري شروعاتي عمر ۾ جڏهن شاهه سائينءَ کي پڙهڻ جو موقعو مليو هُئو، (جڏهن ته ٻڌڻ جو موقعو اڳ مليو هو) تڏهن کان سُر رامڪليءَ ۾ جيڪو هنگلاج، ۽ ناني ماتا جو ذڪر هُئو ۽ اڄ به آهي، ان جي پراسراريت، مون لاءِ اڄ به ساڳي آهي، جيڪا ڀٽائي سائينءَ جي دور ۾ هئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان دور ۾ هنگلاج ياترا تي وڃڻ ايترو سولو نه هُئو، جيترو اڄ جي سائنسي ايجادن آسان بڻايو آهي. اڄ به ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ هنگلاج جي سفر لاءِ توڻي لاهوت لامڪان وڃڻ لاءِ جيڪي سفري ڏکيائيون پيش اينديون هيون اهي ذهن تي اچن ٿيون ته ماڻهو خوف ۾ وٺجيو وڃي. پوءِ به اهو تاريخ جو سچ آهي ته سائنسي ايجادن جي حيرت انگيزي پنهنجي جاءِ تي، هنگلاج يا ٻين اهڙن اسٿانن جي پراسراريت جي محسوسات ٻي آهي. ايئن لاهوت لامڪان جو سفر پنهنجي نجي اهميت رکي ٿو.

Friday, October 29, 2021

افغانستان ڪو جهنگل يا رڻ پٽ ناهي - الطاف شيخ

افغانستان ڪو جهنگل يا رڻ پٽ ناهي

الطاف شيخ



يارو پنھنجو پاڻ ۾ ويٺا آهيون. آمريڪا يا ٻين قبضاگير طاقتن، جن جن ملڪن تي حملو ڪري انهن کي پنھنجي قبضي ۾ ڪيو، ان جي ستياناس ڪري ڇڏي. ظاهري طرح ته اهو ئي واعظ ڪندا رهيا ته اسان هن ملڪ کي سڌارڻ ٿا چاهيون، کين جمھوريت ٿا سيکاريون، امن امان ٿا قائم ڪريون... وغيره وغيره، پر ايئن ٿيو ناهي. چند من پسند ماڻهن، موقع پرست اشرافيا کي ضرور فائدو پھچايو ويو، باقي ملڪ ۽ قوم کي نه رڳو برباد ڪيو ويو پر اتي جي ماڻهن کي هڪ ٻئي سان اهڙو لڳايو ويو جو قبضا گيرن جي وڃڻ بعد به هنن جي من جي مراد پوري ٿيندي رهي ۽ مڪاني ماڻهو مختلف ڌڙن ۾ ورهائجي هڪ ٻئي جا ڄنڊا پٽيندا رهيا.

Tuesday, October 19, 2021

وڍَ ڏانهن ويندَي - گل حسن ڪلمتي

وڍَ ڏانهن ويندَي

گل حسن ڪلمتي



بلوچستان جي حقن لاءِ بلوچ قومپرستيءَ جي نظريي هيٺ جدوجهد ڪندڙ ماڻهن جو آخري ستون سردار عطاءُ الله مينگل به ۴ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع تي ڪراچيءَ ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. سندس تدفين تعلقي وڍ، ضلعي خضدار جي علائقي لوهي ۾ سندس وصيت مطابق هڪ ويراني ۾ ڪئي وئي.

مير غوث بخس بزنجو، نواب خيربخش مري ۽ سردار عطاءَ الله مينگل، بلوچستان جي حقن لاءِ ٿيندڙ جدوجهد ۾ ”ٽرائيڪا“ طور مشهور هئا. انهن کان سواءِ نواب اڪبر بگٽي ۽ مري علائقي جي شير محمد مري المعروف جنرل شيروف به بلوچستان جي حقن جي حاصلات لاءِ سرواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو. هاڻي، گهڻي عرصي کان بلوچستان جي قومي سياست نوجوانن جي هٿن ۾ آهي.

