Friday, November 11, 2011

ڪنهن سان ته اٿس ملڻو - الطاف شيخ

ڪنهن سان ته اٿس ملڻو
الطاف شيخ
پاڻ سکر جي ٻن شاعرن ادل سومرو ۽ اياز گل جي شاعريءَ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جن جو تعلق درس تدريس سان آهي. سندن ئي شهر جو هڪ نوجوان شاعر عبداللطيف انصاري آهي، جنهن جو واسطو پڻ تعليم سان آهي.
عبداللطيف ولد عبدالرحيم انصاري 20 سيپٽمبر 1978ع تي سکر ۾ جنم ورتو. پاڻ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم. اي سنڌي ادب ۾ ڪرڻ بعد سکر جي هڪ ڪاليج ”گورنمينٽ اسلاميه آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج“ ۾ ليڪچرار آهن، پر کين ويب سائيٽون ٺاهڻ جي حوالي سان وڌيڪ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندن سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي سکر جي ويب سائيٽ http://www.sascitysukkur.com سنڌي ادب جي حوالي سان نهايت اهم ويب سائيٽ آهي. سندس ڪجهه هائڪو ۽ ٽه سٽا جن ۾ پکين جو ذڪر آهي، هن ريت آهن:
ڪونج نه رهي ڪائي
سارا مور مري ويا
رات جڏهن آئي.

آڙي اڏاڻي
بندوق جي ٺڪاوَ تي
ڏڪي مهاڻي.

ٻولي پئي ڪڻڇي،
بارودي بدبوءِ ۾،
ڪوئي نه رهيو پڻڇي.

اڇو سارو ڪنگ،
اندر ڪاري ڪانگ جيان،
عجب قدرتَ رنگُ.

ڪنول ڪوماڻا،
پرديسي پکيڙا،
جڏهن اڏاڻا.

ڪک پن آکيرو،
واءُ، مينهن ۽ گجگوڙ،
ويڳاڻو ڳيرو.

ڏينهن لٿو، ٿِي سانجهي،
پکي آکيري ويا،
موٽيا ڪونه مانجهي.

