Thursday, November 10, 2011

نمازن جا حيرت انگيز ٽائيم - الطاف شيخ


نمازن جا حيرت انگيز ٽائيم
الطاف شيخ
فنلئنڊ ۾ مسجد کي Moskeija سڏجي ٿو، جيڪو انگريزي لفظ ماسق مان نڪتل آهي. اڄ ڪلهه فنلئنڊ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ مسجدون نظر اچن ٿيون، جن جا پيش امام مڪاني مسلمان آهن، يا ترڪيءَ کان گهرايل عالم. هيلسنڪيءَ ۾ هڪ مسجد ته فريڊرڪن ڪاٽو روڊ تي آهي. دراصل فِنش زبان ۾ ڪاٽو لفظ جي معنيٰ ئي روڊ آهي ۽ جيئن شروع ۾ ٻڌائي آيو آهيان ته سئيڊن جي شهنشاهيت جو فنلئنڊ تي ايڏو اثر رهيو آهي جو اڄ به هتي ڪيترن رستن جا نالا فِنش زبان جا به آهن ته سئيڊش زبان جا به. سئيڊش زبان ۾ روڊ کي Gatan سڏين ٿا. سو مٿئين روڊ جو نالو فريڊرڪن ڪاٽو به آهي ته فريڊڪن گاتن به آهي.


