Wednesday, November 09, 2011

آفريڪا وڃڻ ۾ ڪيترو خوف ڪيتري خوشي - الطاف شيخ


آفريڪا وڃڻ ۾ ڪيترو خوف ڪيتري خوشي
الطاف شيخ
پاڻ آفريڪا جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته آفريڪا جي ڪنهن به ملڪ ۾ اچڻ اهڙو سولو ڪم ناهي جهڙو يورپ، ايشيا، آمريڪا يا آسٽريليا کنڊ جي ڪنهن ملڪ ۾. هتي اسان ويزا حاصل ڪرڻ جي ڳالهه نه ڪري رهيا آهيون. اها ته هر ملڪ جي ان جي قاعدي مطابق ان جي سفارتخاني مان يا ان ملڪ جي هوائي اڏي تي پهچي اسان کي وٺڻي پوي ٿي. پر هتي پاڻ سفر ۾ درپيش ايندڙ انهن ڏاکڙن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، جيڪي آفريڪا ۾ ظاهر ٿين ٿا. خاص ڪري بيمارين جي حوالي سان ۽ جيتن جڻين جي ڏنگن ۽ چڪن جي مصيبتن کان.

آفريڪا جي ڪنهن به ملڪ ۾، خاص ڪري صحارا رڻ پٽ کان هيٺ وارن ملڪن ۾ اچڻ واري کي پنهنجي ملڪ مان Yellow Fever (هئڊي بخار) جي بچاءَ جي سئي هڻائي اچڻ کپي. صحارا کان مٿي وارا ملڪ آهن: مصر، الجيريا، ٽيونيشيا، لبيا ۽ مراڪش وغيره. ميڊيٽرينين سمنڊ جي ويجهو وارا، آفريڪا جا هي ملڪ تمام گهڻو بهتر آهن. صحت ۽ سائنس ۾ توڙي امن امان ۽ خوشحاليءَ ۾. صحارا رڻ پٽ کان هيٺ وارا ملڪ هن ريت آهن: ڪينيا، يوگنڊا، موزمبق، ائنگولا، گئمبيا، نائجيريا، نائيجر، گهانا، سينيگال، ڪئمرون، گئبن، ڪانگو، چاڊ، برنڊي، بينن، برڪينا فاسو، لائبيريا، روانڊا، تنزانيا، سيريا ليون، زائر وغيره. هنن ملڪن ۾ مليريا، ٽائيفائيڊ، ييلو فيور جهڙيون بيماريون به آهن ته نانگ بلائن، وِڇن، سؤپيرين، چيلاٽن، تسي تسي زهريلي مکين جي ڏنگن ۽ چڪن جي به مصيبت آهي. قدرت به انهن ملڪن تي ايترو مهربان نٿي لڳي.
هنن بدنصيب ملڪن ۾ ڪو سال ٻه سڪار هوندو ته سال ٻه صفا مينهن بند. چوڌاري سوڪڙ ئي سوڪڙ. مينهن نه وسڻ ڪري فصل ته سڪي ويندو پر گاه به اٺ جي ڏاس جهڙو ڀورو ٿي ويندو. وهٽن ۽ انسانن جي پيئڻ لاءِ پاڻي نه ملندو. وري جو مينهن وسندو ته اهڙو جو ٻوڙ ٻوڙان. ڌرتيءَ ۾ ڇَٽل ٻج به لڙهي ويندو. غريبن جون جهوپڙيون ٻڏي وينديون. هر هڪ وري پٺيءَ اگهاڙو پوٺي تي ويٺو يورپ يا آمريڪا جي امداد لاءِ واجهائيندو.
