Wednesday, November 16, 2011

شهرت ۽ ملڪيت جي مالڪ - الطاف شيخ


شهرت ۽ ملڪيت جي مالڪ
الطاف شيخ
ممبئي جو شهر ٿوري ڌرتي گهڻي آدمشماري جي  خيال کان ٽوڪيو ۽ نيويارڪ جهڙو ضرور آهي، پر انهن پوين ٻن شهرن ۾ شام جو اٺين نائين کان پوءِ ويراني ڇائنجيو وڃي. هيڏانهن ممبئي ۾ رات جو ٻارهين هڪ تائين ماڻهن جو ميلو متو پيو آهي. دڪان ۽ هوٽلون کليون پيون آهن. بسيون، ٽئڪسيون، ٽرينون ۽ ٽرامون پيون هلن. ممبئي شهر ڪابل ۽ ڪراچيءَ وانگر به نه آهي، جتي رڳو ڏاڙهين سان يا ڏاڙهي ڪوڙيل مردن جو راڄ آهي ۽ عورت ڪا ورلي نظر اچي ٿي. ممبئي ۾ مرد توڙي عورتون ساڳي آزاديءَ سان گهمن ٿا. ايران جا قم ۽ مشهد اهڙا شهر آهن، جن جي بازارين ۾ البت رات جو دير دير تائين مرد توڙي عورتون نظر اچن ٿيون. ڪڏهن ڪڏهن ته مردن کان به عورتون وڌيڪ خريداري ڪندي يا گهمندي ڦرندي بازارن، رستن ۽ بس اسٽاپن تي نظر اچن ٿيون، پر انهن شهرن جون عورتون هڪ ئي ڊريس چادر ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. هيڏانهن ممبئي ۾ رنگين ساڙهين، شلوار قميص، اسڪرٽن ۽ پينٽ جينز ۾ هجڻ ڪري ماحول کي رنگين بڻائين ٿيون. نه فقط چوڌاري قسمين قسمين رنگ نظر اچن ٿا، پر مختلف ڀاڄين، ميون، مٺائين، گانٺين، پڪوڙن، هلندڙ لارين موٽر جي دونهن جون خوشبوئون ۽ ڌَپون ۽ مختلف آواز، سونگهڻ ۽ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. هڪ ٽوئرسٽ روڊ جي ڪنهن ڪنڊ وٽ بيهي چوڌاري نظرون ڦيرائڻ ۾ به هڪ هلندڙ فلم محسوس ڪري ٿو. مختلف وڳن، قد بتن ۽ شڪلين جا ماڻهو مرهٺي، انگريزي، هندي، گجراتي يا تامل زبانن ۾ ڪچهري ڪندي، زور زور سان ڳالهائيندي يا ٽهڪ ڏيندي لنگهندڙ ڏسي عجيب محسوس ٿئي ٿو.

ڊاڪٽر ٻلديو جي فليٽ جي Location مون کي ڏاڍي وڻي. ريلوي اسٽيشن ويجهي، بس اسٽاپ ويجهو ۽ شاپنگ سينٽر  ۽ مارڪيٽون ڀر ۾! مندر ۽ اسڪول پٺئين گهٽيءَ ۾. مٿي ڏهين فلور تي سندس فليٽ ۾ ماڻهو ويٺو آهي، ته ڄڻ سڄي دنيا کان ڪٽيل محسوس ڪري ٿو. جهڙو وچ سمنڊ تي ڪنهن ٻيٽ تي ماڻهو ويٺو هجي. سڪون سان لکڻ پڙهڻ جهڙا ڪم ويٺا ڪجن. لفٽ ۾ چڙهي هيٺ لهه ته دنيا ئي ٻي- ڄڻ قلندر شهباز جي ميلي تي پهچي وياسين.