اُڀ ۾ چنڊ چڪور،
ڦيرا پائيندي ڏسي،
کِلي ويٺو موُر.
شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور سان واسطو رکندڙ شاعرن ادل سومرو، اياز گل ۽ عبداللطيف انصاريءَ جا مٿيان شعر لکڻ بعد سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سنڌي ڊپارٽمينٽ جي پروفيسرن سحر امداد ۽ انور فگارکي فون ڪري ان قسم جي شاعريءَ لاءِ پڇيم.
عورتن جي برٿ ڊيٽ ضرور لکجي، پر سال جو پتو نه ڏجي. پر سحر امداد (اصل نالو سحر نگار ڌيءَ صلاح الدين بلوچ) هن عمر ۾ به سهڻي ۽ سدا جوان لڳي ٿي، ان ڪري ان اصول کي في الحال ڇڏي، سندس ڄم جي تاريخ 20 جولاءِ 1951ع لکون ٿا. هونءَ به ايندڙ سال هو 60 ورهين جي ٿيڻ تي اجهو ٿي سرڪاري نوڪريءَ مان رٽائرمينٽ حاصل ڪري. پاڻ حيدرآباد ۾ ڄائي، سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ۾ ايم اي ڪرڻ بعد اتي ئي درس و تدريس جو ڪم شروع ڪيائين ۽ اڄ ڪلهه سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ پروفيسر آهي. سنڌ جي نامياري شاعر امداد حسينيءَ سان شادي ڪرڻ بعد هوءَ ”سحر امداد“ سڏجي ٿي، جيڪو سندس ادبي نالو پڻ آهي.
سحر سورهن سالن جي هئي ته لکڻ شروع ڪيائين. هن ڪيترائي شعر، ڪهاڻيون، مضمون، مقالا، ڪالم ۽ ريڊيو لاءِ گيتن ڀريون ڪهاڻيون لکيون آهن. سندس ڪيترائي گيت مختلف فنڪارن کان ريڊيو ۽ ٽي تان ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، جيئن ته:
چاهه اسان جو چانڊوڪي جيئن،
چمڪيو آ چوڌار، چمڪيو آ چوڌار،
آ ته هلون هن پار.
سحر جو اهو مٿيون گيت عابده پروين ڳايو آهي. سندس هڪ ٻيو مشهور گيت آهي:
زندگي آهي سفر اي همسفر،
زندگي سان پيار ڪر، اي بي خبر!
يا هڪ دوگانو جيڪو عابده پروين ۽ رجب علي ڳايو آهي، هن ريت آهي:
ويل ويَل جي واڳ ورائي
آڻيون اهڙي رات،
الو ميان، آڻيون اهڙي رات
جنهن جي سهڻي سانجهه هجي،
۽ رنگ رتي پرڀات  الو ميان...
سحر امداد جا ٻه ڪتاب تمام مشهور آهن، جن تي هن کي ايوارڊ به ملي چڪا آهن. اهي آهن:
-چوڏهين چنڊ آڪاس (شاعري)
-شعور، شاعر ۽ شاعري. (اڀياس)
پروفيسر سحر امداد کي 2009ع جو صدارتي ايوارڊ به ملي چڪو آهي. سندس ڪجهه شعر جن ۾ پکين جو ذڪر آهي، هن ريت آهن:
ويٺي اڏايم ڪانگ الا،
سهسين ڪيڙيم سانگ سانول،
سڏڪي سڏڪي ساريان،
ڍولڻ آ وري.
سحر جو مٿيون گيت اڪثر ريڊيو تان ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.
اهڙيءَ طرح امداد حسيني جو هي گيت جيڪو شادين جي موقعي تي ڳايو وڃي ٿو، پڻ ريڊيو تان عام ٻڌجي ٿو:
هٿن پيرن تي ميندي لائي
ڪونج ڳچيءَ ۾ دُهري پائي
کنڊون کير پيئين شل
جيڏل شال جُڙي رهين.
منهنجي خيال ۾ هتي امداد جا پکين جي ذڪر وارا ڪجهه شعر ڏيڻ بي محل نه ٿيندو.
مڌر مڌر ڪو گيت لڳي ٿو
تارو تارو ميت لڳي ٿو
ڪونج پئي ڪَرَلائي
ها، آ ته ٻُڌون ڪَن لائي!

پار پرڻ لئه، تار تري، انءَ جيئن تري ڪو هنج
ساهڙ واهڙ ٿو وهي،
سڪ جو سيني منجهه!

هيءَ چوڏهين اڌ رات
ڪنن ۾ وئي رس اوتي
ٽٽيهر جي لات.

اُٺا ملير مٿان مينهن، ٻول ٻاٻيها
پلر پِئي ته جِئين ملڪ مرڪندي ماڻين.