هيلسنڪيءَ ۾ هڪ مسجد Veluritori روڊ تي هڪ لونروٽن ڪاٽو تي به آهي. اهڙيءَ طرح Runeberginkatu تي هڪ مسجد آهي.  Viherniemenkatu روڊ تي ۽ ٻين هنڌن ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ مسجدون آهن. وهرنائيمن روڊ واري مسجد جو نالو مسجد دارالامان آهي. ڪيترين ئي مسجدن سان گڏ حلال گوشت جا دڪان پڻ کلي ويا آهن. ستر واري ڏهي ۾، جڏهن هنن ملڪن ۾ جهاز هلائي اچبو هو ته انهن ڏينهن ۾ نه ايڏيون مسجدون هيون ۽ نه حلال گوشت جا دڪان. نماز توڙي ماني، جهاز تي ئي اچي کائبي هئي، پر هاڻي ته هنن ملڪن جي ڪيترن ئي شهرن ۾ سڄي سڄي مهيني جو ”اوقات نماز“ جو چارٽ به ملي ٿو. (يعني ان شهر ۾ سج ڪنهن وقت اڀري ٿو ۽ ڪنهن وقت لهي ٿو ۽ مختلف نمازن جا ڪهڙا ٽائيم آهن.) اسان وٽ سياري يا اونهاري ۾، نمازن جي ٽائيمن ۾ فرق اچي ٿو پر ايڏو نه. سنگاپور، ملائيشيا، انڊونيشيا، ڪينيا ۽ يوگنڊا جهڙا ملڪ جيڪي خط استوا تي يا ان جي ڀرسان آهن، انهن ۾ ته ٻارهوئي هر نماز جو وقت ساڳيو ئي رهي ٿو. ڪو معمولي منٽن جو فرق پوي ٿو. ان کان علاوه نمازن جا ٽائيم اهڙا آهن جن ۾ ننڊ ڊسٽرب نٿي ٿئي. سيارو هجي يا اونهارو، عشاء نماز سمهڻ کان اڳ ئي پڙهي وڃي ٿي ۽ هرڪو نماز بعد ئي سمهي ٿو. اهڙيءَ طرح هر نوڪريءَ وارو يا شاگرد، صبح جو فجر نماز مهل ئي اٿي ٿو. اونهاري ۾ رات ننڍي ٿئي ٿي ته به جلد ۾ جلد، فجر نماز 6 بجي ڌاري ٿئي ٿي، جنهن بعد تيار ٿي نيرن کائي، هرهڪ ساڍي ستين ڌاري پنهنجي اسڪول يا آفيس ۾ روانو ٿيو وڃي. پر ذرا سوچيو؛ توهان رات جو ڏهين بجي ڌاري سمهو ۽ توهان کي چئن ڪلاڪن بعد 2 بجي فجر نماز لاءِ اٿاريو وڃي ته توهان کي ڪيڏي اڻوڻندڙ ڳالهه لڳندي ۽ نماز بعد جي ننڊ نٿي اچي ته پوءِ اٺين بجي آفيس ويندي اکيون سڳل رهن ٿيون. پر اهو سوچيو ته ڏهين بجي سمهڻ بعد توهان کي جيڪڏهن ٻارهين بجي اٿاريو وڃي ته اٿي مغرب نماز پڙهو ۽ هڪ بجي عشا نماز ۽ ٻي يا اڍائي بجي وري اٿارجي ته فجر جو ٽائيم ٿي ويو آهي ته توهان ضرور اهو ئي چوندؤ ته؛ اسان کان اسان جو پاڪستان يا هندستان، بنگلاديش، ايران، سعودي عرب جهڙا ملڪ بهتر آهن. ٻي ڳالهه ته ويندي منهنجا پڙهندڙ حيرت کائي رهيا هوندا ته اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته آڌيءَ رات جو اٿي، سانجهي (مغرب) سومهڻي (عشا) ۽ فجر نماز پڙهجي. پر جيڪي فنلئنڊ، سئيڊن يا ناروي جهڙن ملڪن مان ٿي آيا هوندا، انهن کي خبر آهي ته اهڙن اتراهن ملڪن ۾ ائين ئي ٿئي ٿو. اونهاري ۾ سج سوير ئي ٽين چئين بجي ڌاري اڀري ٿو ۽ اونداهي ٻي بجي ڌاري ٽُٽي وڃي ٿي يعني فجر جو ٽائيم ٿئي ٿو ۽ سج تقريباً 18-19 ڪلاڪن بعد رات جو يارهين ٻارهين بجي ڌاري لهي ٿو.
هڪ دفعي جولاءِ مهيني ۾ جهاز کي هيلسنڪيءَ وٺي وڃڻو پيو. مسجد جي امام کان جيڪو نمازن جي وقت جو چارٽ “Prayer Timetable for Helsink” مليو، مون وٽ اڃا تائين موجود آهي. ذرا نمازن جو ٽائيم ملاحظه فرمايو: تاريخ ستين جولاءِ: فجر 06: 02 (يعني ٻه لڳي ڇهه منٽ) سج جو اُڀرڻ: 08: 04 اسان وٽ سج جي طلوع ٿيڻ کان اڳ روشني Twilight رهي ٿي، اها اڌ يا منو ڪلاڪ ٿئي ٿي پر هيڏانهن اتراهن ملڪن ۾ به ٻه ٽي ڪلاڪ هلي ٿي. جيئن هيلسنڪيءَ جي مٿئين مثال ۾ رات جي اونداهي ٻه لڳي ڇهن منٽن تي ٽُٽي ٿي ۽ فجر جو وقت شروع ٿئي ٿو. ٻن ڪلاڪن بعد، اوڀر ۾ سج ڪَني ڪڍي ٻاهر نڪري ٿو.
اڳينءَ نماز جو وقت 30: 13 منٽ يعني ڏيڍ بجي. منهنجي خيال ۾ هيلسنڪي يا دنيا جي ٻين شهرن ۾ اڳين (ظهر) نماز ئي هڪ اهڙي آهي جنهن جي وقت ۾ چند منٽن جو فرق اچي ٿو. جولاءِ جي سڄي مهيني ۾ ظهر نماز ۾ فقط ٽن منٽن جو فرق آهي. 1 جولاءِ تي 29: 13 آهي ته 31 جولاءِ تي 32: 13 منٽ آهي. باقي نمازن ۾ روزانو هڪ منٽ کان ٽن منٽن جو فرق اچي ٿو.
بهرحال عصر نماز جو وقت، 04: 18 يعني ڇهه لڳي چئن منٽن تي آهي ۽ سج لهڻ يعني مغرب نماز جو وقت 44: 22 يعني ڏهه لڳي 44 منٽ آهي.  سومهڻي (عشا) نماز جو وقت 00: 24 يعني پوري آڌي رات جو 12 وڳي. ظاهر آهي سج ئي پوڻي يارهين لهندو ته عشا نماز جلد ۾ جلد، ته به ٻارهين وڳي ٿيندي. هاڻي مون کي ٻڌايو ته جيڪو ماڻهو ٻارهين بجي عشا پڙهي، جيسين سمهڻ جي تياري ڪري ته هن کي هڪ ته ٿي ويندو ۽ ڪلاڪ بعد فجر جي ٻانگ ايندي آهي.
تعليم دوران آگسٽ جي مهيني ۾، يونيورسٽيءَ کان موڪلون ٿيڻ تي هڪ سال منهنجو فنلئنڊ جي هڪ وڌيڪ اتراهين شهر اناري جروي (Inarijarvi) ۾ وڃڻ ٿيو. اتي جي نمازن جو ٽائيم ٽيبل پڻ مون وٽ موجود آهي ۽ مثال طور چوويهين آگسٽ جي نمازن ۽ سج اُڀرن ۽ لهڻ جو وقت لکان، جيڪو پڙهندڙن لاءِ پڪ حيرت انگيز ثابت ٿيندو.
فجر نماز جو وقت 29: 01
سج اُڀرڻ وقت: 06: 02.
ظهر نماز جو وقت: 15: 13
عصر نماز: 02: 18
سج لهڻ يا مغرب نماز جو وقت: 37: 00
عشا جو وقت 58: 00
يعني مغرب ۽ عشا هڪ ئي وقت پڙهڻي پوي ٿي، جو گهڻي دير ڪرڻ تي اونداهه ختم ٿيو وڃي ۽ فجر جو وقت شروع ٿيو وڃي.

No comments:

Post a Comment