مانيءَ بعد سندس گهران نڪتاسين، ته سندن ئي روڊ تي يعني ويرا ڊيسائي روڊ تي هڪ وڏي ڪمپائونڊ واري عمارت جي دروازي تي وڏن اکرن ۾ YRF لکيل ڏسي ڊاڪٽر ٻلديو کي چيم، ته هي انڊين فلمون ٺاهيندڙ  يش راج چوپڙا جو فلم اسٽوڊيو ته نه آهي؟
”بلڪل صحيح ٿا چئو،“ ٻلديو چيو، ”اندر گهمڻ جو ارادو آهي؟“ ڊاڪٽر ٻلديو ٻڌايو ته ڪنهن زماني ۾ هن فلم اسٽوڊيو ۽ رامسي فلمز وارن وٽ فوٽوگرافر ٿي ڪم ڪيو آهي ۽ هن کي ڪيترائي سڃاڻن ٿا. ڪجهه ڏينهن اڳ ٻلديو مون کي عدنان سميع جو پڻ هڪ فوٽو ڏيکاريو هو، جيڪو هن ايمپائر اسٽوڊيو ۾ ”ڪو ئي ميري دل مين هي“ جي شوٽنگ دوران ڪڍيو هو. رامسي فلمز وارن جو ايمپائر اسٽوڊيو پڻ ٻلديو جي گهر جي ويجهو پالاش ٽاور ڀرسان آهي ۽ ان جي لڳو لڳ لنڪ روڊ تي سٽي مال ۽ انفنٽي مال آهن. مون هن وقت يش راج چوپڙا جو فلم اسٽوڊيو گهمڻ بدران رڳو ٻاهر بيهي فوٽو ڪڍرايا.
يش راج چوپڙا ٿوريون فلمون ٺاهيون آهن، پر اهي تمام مشهور ٿيون آهن، جن مان ڪجهه هن ريت آهن: وقت، ديوار، ڪبهي ڪبهي، دل تو پاگل هي، لمحي ۽ وير زارا (جنهن جو تفصيلي احوال ”دهلي جو درشن“ سفرنامي ۾ ڪيو اٿم.) يش راج چوپڙا 1932ع ۾ لاهور ۾ ڄائو. هن آءِ ايس جوهر وٽ اسسٽنٽ ٿي ڪم ڪيو. ان بعد پنهنجي ڀاءُ وٽ هڪ فلم  ’دهول کا پهول‘ جو ڊائريڪٽر جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ بعد هن ”يش راج فلمس“ نالي پنهنجي پروڊڪشن ڪمپني کولي مٿيون فلمون ٺاهڻ شروع ڪيون ۽ اڄ هو هڪ ڪامياب پروڊيوسر مڃيو وڃي ٿو. يش ۽ سندس زال پاميلا کي ٻه پٽ اديتا ۽ اُدي آهن، جن مان اديتا پنهنجي پيءُ وانگر فلم ڊائريڪٽر آهي جنهن جي پهرين فلم ”محبتين“ اچي چڪي آهي.
ڊاڪٽر ٻلديو ٻڌايو ته يش راج جو هي YRF اسٽوڊيو هڪ بهترين اسٽوڊيو آهي، جنهن ۾ 3 سائونڊ اسٽيجون آهن ۽ سڄي انڊيا ۾ هي مڪمل طرح سائونڊ پروف ۽ ايئر ڪنڊيشن فلم اسٽوڊيو آهي.
ويرا ڊيسائي روڊ تي ئي جتي لنڪ روڊ اچي ملي ٿو ”پنچ وتي“ نالي بلڊنگ آهي جنهن ۾ بالي ووڊ جون Horror (ڀوائتيون) فلمون رامسي فلمز وارا ٺاهين ٿا. رامسي برادرز بالي وڊ جا پروڊيوسر، ڊائريڪٽر ۽ ايڊيٽر آهن، جن ڪيتريون مشهور هندي فلمون ٺاهيون، جهڙوڪ ويرانا، پرانا مندر، ۽ بند دروازا ۽ ان کان علاوه ٽي وي سيريز “Zee Horror Show” پڻ هنن ڀائرن جو آهي. رامسي برادرز جي ٽيم ۾ شيام رامسي، ڪمار رامسي، ڪيشو رامسي، تلسي رامسي ۽ ڪرن رامسي ڀائر آهن.
