Thursday, November 10, 2011

ڊئنمارڪ پاسي مسجدون ۽ اسلامي اسڪول - الطاف شيخ


ڊئنمارڪ پاسي مسجدون ۽ اسلامي اسڪول
الطاف شيخ
اتر قطبي ملڪن، سئيڊن، ناروي، ڊئنمارڪ يا فنلئنڊ ۾ ڏٺو وڃي ته سڀ کان گهڻا مسلمان ڊئنمارڪ ۾ رهن ٿا. سرڪاري انگن اکرن مطابق ڊئنمارڪ ۾ ٻه لک کن مسلمان آهن جن جو وڏو تعداد گاديءَ واري شهر ڪوپن هيگن ۾ رهي ٿو. انهن ٻن لکن ۾ 40 سيڪڙو اهي آهن جيڪي سياسي پناهه جي بنياد تي ڊئنمارڪ ۾ رهيا پيا آهن. يعني هنن اهو سبب ڏئي هنن ملڪن جا پاسپورٽ حاصل ڪيا ته، سندن ملڪ ۾ هنن سان سياسي نظريي يا مذهبي بنياد تي ظلم ٿي رهيو هو، جنهن کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ هنن ملڪن ۾ اچي پناهه ورتي اٿن. انهن ۾ توهان کي ڪيترا ئي پاڪستاني، ايراني، عراقي، لبناني، سري لنڪن، يوگو سلاوين ملندا. يورپ جي هنن ملڪن ۾ رهڻ سان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته هتي آيل انهن ماڻهن ۾ ڪي ٿورا آهن، جيڪي واقعي پنهنجي ملڪ ۾ ٿيندڙ ظلم کان ڀڄي هيڏانهن آيا آهن. باقي ٻيا هنن ملڪن جي خوشحالي ۽ آرام جي نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوڙو بهانو ٺاهي آيا آهن. ياد رهي ته هنن ملڪن ۾ بيروزگار کي به سرڪار طرفان هر مهيني ايترو پئسو مليو وڃي جو هنن جو اٽو، لٽو ۽ اجهو ٿيو وڃي ۽ ڪيترا ته اسان جي ايشيا يا آفريڪا جا ٽوٽي ماڻهو، پورهيو/  نوڪري ملڻ تي به بيروزگار ٿي گهر ۾ ويهڻ کي ترجيح ڏين ٿا، جو هنن جو مهيني تي سوشل (خيرات) جي مليل پئسي مان سٺو گذارو ٿيو وڃي. ائين به نه آهي ته هنن ملڪن ۾ سياسي پناهه وٺندڙ سڀ ڪوڙا ۽ ٽوٽي آهن. ڪي واقعي سچار آهن، پر ڪيترا ٺڳ ڪوڙا ظلم جا داستان گهڙي هنن ملڪن ۾ سياسي پناهه وٺن ٿا. جڏهن پاڪستان ۾ قاديانين کي غير مسلم قرار ڏنو ويو هو، تڏهن ڪيترن سان نوڪري ۽ ٻين ڳالهين ۾ ناانصافيون ٿيون هونديون ۽ ڪيترا پنهنجي جان مال پاڪستان ۾ سلامت نه سمجهي هنن ملڪن ۾ پناهه لاءِ آيا هوندا، پر ڪيترا اهڙا به قادياني يا غير قادياني هئا جن جرمني، فرانس ۽ اٽليءَ جهڙن ملڪن ۾ مزدوري يا پورهيو پئي ڪيو پر جڏهن پاڪستان ۾ مٿين ڳالهه ٿي ته هو پاڪستان ۾ رهندڙ قاديانين کان اڳ سئيڊن، ڊئنمارڪ ۽ ناروي جهڙن ملڪن کان اچي نڪتا ۽ اهو بهانو ڪيائون ته هو جان بچائي پاڪستان کان پهتا آهن. اهڙيءَ طرح ضياءَ جي دور حڪومت ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪيترن ئي ڪارڪنن ۽ ورڪرن سان ظلم ٿيو پر انهن مان ڪِن ورلي، ٻاهرين ملڪن ڏي ڀڄي اچي سياسي پناهه ورتي. باقي گهڻي ڀاڱي اتي ئي  پاڪستان جي جيلن ۾ تڪليفون ۽ سياسي سختيون سهندا رهيا. اسان جو جڏهن به يورپ جي هنن ملڪن ڏي جهاز ايندو هو ته اسان کي هتي ڪيترا ئي اهڙا ماڻهو به ملندا هئا جن جو سياسي پارٽيءَ (PPP)سان ڪو پري جو به واسطو نه هو. جڏهن ته هتي اچي ڪوڙ ڳالهايائون ته ساڻن پاڪستان ۾ ظلم ٿي رهيو هو جو هنن جو پ پ پ سياسي پارٽيءَ سان واسطو هو. ڪي ته اهڙا به مليا، جيڪي بنگلاديش ۽ ٻين ملڪن جا هئا پر هتي پهچي پاسپورٽ گم ڪري اهو اعلان ڪيائون ته هو پاڪستان کان آيا آهن ۽ هنن جو پيپلز پارٽيءَ سان تعلق آهي، جيڪا جنرل ضياءَ جي ڏمر هيٺ آهي. هو اسان جي جهاز تي ايندا هئا يا هيلسنڪي، مالمو، ڪوپن هيگن ۽ اسٽاڪهوم جهڙن شهرن ۾ ملندا هئا ته وڏي فخر سان اسان کي ٻڌائيندا هئا ته هنن ڪيئن فلاڻي يا فلاڻي سياسي Turmoilمان فائدو ورتو ۽ اچي هتان نڪتا. اهڙيءَ طرح عراق جا ڪيترا ئي عراقي، صدام جي ظلمن جو حوالو ڏئي هنن ملڪن ۾ اچي رهي پيا ۽ نه فقط عراق ۽ فلسطين جا عرب پر اوسي پاسي جي ٻين عرب ملڪن جا ماڻهو (جن ۾ ڪيترا ئي ڏوهاري پنهنجي ملڪ جي پوليس ۽ ڪورٽ ڪچهريءَ کان ڀڄي) هتان اچي نڪتا. سئيڊن ۾ سياسي پناهه هيٺ رهندڙ، هڪ مراڪش جي فيمليءَ کان پڇيم ته؛ ”هنن ڪهڙي حساب سان سئيڊن ۾ Citizen Ship ورتي؟ مراڪش ۾ ته ڪنهن سياسي دشمني يا ظلم جي ڪڏهن ڪا اسان خبر نه ٻُڌي.“ فئمليءَ جي وڏي چپن تي لچائيءَ واري مرڪ آڻيندي چيو: ”پر عراق ۾ ته صدام باهه ٻاري هئي. اسان موقعو سٺو سمجهي، سئيڊن کان اچي نڪتاسين. پاسپورٽ هوائي جهاز ۾ ئي ڦاڙي ڦٽا ڪري ڇڏيا هئاسين. ايئرپورٽ تي لهڻ سان هاءِ گهوڙا شروع ڪئي سين ته، اسان صدام جي ظلمن کان جان بچائي، مراڪش کان ڦري هتي پهتا آهيون.“


