Wednesday, November 30, 2011

ممبئي هڪ نظر ۾..-. الطاف شيخ


ممبئي هڪ نظر ۾...
الطاف شيخ
پنهنجي ۽ پڙهندڙن جي يادگيري خاطر ممبئي شهر جي تاريخ تي هڪ تڪڙي ۽ مختصر نظر وجهان ٿو. بامبي جيڪو اڄڪلهه ممبئي سڏجي ٿو ۽ زمين جو يڪو ٽڪرو نظر اچي ٿو، ايتري قدر جو ڪولابا جي ڏکڻ واري ڪنڊ کان سيان، کار ۽ انڌيري تائين بس يا ڪار ۾ سفر ڪري سگهجي ٿو. اهو ستن ٻيٽن جو هڪ جهڳٽو هو، جن جي چوڌاري عربي سمنڊ جو پاڻي هو يا الهاس نديءَ جي ڇوڙ جو پاڻي هو. انهن ٻيٽن جا نالا هئا: ڪولابا، مئز گائون، پوڙهي مائيءَ وارو ٻيٽ، وادالا، ماهيم، ماتونگا ۽ سيان. اهي ٻيٽ، هندستان جي اشوڪا سلطنت جي حاڪم جي ملڪيت هئا.

راجا اشوڪا جي مرڻ بعد، هنن ٻيٽن تي مختلف هندو راجائن جو سن 1343ع تائين قبضو رهيو. ان سال گجرات جي مسلمانن، هنن ٻيٽن تي قبضو ڪيو. ايندڙ ٻن صدين تائين، گجرات صوبي جا مسلمان حاڪم، هنن ٻيٽن جا مالڪ ٿي رهيا. اڄ به انهن ڏينهن جي هڪ مسجد، ماهيم ۾ موجود آهي.
سال 1534ع ۾ پورچوگالين، جن جي قبضي ۾ انڊيا جي اولهه ڪناري جا پانجم، دمان، ديو ۽ گوا جهڙا شهر اڳئين هئا، مسلمان حاڪمن کان بمبئي زوريءَ کسي ورتي. هنن ٻيٽن تي جتي جتي رومن ڪئٿولڪ (عيسائي) هئا، اتي گرجا گهر ٺاهيا ويا، جن مان اڄ به هڪ ”سينٽ ائنڊريو چرچ“ باندرا ۾  موجود آهي ۽ سڀ کان آڳاٽو مڃيو وڃي ٿو. بمبئي جي هنن ٻيٽن جي چوڪيداريءَ خاطر پورچوگالين سيان، ماهيم ۽ باندرا جهڙن علائقن ۾ ڪوٽ ٺاهيا، جيڪي اڄ به ڊٺل حالت ۾ موجود آهن. هنن مختلف ٻيٽن جو بمبئي نالو، انهن پورچوگالين رکيو. هو هنن ٻيٽن کي بام-بائيا(Bom- Baia) سڏڻ لڳا. جنهن جي پورچوگالي زبان ۾ معنيٰ آهي سٺو خليج (Good- Bay) پوءِ اهڙي طرح هي ٻيٽ بامبيا مان بامبي ۽ بمبئي سڏجڻ لڳا.
پورچوگالين جي قبضي ۾ هيءُ ٻيٽ 1534ع ۾ آيا. پورن 128 سالن بعد، سن 1662ع ۾ سندن پورچوگالي شهزادي ڪئٿرين جي انگريز شهزادي چارلس ٻئي سان شادي ٿيڻ تي کيس ڏاج ۾ ڏنا ويا. چارلس صاحب کي پنهنجي زال کي وقت ڏيڻ جي فرصت نه هئي، سو هنن مهاڻن ماڇين جي رهائش وارن ٻيٽن تي ڇا ڌيان ڌري سگهيو ٿي. سال 1668ع ۾ هن هي ٻيٽ يعني بام بائيا (بامبي) ڏهه پائونڊ في سالي جي حساب سان ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي مسواڙ تي ڏيئي ڇڏيا ته جيئن سندن دماغ ۾ ڪو ڪارآمد شغل هجي ته ڀلي ڪن. اهو هو قدر ان وقت هنن ٻيٽن جو! ظاهر آهي ته جتي ڀر ۾ احمد آباد، بڙودا، سومناٿ، حيدرآباد دکن ۽ پوني جهڙا شهر هجن، اتي هي گپ ۽ مڇرن هاڻا ويران ٻيٽ ڪهڙي ڪم جا. ڪنهن کي نئين گهر ٺاهڻ جو شوق هو ته هو گنگا، جمنا يا مُولا ۽ موٺا جهڙين ندين جي ڪناري تي ٺهرائيندو، جتي هر وقت مٺو پاڻي موجود رهيو ٿي ۽ سواريءَ لاءِ ٻيڙيون هليون ٿي يا هيڏانهن سمنڊ جي کاري پاڻيءَ ۾ جتي کٻڙ ۽ تمر جهڙا جهنگلي ٻوٽا هئا؟.
هنن ٻيٽن (بام-بيا يعني بمبئي) جي سڀني نگيٽو نقطن جي باوجود، هڪ پازيٽو ۽ فائديمند ڳالهه ضرور هئي. جيڪا ايسٽ انڊيا ڪمپني جي دماغ ۾ هئي. اها هيءَ ته؛ وقت سان گڏ هاڻ جهازن جي سائيز وڏي ٿي رهي هئي. گجرات وارا بندرگاهه سورت، ڀاؤنگر، مانڊوي وغيره ننڍن جهازن لاءِ ته صحيح هئا، پر يورپ کان ايندڙ نون جهازن لاءِ سورت جهڙا بندرگاهه تانگها ثابت ٿي رهيا هئا. ان مقابلي ۾ بمبئي قدرتي طور اونهو هو ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني هونءَ ئي ڪنهن اونهي بندرگاهه جي ڳولا ۾ هئي، سو هنن ان تي ڪم شروع ڪيو ۽ سندس پورچوگالي نالي بام-بائيا کي بدلائي بامبي رکيو. ٻيٽ تي رهندڙ مڪاني مهاڻا ۽ ڪولهي ذات جا ماڻهو، هن کي ممبا سڏڻ لڳا، جيڪو ممبا ديوي جي نالي تي هو، جنهن لاءِ بابل ناٿ وارو مندر منسوب ٿيل هو. هي مندر اڄ به چوپاٽي وٽ آهي.
بمبئيءَ کي پارسين به ڏاڍو ٺاهيو. پارسي ايران جي شهر پارس جا رهاڪو هئا. هو اڄ کان 900 سال کن اڳ گجرات لڏي آيا، جتان پوءِ بمبئي ۽ ڪراچيءَ ۾ به اچي رهيا. پنهنجا مندر ‘Fire Temples’ ۽ مُردن جي نيڪال لاءِ ”خاموشيءَ جا کوهه“(Tower of Silence)  ٺهرايائون. ڪراچيءَ ۾ به سندن هڪ مندر صدر ۾ آهي ۽ ٽاور آف سائلينس ڊفينس مارڪيٽ جي ڀرسان آهي. هيءَ واپاري ڪميونٽي آهي جنهن جو انڊيا ۾ ۽ انڊيا کان ٻاهر واپار هليو ٿي. انگريزن جي سڏ تي جيڪو پهريون پارسي بمبئي لڏي آيو، سو سن 1640ع ۾ دورابجي نانا ڀائي پٽيل هو. پوءِ ته ڪيترا ئي، ممبئيءَ ۾ اچي رهيا. نه فقط رهيا پر انگريزن سان بيحد وفادار ٿي رهيا. هنن پنهنجا طور طريقا، زبان، ڪپڙو گندي، ويندي کائڻ پيئڻ انگريزن جي اسٽائيل جو رکيو. ايتري قدر جو 1689ع ۾ جڏهن جتي ڪٿي پليگ جي بيماري پکڙجي وئي، ته مڪاني راجائن ۽ يورپين بمبئي وارا هي ٻيٽ وڌيڪ سلامت ۽ هائيجنڪ ڏسي مٿن قبضي ڪرڻ لاءِ حملا ڪيا، پر هن پارسي واپاري جي پٽ رستمجي دورابجي پٽيل (جنم 1667ع، وفات 1763ع) بمبئي ۾ رهندڙ ڪولهي قبيلي جي ماڻهن کي ساڻ وٺي، هر حملي ڪندڙ جو مقابلو ڪيو ۽ انگريزن پاران بمبئي جي حفاظت ڪئي. هنن مهاڻن ماڇين جي قبيلي، ڪولهين جون ڪجهه اڏاوتون اڄ به ماهيم، باندرا ۽ کار وغيره ۾ نظر اچن ٿيون.