هنن ڀائرن (رامسي برادرس جو ”زي ٽي وي“ تان 1993ع کان 1998ع تائين جيڪو Zee Horror Show پيش ڪيو ويو هو، ان جا ڪجهه Episode تمام گهڻو مشهور ٿيا. خاص ڪري هندستان ۾ ڄمڻ وقت جيڪو نياڻين کي قتل ڪرڻ جو رواج Female infanticide تي جيڪو Episode ”جيون مرتيو“ هليو هو، ان ايڏي ته شهرت ماڻي جو پبلڪ ڊمانڊ تي هن کي هڪ دفعو وري ڏيکاريو ويو هو.
زي هارر شو جون ڪجهه ٻيون مشهور سيريز هن ريت آهن: دستڪ، سايا، جادو ٽونا، سسڪيان، دهشت وغيره ۽ هنن ڀائرن جون جيڪي ڀوائتون فلمون تمام گهڻو مشهور ٿيون انهن مان ڪجهه هن ريت آهن:
·        گهُٽن (2007ع جي فلم)
·        ڌنڌ (2003ع)
·        مها ڪال (1993ع)
·        عجوبا قدرت ڪا (1991ع)
·        پراني حويلي (1989ع)
·        ويرانا.
·        پرانا مندر.... وغيره.
يونيورسٽي ۾ نوڪري ڪرڻ کان اڳ ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي رامسي فلمز ۾ ڪجهه سال فوٽو گرافي ڪئي.
”توهان کي اهو جاب ڪيئن مليو؟“ مون ٻلديو کان پڇيو.
”جن ڏينهن ۾ آئون جئه هند ڪاليج ۾ پڙهائيندو هوس، انهن ڏينهن ۾،“ ٻلديو ٻڌايو؛ ”تلسي رامسي جون ٻه ڌيئون پشپا ۽ لوينا مون وٽ سنڌي پڙهنديون هيون، انهن مون کي هي جاب ڏياريو.“
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٻلديو اڄ به سٺي فوٽوگرافي ڪري ٿو. ممبئي ۾ جنهن وقت به هو مون سان گڏ رهيو ٿي، ته مون پنهنجي ڪئميرا هن حوالي ڪئي ٿي يا سندس ڀائٽي (پريمچند مٽلاڻي جي پٽ) رشي ڪيش کي ڏني ٿي. رشي ڪيش اڄ به ڪيترن هنڌن تي فوٽوگرافي ڪري ٿو.
بالاجي ٽيلي فلمز وارن جو بالاجي هائوس پڻ. ڊاڪٽر ٻلديو وارن جي گهر وٽ وير ڊيسائي روڊ تي آهي، جتي ان سان لنڪ روڊ ملي ٿو. بالاجي ٽيلي فلمز وارن جون Sony زي، NDTV ۽ دنيا جي ٻين ٽي وي چئنلن تان هلندڙ  ٽي وي سيريل سڄي هندستان ۽ دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ وڏي شوق سان ڏٺا وڃن ٿا. انهن مان ڪجهه ”ڪيونڪه ساس ڀي ڪڀي بهو ٿي،“ ”ڪسوٽي زندگي ڪي،“ ”ڪهين ڪسي روز“ پاڪستان ۾ به وڏي شوق سان ڏٺا ويا ۽ هينئر بالاجي هائوس وٽان لنگهندي اهو سوچي رهيو هوس ته اهي سڀ ٽي وي سيريل هن بلڊنگ ۾ ٺهن ٿا.
پروفيسر ٻلديو مٽلاڻيءَ ٻڌايو ته بالاجي ٽيلي فلمز وارن جون اڄ ڪلهه جيڪي ٽي وي سيريز ٺهيون آهن، اهي هن ريت آهن:
·         بيتاب دل ڪي تمنا هي: هيءَ ٽن ڳوٺاڻين ڇوڪرين جي ڪهاڻي آهي، جيڪي پنهنجي خوابن جي ساڀيان ماڻڻ لاءِ ممبئي اچن ٿيون. هنن کي زندهه رهڻ ۽ نوڪري هٿ ڪرڻ لاءِ مختلف قسم جي مصيبتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.
·         پيار ڪا بنڌن: هيءَ چئن ٻارن جي ڪهاڻيءَ آهي، جي قسمت جي خرابيءَ ڪري هڪ ٻئي کان وڇڙي وڃن ٿا. هن سيريز ۾ ڪرتڪا، لوانيا، ڪرن شرما، ميگهنا اسراڻي ۽ سُميت سچديو آهن.