Thursday, September 23, 2021

دبئي جو سير - عبدالله مورائي

دبئي جو سير

عبدالله مورائي



جنوري ۲۰۲۰ع ۾ موري کان اسٽاڪهولم واپس وڃڻو هو. هن دفعي پنهنجي پياري ۽ ننڍي هوندي جي دوست محمد معروف چانڊئي سان دبئي ۾ ڪجهه ڏينهن گڏجي گهمڻ ڦرڻ ۽ ملڻ جو پروگرام رٿيل هو. دبئي سان منهنجي پهرين سڃاڻپ ننڍي هوندي ئي بابا جي دوست سائين محمد رمضان ميمڻ جي معرفت ٿيل هئي، جيڪو ان وقت دبئي ۾ اصيل صافي ڪمپني ۾ نوڪري ڪندو هو. اسان جڏهن ننڍا هوندا هئاسين ته هو جڏهن به موڪلن ۾ ڳوٺ موري ايندو هو ته بابا هُن جي دعوت ڪندو هو ۽ ان دعوت ۾ چاچا هادي بخش ميمڻ ۽ چاچا علي اڪبر ميمڻ ۽ ٻيا به ڪجهه بابا جا دوست شريڪ ٿيندا هئا. اسان کي ان وقت دبئي لاءِ وڏو تجسس هوندو هو ۽ ان ڪچي عمر ۾ جيڪي به ڪچا ڦڪا سوال ذهن ۾ ايندا هئا، اهي سائين محمد رمضان ميمڻ کان پڇندا هئاسين. ان ڪچهريءَ ۾ هڪ بلوچ صاحب جو ذڪر به ايندو هو، جيڪا بعد ۾ خبر پئي ته اهو سائين امداد بهراڻي بلوچ صاحب آهي.

Tuesday, August 24, 2021

قمبر کان رني ڪوٽ جو فيملي ٽوئر - خادم رند

قمبر کان رني ڪوٽ جو فيملي ٽوئر

خادم رند



ڪافي ڏينھن کان گهرڀاتين پاران رني ڪوٽ گهمڻ بابت ڳالھ ٻولھ ٿي رھي ھئي. آخر آچر ۳۰ ڊسمبر ۲۰۱۸ع تي انھي ٽوئر پروگرام کي آخري شڪل ڏئي فائنل ڪيو ويو. ھڪ ڏھاڙو اڳ ۾ وين واري سان سمورو معاملو طئي ڪري کيس آچر تي سوير اچڻ لاءِ چيوسين. ٽيھين ۳۰ ڊسمبر تي ٽوئر جي تياري جي سلسلي ۾ سڀ گهرڀاتي ڏھاڙي جي معمول کان ڪافي اڳ بسترن مان نڪري پنھنجي پنھنجي تياريءَ ۾ لڳي ويا. وين وارو به مقرر وقت تي پهچي ويو. وين ۾ ضروري سامان رکڻ کانپوءِ گهر کي تالو ھڻي سڀ گهر وارن به اچي سيٽون سنڀاليون. سياري جي ھڪ سرد صبح جو ساڍي ستين ڌاري اسان جو سفر قمبر جي مستوئي محلي کان سنڌ جي ھڪ قديم تاريخي ماڳ رني ڪوٽ ڏانھن شروع ٿيو. قمبر شھر کان ٻاھر نڪتاسين ته رستي سان ڪوھيڙو نظر آيو پر اھو ايترو گهڻو نه ھو جو ڪا ڏکيائي پيدا ڪري سگهي. جيئن ئي ميھڙ ٽپي اڳتي وڌياسين ته ڪنھن گهرڀاتي تجويز ڏني ته ڇونه منڇر ڍنڍ به گهمندا ھلون. تجويز تي سڀ متفق ٿيا، ڇاڪاڻ ته اسان کي سيوهڻ کان ئي وڃڻو ھو ۽ اتان منڇر ڍنڍ ڪا گهڻي پري نه ھئي. ڊرائيور چيو ته ايڏانهن ھلڻ سان دير ٿي ويندي پر مون کيس چيو ته ڏينھن سمورو ته ھونءَ به لڳي ويندو پوءِ جي ڪلاڪ ڏيڍ وڌيڪ ورتاسين ته مڙئي خير آھي. دادو کان ٿورو اڳ جيئن ئي مخدوم بلاول جي مقبري تي نظر پئي ته مائين زيارت ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري. مقبرو جيئن ته روڊ کان ڪو گهڻو پري نه ھو، تنھنڪري ٿورڙي ئي وقت ۾ سنڌ جي ھن يگاني ۽ تاريخي ڪردار جي نگريءَ ۾ پهچي وياسين. مقبري ٻاهران پوليس جا ڪجھ جوان ويٺا ھئا، جن ماڻهن جي تلاشي وٺي پوءِ مقبري ڏانھن وڃڻ جي اجازت ٿي ڏني. مزارن تي پوليس مقرر ڪرڻ جو اھڙو سلسلو سيوهڻ ۾ قلندر لال شھباز جي روضي اندر آپگهاتي حملي کانپوءِ شروع ڪيو ويو ھو. اسان سان جيئن ته فيملي گڏ ھئي، تنھن ڪري پوليس وارن نه روڪيو. اڌ ڪلاڪ کن ۾ مخدوم بلاول جي روضي جي زيارت ڪري واپس اچي وين ۾ ويٺاسين ۽ اڳتي جو سفر شروع ٿي ويو.