ڇنن ڇنن ڇُلي ڇُلي ڇولي وئي
الا ڇولي وئي
تاڙي جي تاڙ ڪندي ٻولي وئي
الا ٻولي وئي
گهوريان توتان نوٽ پرين
گهر هليا گهوٽ پرين
مند کاڌي موٽ پرين.
امداد حسيني (سڄو نالو: سيد امداد علي شاهه ولد سيد فضل محمد شاهه) حيدرآباد ضلعي جي ٽکڙ شهر ۾ 1941ع ۾ ڄائو. سندس ادبي نالو امداد حسيني/ سانول آهي. پاڻ موجوده دؤر جو سرموڙ سنڌي شاعر آهي. ايم. اي سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ۽ سماهي مهراڻ رسالي جو ايڊيٽر ٿي رهيو آهي. امداد تمام سٺـي شاعري ڪئي آهي ۽ نوجوان ٽهيءَ جو هميشه هيرو رهيو آهي. اسان به جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ”سهڻي“ ۽ ”روح رهاڻ“ رسالي ۾ امداد جا شعر ڳوليندا وتندا هئاسين. جهاز تي به جيڪي چند ڪتاب کڻڻ جي اجازت هوندي هئي (جو ڪمرو ننڍو هوندو هو) انهن ۾ امداد جي شعرن جو مجموعو ”امداد آهي رول“ ضرور هوندو هو. هي ڪتاب 1976ع ۾ ڇپيو هو. امداد جي شاعري جو هڪ ٻيو ڪتاب ”هوا جي سامهون“ پڻ آهي.
سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ جتي سحر امداد پروفيسر آهي، اتي اسان جي سنڌ جو هڪ ٻيو شاعر ۽ اديب پروفيسر انور فگار هَڪڙو به آهي. بقول هن ڊپارٽمينٽ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر نور افروز خواجه جي، ڊاڪٽر انور فگار هڪ ذهين، ماٺيڻو ۽ سنڌ ۾ گهڻو ڄاتل سڃاتل اديب ۽ شاعر آهي. هو هر وقت لکڻ، پڙهڻ سان واسطو رکندڙ آهي.
ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙي جو جنم شڪاپور ۾ 1961ع ۾ ٿيو، جتي جي مشهور ڪاليج سي اينڊ ايس (چيلا سنگهه اينڊ سيتلداس) ڪاليج مان انٽر ڪرڻ بعد بي. اي ۽ ايم. اي (سنڌي) جو امتحان سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. انور فگار پي. ايڇ. ڊي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي، ان بعد پنهنجي اباڻي پورهئي يعني درس و تدريس جو ڪم سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شروع ڪيائين. انور فگار جو والد صاحب مرحوم محمد صديق شڪارپور ۾ استاد هو. انور فگار جي خاندان ۾ پڙهڻ پڙهائڻ جو سلسلو پنجن پيڙهين کان هلندو اچي. سندس ڏاڏو عبدالرحمان صاحب سنڌي کان علاوه فارسيءَ ۽ انگريزيءَ جو به ڄاڻو ۽ ليکڪ هو.
انور فگارهَڪڙو صاحب ٿوري عرصي ۾ جيڪي ڪتاب لکيا ۽ ترتيب ڏنا آهن، اهي هن ريت آهن:
سمنڊ سمايو بوند ۾، سون برابر سڳڙا، جي تند برابر توريان، جنم جنم جيت اياز، پَٽ جيون ڳنڍيون، ريشم ويڙها،  سنڌي ٻوليءَ بابت مضمون.
ڊاڪٽر انور فگار شڪارپور تي ڪيترائي مقالا لکيا آهن. جيئن ته شڪارپور جون ادبي انجمنون ۽ اشاعت گهر. شڪارپور جا ڦيرواڻي ڀائر، شڪارپور جون ناٽڪ منڊليون، شڪارپور جو تاريخي پس منظر، شڪارپور ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوسر وغيره. بهرحال هتي سندس ڪجهه اهڙا شعر ڏئي رهيا آهيون، جن ۾ پکين جو ذڪر اچي ٿو.
ڇو ٿو ڪرين ڪلور
مارين ٿو ماري پيو
ڄانڀي منجهه تلور.

ڪيئن ماريءَ آهي تاڙي
ٿي ڄاڻ وڃي ڦاسي
اڏري نه جي هيءَ آڙي

ڪيڏو ته وڻي ٿو مون
اڄ قرب ته ڪر پيارا
چيهو ته جهلي ڏي تون.

ٿي ڪانگ اڏائي پئي
ڪنهن سان ته اٿس ملڻو
هوءَ سانگ سجائي پئي.

هي ڪاٺ ڪٽو آهي
رنگين کنڀن وارو
سڀني کان سٺو آهي.

هي چانهه پکي آهي
ڄڻ ڪاٺَ ڪُٺي جي هوءَ
سُهڻِي ڪا سَکي آهي.

آ سونهن ۾ سڀ کان زور
منڙو ٿو وجهي موهي
ڪيڏو ته آهي سهڻو مور.

No comments:

Post a Comment