·         بيري پيا: هڪ نوجوان ڇوڪري ”امولي“ جي ڪهاڻي آهي، جيڪا مهاراشٽرا رياست جي وديارڀا علائقي جي غريب هارين جي مسئلن کي منهن ڏئي ٿي. هن ۾ شارد ڪيلڪر ۽ سپريا ڪماريءَ ڪم ڪيو آهي.
·        بندني: هڪ گجراتي ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي جيڪا هڪ عجيب شهر کان اچي ٿي نڪري، جتي هوءَ پنهنجي پيءُ جي عمر جي مرد سان شادي ڪري ٿي، جنهن جا ٻار ئي هن جي عمر جا آهن. هن سيريز ۾ آسيه قاضي ۽ رونيت راءِ ڪم ڪيو آهي.
·        پوتر رشته: هيءَ سيريز ارچنا نالي هڪ اهڙي ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي آهي، جنهن جي ڪٿي شادي ان ڪري نه پئي ٿئي، جو هوءَ پڙهيل ڳڙهيل ناهي. هن سيريز ۾ سوشانت راجپوت ۽ انڪيتا لوکنڊي ڪم ڪيو آهي.
بالاجي ٽيلي فلمز وارن جي هيڊ آفيس ۽ مرڪزي فلم اسٽوڊيو پروفيسر ٻلديو مٽلاڻي وارن جي گهر ڀرسان انڌيري ويسٽ ۾ نيولنڪ روڊ تي آهي، جيڪو هن علائقي جي اهم روڊ ويرا ڊيسائي روڊ کان شروع ٿئي ٿو. اڄ ڪلهه بالاجي ٽيلي فلمز وارا ممبئي ۾ سڀ کان وڏا فلمن ۽ ٽي وي سيريز جا ٺاهڻ وارا مڃيا وڃن ٿا، جيڪي انڊيا جي مختلف چئنلن اسٽار، سوني، ڪلرس، زي، NDTV، اميجن ۽ ٻين کي پنهنجيون ٺهيل سيريز پيش ڪن ٿا. بالاجي وارن جي هڪ نئين فلم “Once upon a time in Mumbai” پڻ اچي رهي آهي.
ڪيونڪه ساس بهي کبهي بهو تهي، کهاني گهر گهر کي، يا ڪسوٽي زندگي کي... جهڙيون ٽي وي سيريز جن ڏٺيون هونديون، انهن کي خبر آهي ته انهن جي ٺاهڻ پويان جنهن عورت جو دماغ ڪم ڪري ٿو، ان جو نالو ايڪتا ڪپور آهي. 35 سالن جي هيءَ ٽي وي ۽ فلم پروڊيوسر مشهور هندي فلم ائڪٽر جيتندر ۽ سندس سنڌي زال شوبا جي ڌيءَ آهي. ايڪتا کان ڏيڍ سال ننڍو ۽ اڪيلو ڀاءُ تشر ڪپور پڻ بالي وڊ جو مشهور ائڪٽر آهي.
جيتندر 1942ع ۾ امرتسر جي هڪ پنجابي فئملي ۾ ”روي ڪپور“ جي نالي سان ڄائو. سندس پيءُ جو ڪوڙن زيورن (Imitation) جو ڪاروبار هو. هڪ ڏينهن جيتندر اهي ڳهه فلمون ٺاهيندڙ وي. شانتا رام کي ڏيکارڻ لاءِ ويو، ته هن کيس ’نورنگ‘ فلم ۾ ڊبل رول ڪرڻ جي آڇ ڪئي. هيءَ 1959ع جي ڳالهه آهي. ان بعد جيتندر 1963ع ۾ ’سهرا‘ فلم ۾ ۽ 1964ع ۾ ”گيت گايا پتهرون ني“ ۾ هيرو ٿي وڏو نالو پيدا ڪيو. انهن ئي ڏينهن ۾ اسان جي فلم ائڪٽر وحيد مراد جون ارمان ۽ ٻيون فلمون ٽاپ تي هيون. ٻنهي اداڪارن جي هڪ ٻئي سان ڪافي شڪل ۽ ائڪٽنگ ملي ٿي. جيتندر جي گهڻي مشهوري 1967ع ۾ ”فرض“ نالي فلم بعد ٿي، جنهن ۾ هو ٽي شرٽ ۽ اڇا جوتا پائي محمد رفيع جي گاني ”مست بهارون ڪا مين عاشق“ تي ڊانس ڪري ٿو.