وقت چورائڻ به حرام آهي الطاف شيخ

وقت چورائڻ به حرام آهي

الطاف شيخ



ڪجھه سالن بعد  جي ڳالهه آهي ته ملائيشيا ۾ هڪ دفعي وقت کان وڌيڪ ڪار پارڪ ڪرڻ تي منهنجو چالان ٿي ويو. دڪانن تان ڪم لاهي موٽيس ته ڪار جي ونڊ اسڪرين ۾ پرچو لڳل ڏٺم. ڏنڊ ڀرڻ لاءِ پوليس آفيس ڀر ۾ ئي هئي. اندر داخل ٿيان ته اتي جو پوليس DSP سِک هو جنهن سان منهنجي سٺي دوستي هئي. مون کي خبر نه هئي ته هو هتي ملاڪا جي هن علائقي ۾ بدلي ٿي آيو آهي. هو مون کي هر وقت مانيءَ جي دعوت ڏيندو رهيو ٿي. مون کي ڏسي چيائين ته “سٺو ٿيو جو چالان بهاني توکي اچڻو پيو. لنچ جو ٽائيم آهي، اچو ته هڪ انڊين جي هوٽل تان ماني کائي اچون. اڄ بنا مانيءَ جي توکي وڃڻ نه ڏيندس.” هو منهنجو سٺو دوست ٿي ويو هو. پاڻ جيتوڻيڪ ڄائو نپنو هتي، پر سٺي پنجابي ۽ اڙدو ڳالهائي سگھيو ٿي. مون پنهنجي اڪيڊمي جي ڪيترن فنڪشنن تي ساڻس گڏ سندس فئمليءَ کي به گھرايو هو ۽ هو مون کي هر وقت سندس گھر هلي ماني کائڻ لاءِ چوندو هو - جنهن لاءِ آئون نٽائيندو رهيس ٿي پر اڄ بچڻ جي واهه نه هئي. نيٺ چيومانس ته هل ته ماني کائون پر ڪنهن اهڙي ريسٽورنٽ ۾ وٺي هل جتي بنا وقت ضايع ٿيڻ جي ماني کائي وٺون. هو هڪ گجراتيءَ جي ئي هوٽل ۾ وٺي آيو ۽ اجايو تڪلف ڪري ٻه ٽي ڊش گھرايائين، جنهن جو ويهه ڊالر بل آيو. (ملائيشيا ۾ ٽِپ جو رواج ناهي.) مانيءَ بعد موٽي سندس آفيس ۾ آياسين ته چيومانس “سردار جي! هن علائقي جو مالڪ ٿي ڪري مون تي اڄ اجايا پنج رنگٽ (ملئي ڊالر) ڏنڊ لڳي ويا آهن!”