سر جارج آڪسنڊن بمبئي جو پهريون انگريز گورنر ٿيو. جنهن بعد مسٽر گرالڊ اونگر(Gerald Augier)  ٿيو، جنهن گجراتي واپارين، پارسي جهاز-سازن ۽ مسلمان ۽ هندو ڪاريگرن کي اوسي پاسي جي علائقن مان لڏي بمبئي ۾ اچي رهڻ لاءِ ڪشش پيدا ڪئي. جنهن ڪري بمبئي يڪدم مشهور ٿيندو ويو. هن اڄ واري فورٽ علائقي ۾ بمبئي قلعو ٺهرايو، جيڪو هينئر صفا ڊهي ويو آهي، پر قلعي (فورٽ) ڪري اڄ به بمبئي جو هي علائقو فورٽ سڏجي ٿو. ان کان علاوه هن گورنر امن امان خاطر قاعدا قانون سخت ڪيا، جيئن هر امير واپاري توڙي غريب پورهيت بمبئي ۾ سڪون ۽ امن محسوس ڪري.
هن شهر جي وڪٽوريا ٽرمينس ريلوي اسٽيشن (جيڪا هاڻ CST يعني ڇتراپتي شيواجي ٽرمينس سڏجي ٿي) جي سامهون جيڪو آزاد ميدان آهي، اهو اڄ کان 200 سال اڳ چراگاهه هو، جنهن تي فورٽ واري علائقي جا ماڻهو پنهنجا ڍور چارڻ لاءِ ايندا هئا. پوءِ سال 1838ع ۾ انگريز سرڪار چارڻ جي في “Grazing Fee” لڳائي، جيڪا ڪيترا غريب ماڻهو ڀري نٿي سگهيا. سندن مجبوري ڏسي، سر جمشيدجي جيجاڀائيءَ سامونڊي ڪناري ڀرسان ٺاڪر دوار واري علائقي ۾ پنهنجي کيسي مان 20 هزار رپيا خرچ ڪري، چارڻ لاءِ زمين هٿ ڪئي، جتي غريب غربو بنا ڪنهن في ڏيڻ جي پنهنجا وهٽ چاري سگهيو ٿي. وقت سان گڏ اهو علائقو ”چرني“ سڏجڻ لڳو. ايتري قدر جو پوءِ جڏهن پڪا ڏامر جا روڊ ٺهيا ته هتان لنگهندڙ روڊ جو نالو چرني روڊ رکيو ويو ۽ ريلوي لائين وڇائڻ بعد اسٽيشن جو نالو به چرني رکيو ويو.
پارسي جتي به رهن، اتي پنهنجو مندر ٺاهين، جنهن ۾ ڏينهن رات باهه ٻرندي رکن ۽ ان کان علاوه ”خاموشيءَ جو ٽاور“ ٺاهين. هو پنهنجن عزيزن مائٽن جي لاشن کي ساڙڻ يا دفن ڪرڻ بدران “Tower of Silence” تي ڇڏي اچن، جيئن سرڻيون، ڪانگ ۽ ٻيا گوشت کائيندڙ پکي هنن کي کائي ختم ڪري ڇڏين. مالابار ٽڪريءَ تي جيڪو پارسين جو ٽاور آهي، اهو 1672ع ۾ پارسي سيٺ ’مودي هِيرجي واچها‘ ٺهرايو ۽ ساڳئي سال هن سيٺ پنهنجي گهر مودي خانا جي سامهون باهه جو مندر ٺهرايو. اڄ اهي ٻئي عمارتون قائم آهن، جن کي اڃا به وڌيڪ بهتر ۽ وڏو ڪيو ويو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته آدمشماري وڌڻ، وڻن جي ڪپجڻ ۽ بسين لارين ۽ هوائي جهازن جي آواز ڪري وڏن پکين جو تعداد گهٽجي ويو آهي ۽ اهو مُردو جنهن کي هڪ ڏينهن اندر سرڻيون، ڳجهون، ڪانگ ڪٻريون چٽ ڪري ويون ٿي، ان کي ختم ٿيڻ ۾ هاڻ ٽي ٽي ڏينهن به لڳيو وڃن.
ممبئيءَ جو نئون علائقو جيڪو ”نَوي ممبئي“ سڏجي ٿو Salsette ٻيٽ جو حصو آهي. ان سان بمبئي جي ستن ٻيٽن کي سيان وٽ 1803ع ۾ ڪاز-وي ذريعي ڳنڍيو ويو. جيئن سنگاپور ڏيڍ ميل جي پُل ذريعي، ملائيشيا سان ڳنڍيل آهي. اڄ وارو ڪولابا ڪاز-وي، جيڪو ڪولابا ٻيٽ کي بمبئي جي باقي ٻيٽن سان ملائي ٿو، 1838ع ۾ ٺاهيو ويو. ماهيم ۽ باندرا ٻيٽن کي ملائڻ وارو ڪاز-وي (پل) 1845ع ۾ ٺاهيو ويو. جنهن تي ٽوٽل خرچ ڏيڍ لک رپيا آيو، جيڪو سموري جو سمورو، جمشيدجي جيجاڀائيءَ جي زال، ليڊي هوا ٻائيءَ ڏنو.
سر رابرٽ گرانٽ (سندس ڄم جو سال 1779ع ۽ وفات جو 1838ع هو.) 1835ع کان مرڻ گھڙيءَ تائين، بمبئي جو گورنر ٿي رهيو. هن صاحب جي ڏينهن ۾، بمبئيءَ کي اوسي پاسي جي شهرن سان ملائڻ لاءِ ڪيترا ئي روڊ ٺهيا. بمبئيءَ جو مشهور گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج به، هن صاحب جي ياد ۾ چندا جمع ڪري ٺهرايو ويو.
اپريل 1853ع ۾ انڊيا جي پهرين ريل گاڏي، بمبئي جي وڪٽوريا ٽرمينل (CST) کان ٿاني 21 ميلن جو سفر طئي ڪرڻ لڳي ۽ 1860ع ڌاري بمبئي کان گجرات جي مختلف شهرن تائين ريل گاڏيون هلڻ لڳيون. ان سان گڏ اسٽيمر سروس به شروع ٿي وئي. بمبئيءَ کان انگلينڊ جي مختلف بندرگاهن تائين آگ بوٽ (ٻاڦ تي هلندڙ جهاز) هلڻ لڳا. گجرات ۽ آس پاس کان ريل رستي ڪپهه بمبئي پهتي ٿي، جتان پوءِ ڪَلَ تي هلندڙ جهازن ذريعي انگلينڊ جي بندرگاهن ۾ آندي وئي ٿي ۽ اتان جي ڪارخانن ۾ ڪپڙو ٺهي واپس انڊيا آيو ٿي. سال 1861ع ۾ آمريڪا ۾ سِول جنگ لڳڻ ڪري، آمريڪا کان يورپ ڏي ڪپهه اچڻ بند ٿي وئي. ان ڪري انڊيا جي ڪپهه جي ڊمانڊ وڌي وئي. جنھنڪري انڊيا جي زميندارن، ان فصل مان خوب ڪمايو.
جيڪي آگبوٽ (ٻاڦ تي هلندڙ جهاز)، بمبئي ۽ لنڊن وچ ۾ هلڻ شروع ٿيا هئا، تن کي لنڊن پهچڻ لاءِ سڄي آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪرڻو پيو ٿي. سال 1869ع ۾، سوئيز ڪئنال کلڻ تي، لنڊن ۽ بمبئي هيڪاندو ويجها ٿي پيا ۽ اٽلي، يونان ۽ فرانس جا بندرگاهه ته اڃا به ويجها ٿي پيا. جنھن بعد، بمبئي ڏينهون ڏينهن خوشحال ٿي ويو. جهازن جي بيهڻ لاءِ بندرگاهه ۾ ڪيترا ڌڪا (Wharf) ٺهڻ لڳا ۽ ٻين ملڪن جا جهاز به اچڻ لڳا. ويندي حاجين جا جهاز، جيڪي پهرين سورت بندرگاهه مان ويندا هئا، سي هاڻ بمبئيءَ مان وڃڻ لڳا. بمبئي، جنهن جي 1780ع ۾ 13700 آدمشماري هئي، سا صديءَ پڄاڻان، سال 1880ع ۾ ست لک ٿي وئي. ان کانوري 26 سالن بعد، سال 1906ع ۾، ڏهه لک ٿي وئي.
