Wednesday, November 09, 2011

آفريڪا جا شهر ڏسي حيران ٿي وياسين - الطاف شيخ



آفريڪا جا شهر ڏسي حيران ٿي وياسين
الطاف شيخ
ڪينيا ايئرويز جي هوائي جهاز ۾ آرامده سفر ڪرڻ تي جتي خوشي ٿي اتي دل ۾ ساڙ به پئدا ٿيو ته آفريڪا جي ڪينيا جهڙي ملڪ جي هوائي ڪمپني به اسان جي قومي هوائي ڪمپنيءَ کان گوءِ کڻي وئي آهي. نئروبي ايئرپورٽ جي واش روم جي حالت ڏسي به دل ۾ ساڙ ٿيو، جيڪا اهڙي ته صاف سٿري هئي جهڙي يورپ جي هوائي اڏن تي هوندي آهي. هڪ شيدي واش بئسن جي سامهون لڳل آرسين کي صاف ڪري رهيو هو. هر شيءِ چمڪي پئي، ٻاهر نڪرڻ وقت هو منهنجي راه روڪي نه بيٺو جيئن ڪراچي جي هوائي اڏي تي مسافر کان زوريءَ ٽپ پنڻ جي بهاني صفائي وارو در کي آڏ ڪري بيهندو آهي. هتي هي ڪينين ڪم وارو پنهنجي ڪم ۾ مشغول رهيو. واش روم ۾ اها يورڪ ائسڊ جي ڌپ به نه هئي جيڪا اسان جي ملڪ جي ڪراچي، لاهور توڙي اسلام آباد جي هوائي اڏن جي Uriners وٽ هوندي آهي.

نئروبيءَ کان ممباسا وڃڻ جي اڏام جو جيسين فيصلو ٿئي تيسين آئون ايئرپورٽ جي هن عمارت جي پنجين ماڙ تي ٺهيل سمبا (Simba) نالي ريسٽورنٽ ۾ اچي ويٺس. چوڌاري مختلف ملڪن جا ماڻهو، خاص ڪري يورپ جا گورا مرد ۽ عورتون چڍين ۽ اسڪرٽن ۾ ڏسي اندازو لڳايم ته: جيتوڻيڪ هاڻ انگريزن جو راڄ نه آهي، هن ملڪ جا شيدي حاڪم ۽ بيوروڪريٽ ايڏو ايماندار نه آهن، پر ان هوندي به ايڏو امن آهي ۽ ايڏي آزادي آهي جو اڄ به ڪيترائي يورپي پنهنجي ملڪي ويس وڳن ۾ هتي ٽوئرزم لاءِ پيا اچن. اسان وٽ به ڪنهن زماني ۾ ڪراچي جهڙن شهرن ۾ ائين فارين ٽوئرسٽ ۽ دنيا جي مختلف جهازن جا Sailors نظر ايندا هئا. هاڻ عورتون ته ڇا مردن کي به سندن جهاز ران ڪمپنيون اهو چتاءُ ڏين ٿيون ته جيترا ڏينهن جهاز ڪراچي ۾ رهي بندرگاه کان ٻاهر هرگز نه نڪرجو. ورلي ڪو اڪو دڪو ڪرغستان، ازبڪستان، ترڪمنستان يا ڪزاڪستان جهڙن ملڪن جو ڪنگلو شهر ۾ نظر اچي ٿو.
نئروبي جي ايئرپورٽ تي هن “سمبا” ريسٽورنٽ کان علاوه ٻيون به ٻه کن ڪيفيٽراءِ، پب ۽ هڪ هوٽل نظر آئي. ان کان علاوه جتي ڪٿي وينڊنگ مشينون به نظر اچي رهيون هيون، جن ۾ سِڪا وجهي ماڻهو پنهنجي ضرورت موجب کائڻ پيئڻ جون شيون ڪڍي رهيا هئا. قيمتون ڀيٽيم ته اهي ئي هيون جيڪي ممبئي، ڪولمبو، ڪوالالمپور، تهران ويندي منيلا ۽ هانگ ڪانگ ايئرپورٽن تي آهن. هڪ اسان جو ڪراچيءَ جو ايئرپورٽ آهي ۽ ٻيو جدي جو جتي خبر ناهي ڇو مسافرن کي ڦريو وڃي ٿو ۽ ها، ٽيون دبئي وارو هٿ ٺوڪيو “ڊيوٽي فري” ايئرپورٽ! يارو ايڏي مهانگائي ته اوسلو، ڪوپن هيگن ۽ اسٽاڪهوم جي هوائي اڏن تي به نه آهي، جيڏي ڪراچي، دبئي ۽ جدي ايئرپورٽ تي آهي.