Monday, August 16, 2021

جھاز جو خشڪيءَ تي چڙهڻ - الطاف شيخ

جھاز جو خشڪيءَ تي چڙهڻ

الطاف شيخ



هڪ دفعو وري ڪلفٽن وٽ هڪ وڏو جهاز خشڪيءَ تي چڙهي آيو آهي ۽ ٻن ڏينهن کان ٽي وي چينلن تان ان بابت خبرون اچي رهيون آهن ۽ ماڻهن جا هشام ان کي ڏسڻ لاءِ پهچي رهيا آهن. منهنجي ٻارهن سالن جي ڏوهٽي جي شوق تي آئون هن کي ڏيکارڻ لاءِ ڪلفٽن وٺي آيس. اسان جي گھر کان ڏهه منٽن جو به پنڌ ناهي. سعودي قونصل خاني وارو خيابان شمشير روڊ جتي وڃي ختم ٿئي ٿو، بلڪل اتي سمنڊ جي ڪناري ويجھو هي جهاز ڦاٿل نظر اچي رهيو هو - يعني سمنڊ جو ڪنارو وٺي نه ساڄي وڃڻو پيو نه کاٻي. ماڻهن جا انبوهه هئا جن مان گھڻا تڻا پنجابي، سرائڪي ۽ پٺاڻ هئا. عيد جا ڏينهن هجڻ ڪري سنڌي ڳوٺن ڏي ويل هوندا. هونءَ به پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي ماڻهن لاءِ موڪل وارن ڏينهن تي سمنڊ جو رخ رکڻ ضروري ٿئي ٿو، جو هنن لاءِ سمنڊ هڪ نئين شيءِ آهي - جيئن اسان لاءِ اتر پاڪستان جا جبل ۽ ماٿريون آهن. اسان به روڊ تي بيهي سامهون بيٺل جهاز کي ڏٺوسين، ٻه چار پوليس وارا خاص ان ڊيوٽيءِ تي هئا ته ماڻهو اڳتي سمنڊ ڏي نه وڃن.

Wednesday, August 11, 2021

اسپين، فرانس ۽ اندورا ۾ رولاڪيون - عبدالله عثمان ميمڻ

اسپين، فرانس ۽ اندورا ۾ رولاڪيون

عبدالله عثمان ميمڻ



سائين ڀلي هلو بارسلونا. سال ۲۰۱۹ع ۾، سرءُ جي مند منجھ، منهنجن ڀاڻيجن معز، سالار ۽ مون سوچيو ته گڏجي ڪاڏي گهمڻ هلون، ۽ هلون به ڪنهن اهڙي ماڳ جيڪو پاڻ ٽنهي لاءِ نئون هجي. سو فيصلو بيٺو ته اسپين جي اتر اوڀر واري علائقي ڪاتالونيا جي شهر بارسلونا ٿا هلون. جيڪو اسان ٽنهي جو ڏٺل نه هو. سو سڀني نعرو هنيو ته سائين ڀلي هلو بارسلونا. بارسلونا سان گڏوگڏ اهو به رٿيوسين ته ماڻهو جيڪڏهن بارسلونا ۾ هجي ته بهتر آهي ته ڪجهه ٻيا ماڳ پڻ گهمي ڏسي، مثال طور اتر اسپين ۾ وچين دور جو ننڍو جابلو شهر باگا، پيرينيز جو خوبصورت جابلو سلسلو، ڏکڻ فرانس جو هڪ ننڍو جابلو شهر ايڪس لس ٿرمس ۽ اسپين ۽ فرانس ۽ پيرينيز پهاڙن جي وچ ۾ هڪ تمام ننڍو ۽ سهڻو ملڪ اندورا ۽ ان جو گاديءَ وارو شهر اندورا لا ولا پڻ گهمي ڏسجي.