سگهو ئي (۱۸۵۸ع ۾) پهرين آزادي جي جنگ (۱۸۵۷ع واري سپاهي بلوي) بعد، جڏهن جهانسي جي راڻي پٺيءَ سان ٻڌل ٻار سميت مارجي وئي، ايسٽ انڊيا ڪمپني تي غلط انتظام هلائڻ جو الزام لڳايو ويو ۽ هاڻ انڊيا تي انگلينڊ جو شاهي گهراڻو  Directحڪومت ڪرڻ لڳو. سال 1862ع ۾ سر بارٽل فريئر پهريون گورنر مقرر ڪيو ويو. پاڻ 1867ع تائين گورنر ٿي رهيو. 1864ع ۾ سندس ياد ۾ هارن بي روڊ تي ڦوهارو ٺـهرايو ويو، جيڪو پوءِ يونان جي ديوي فلورا نالي منسوب ڪيو ويو. هن گورنر جي اچڻ کان اڳ، سال 1860ع ۾ بمبئي شهر کي تلسي ۽ ويهار ڍنڍن مان نلڪن ذريعي پاڻي سپلاءِ ڪيو ويو ٿي. بعد ۾ تانسا ڍنڍ مان به پائيپ لائين ذريعي ڪڍي پھچايو ويو.
اوڻهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾، يعني 1850ع کان 1900ع تائين، بمبئيءَ ۾ ڪيتريون ئي سهڻيون عمارتون ٺهيون. جن کي اڄ به سياح ڏسڻ اچن ٿا ۽ بمبئيءَ لاءِ باعثِ فخر آهن. انهن عمارتن مان ڪجهه هن ريت آهن: وڪٽوريا ٽرمينس، جنرل پوسٽ آفيس، ميونسپل ڪارپوريشن، پرنس آف ويلس ميوزيم، راجا ٻائي ٽاور، بامبئي يونيورسٽي، ايلفنسٽن ڪاليج، ڪواسجي جهانگير پارڪ، ڪرافورڊ مارڪيٽ، ڪسٽم هائوس، پبلڪ ورڪس ڊپارٽمنٽ (PWD) بلڊنگ وغيره وغيره جيڪي بمبئي جي سڃاڻپ (Land Marks) آهن.
بادشاهه جارج پنجين ۽ سندس راڻي مئري جي دهلي ۾ اچڻ جي ياد لاءِ، سال 1911ع ۾ گيٽ وي آف انڊيا ٺاهيو ويو. بمبئي بندرگاهه جا ڪيترا ئي Docks واڊيا فئملي ٺهرايا، جيڪا انگريزن جي چوڻ تي سورت کان لڏي بمبئي اچي رهي. سال 1870ع ۾، بمبئي پورٽ ٽرسٽ قائم ڪيو ويو. سال 1885ع ۾ پرنسيز ڊاڪس ٺهيا ۽ 1891ع ۾ وڪٽوريا ڊاڪس ۽ ميري ويدر ڊراءِ ڊاڪس ٺهيا.
اوڻهين صديءَ جي آخر وارن سالن دوران، بمبئي ۾ ببونڪ پليگ (وبا) پکڙجي وئي. جنهن ۾ انساني جانين جو ڪافي نقصان ٿيو. بهرحال ان مان اهو فائدو ضرور ٿيو ته بمبئي شهر جي صفائي سٿرائيءَ تي سخت ڌيان ڏنو ويو.
سال 1885ع ۾ بمبئيءَ جو چارلس فارجيٽ نالي هڪ پوليس سپرنٽنڊنٽ جڏهن نوڪريءَ جو مدو پورو ڪري، پنهنجي وطن انگلينڊ وڃي رهيو هو ته بمبئي جي ماڻهن هن لاءِ روئي ڏنو. کيس ايڏو پسند ڪيو ويو ٿي! اهو ان ڪري جو هن امير توڙي غريب کي برابر ٿي سمجهيو ۽ ڏوهاريءَ کي نٿي بخشيو. هڪ انگريز ڪانسٽيبل، مڪاني ماڻهن سان کھرو ڳالهايو ته ان کي به هن نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو. هن امير پارسي مافيا کي به موچڙا هنيا، جن فاڪلينڊ روڊ واري علائقي ۾ شراب جو ڌنڌو هلايو ٿي ۽ ’پلي هائوس‘ (جيڪو پوءِ Pillhouse سڏيو ويو) ۽ ڇوڪرين جو ڌنڌو هلايو ٿي.
لارڊ سئنڊهرسٽ، 1895ع کان 1900 تائين، بمبئي جو گورنر ٿي رهيو. هن صاحب جي ڏينهن ۾ به، بمبئي اندر ڪافي سڌارا ۽ رونقون آيون. سندس وڃڻ بعد، سندس ياد ۾ 1910ع دوران سئنڊهرسٽ روڊ ٺاهيو ويو ۽ 1921ع ۾ سندس نالي Sandhurst ريلوي اسٽيشن ٺاهي وئي. اهي ٻئي، اڄ ڏينهن تائين قائم آهن. سال 1915ع ۾ پورٽ ٽرسٽ وارن جي ريلوي بالارڊ پيئر کان وادالا تائين ٺاهي وئي جنهن جي پاسن تي اناج ۽ تيل جا وڏا گدام (ڊيپو) ٺاهيا ويا. سال 1927ع ۾ انگلينڊ جي ميٽروپوليٽن ورڪرس جي ٺهيل لوڪوموٽو اليڪٽرڪ ريل گاڏي بمبئي ۽ پوني جي وچ ۾ هلائي وئي. بمبئي جيم خانا 1875ع ۾ ٺاهيو ويو، جنهن ۾ فقط انگريزن ۽ يورپين کي وڃڻ جي اجازت هئي. هن جيم خانا کي ڏسي بمبئي جي ٻين ڪميونٽين به پنهنجا پنهنجا جيم خانا ٺاهيا. جيئن؛ هندو جيم خانو، پارسي جيم خانو، مسلم جيم خانو وغيره.
تاريخ 7  آگسٽ 1942ع تي، آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽي جي پهرين تاريخي سيشن گوواليا ٽئنڪ ميدان تي ٿي، جنهن ميدان تي 1885ع ۾ ڪانگريس جنم ورتو هو. اها هيءَ سيشن هئي جنهن ۾ مهاتما گانڌيءَ Quit India (انڊيا جي پچر ڇڏيو) جو اعلان ڪيو. ان بعد، انگريزن ڪيترن ئي انڊين ليڊرن کي جيل ۾ وڌو. پر ”انڊيا ڇڏيو“ تحريڪ جي جوش (Momentum) کي ڪو به ٺاري نه سگهيو. نيٺ انگريزن کي ننڍو کنڊ ڇڏڻو پيو. تاريخ 15 آگسٽ 1947ع تي، انگريز فوجي بمبئي جي ”گيٽ وي آف انڊيا“ واري دروازي مان نڪري انگلينڊ ڏي روانا ٿيندڙ جهازن ۾ وڃي ويٺا ۽ ان سر-زمين کي گڊ باءِ چيائون، جنهن تي سندن وڏا 282 سال اڳ داخل ٿيا هئا. اڄ اهو ميدان، جنهن تان انگريزن خلاف Quit India جو سڏ ڏنو ويو هو، ”آگسٽ ڪرانتي ميدان“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
سال 1960ع ۾ بامبي رياست کي، ٻن رياستن ۾ ورهايو ويو؛ مهاراشٽرا رياست (جنهن ۾ مرهٺي ڳالهائي وڃي ٿي) ۽ گجرات رياست (جتي گجراتي ۽ ڪڇي ڳالهائي وڃي ٿي.) بمبئيءَ جو شهر، مهاراشٽرا رياست ۾ آيو. سال 1994ع ۾ جيئن ئي BJP شِو-سينا وارن جي مهاراشٽرا ۾ حڪومت آئي ته هنن 1995ع ۾ هن شهر جو نالو بمبئي مان بدلائي ممبئي رکيو.