نئروبيءَ جو هي بين الاقوامي ايئرپورٽ شهر جي ڏکڻ اوڀر ۾ ايمباڪاسي نالي هڪ غريباڻي علائقي ۾ آهي. سمجهو ته ڪراچيءَ جو ماريپور ۽ يونس آباد آهي. هي ايئرپورٽ 1958ع ۾ “نئروبي ايمباڪسي ايئرپورٽ” جي نالي سان ٺهيو هو. تن ڏينهن ۾ انگريزن جو راڄ هو ۽ هن ايئرپورٽ جو افتتاح راڻي ايلزبيٿ اول (اڄ واري راڻي ايلزبيٿ جي ماءُ) کي ڪرڻو هو، پر هن کي آسٽريليا ۾ هلندڙ پروگرامن ۾ دير ٿي وئي ۽ نئروبي واري هن فنڪشن ۾ پهچي نه سگهي. ڪجهه عرصي بعد هن هوائي اڏي جو نالو نئروبي انٽرنيشنل رکيو ويو. 1970ع ڌاري پراڻي هوائي اڏي جي بدلي هي نئون ايئرپورٽ ٺاهيو ويو جنهن جو نالو “جوموڪينياتا انٽرنيشنل ايئرپورٽ” آهي. هن نئين ٽرمينل کي ٽي يونٽ آهن. بين الاقوامي اڏامن لاءِ آمد ۽ روانگي لاءِ ۽ ٽيون ڊوميسٽڪ اڏامن لاءِ آهي جتان هوائي جهاز رستي ممباسا وڃي سگهيس ٿي. ممباسا ويندڙ هاءِ وي به هتان ايئرپورٽ جي ڀرسان لنگهي ٿو پر مون کي اها رات نئروبيءَ ۾ ئي رهڻ لاءِ چيو ويو ۽ آئون سمبا ريسٽورنٽ ۾ چانهه ۽ سئنڊوچ جا پئسا ڏئي ٽئڪسي ذريعي نئروبي جي مرڪزي علائقي ۾ هليو آيس، جيڪو سينٽرل بزنيس ڊسٽرڪٽ سڏجي ٿو ۽ ايئرپورٽ کان ڏهه ميل کن پري ٿيندو.
منهنجي خيال ۾ منهنجو پهريون دفعو 1970ع يا شايد 1969ع ۾ آفريڪا جي بندرگاه ممباسا ۾ اچڻ ٿيو هو. ان کان ڏهه سال کن اڳ جڏهن مئٽرڪ ۾ هئاسين ته آفريڪا کنڊ بابت جاگرافيءَ جي ڪتاب ۾ پڙهندا هئاسين ته اهو اونداهو کنڊ آهي جنهن ۾ اڌ اگهاڙا ۽ جهنگلي قسم جا ماڻهو رهن ٿا. پرممباسا پهچي حيرت ٿي ته هتي جا روڊ رستا، ٽرئفڪ جو نظام، پوليس، مختلف ادارا ۽ ماڻهن جي ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ فضيلت جو معيار اسان کان به وڌيڪ نظر آيو. مون کي ياد آهي ته ممباسا جي مارڪيٽ ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ پئڪ ٿيل تازو کير ۽ ڪاسائين جا صاف سٿرا دڪان ڏسي مون هڪ مڪاني کوجي واقفڪار کي چيو هو ته هتي ته جهڙو يورپ لڳو پيو آهي. ياد رهي ته انهن ڏينهن تائين اسان وٽ اهڙيون سپر مارڪيٽون شروع نه ٿيون هيون ۽ نه ائين ٿيليهن ۾ کير، ڀاڄي يا  گوشت پئڪ ٿي مليو ٿي.
“يار هي ڪهڙو اونداهو کنڊ آهي؟” مون هڪ دفعو وري هن کوجي سان اظهار ڪيو، جيڪو ڪينيا جو شهري آهي ۽ سندس ڏاڏو 1930ع ۾ سنڌ جي تلهار يا بدين شهر مان لڏي هتي ممباسا ۾ اچي رهيو هو، “هتي جا شيدي ته اسان کان به وڌيڪ سلجهيل ۽ بااخلاق نظر اچن ٿا.”
“تڏهن ته آئون چوان ٿو ته انگريزن کي ننڍو کنڊ ايترو جلد نه ڇڏڻ کپندو هو.” کوجي ڪينيائي همراه اڌ سنڌي اڌ ڪڇي لهجي ۾ چيو، خاص ڪري سنڌ ۾ ته اڃان به رهن ها. ڇو جو انگريزن جي وڃڻ بعد سنڌ جو پڙهيل ڳڙهيل طبقو هندو به هليو ويو ۽ سنڌ جي جاهل پير، مير، وڏيري سنڌ ۽ سنڌ جي عوام کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.