يورپ، آمريڪا يا ايشيا کان ايندڙ ڪوبه ٽورئسٽ آفريڪا جي ڪنهن به ملڪ ۾ بي ڌڙڪ ۽ بي خوف ٿي اچي نٿو سگهي. هن کي هر وقت ڪي خاص دوائون کڻي هلڻو پوي ٿو يا Yellow Fever جهڙين بيمارين جي بچاءَ لاءِ هن کي اهي سيون هڻائڻيون پون ٿيون. آفريڪا جي ڌرتيءَ تي پير رکڻ کان گهٽ ۾ گهٽ 10 ڏينهن کن اڳ ييلو فيور جي سئي لڳائڻ کپي جو ان جو اثر ڏهه ڏينهن کان پوءِ شروع ٿئي ٿو. پر اهو ضرور آهي ته هڪ دفعو سئي لڳرائڻ بعد هن تي گهٽ ۾ گهٽ ڏهه سال کن Yellow Fever جو اثر نٿو ٿئي. ڪيترن تي ٽيهن سالن تائين نٿو ٿئي.
ماکيءَ جي مکين، ڏينڀن، چيلاٽن، ڪورئيڙن جهڙن ڏنگيندڙ جيتن جو آزار ته جتي ڪٿي آهي پر اهي ايترا خطرناڪ نه آهن، جهڙي آفريڪا جي تسي تسي (Tsetse) نالي مک. مٿيان جيت تڏهن ڏنگين ٿا جڏهن توهان هنن کي جهليو ٿا يا جڏهن توهان جو هٿ هنن جي مانارن يا لِڪڻ جي جاءِ تي اچي ٿو ۽ پوءِ هو پنهنجي بچاءَ لاءِ توهان کي ڏنگين ٿا پر تسي تسي مک جو جياپو مڇر وانگر انسانن ۽ وهٽن جي رت تي آهي. هيءَ مک اسان جي گهرن ۾ هلندڙ عام مک جهڙي ٿئي ٿي ۽ صحارا رڻ پٽ کان وٺي هيٺ ڪَلهاري رڻ پٽ تائين، سمجهو ته آفريڪا کنڊ جو وچ وارو سڄو حصو هن مک جي آزار ۾ ورتل آهي. هن کي تباهه ڪرڻ جون به ڪوششون ڪيون وڃن ٿيون پر ڪاڪروچن وانگر هنن ۾ وڏي ويجهه آهي. هيءَ مک سال ۾ چار ٽهيون پئدا ڪري ٿي. يعني ٽن مهينن بعد اها مک جيڪا آنا ڏئي ٿي ۽ مکيون پئدا ڪري ٿي اهي ٽن مهينن بعد پنهنجي ماءُ سان گڏ آنا لاهين ٿيون. اهڙي طرح هنن مکين لاءِ چيو وڃي ٿو ته پنهنجي زندگيءَ ۾ اٽڪل 30 کن Generations پئدا ڪن ٿيون. هن مک جون 22 مختلف جنسون آهن ۽ هر سال اڍائي کان ٽي لک ماڻهو هن مک جي ڏنگڻ ڪري موت جو شڪار ٿين ٿا. هيءَ مک مڇر وانگر هڪ ماڻهوءَ يا وهٽ مان رت چوسي ٻئي ۾ داخل ڪري ٿي ۽ انسانن کي ننڊ واري بيماري (Sleeping Sickness) وٺيو وڃي.