Saturday, November 26, 2011

بمبئي پريزيڊنسي - الطاف شيخ


بمبئي پريزيڊنسي
الطاف شيخ
منهنجي خيال ۾ مون لاءِ هتي ٻه ڳالهيون مختصر طور سمجهائڻ ضروري لڳن ٿيون. جيئن پڙهندڙن کي، خاص ڪري سنڌ جي رهاڪن کي، ڪجهه ڄاڻ ٿي سگهي ته؛ سنڌ جو ممبئيءَ سان ماضيءَ ۾ ڪهڙو تعلق هو. ان لاءِ بامبي پريزيڊنسي ۽ ممبئي جي تاريخ تي ڪجهه سٽون لکان ٿو.
”بامبي پريزيڊنسي“ انگريز راڄ (British India)  جو هڪ صوبو هو، جيڪو سترهين صديءَ ۾ هڪ واپاري ڪوٺي  (Trading Post) طور، ايسٽ انڊيا ڪمپني لاءِ ٺاهيو ويو. برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپني ڇا هئي؟ انگريزن جي هيءَ هڪ واپاري ڪمپني هئي، جنهن ۾ انگريزن جا شيئر هئا. ظاهري طرح هن ڪمپنيءَ جو اهو ئي ڪم هو ته ايشيا جي ملڪن ۾، خاص ڪري ننڍي کنڊ ۾، واپار ڪري ڪارخانا لڳائي يا ڪچو مال خريد ڪري پنهنجي وطن انگلينڊ موڪلي، جتي فئڪٽرين ۾ پروسيس ٿي اهو سامان واپس انڊيا وڪيو وڃي. جيئن ڪڻڪ ۽ ڪپهه انگلينڊ موڪلي وئي ٿي، جتي بسڪيٽ ۽ ڪپڙو ٺهي واپس انڊيا ۾ وڪرو ٿيا ٿي.

Wednesday, November 23, 2011

ڀنگڙي سلطان، ھيري موتيان دي کاڻ - الطاف شيخ


ڀنگڙي سلطان، ھيري موتيان دي کاڻ

الطاف شيخ
گذريل 50 سالن کان ڏسان پيو ته دنيا ۾ سڀ کان بهترين انڊسٽري يا بزنيس ”سياحت“ (Tourism) ٿيندو وڃي. جنهن مان ٿائلينڊ، ملائيشيا، انڊونيشيا، سنگاپور جهڙا ڪيترا ئي اسان جا ايشيائي ملڪ امير ٿي ويا آهن. انهن ملڪن جي حڪومتن، ڌارين ملڪن جي ماڻهن کي، پنهنجي ملڪ گهمڻ لاءِ ڪشش پيدا ڪرڻ واسطي چند بنيادي شين جهڙوڪ؛ امن امان ۽ انصاف مهيا ڪرڻ تي زور ڏنو. پوءِ ٻئي نمبر تي ڌارين جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جا سٺا بندوبست ڪيا. ان کان پوءِ هنن اهو ڏٺو ته؛ ڌاريان ماڻهو ڇا ٿا چاهين؟ ان جو، پنهنجي ملڪ ۾، پنهنجي اخلاقي دائري مطابق، بندوبست ڪيو. جيئن سعودي عرب، اسرائيل ۽ ايران ۾ زيارت لاءِ پاڪ مڪانن کان علاوه خريداريءَ لاءِ وڏا شاپنگ مال ۽ مارڪيٽون آهن. ملائيشيا ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن وري چڙيا گهر، پارڪ، ويندي جوا خانن، مئه خانن ۽ ڳائڻ وڄائڻ جهڙن ڪلبن جو به بندوبست ڪيو آهي. ٿائلينڊ ۽ انڊونيشيا جهڙن ملڪن جي حڪومتن ته ٽوئرسٽن مان پئسو ڪمائڻ لاءِ ملڪ ۾ ”سيڪس انڊسٽري“ جي به کلئي عام موڪل ڏئي ڇڏي آهي.

Sunday, November 20, 2011

ليکڪ ھجڻ ڪري، تنهنجو مانُ مٿاهون آهي - الطاف شيخ


ليکڪ ھجڻ ڪري، تنهنجو مانُ مٿاهون آهي
الطاف شيخ
 ممبئي جو شهر، آدمشماريءَ توڙي پکيڙ جي حساب سان، ڪراچيءَ کان ٻيڻو ٽيڻو ٿيندو. سنڌو نديءَ جو پاڻي ڄامشورو وٽان ٿيندو، ٺٽي وٽ ڪينجهر ڍنڍ ۾ اچي ٿو. جتان پوءِ پمپن ذريعي، ڪراچيءَ کي سپلاءِ ٿئي ٿو. منهنجي خيال ۾ ڪجهه پاڻي، هاليجي ڍنڍ مان به حاصل ڪيو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح ممبئي جي ارگرد ڪجهه ڍنڍون آهن، جن ۾ مينهن جو پاڻي گڏ ٿيندو رهي ٿو. هن پاسي بارشون جام پون ٿيون. هيڏانهن سنڌو، گنگا يا برهمپترا جهڙا، ڪي طاقتور درياهه نه آهن. هلڪيون ڦلڪيون نديون يا نالا آهن، جيڪي ملائيشيا جي ندين وانگر مينهن پوي ته تار وهن. بهرحال مِٺي ندي نالي، هڪ اهڙيءَ نديءَ جو پاڻي، ممبئي جي وهار (Vihar) ڍنڍ ۾ اچي ٿو. ممبئي شهر جي ڏاکڻي حصي کي پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ، اھا ڍنڍ 1860ع ۾ ٺاهي وئي هئي ۽ ان وقت سڀني ۾ وڏي ڍنڍ هئي.

Friday, November 18, 2011

ممبئي ۾ يورپي ٽائون - الطاف شيخ


ممبئي ۾ يورپي ٽائون
الطاف شيخ

اسان جي ميزبان، ممبئي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي سربراهه ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ جو ممبئي جي جنهن علائقي انڌيريءَ ۾ گهر آهي، اتي ئي چند وکن تي يش راج چوپڙا جو فلم اسٽوڊيو YRF ۽ ٿورو اڳيان ڀوائتيون(Horror)  فلمون ٺاهڻ وارن رامسي برادرز جي فلمي پروڊڪشن جي عمارت ”پنج وتي“ ۽ ايڪتا ڪپور وارن جو بالاجي اسٽوڊيو آهي. ڊاڪٽر ٻلديو جي، انهن ٽنهي ڌرين سان سٺي ڏيٺ ويٺ آهي. هن نه فقط انهن فلمي اسٽوڊين ۾ فوٽوگرافر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو آهي، پر الهاس نگر ۽ ممبئي جي ڪاليجن ۽ ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ انهن جي مالڪن جي ٻارن کي پڙهايو به آهي.

Wednesday, November 16, 2011

شهرت ۽ ملڪيت جي مالڪ - الطاف شيخ


شهرت ۽ ملڪيت جي مالڪ
الطاف شيخ
ممبئي جو شهر ٿوري ڌرتي گهڻي آدمشماري جي  خيال کان ٽوڪيو ۽ نيويارڪ جهڙو ضرور آهي، پر انهن پوين ٻن شهرن ۾ شام جو اٺين نائين کان پوءِ ويراني ڇائنجيو وڃي. هيڏانهن ممبئي ۾ رات جو ٻارهين هڪ تائين ماڻهن جو ميلو متو پيو آهي. دڪان ۽ هوٽلون کليون پيون آهن. بسيون، ٽئڪسيون، ٽرينون ۽ ٽرامون پيون هلن. ممبئي شهر ڪابل ۽ ڪراچيءَ وانگر به نه آهي، جتي رڳو ڏاڙهين سان يا ڏاڙهي ڪوڙيل مردن جو راڄ آهي ۽ عورت ڪا ورلي نظر اچي ٿي. ممبئي ۾ مرد توڙي عورتون ساڳي آزاديءَ سان گهمن ٿا. ايران جا قم ۽ مشهد اهڙا شهر آهن، جن جي بازارين ۾ البت رات جو دير دير تائين مرد توڙي عورتون نظر اچن ٿيون. ڪڏهن ڪڏهن ته مردن کان به عورتون وڌيڪ خريداري ڪندي يا گهمندي ڦرندي بازارن، رستن ۽ بس اسٽاپن تي نظر اچن ٿيون، پر انهن شهرن جون عورتون هڪ ئي ڊريس چادر ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. هيڏانهن ممبئي ۾ رنگين ساڙهين، شلوار قميص، اسڪرٽن ۽ پينٽ جينز ۾ هجڻ ڪري ماحول کي رنگين بڻائين ٿيون. نه فقط چوڌاري قسمين قسمين رنگ نظر اچن ٿا، پر مختلف ڀاڄين، ميون، مٺائين، گانٺين، پڪوڙن، هلندڙ لارين موٽر جي دونهن جون خوشبوئون ۽ ڌَپون ۽ مختلف آواز، سونگهڻ ۽ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. هڪ ٽوئرسٽ روڊ جي ڪنهن ڪنڊ وٽ بيهي چوڌاري نظرون ڦيرائڻ ۾ به هڪ هلندڙ فلم محسوس ڪري ٿو. مختلف وڳن، قد بتن ۽ شڪلين جا ماڻهو مرهٺي، انگريزي، هندي، گجراتي يا تامل زبانن ۾ ڪچهري ڪندي، زور زور سان ڳالهائيندي يا ٽهڪ ڏيندي لنگهندڙ ڏسي عجيب محسوس ٿئي ٿو.