سندس اها ڳالهه ٻڌي مون کي آمريڪا ۾ رهندڙ اترادي دوست ڊاڪٽر ياد اچي ويو جيڪو سندس ڳوٺ ۾ وڏيري جي ظلمن جو روڄ روئي چوندو آهي ته “انگريزن سنڌ تي ٿوري ٿوري ته به هڪ سئو سال حڪومت ڪئي پر لڳي ٿو ته هنن جي حڪومت جو اسان جي ڳوٺ تي هڪ ڏينهن جو به اثر نه ٿي سگهيو آهي. اسان جا وڏيرا، سياستدان ۽ ڀوتار اهي ئي ڄٽ ۽ ظالم آهن. تعليم، انصاف، انسانيت جهڙي ته ڪا به شيءِ، نه اسلام مان ۽ نه انگريزن کان سکي سگهيا آهن.”
بهرحال يورپ جي ملڪن جا بندرگاه گهمڻ بعد آفريڪا جو هي بندرگاه ممباسا مون کي بيحد سهڻو ۽ عجيب لڳو. چوڌاري ساوڪ ئي ساوڪ، جهڙالي موسم، نه يورپ جهڙو سخت سيءُ ۽ برفباري نه وري مهانگي سواري! هر هڪ ماڻهو جهڙو واندو واندو ۽ پُرسڪون! جنهن کان کڻي رستو پڇ ته هو نه فقط اهو ٻڌائي پر پيو گڏ هلي ۽ گائيڊ ڪري. مختلف قسمن جي رنگين پوشاڪن ۾ شيدي مرد ۽ عورتون، ساڙهين ۾ کوجا، بوهري، گجراتي، عورتون جن لاءِ هتي هڪ ئي ٽرم “انڊين” استعمال ٿئي ٿو، چڍين ۾ انگريز ۽ يورپي، دڪانن اڳيان اونهاري ۾ به اڇو ڪوٽ ۽ مٿي تي پڳ رکي هلندڙ سنڌي هندو ۽ پارسي.... سندن اهو اسٽائيل هن وقت به اکين اڳيان ڦري رهيو آهي، جڏهن هو زنجير ۾ ٻڌل ناس جي دٻليءَ جيڏي “ميڊ ان سئيز” واچ ڪڍي وقت ڏسندا هئا. ان سنهي زنجير جو ٻيو ڇيڙو سندن قميص ۾ لڳل سونن ٻيڙن مان هڪ ۾ اٽڪيل هوندو هو. انهن ڏينهن ۾ ڪٿي هيون ائين عام واچون، جيئن اڄ آهن. ڪنهن خوش پوشاڪ کي ڏسي وقت پڇبو هو يا شهر جي گهنٽا گهر وٽان لنگهندي ٽائيم ڏسبو هو. پر 1970ع اهو سال هو جنهن ۾ جپاني واچون خاص ڪري سيڪو ۽ سٽيزن دنيا ۾ مشهور ٿي ويون هيون. نه ته ان کان اڳ اسان جهازي آفيسر ڊيوٽي فري بندرگاهن مان فئورلوبا نالي سئٽزرلئنڊ جي واچ وٺندا هئاسين. اوميگا واچ سڀ کان مهانگي هئي ۽ اسان جي وس کان ٻاهر هئي. وطن وربو هو ته ويجها مائٽ ۽ دوست ولائتي واچ جي فرمائش ڪندا هئا. اڄ ڪلهه ته ويهين رپئي ملندڙ چين يا تائيوان جي اليڪٽرانڪ واچ به صحيح ٽائيم ٻڌائي ٿي. پر 1970ع کان اڳ مڪينيڪل واچون هونديون هيون، جن مان فقط ناليرين ڪمپنين جون واچون هر وقت صحيح ٽائيم ڏينديون هيون. باقي واچون ڪجهه وقت استعمال ڪرڻ بعد مستري کان ان جا ڪانٽا، اسپرنگ يا گراڙيون (Gears) پيون ٺهرائبيون هيون.
ممباسا ۾ هانگ ڪانگ، عدن ۽ ڪولمبو جهڙا ڊيوٽي فري شاپنگ مال ۽ انگلنڊ جهڙا بار، پب ۽ ڪيفيٽراءِ ڏسي تعجب ٿيندو هو ته: هي ڪهڙي قسم جو بندرگاه آهي جيڪو آهي ته آفريڪا جي سرزمين تي پر ان جا رهاڪو مڪاني شيدين کان علاوه ايشيائي ماڻهو پڻ آهن ۽ جنهن بندرگاه جي ڪلچر ۽ ماحول مان انگلنڊ جو هڳاءُ اچي ٿو، جنهن جي نائيٽ لائيف ۾ يورپ جي سڳنڌ (۽ ڌپ پڻ) آهي! اسان جي مڪاني جهاز ران آفيس جو هڪ سک ڪلارڪ آيو تنهن ٻڌايو ته هو ڄائو نپنو نئروبيءَ ۾ ۽ اڄ به هن جا مائٽ اتي ئي رهن ٿا، هو فقط نوڪريءَ ڪري ممباسا ۾ رهي ٿو ۽ جيئن ئي هن کي موقعو ملندو ته هو پنهنجي بدلي نئروبي ڪرائي ويندو.