جيتندر ويجهڙائيءَ ۾ ”کيونکه ساس بهي کبهي بهو تهي“ ۾ پوڙهي ماڻهوءَ جو پارٽ ادا ڪيو آهي ۽ ”جهلڪ دکهلا جا“ انڊين ڊانس مقابلي ۾ جج ٿيو. جيتندر پنجاب ۾ ڄائو، ان بعد سندس ننڍپڻ ممبئي جي گرگام علائقي ۾ گذريو. سندس بايوگرافي ۾، هيما ماليني جو چوڻ آهي ته هن جي جيتندر سان ذري گهٽ شادي ٿيڻ واري هئي، پر آخري وقت تي هن (هيما) انڪار ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ جيتندر پنهنجي ننڍپڻ جي محبوبا ”شوڀا ڪپور“ سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٻه ٻار ايڪتا ۽ تشر آهن. تشر 1976ع ۾ ڄائو ۽ يونيورسٽي آف مشيگان مان تعليم حاصل ڪيائين. سندس پهرين فلم ڪرينا ڪپور سان گڏ ”مجهي ڪچهه کهنا هي“ آهي. جيڪا 2001ع ۾ رليز ٿي. هن 2004ع واري فلم خاڪي ۾ اميتاڀ بچن سان ائڪٽنگ ڪئي آهي. اڄ ڪلهه هو ايڪتا ڪپور جي بالاجي فلمز ڪمپنيءَ جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر آهي. شوڀا ڪپور رميش سپي جي ڀيڻ آهي پر هي رميش فلم شعلي وارو ڊائريڪٽر ناهي، جنهن جي ٻي شادي فلم ائڪٽريس ڪرن جوڻيجا سان ٿي آهي. جڏهن کان ايڪتا ڪپور فلمون ٺاهڻ شروع ڪيون آهن، ته انهن جي وڪري جو ڪم ۽ فلم جي ڪهاڻي پڙهي ان کي Approve ڪرڻ جو ڪم ايڪتا جو هي مامو رميش سپي ڪري ٿو.
ايڪتا ڪپور 1975ع ۾ ممبئي ۾ ڄائي. ممبئي اسڪاٽس اسڪول مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد ممبئي جي مِٺي ٻائي ڪاليج ۾ داخلا ورتي. هن جو اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جو ارادو نه ڏسي سندس پيءُ جيتندر هن کي 19 سالن جي ڄمار ۾ ٽي وي لاءِ سيريز ٺاهڻ ۾ لڳايو، جنهن ۾ هن کي بي پناهه ڪاميابي حاصل ٿي آهي. ايڪتا ڪپور کي اهو وهم آهي ته هن جي هر ٽي وي سيريز جيڪا ”ڪ“ سان شروع ٿئي ٿي، اها ڪامياب وڃي ٿي. ان ڪري هن جون ڪيتريون ئي Serial ”ڪ“ سان آهن، جيئن ته: کهين تو هوگا، کيا هوگا نمو کا، قسم سي، کهين کسي روز، ڪوسوم، ڪٽنب، ڪالاش، کندالي، کس ديس مين هي ميرا دل، کتني محبت هي وغيره. ايڪتا ڪپور ٽي وي سيريل کان علاوه ڪجهه ٽي وي شو به ڪيا آهن، جيئن ته: کون جيتي گا بالي وڊ کا ٽڪيٽ... وغيره. هن جي مشهور فلمن مان ڪجهه هن ريت آهن: شوٽ آئوٽ ائٽ لوکنڊ والا، مشن استنبول ۽ تازي ٺهيل فلم: گول مال رٽرنس.
بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ننڍي عمر ۾ ۽ ٿوري عرصي اندر جيتري شهرت ۽ ملڪيت ايڪتا ڪپور ميڙي آهي، شايد ئي ڪو ساڻس مقابلو ڪري سگهي.

No comments:

Post a Comment