”پوءِ هنن کي خبر نه پئي ته توهان عراقي نه پر مراڪشي آهيو، موراڪو کان آيا آهيو.“ مون پڇيو.
”خبر ڌوڙ پوندن، جهڙي عربي عراقي ٿا ڳالهائين تهڙي عربي اسان ٿي ڳالهائي.“ هن وراڻيو.
بهرحال وقت سان گڏ هنن اتراهن (Scandinavian) ملڪن ڌارين ماڻهن جي اچڻ تي ۽ رهائش اختيار ڪرڻ تي سختي شروع ڪئي ۽ اڄ هنن ملڪن جو پاسپورٽ حاصل ڪرڻ، ڪو سولو ڪم ناهي. جيئن ته هن پاسي ڪيترا ئي ماڻهو ايشيا توڙي آفريڪا جا، ٺڳ قسم جا ماڻهو، گهڻا آيا. ان ڪري هنن ملڪن ۾ ڌارين آيل ماڻهن ۾، ڏوهه جو تناسب گهڻو آهي. پاڪستان کان آيل Immigrants ۾ قاديانين جو تعداد گهڻو آهي. پر حق جي ڳالهه ڪبي ته اميگرنٽ ۾ قادياني سڀ کان گهڻو امن پسند ۽ تعليم يافته مڃيا وڃن ٿا. هو چاهي اچڻ وقت غريب ۽ مزدور طبقي جا هئا پر اڄ سندن اولاد پڙهي لکي وڏين پوسٽن تي آهي ۽ ٻئي نمبر تي ايراني مسلمان توڙي ڀئائي ۽ زوروسٽرن (باهه جا پوڄاري)، ٻين کان بهتر شهري سمجهيا وڃن ٿا، نه ته هتي رهندڙ ڌارين ۾ تعليم گهٽ آهي. سياسي يا سماجي ڳالهين ۾ حصو گهٽ آهي پر ڏوهن ۾ وڌيڪ آهي.
هتي ڊئنمارڪ توڙي ٻين ملڪن ۾ احمدين (قاديانين) جون مسجدون به الڳ آهن. اهڙي ئي هڪ مسجد ڊئنمارڪ جي گاديءَ واري شهر ڪوپن هيگن ۾ آهي، جنهن جو نالو ”نصرت جهان مسجد“ آهي. ان مسجد ۾ احمدي وڃن ٿا. هنن جا اتي ليڪچر ۽ سيمينار به ٿين ٿا. هو پنهنجو پاڻ ۾ ڪافي آرگنائيزڊ آهن. هڪ ٻئي جي مدد ڪن ٿا ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ تبليغ جو ڪم ڪندا رهن ٿا. سندن هڪ مسجد ۾، مون گهٽ ۾ گهٽ ويهه کن زبانن ۾ قرآن مجيد جا ترجما ڏٺا.
ڪوپن هيگن، آرهوس ۽ ڊئنمارڪ جي ٻين شهرن ۾ پڻ ڪافي مسجدون آهن. هتي جي ڪيترن رهاڪن جي چوڻ موجب، ڊئنمارڪ ۾ اڄ ڪلهه پنجاهه کان به وڌيڪ مسجدون آهن. هتي سرڪار طرفان مندر، مسجد، پگوڊا يا ڪنهن به قسم جي مذهبي عمارت ٺهرائڻ تي ڪا جهل پل نه آهي، پر هتي جا ڪجهه لوڪل Zoning قانون آهن، جنهن موجب عمارت ٺاهي وڃي ٿي.