هن مک ذريعي پيدا ٿيندڙ بيماريءَ جو پهريون دفعو علاج 1910ع ۾ ايجاد ڪيو ويو پر ان سان مريض نابين ٿي پيو ٿي. هاڻ ويجهڙائيءَ ۾ ڪجهه بهتر علاج ڪڍيا اٿن پر ان هوندي به هيءَ مک مڪاني ماڻهن، کير ڏيندڙ جانورن ۽ ڌارين ملڪن کان ايندڙ ٽوئرسٽن لاءِ عذاب آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسين ٻين ملڪن جي ٻهراڙين ۾ به گهمڻ ڦرڻ لاءِ هليا وڃون ٿا. پر آفريڪا جي ملڪن ۾ پنهنجو پاڻ کي شهرن تائين محدود رکون ٿا. خاص ڪري رات جي وقت ته ٻاهر نڪرڻ بيحد خطرناڪ آهي. ائين ته ملائيشيا به سڄو جنگل آهي، جتي مون ڏه سال کن گذاريا پر اتي اهي پئراسائيٽ نه آهن. ملائيشيا ۾ مڇر ضرور آهن پر مليريا ناهي. هتي آفريڪا ۾ نه رڳو مليريا آهي پر ڊينگي بخار جو به خطرو آهي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان جي ملڪ ۾ اڃان تائين مليريا تي ته ڪنٽرول نه ٿي سگهيو آهي پر ويتر روز بروز ڊينگي بخار جو مرض به وڌندو وڃي. ملائيشيا ۾ جيڪڏهن ڪو ٽوئرسٽ بخار جي حالت ۾ پهچي ٿو ته هن کي يڪدم ڪارنٽائين ۾ اڪيلو رکيو وڃي ٿو، جيسين پڪ ٿئي ته هن کي مليريا يا ڊينگي بخار ته نه آهي. ڇو جو اهڙي ماڻهوءَ کي جي ڪنهن مڇر چڪ هنيو ته معنيٰ هو ان بخار جا جراثيم ٻئي جي رت ۾ وڃي Inject ڪندو ۽ بيماري پکڙجي ويندي.
بهرحال آفريڪا جي ڪنهن به شهر ۾ اچڻ واري – پوءِ اهو گهمڻ لاءِ اچي ٿو يا ڪنهن مائٽ مٽ سان ملڻ، نوڪريءَ لاءِ اچي ٿو يا ڪو سيمينار، ڪانفرنس اٽيند ڪرڻ. منهنجي اها ئي صلاح آهي ته هو بيحد خيال سان اچي ۽ جن بيمارين جي بچاءَ لاءِ سُيون لڳرائڻ ضروري آهن اهي لڳرائي ۽ شهر کان ٻاهر نڪرڻ کان اڳ مڪاني ماڻهن سان ضرور صلاح ڪري. ڇو جو ڏينڀو يا چيلاٽي، وڇون يا سئو پيري جي ويجهو نه وڃي توهان پنهنجو پاڻ کي بچائي سگهو ٿا پر هن قسم جي ٽسي ٽسي مکين جي ويجهو کڻي نه وڃو پر هو مڇر وانگر پنهنجي بک اجهائڻ خاطر توهان جو رت چوسڻ لاءِ حملو ڪري ٿي. هونءَ هتي اهو به لکندو هلان ته تُسي تُسي مک هتي جي آفريڪي زبان جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ ئي آهي مک. ان ڪري انگريزيءَ ۾ به هن کي فقط تسي تسي (Tsetse) سڏيو وڃي ٿو. ان تان مون کي ياد آيو ته هن مک کي “تسي تسي مک” سڏڻ ائين آهي، جيئن “آبِ زم زم جو پاڻي” يا “سنگمرمر جو پٿر” چوڻ. ڇو ته آب جي معنيٰ ئي پاڻي آهي. اهڙي طرح سنگ جي معنيٰ پٿر آهي. هڪ ٻي ڳالهه ته هن مک (تسي تسي) کي هن ملڪن ۾ ٽِڪ ٽِڪ مکيون (Tik Tik Flies) به سڏيو وڃي ٿو.