Tuesday, November 15, 2011

ممبئي ۽ اسان جا فليٽ - الطاف شيخ


ممبئي ۽ اسان جا فليٽ
الطاف شيخ
ممبئي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي سربراهه (Head) ڊاڪٽر ٻلديو بختراءِ مٽلاڻي ٻڌايو ته؛ هو پهرين الهاس نگر ۾ پنهنجي والده ڪوشيلا ٻائي ۽ ٻن ڀائرن پريمچند ۽ ڊاڪٽر منوهر لعل سان گڏ رهيو ٿي. پوءِ آهستي آهستي قسطون ادا ڪري، هنن ممبئي شهر جي هڪ علائقي ’انڌيري‘ ۾ فليٽ خريد ڪيو ۽ پاڻ پنهنجي زال هيما ۽ ٻارن (ونود، ڌيرج ۽ ورشا) سان، ان فليٽ ۾ شفٽ ٿيو. “هاڻ ڀر ۾ ئي هڪ ٻي گهڻ-ماڙ عمارت ٺهي رهي آهي، ان ۾ ڀاءُ ڊاڪٽر منوهر لاءِ فليٽ بڪ ڪيو اٿئون.” ٻلديو وڌيڪ ٻڌايو؛ “اسان سڀ ڀائر ڪجهه نه ڪجهه بچائي ان فليٽ جي قسط جي ادائگي ڪندا آهيون. اسان سادو پهري، سادو کائي، پئسو بچائي پنهنجو اجهو حاصل ڪرڻ ضروري سمجهون ٿا.

Monday, November 14, 2011

مِٽيءَ مان سون بنائڻ وارا هي سنڌي - الطاف شيخ


مِٽيءَ مان سون بنائڻ وارا هي سنڌي
الطاف شيخ
سال 1947ع ۾ انگريزن ننڍي کنڊ جي پچر ڇڏي ۽ ورهاڱي جي نتيجي ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو. پنجاب ۽ بنگال صوبن جا اڌ انڊيا پاسي ۽ اڌ پاڪستان پاسي آيا. سنڌ ۾ مسلمانن جي گهڻائي هجڻ ڪري، سنڌ جو سڄو صوبو پاڪستان پاسي آيو. سنڌ ۾ جيتوڻيڪ مسلمانن توڙي هندن ۾ ڪو اهڙو جهيڙو جهٽو نه رهيو، پر ٻين صوبن جون حالتون ڏسي جتي ڪٿي تمام گهڻو خوف طاري ٿي ويو. سنڌ ۾ رهندڙ ڪيترا ئي هندو اهو فيصلو نه ڪري سگهيا، ته پنهنجن اباڻن ڪکن ۾ رهجي يا وطن ڇڏجي. چڱيءَ طرح سوچڻ يا صلاح مشوري جو وقت نه هو ۽ ديکا ديکيءَ ۾ سنڌ اندر رهندڙ هندن جو تمام وڏو حصو سنڌ ڇڏي، انڊيا جي ڀر وارن رياستن گجرات ۽ راجستان روانو ٿي ويو. ڪيترا ته جوڌپور ۽ اجمير جهڙن ويجهن شهرن ۾ ئي رهي پيا. هنن کي اها اميد هئي ته هي هنگاما عارضي آهن ۽ هو هتان وري واپس پنهنجن گهرن ۽ ڌنڌن ڌاڙين کي وڃي لڳندا پر ائين نه ٿيو ۽ پوءِ هو پنهنجو مستقبل انڊيا جي شهرن ۾ ئي جوڙڻ لڳا. هنن لاءِ اتي هر ڳالهه نئين هئي. هو هٿين خالي هئا. نئون ماحول ۽ نيون ملڪي حالتون هيون. هو دربدر ۽ بي گهر ٿي ويا. محلاتن ۾ رهڻ وارا، ڪارخانن ۽ ڪوٺين جا مالڪ، هٿين خالي ٿي پيا. پر هي ڪمال آهي ۽ دنيا هنن جي ترقيءَ تي ايتري ئي حيرت کائي ٿي جيتري ٻي وڏي لڙائي بعد تباهه ٿي ويل جپانين ۽ جرمنن جي ترقي ۽ ڪاميابيءَ تي تعجب کائي ٿي.

رباط جون ياد رهجي وڃڻ جهڙيون ڳالهيون! - الطاف شيخ


رباط جون ياد رهجي وڃڻ جهڙيون ڳالهيون!
الطاف شيخ
ملائيشيا ۾ هوندو هوس ته، اتي مونسان گڏ ڪم ڪرڻ وارا ڏهاڪو کن ماڻهو، مختلف ملڪن جا هوندا هئا. سئيڊن جي ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي ۾ هڪ سؤ کان به مٿي ملڪن جا ٻه سؤ کن شاگرد هئا. ڪجهه ٿورن ملڪن کان علاوه هر ان ملڪ جا هئا جيڪو يونائيٽيڊ نئشنس جو ميمبر ملڪ هو. ظاهر آهي اها يونيورسٽي ئي UNO جي اداريTMO  جي هئي. ٻن سالن جي اتي رهائش ۾، روزانو مختلف ملڪن جي شاگردن سان خبر چار ٿيندي هئي ۽ نوان نوان تجربا ٿيندا هئا. جن جو احوال پنجن ڪتابن؛ ۱-  اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا، ۲-  ملير کان مالمو، ۳-  ڪراچي کان ڪوپن هيگن، ۴-  جت برف پوي ٿي جام ۽ ۵-  يورپ جا ڏينهن يورپ جون راتيون، ۾ قلمبند ڪيو اٿم. ڪنهن کان ڪو سٺو شعر، پهاڪو يا چوڻي ٻڌندو هوس ته نوٽ ڪري وٺندو هوس. انهن شاگردن ۾ هڪ عبدالوهاب اڪوح نالي موراڪو جو پورٽ ڊائريڪٽر پڻ هو. وڏو نفيس قسم جو ۽ شاعراڻي طبيعت جو هو. مادري زبان عربي ۽ تعليمي زبان فرينچ کان علاوه، انگريزي به سٺي ڳالهائيندو هو. پاڻ مونکي ٻڌائيندو هو ته؛ سندس ذات اڪوح موراڪو (مراڪش) ۾ اتاهين درجي جي مڃي وڃي ٿي-  جيئن اسان وٽ سيد پير آهن. ضرور سندس خانداني رتبو مٿانهون هوندو تڏهن ته سعودي عرب توڙي يمن ۽ مصر جا عرب به سندس عزت ڪندا هئا. سياري جي موڪلن ۾ هو ڳوٺ ويو ته، مونکان به پڇڻ آيو ته؛ “ڇا آڻيان؟” 