“يار ڪمال آهي!” مون حيرت مان چيومانس، “ممباسا جهڙو زبردست شهر ڇڏي ويندين؟” مون ان وقت تائين ڪينيا ته ڇا سڄي آفريڪا کنڊ جو هي پهريون شهر ڏٺو هو. (مصر جي شهرن جي ڳالهه نٿا ڪريون جيڪو ملڪ ايشيا ۾ به آهي ته آفريڪا کنڊ ۾ به – جيئن ترڪي يورپ ۾ به آهي ته ايشيا ۾ به).
منهنجي چوڻ تي سک ٺهه پهه چيو: “منهنجي شهر نئروبي سان ڪير نه پڄي.”
“پر ممباسا بندرگاهه هجڻ ڪري چوڌاري سمنڊ آهي ۽ اونهاري ۾ به موسم خوشگوار آهي نه ته ڪينيا جو ملڪ خط استوا واري پٽي تي هجڻ ڪري ڪينيا ۾ جتي ڪٿي ٻارهوئي گرمي هوندي.”
“بلڪل صحيح ٿا چئو پر منهنجي شهر نئروبيءَ ۾ اونهاري ۾ به ٿڌڪار رهي ٿو جو اهو سطح سمنڊ کان تمام گهڻو اتاهون آهي جيئن توهان وٽ ڪوئٽيا يا ڪوه مري آهي.”
اها به مون لاءِ واقعي حيرت جي ڳالهه هئي جو منهنجي دماغ ۾ اهو ئي ويٺل هو ته آفريڪا اونداهو کنڊ يعني جاهل ۽ ڄٽن جو ملڪ آهي جتي نه پاڻي آهي ۽ نه کاڌو، جتي ٻارهوئي سخت گرمي ٿئي ٿي. سو هي ڳالهيون ٻڌي منهنجو حيران ٿيڻ نارمل هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته پوءِ اڳتي هلي خبر پيئي ته رهوڊيشيا ۽ سائوٿ آفريڪا خط استوا (Equator) کان ايڏو پري آهي جو اتي ٻارهوئي ٿڌ رهي ٿي ۽ سياري ۾ ته برف باري ٿئي ٿي.
انهن ڏينهن جي يعني 1970ع جي هڪ ٻي ڳالهه به ياد ٿي اچي ته مٿئين سک کي جڏهن اسان پنهنجي ملڪ ۽ ڪراچي بندرگاهه جون ڳالهيون ٻڌائي Impress ڪري رهيا هئاسين (ياد رهي ته ان وقت جي ڪراچي بندرگاه جي صاف سٿري ۽ Efficient هجڻ جي آمريڪن به تعريف ڪندا هئا ۽ ڪراچي شهر جي سونهن سوڀيا ۽ ماڊرن ٽيڪنالاجي ۾ پينانگ، ڪوالالمپور، جڪارتا ويندي بئنڪاڪ ۽ منيلا به ڪجهه نه هئا) ته ڳالهين ڪندي مون سک کي ٻڌايو ته ڪراچيءَ ۾ ڊرائيو-ان سئنيما به آهي. جتي اسان ڪار ۾ ويهي فلم ڏسندا آهيون ته هن ٺهه پهه چيو نئروبيءَ ۾ ته ٻه آهن ۽ پوءِ ٽهڪ ڏيندي چيو “اسان سک ڪميونٽي جا نوجوان دوست ڪڏهن ڪڏهن مستي ۾ اچي ٽرڪ ۾ چڙهي ڊرائيو، ان سئنيما ۾ فلم ڏسڻ ويندا آهيون ۽ ٽڪيٽ فقط هڪ گاڏيءَ جي ڏيندا آهيون.”
اهي ڳالهيون ٻڌي اسان وائڙا ٿي ويا هئاسين، ته آفريڪا سڄو رڃ ۽ سڃ به نه آهي. آفريڪا ۾ ممباسا ۽ نئروبي جهڙا شهر به آهن جيڪي انگلش اسٽائيل شهر چئي سگهجن ٿا ۽ لارينزو مارڪس (جيڪو هاڻ موپوٽو سڏجي ٿو)، ڊڪار ۽ عابد جان ۽ خارطوم جهڙا شهر به آهن. جيڪي نه صرف آفريڪا ۽ ايشيا جي خوبصورت شهرن جو ڏيک ڏين ٿا پر پورچوگال ۽ فرانس جي شهرن جون به سڪون لاهين ٿا.

No comments:

Post a Comment