1968ع ۽ 1969ع ۾ جڏهن منهنجو جهاز پهريون دفعو هنن ملڪن ڏي آيو هو ته ڪوپن هيگن ۾ رهندڙ مسلمانن کي اهو فڪر هو ته هنن مان ڪو وفات ڪري وڃي ٿو ته هن جي دفن لاءِ ڊئنمارڪ ۾ ڪو مسلمانن جو قبرستان نه آهي. هن جي لاش کي هتي جي گورن جي قبرستان ۾ دفن ڪيو وڃي يا پنهنجي وطن موڪليو وڃي ٿو، جنهن تي تمام گهڻو خرچ اچي ٿو ۽ فوتيءَ جا مائٽ قرضي ٿيو وڃن. اڄ ڊئنمارڪ ۾ ست اهڙا قبرستان آهن جن ۾ مسلمانن لاءِ ڌار سيڪشن ٺهيل آهن، جن ۾ مسلمانن کي دفن ڪيو وڃي ٿو. 2006ع ۾ ڪوپن هيگن ڀرسان برانڊبي شهر ۾ هڪ سڄو قبرستان مسلمانن لاءِ کوليو ويو آهي.
مسلمانن لاءِ ڌار اسڪولن جو جائزو ٿو وٺجي ته ڊئنمارڪ ۾ 1977ع تائين ڪو به الڳ اسڪول نه هو. مون کي ياد آهي ته 1978ع جي آخر ۾ اسان جو جهاز آرهوس بندرگاهه ۾ پهتو هو ته اتي رهندڙ اسان جي هڪ پنجابي واقفڪار فئمليءَ، اها خوشخبري ٻڌائي ته هيلزنگر (Helsingor) ۾ هڪ اسلامي اسڪول کليو آهي، جنهن جو هتي جي زبان ۾ نالو ”اسلامي عربي اسڪول“ “Den Islamic Arabiske Skole” رکيو ويو آهي. اڄ اهو اسڪول ملڪ جي اعليٰ اسڪولن مان آهي، جتي ڊئنش ۽ عربي زبان ۾ پڙهايو وڃي ٿو ۽ سڄي ملڪ جا مسلمان ٻارڙا هن اسڪول کي ترجيح ڏين ٿا.
مٿئين اسڪول کان علاوه ڊئنمارڪ ۾، اڄ ٻيا به 25 کن اسلامي اسڪول آهن، جن ۾ عربي پڙهائي وڃي ٿي ۽ ڪن ۾ ترڪي، ايراني ۽ اڙدو زبانن ۾ به پڙهايو وڃي ٿو. ڇو جو هتي عربن، ترڪن، ايرانين ۽ پاڪستانين جو وڏو تعداد آهي. آفريڪا جي ڪيترن ملڪن، جهڙوڪ سوڊان، صوماليا، جبوتي وغيره جا ٻار عربي اسڪولن ۾ وڃن، جو انهن ملڪن ۾ ٻي زبان عربي آهي، هو ان ڪري به عربي اسڪولن ۾ وڃن، جو قرآن ۽ حديث جا ڪتاب عربي ۾ آهن. روسي رياست جا ٻار جهڙوڪ: ترڪمانستاني، آذر بائيجاني، ازبڪ ۽ تاجڪ وغيره ايراني يا ترڪن جي اسڪول ۾ وڃن ٿا جو انهن ملڪن جي قومي يا ٻيو نمبر زبان فارسي يا ترڪي آهي. سڀ کان وڏو اسلامي اسڪول نوريبرو (Norrebro)  شهر ۾ آهي، جنهن جو ڊئنش زبان ۾ نالو Dia Privatsrole آهي. ڪوپن هيگن ۾ موجود اسان جي پاڪستاني ايمبسيءَ وارن ٻڌايو ته هتي ٻه اهڙا اسڪول آهن جتي اڙدو مادري زبان جي حيثيت سان پڙهائي وڃي ٿي.

No comments:

Post a Comment