Saturday, November 12, 2011

ممبئي ۾ سنڌين جا ڪاليج - الطاف شيخ


ممبئي ۾ سنڌين جا ڪاليج
الطاف شيخ
هڪ ڏينهن ممبئي جي ڏاکڻن حصن ڪالبا ديوي ۽ ناريمن پوائنٽ وٽان چڪر هڻي، ممبئي يونيورسٽي موٽڻ لاءِ چرچ گيٽ ريلوي اسٽيشن تان سئنٽا ڪروز جي ٽڪيٽ وٺي ريل ۾ چڙهيس. سئنٽا ڪروز ريلوي اسٽيشن تي لهي، هڪ فوٽوگرافر کي ڪئميرا ڏنم ته منهنجا ورتل فوٽو CD تي لاهي ڪئميرا خالي ڪري ڏي. دڪاندار سخت بزي ٿي لڳو. “اڌ ڪلاڪ کن ترسي پوءِ اچي کڻو.” هن چيو. شام جا پنج کن ٿي رهيا هئا. فٽ پاٿ تي لڳل ڀاڄين، ميون، ڪپڙن، رانديڪن جي دڪانن تان ماڻهن جا ميڙ خريداري ڪري رهيا هئا. خريدارن ۾ گهڻيون عورتون هيون، جيڪي سج لهڻ ڪري شين جي اگهه ڪِرڻ جو فائدو وٺي خريداري ڪري رهيون هيون. تازين ڀاڄين توڙي مختلف قسم جي ميون جا رنگ ۽ عورتن جون ڪلرفل ڊريسون، گوڙ شور، مليل جليل خوشبوئون سڀ گڏجي، ملائيشيا جون پاسار مالمون (شام وارين بازارين) جي ياد ڏياري رهيون هيون. آئون مختلف گهٽين جا چڪر هڻندو هڪ مندر وٽان لنگهيس، ته ان وقت ان مندر مان نڪرندڙ منهنجي عمر جي زال مڙس مون کان سانٽا ڪروز ريلوي اسٽيشن جو ڏس پڇيو. سمجهي ويس ته هي ڪنهن ٻئي شهر جا هتي آيا آهن ۽ هي مون کي هتي جو سمجهي مون کان رستو پيا پڇن. بهرحال آئون به هاڻ واپس ريلوي اسٽيشن ڏي پئي ويس. جتان مون کي فوٽو کڻڻا هئا. ان بعد بس يا رڪشا ۾ ڪالينا پهچڻو هو، جتي ممبئي يونيورسٽي جي گيسٽ هائوس ۾ منهنجي رهائش هئي. هي انڊين جوڙو به مون سان گڏ هلڻ لڳو.

Friday, November 11, 2011

پکي ۽ اسان جا شاعر - الطاف شيخ


پکي ۽ اسان جا شاعر
الطاف شيخ

پاڻ سنڌي شاعريءَ ۾ پکين جو احوال ڪري رهيا هئاسين.
سنڌ جي مشهور ادبي رسالي ’سوجهرو‘ جي ايڊيٽر تاج بلوچ پکين بابت شعوري يا لاشعوري هڪ موضوع طور تي ڪجهه نه لکڻ جيترو لکيو آهي، پر هيٺ هن جا ڪجهه شعر ڏجن ٿا، جن ۾ فراق جو درد آهي ۽ تشبيح طور تي پکين جو ذڪر آيل آهي. ڪونج تاج بلوچ جي شاعريءَ ۾ حجر فراق ۽ وڇوڙي جي استعاري طور ملي ٿي:
اڄ ڪٿي ڪونج آهي ڪُرلايو،
مون کي ڀي ڪنهن جي ياد تڙپايو.

ڪنهن سان ته اٿس ملڻو - الطاف شيخ

ڪنهن سان ته اٿس ملڻو
الطاف شيخ
پاڻ سکر جي ٻن شاعرن ادل سومرو ۽ اياز گل جي شاعريءَ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جن جو تعلق درس تدريس سان آهي. سندن ئي شهر جو هڪ نوجوان شاعر عبداللطيف انصاري آهي، جنهن جو واسطو پڻ تعليم سان آهي.
عبداللطيف ولد عبدالرحيم انصاري 20 سيپٽمبر 1978ع تي سکر ۾ جنم ورتو. پاڻ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم. اي سنڌي ادب ۾ ڪرڻ بعد سکر جي هڪ ڪاليج ”گورنمينٽ اسلاميه آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج“ ۾ ليڪچرار آهن، پر کين ويب سائيٽون ٺاهڻ جي حوالي سان وڌيڪ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندن سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي سکر جي ويب سائيٽ http://www.sascitysukkur.com سنڌي ادب جي حوالي سان نهايت اهم ويب سائيٽ آهي. سندس ڪجهه هائڪو ۽ ٽه سٽا جن ۾ پکين جو ذڪر آهي، هن ريت آهن:
ڪونج نه رهي ڪائي
سارا مور مري ويا
رات جڏهن آئي.

ساٿ تنهنجو به پکيءَ جهڙو نه هو - الطاف شيخ


ساٿ تنهنجو به پکيءَ جهڙو نه هو
الطاف شيخ
ظفرشيخ جيترو جپاني لٽريچر پڙهيو آهي، اوترو سنڌي به نه پڙهيو هجيس، خاص ڪري سنڌي شاعري. ائين ته شاعري مون به گهٽ پڙهي آهي، پر ايترو ڄاڻان ٿو ته سنڌي شاعرن پکين بابت گهڻو ڪجهه لکيو آهي. عام ديسي پکين کان وٺي پرديسي پکين تائين. انهن جا ڪيترا مثال گذريل پرديسي (هجرتي)، لڏپلاڻ ڪندڙ (Migratory) پکين وارن مضمونن ۾ ڏنا اٿم. هتي ان سلسلي جي آخري مضمونن ۾ پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ ڪجهه شاعرن جا، مون وٽ گڏ ٿيل پکين بابت شعر ڏئي رهيو آهيان. ڊائريءَ جي پهرين صفحي تي شيخ اياز جا ڪجهه شعر هن ريت آهن:
ڪونج به ڪائي ڪُونج، ڪَرڪي پنهنجي ڪُڙم لئه،
گيت ڪَئي جو گونجَ، ماروَ پَرتا پاڻ ۾.

قدرت جو ئي ڪمال آهي - الطاف شيخ


قدرت جو ئي ڪمال آهي
الطاف شيخ

هنن Migratory   (لڏ پلاڻ وارن) پکين جو سوچجي ٿو ته حيرت ٿي ٿئي ته هو ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين، دنيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين، اوٽ موٽ جو سفر ڪن ٿا ۽ ائين به ناهي ته ڪو هو اسان انسانن وانگر هوائي جهازن ۾ سفر ڪن ٿا. هوائي جهاز، جيڪو هلائي ڪو ٻيو ٿو، اسان مسافر آرامده ڪرسين تي ننڊون ڪندا، ڪافيون پيئندا ۽ هاڻ ته T.V جا مختلف چئنل ڏسندا، سفر پورو ڪريون ٿا ته به منزل تي پهچڻ وقت ٿڪ محسوس ڪريون ٿا. توهان ڪراچي کان اسلام آباد، ممبئي، دبئي يا جده تائين ٻن ٽن ڪلاڪن جو سفر ڪريو ٿا، ته توهان کي مزو اچي ٿو، پر انهن مسافرن کان پڇو، جيڪي ڪراچيءَ کان ٽوڪيو، ڪوپن هيگن، ٽورنٽو يا نيويارڪ تائين سفر ڪن ٿا، پوءِ ڀلي هنن کي رستي تي ڪنهن هڪ يا ٻن ايئرپورٽن تي لهي ٽنگ ڊگهي ڪرڻ جو موقعو ملي، هنن جي ڇا حالت ٿئي ٿي!

پکي به اهو ڪن ٿا جيڪو پائلٽ ڪري ٿو - الطاف شيخ


پکي به اهو ڪن ٿا جيڪو پائلٽ ڪري ٿو
الطاف شيخ

لڏ پلاڻ ڪندڙ (Migratory) پکين بابت، ڪجهه عام ڳالهيون
-         لڏپلاڻ يا هجرت ڪندڙ پکي، اتر جي سخت سيءَ کان بچڻ لاءِ سيارو اسان جهڙن گرم ملڪن ڏي رهڻ لاءِ نڪرن ٿا. يعني، هو ڏکڻ طرف سفر ڪري خط استوا جي ويجهو ملڪن ۾ اهي ٽي چار مهينا گذارين ٿا، جتي سياري ۾ ڪو خاص سيءُ نٿو پوي. ڏينهن ننڍڙو ٿئي ٿو، پر ايڏو ننڍو نٿو ٿئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته رات کان کڻي ڪلاڪ ڏيڍ ننڍو ٿئي ٿو. ناروي، ڊئنمارڪ، اتر ڪئناڊا، آئس لئنڊ يا سائبيريا جي علائقن وانگر ڏينهن رات نٿي ٿئي، جتي سياري ۾ رات تمام ڊگهي ٿئي ٿي ۽ ڏينهن جي روشني ڪا ٻه ٽي ڪلاڪ مس رهي ٿي.