آفريڪا کنڊ تمام وڏو ۽ گهمڻ جوڳو آهي. يورپ يا ايشيا جي ملڪن وانگر ويزا يا ٻين ڳالهين جي ڪا ايڏي سختي نه آهي پر هتي صحت جي خيال کان بيحد خبردار رهڻو پوي ٿو. ان ڪري پاڻ کي آزاد محسوس ڪرڻ بدران دماغ تي هر وقت ٽينشن رهي ٿو. آفريڪا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين انيڪ مرض ۽ بيماريون آهن، جن ۾ مڪاني ماڻهوءَ کان وڌيڪ ڌاريون ڦاسيو پوي ٿو جو هن جي قوت برداشت ايتري ناهي. مڪاني ماڻهو ته ڪچيون پڪيون ڀاڄيون به کايو وڃن ته واٽر ڪورس جو گپ هاڻو پاڻي به پيو وڃن پر ايشيا يا يورپ کان ايندڙ ماڻهوءَ کي وڏو خيال رکڻو پوي ٿو جو ڪي بيماريون کاڌن مان ته ڪي پاڻيءَ مان لڳن ٿيون. ڪي درياهه يا سئمنگ پول ۾ وهنجڻ مان ته ڪي مريض کي ڇهڻ سان. ڪيترين بيمارين جون ته علامتون (Symptoms) به ساڳيون آهن. ڪيترين خوفناڪ بيمارين جي بچاءَ جون سيون ۽ ٽُڪا (Vaccines) به ايجاد ٿي چڪا آهن. ڪيترين بيمارين کان بچاءَ لاءِ توهان کي کاڌي پيتي جي شين تي خيال رکڻو پوندو. هونءَ ته توهان کڻي ڪيڏو به خبردار رهو پر ڪي اهڙيون ڳالهيون آهن، جن کان توهان بچي نٿا سگهو، جيئن ته پيٽ جي گڙٻڙ. موسم جي تبديلي، کاڌي جي فرق ۽ گرميءَ ڪري توهان جو پيٽ ڪجهه ڏينهن لاءِ ضرور Upset رهندو. بهرحال هتي هڪ اها به ڳالهه لکندس ته جيتري قدر ٿي سگهي بيمارين جي بچاءَ لاءِ سيون هڻائي نڪرو، پاڻ سان ترت علاج لاءِ دوائون به کڻي نڪرو، پر ساڳي وقت دماغ تي گهڻي ٽينشن به نه رکو، نه ته گهمڻ ڦرڻ سڀ زهر ٿي ويندو. پوءِ رڳو آفيس ۽ گهر تائين محدود ٿي ويندائو. پوءِ ڀلا اهڙي نڪرڻ مان ڪهڙو فائدو؟ زندگيءَ ۾ ته هر ڳالهه ۾ ٿورو گهڻو Risk جو پهلو ته اچي ئي اچي ٿو. ڪيترا ماڻهو ته قلندر جي ميلي تي به پاروٿو کاڌو ۽ مکين هاڻو ڇانهينءَ جو شربت پي پوءِ مهينو کن ڪالرا يا ڊائرا جا مريض ٿي اچي کٽ تي پوندا آهن. سو بهرحال خبردار رهڻ کپي پر هو ڇا چوندا آهن ته:
لازم ہے دل کے پاس رہے پاسبانِ عقل،
لیکن کبھی کبھی اسے تنہا بھی چھوڑ دے۔

توهان خود سوچيو جي آئون تمام گهڻو خبردار رهان ها ۽ هيڏانهن هوڏانهن گهمڻ ۽ مختلف جاين، مسجدن، مندرن، مارڪيٽن، ٻهراڙي جي علائقن ڏي نه وڃان ها ته اڄ هي منهنجو سفرنامو به فقط ٻن سٽن جو هجي ها ته “ممباسا پهتس. صبح جو نيرن ڪري نڀاڳن ڇورن کي پڙهائڻ ويندو هوس ۽ شام جو ماني کائي سمهي رهندو هوس....”
بهرحال هتي الڳ مضمون ۾ ڪجهه انهن بيمارين جو مختصر احوال لکندس جن بابت اسان جهاز وارن کي ان وقت آگاهه ڪيو ويندو هو، جڏهن اسان جو جهاز آفريڪا جي ڪنهن بندرگاهه ڏي روانو ٿيندو هو.

No comments:

Post a Comment