پکي سٺا ناکئا آهن - الطاف شيخ


پکي سٺا ناکئا آهن
الطاف شيخ

بهرحال پکين جي هيڏي معلومات حاصل ڪرڻ جي باوجود اڃان تائين ڪوبه سائنسدان يا زولاجسٽ Navigation جو مسئلو حل ڪري نه سگهيو آهي ته پکي بنا ڪنهن نقشي، قطب نما، ايڪو سائونڊر، رڊار ۽ ڊئريڪشن فائينڊر (D.F) جي صحيح منزل تي ڪيئن ٿا پهچن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڏينهن جو يا رات جو اڏامڻ وقت هو سج، چنڊ ۽ تارن جي مدد وٺن ٿا، پر انهن سان هنن کي فقط سندن پوزيشن جي خبر پوي ٿي ته هو دنيا جي گولي تي ڪهڙي هنڌ تي آهن، جيئن اسان جهاز هلائيندڙ Sextant  دوربين ذريعي چوويهن ڪلاڪن ۾ ٽي يا چار دفعا کن سج ۽ ڪجهه خاص تارن جي پوزيشن معلوم ڪريون ٿا ۽ ٽرگناميٽريءَ ذريعي حساب ڪري پنهنجي جهاز جي ڌرتي (يعني ان سمنڊ تي) پوزيشن معلوم ڪريون ٿا ته اسان اتر اڌ گول ۾ آهيون يا دنيا جي ڏکڻ اڌ گول ۾، قطبن جي ويجهو آهيون يا خط استوا جي ۽ ميل اڌ جي فرق سان اسان Exact پوزيشن ڪڍيو وڃون ته ڪهڙي ويڪرائي ڦاڪ ۽ ڪهڙي ڊگهائي ڦاڪ (Longitude) تي اسان جو جهاز آهي. پوءِ چارٽ (سامونڊي نقشي) تي پينسل سان پنهنجي پوزيشن جو نشانو هڻون ٿا ۽ هڪ ڏينهن اڳ، ان وقت تي ورتل پوزيشن کان ماپ ڪريون ٿا ته خبر پوي ته جهاز 24 ڪلاڪن ۾ دنيا جي گولي تي ڪيترا ميل سفر ڪيو. جهاز پاڻ کڻي چوويهه ڪلاڪن ۾ 500 ميل هليو هجي، جنهن جي خبر جهاز جي انجڻ جي RPM ميٽر مان پئجيو وڃي ٿي، جيئن ڪار جي مائيلِو ميٽر مان خبر پئجيو وڃي. ڪراچي کان حيدرآباد ويندي ڪار ڪيترا ميل هلي ۽ حيدرآباد پهچڻ ۾ ڪيترا ميل اٿس. هوائي جهاز جو  فاصلو به ائين ماپي سگهجي ٿو، پر پاڻيءَ جي جهاز ۽ پکين لاءِ ٻيا ڪجهه فئڪٽر مسئلو پيدا ڪن ٿا. سامهون يا پٺيان کان لڳندڙ تيز هوائون کين سندن پرن هڻڻ جي حساب سان پٺيان يا اڳيان ڪريو ڇڏين. واچوڙا ۽ طوفان جن ۾ گهيري واريون هوائون لڳن ٿيون، پکين ۽ پاڻيءَ جي جهازن کي نه رڳو اڳيان پويان، پر ساڄي يا کاٻي لوڙهيو (drift ڪريو) ڇڏين. پاڻي وارن جهازن کي ته سامونڊي ڇوليون ۽ ڪُن به توائي ڪريو ڇڏين ۽ پوءِ ٺاپر اچڻ تي سج تارن ذريعي اسان معلوم ڪريون ٿا ته اسان جو جهاز ڪٿي ۽ ڪهڙي هنڌ آهي ۽ پوءِ منزل تي وڌڻ کان اڳ اسان پنهنجي جهاز کي ان ڪورس تي آڻيون ٿا، جيڪا راهه اسان چارٽ تي پينسل سان اڳواٽ ٺاهي آهي ته اها وٺي هلنداسين ته منزل ڏي وڌندا رهنداسين.

پکي لڏ پلاڻ ڇو ٿا ڪن - الطاف شيخ


پکي لڏ پلاڻ ڇو ٿا ڪن
الطاف شيخ

ڪئناڊا جي هڪ ننڍي بندرگاهه ”بي ڪامو“ ۾ اسان جي جهاز تان گوار جهڙين ڦرين جو ٻج لهي رهيو هو. هن ٻج سان اسان سينيگال جي بندرگاهه ڊڪار مان جهاز کي ڀرائي، ڪئناڊا جي هن ڏور اتراهين بندرگاهه ۾ پهتا هئاسين. ٻج ۽ اناج تي ڪيترن ئي قسمن جا پکي هيڏانهن هوڏانهن چُڳي رهيا هئا. انهن ۾ هڪ پنج انچ کن ڊگهو جهرڪيءَ جهڙو پکي پڻ هو، جنهن لاءِ اتي ڪم ڪندڙ هڪ شيدي فورمئن چيو ته هن جو نالو ٽينيسي واربلر آهي. اُهي جولاءِ جا ڏينهن هئا. شيدي ڏاڏي چيو ته جهاز خالي ٿيڻ ۽ مرمت بعد جڏهن اسان نيويارڪ، بالٽيمور، هيوسٽن ۽ آمريڪا (USA) جي ٻين بندرگاهن مان سامان کڻي ويسٽ انڊيز جي ٻيٽن ٽرنيڊاد ۽ ٽباگو وٽ نومبر ڌاري پهچنداسين ته هي پکي اسان کان اڳ اتي پهتل هوندو. ان وقت مون کي ڏاڏي شيديءَ جي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، جنهن جي ڏاڏي 1932ع ۾ ٽرنيڊاڊ کان لڏي ڪئناڊا ۾ اچي گهر وسايو هو. بعد ۾ خبر پئي ته مٿيون پکي هجرت ڪندڙ پکي آهي ۽ هر سال ڪئناڊا جي سخت سيءَ کان بچڻ لاءِ 3000 ميلن جو سفر ڪري وچ آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا وڃي ٿو ۽ وري بهار جي موسم شروع ٿيڻ سان ڪئناڊا واپس وري ٿو. هو موٽڻ بعد ساڳي هنڌ تي پهچي ساڳي وڻ تي آکيرو ٺاهي آنا لاهي ٿو.

پکين ۾ Navigation جي قوت - الطاف شيخ


پکين ۾ Navigation جي قوت
الطاف شيخ

هڪ دفعو پاڻ وري پکين بابت حيرت انگيز ۽ دلچسپ ڳالهين جو ذڪر جاري رکنداسين.
اڄ کان ڇهه ست صديون اڳ تائين يورپ، توڙي اسان پاسي جي ماڻهن اهو ئي سمجهيو ٿي ته هي لڏپلاڻ ڪندڙ پکي سال جا پنج ڇهه مهينا ڪو اتي ڪٿي ڀرپاسي ۾، جبلن جي غارن يا سامونڊي ٻيٽن تي ٿا وڃيو لڪن، پر پوءِ آهستي آهستي جيئن ماڻهن ڏورانهن ڏيهن ڏي نڪرڻ شروع ڪيو ته کين خبر پئي ته هي پکي هر سال وڏو سفر ڪري وڃن ٿا ۽ مقرر وقت پرديس ۾ گذاري، پنهنجي وطن موٽن ٿا. گذريل صديءَ جي آخر ۾ جيئن آءِ. سي. چِپ Integrated Circuit ايجاد ٿي ته سائنسدانن لاءِ هنن پکين جو ٽرئڪ رکڻ (پيڇو ڪرڻ) آسان ٿي پيو.

ڊگهي لڏپلاڻ ڪندڙ پکي - الطاف شيخ


ڊگهي لڏپلاڻ ڪندڙ پکي
الطاف شيخ

ڪيترن ماڻهن کي ٿي سگهي ٿو جانور پسند نه هجن، پر پکي پنهنجي سونهن، رنگن ۽ ننڍي سائيز ڪري سڀني کي پيارا لڳن ٿا. اسان به پکين کي صحيح طرح ملائيشيا ۾ ڏٺو. ملائيشيا ۾ اٺ نَوَ سال کن رهڻ دوران اسان جو گهر سمنڊ جي ڪناري تي هو. يعني، هڪ پاسي ’ملاڪا ڳچي سمنڊ‘ (Malacca Strait) جو تانگهو ڪنارو  (Beach)هو ته ٻئي طرف گهاٽو جهنگل. جهنگل به اهڙو جو سنڌ ۾ رهي آئون تصور نٿي ڪري سگهيس. انهيءَ جهنگل ۾ ملائيشيا جي ميريٽائيم اڪيڊمي هئي، جتي ملائيشيا جا جهازران ڪلاس ۾ ٿيوري پڙهندا هئا ته سمنڊ تي جهاز هلائڻ جي سکيا وٺندا هئا.

ڪيڏو لُڙ مچايو اٿئي، او ٽيٽيھر ٽرڙا - الطاف شيخ


ڪيڏو لُڙ مچايو اٿئي، او ٽيٽيھر ٽرڙا
الطاف شيخ

گذريل مضمون  ۾ ڪانگ پکيءَ تي چيل ڪجهه بيتن جي ڳالهه ڪئيسين، اهڙيءَ طرح ٻين پکين بابت پڻ اسان جي ڪيترن ئي شاعرن شاعري ڪئي آهي. سچل سرمست جو هڪ بيت آهي.
سگهو اڏامي آءُ، پکيئڙا پرينِ جا،
سڀ کنڀ ڪريان تنهنجا، ساڻ جواهر جڙاءُ،
عطر کٿوري اوتيان، ٻيا ماڻڪ تو مٿاءُ،
ساري سنهيا، آڻي ڏج عجيب جا
شاهه لطيف فرمائي ٿو ته انسانن کان وڌيڪ پکين ۾ ساڃاهه آهي، جو هو وڳر ڪيو پاڻ ۾ پريت ونڊين ٿا، پر هيڏانهن انسان انسان کان وئون پيو وڃي!
وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙن، ماڙهنئان ميٺ گهڻو.
ڪَنگ هڪ قسم جو پاڻيءَ جو پکي ٿئي ٿو، جنهن جو رنگ اڇو ٿيندو آهي. سندس ڳچي ۽ ٽنگون ڊگهيون ٿين، پير ۽ چهنب ڪاري ٿئيس. بقول محمد ابراهيم لاشاريءَ جي، هي پکي ٻگهه جو قسم سمجهڻ کپي. جيتوڻيڪ قد ۽ وزن ۾ ٻگهه کان ننڍو ٿئي ٿو. ڪنگ جي خوراڪ مڇي، ڏيڏر، تڏ وغيره آهي. سر سهڻيءَ ۾ شاهه لطيف ڪنگ ۽ ٻگهه تي هن طرح نظر وڌي آهي.
ڪانڌي ڪَنگ ٿياس، وَهَڻُ جنازو سُهڻي،
ٻگها جي ٻيٽن جا، ڪلها تن ڏناس،
اکين مَلَڪَ ڏِٺاس، توءِ من ڪاڍو ميهار ڏي.

ڪانگ لنوي مِٺي لات - الطاف شيخ


ڪانگ لنوي مِٺي لات
الطاف شيخ

هي مضمون آئون سئيڊن جي ڏاکڻي شهر مالمو کان لکي رهيو آهيان، جتي جي يونيورسٽيءَ مان مون پنهنجي سبجيڪٽ مئرين انجنيئرنگ يعني جهاز هلائڻ جي انجنيئرنگ جي اعليٰ تعليم حاصل ڪئي. مالمو بندرگاهه به آهي، جتي مختلف بحري جهازن ۾، تعليم حاصل ڪرڻ کان اڳ ۽ پوءِ به اچڻ ٿيندو رهي ٿو. هن شهر جي پارڪن ۽ روڊ رستن جي ڪنارن تي جڏهن بدڪن، ٻگهن، هنجرن، ڊگوشن ۽ رتنبن ۽ نيرڳ پکين کي بي ڊپو ٿي، پنهنجي اڳيان چڳندو ڏسان ٿو ته منهنجي دل ۾ رکي رکي اهو ئي احساس ٿئي ٿو ته ڪاش اسان وٽ به هو ائين هلندا چلندا رهن! اسان وٽ ته خبر ناهي ڪيترن قسمن جا پرديسي پکي هزارين سالن کان ايندا رهن ٿا، پر هو اسان وٽ ايڏو ڊڄن ٿا، جو هتي جي ملڪن (سئيڊن، ناروي، فنلئنڊ، وغيره) وانگر اسان جي شهرن جي رستن ۽ دڪانن اڳيان ته بنهه نٿا هلن، پر منڇر، هاليجي، ڪينجهر، جهڙين ڍنڍن تي به هو ڏڪندا رهن ٿا! سچي ڳالهه ته اها آهي ته اهي ڳالهيون سوچي ڪڏهن ڊپريشن به ٿي پوندو اٿم.

اخبارن جو پکين جي بچاءَ لاءِ لکڻ - الطاف شيخ


اخبارن جو پکين جي بچاءَ لاءِ لکڻ
الطاف شيخ

ڪڏهن ڪڏهن آئون اهو سوچيندو آهيان ته اسان جي سنڌ جهڙي جاگرافيائي بيهڪ جيڪڏهن ملائيشيا، ٿائلنڊ، جپان جهڙن ملڪن جي نصيب ۾ هجي ها ته هو ڏورانهن ڏينهن کان ايندڙ هنن پرديسي پکين جي ايڏي ته پرگهور لهن ها، جو سئيڊن وانگر سنڌ ۾ به هي پکي فٽ پاٿن، بس اسٽاپن ۽ دڪانن اڳيان بي ڊپا ٿي ماڻهن جي پيرن اڳيان چُڳندا رهن ها ۽ سنڌ ۾ مهمان طور ايندڙ انيڪ ملڪن جا انيڪ جنسن جا پکي ڏسڻ لاءِ دنيا جا ماڻهو هلي ملي اچن ها، پر اسان جي سنڌ جي اها بدنصيبي آهي ۽ اسان جي ماڻهن جي اها جهالت آهي، جو هو قدرت جي هن نعمت جو خيال نٿا ڪن، نه وري منجهن ڪو احساس آهي. مقامي وڏيرا، سردار، آفيسر توڙي عام ماڻهو ته هنن پکين کي ماري منجهن ٽاهه وجهي رهيا آهن، پر هو ٻين ڌارين کي به گهرائي هُنن هٿان پنهنجي گهر جي سونهن تباهه ڪري رهيا آهن. صحافي نياز کوکر جي ’سچ‘ اخبار ۾ هڪ رپورٽ پڙهي هيم ته سنڌ ۾ ايندڙ پرديسي پکي اصل ۾ پنهنجن ملڪن ۾ گهڻي سردي پوڻ ڪري موت کان بچڻ لاءِ هجرت ڪن ٿا، پر وري به موت سندن پيڇو نٿو ڇڏي ۽ سرديءَ جي موت کان بچڻ لاءِ هزارين ميل سفر ڪندڙ هي پرڏيهي پکي، سنڌ پهچندي ئي بندوقن ۽ رڇن ذريعي موت جي منهن ۾ هليا وڃن ٿا. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان ماڻهو جيڪي سنڌ ڌرتيءَ جا رهواسي آهيون، انهن کي ڪو احساس جرم به نٿو ٿئي!

امن جا سفير، محبتن جي علامت - الطاف شيخ


امن جا سفير، محبتن جي علامت
الطاف شيخ

پرديسي پکين (Migratory Birds) بابت هي مضمونَ، هتان اتر يورپ جي ملڪن، خاص ڪري ناروي، سئيڊن ۽ فنلئنڊ مان لکي رهيو آهيان. ننڍپڻ ۾ سنڌ ۾ آڙيون، ڪونجون، تلور، بدڪون، ڪاز، ٻگهلا ۽ ٻيا پرديسي پکي ضرور ڏٺاسين، پر کين غور سان ڏسڻ جو موقعو هنن اتراهن ملڪن ۾ اچي مليو آهي. جهازن کي جڏهن هنن سرد اتراهن ملڪن ناروي، فنلئنڊ وغيره ڏي وٺي اچبو هو يا سئيڊن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ وارن ڏينهن ۾ رهائش دوران يا هاڻ انهن ملڪن ۾ گهمڻ لاءِ اونهاري جي موسم ۾ ٿو اچجي ته هنن سهڻن ۽ رنگين ڊگوشن، بدڪن، نيرڳن، آڙين جهڙن پکين کي شهر جي بس اسٽاپن تي، اسان جي پيرن اڳيان چڳندو ڏسي يا وري پارڪن ۾ اسان جي بينچن تي اسان سان گڏ وهندو ڏسي دل خوش ٿيو وڃي.