Friday, May 31, 2019

ڪينجهر ۾ لهندڙ سج سان گهاريل گهڙيون - رکيل مورائي


ڪينجهر ۾ لهندڙ سج سان گهاريل گهڙيون
رکيل مورائي
Image result for keenjhar lakeسامهون ڊگهي نظر جي حد تائين پاڻي ئي پاڻي آهي، اماوس جي رات آهي، آڪاس ۾ ضرور تارا ٽمڪندا هوندا چنڊ جي غير موجودگيءَ ۾ هر ستارو پاڻ لاءِ چنڊ هجڻ جو گمان پاليندو هوندو. سامهون ڇَرَتي پوندڙ  لائيٽن جي روشني، روشني جيڪا هٽن جي مٿان لڳل سرچ لائيٽن جي شعاعن کي لهرن سان ٽڪرائي هڪ عجيب کيل ڏيکاري رهي آهي. ان جي آخري حد تائين  نظر ايندڙ لهرون شعاعن کي اڀاري رهيون آهن.


آسمان ڏانهن نظر ڪراس نه ٿي رهي آهي ان ڪري تارن جي سونهن پاڻيءَ ۾ لهرن ۽ سرچ لائيٽن  جي شعاعن جي راند ۾ لهي آئي آهي. پاڻيءَ ۽ روشنيءَ کان ٻاهر  گول گهمي ايندڙ ڪناري سان الڳ الڳ ادارن جا هٽ ۽ بنگلا جڙيل آهن. ڪي جڳهيون به آهن  جن ۾ بلب موڪلن جا  ڏينهن هجڻ ڪري چمڪي رهيا آهن.
سرچ لائيٽ جي شعاعن کان  تنگ ٿي ڪڏهن ڪڏهن ڪو پکي هڪ وڻ کان اڏي ٻئي وڻ ڏانهن وڃي ٿو ته سندس ڀڙڪي اڏرڻ جو آواز ڪنهن اڏرندڙ جهاز جيان سانت کي چيري وڃي ٿو، وڻن ۾ ويٺل پکي خوف کان ڀڙڪي ڏئي اڏرن ٿا جيڪي سج لهڻ کان پوءِ  وڻن ۾ جوڙيل پنهنجن پنهنجن گهرن ۾ آرامي هوندا آهن، ڪنهن ڪنهن وقت پاڻ ۾ ڪچهري ڪندا آهن ته اونداهي مرڪي پوندي آهي ۽ هتي هٽن ۾ عارضي رهاڪن  جي ڪنن جي ويجهو فطرت نچڻ ۽ ڳائڻ لڳندي آهي.
نگاهه جي سڌ تي پاڻي جي ڇَرَجي پڄاڻي تي، جيڪا پڪ سان ڪينجهر جي ٻي ڪنڌي ئي ٿي سگهي ٿي، سڌ ۾ ايندڙ ڪا گاڏي روشنيءَ جي هڪ لڪير کڻي اچي ڪينجهر جي ڪناري تي چڙهي ٿي ۽ پوءِ ڪنهن به طرف مڙي پٺيان ساڳي اونداهي ڇڏي وڃي ٿي.
سامهون ئي سامهون ڪن فيڪٽرين جي چمنين مان ڪڏهن ڪو باهه جو شعلو ظاهر ٿئي ٿو، ڪڏهن وري گم ٿي وڃي ٿو، اهڙا شعلا هڪ کان وڌيڪ مختلف وقتن تي ٻرن ٿا ۽ وسامي وڃن ٿا، ائين انهن جي رات جي اونداهيءَ سان اڳ ٻُوٽ راند  جاري آهي  .ماحول ۾  رهجي ويو آهي هواءِ تي ڪڏهن ڪڏهن لهرين جي پاڻ سان راند ڪرڻ جو آواز ٻيءَ طرح سناٽو آهي.
هي سڀ رات جي پهر ۾ هٽ جي مٿين گيلريءَ مان کليل آسمان هيٺان  ويهي ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ جو منظر آهي  جيڪو سج لهڻ کان پوءِ رات جا ساڍا ٽي پهر هلڻو آهي. ايستائين، جيستائين اوڀر ڏانهن (جيڪو اسان جي پٺيري آهي) کان اڀرندڙ سورج ديوتا پنهنجي صبح جو نور ڪينجهر جي نيري  پاڻي تي اوتيندو آهي .
ائين هيءَ طلسماتي رات پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچندي آهي ۽ اڄ به پڄاڻي تي پهتي. سج جي آمد جو اطلاع اسان کي صبح جو هي ڏيهي ۽ پرڏيهي پکي پنهنجون مٺڙيون  ٻوليون ٻولي، پنهنجا ننڍا کڙا نيڻ کولي، پَرَ ڦرڪائي ڏيندا  ۽ اسان صبح جي روشن  سج جو درشن ڪري سگهندا آهيون، هن  سمي لاءِ ئي  شايد مها ڪوي
شيخ اياز لکيو هئو
نيري ڍنڊ اڇيرا پک
ڇَرتي ڇوهه ڇُمر جا پاڇا
گجري توتي گجُ ته آپر
جُهڙ ۾ جهڙا ڪارا ڪک
ڇَر تي ڇوهه ڇَمر جا پاڇا
هن نيري ڍند جي ڇَرَ تي صبح جو اڇن ڪڪرن جا پاڇا جن ڏٺا ۽ ڍنڊ ۾ تڙڳنڊڙ نوريون جن ڏٺيون، اُهي تماچي ٿي ويا. شام تائين ڪيئي نوريون ۽ تماچي پنهنجون راس ليلائون ڪينجهر ڪناري ڪري رهيا هئا، ڪينجهر جو آس پاس رنگين بڻيل هئو ۽ اسان ٻنهي کي هڪ ئي وقت اياز جون سٽون هئين تي هري آيون هيون،
ڪيئي ڪينجهر ڪنڌئين
نوريون نيل ڪنول
مون کان سنڌ نه وسري
هن لمحي ساڄي هٿ تي نوريءَ جي مزار آهي ۽ کاٻي هٿ تي مڪليءَ ۾ ڄام تماچيءَ جي مزار آهي، وچ ۾ آيل مفاصلي کان ڪيترا ئي ڀيرا ڊگها داستان آهن جيڪي شايد انسان جي يا سنڌين جي رهڻ تائين پيا ڳائبا ۽ پڙهبا وري وري رات جا شايد ٻه پهر گذري چڪا  آهن ڪنهن پکيءَ ڀڙڪو کاڌو آهي ۽ مان پنهنجو پاڻ ۾ موٽي آيو آهيان. مون جيان ئي ڀر واري ڪرسيءَ تي ويٺل ڪلثوم الائي ڪهڙي مَنڊ ۾ مُنڊ جي وئي آهي ۽ اسين  ماٺ جي سحر  انگيزيءَ مان ٻاهر نڪري آيا آهيون، گيلري مٿان وسندڙ هلڪي ٿڌ پنهنجي موجودگيءِ جو احساس ڏياريو آهي ۽ اسين اٿي ڪمري ۾ اچون ٿا، جنهن ۾ هلڪي روشني آهي جيڪا خاموشي جي رومانس ۾ ورتل آهي، اسان جا آخري لفظ آهن، اڄوڪي ڏهاڙيءَ جا، گڊ نائيٽ...!
الائي ڪيتري وقت کان ڪلثوم وڃي گيلري ۾ ويٺي آهي پڪ سان سجُ اُڀري آيو آهي، ڪينجهر نهار جي دائري ۾ بنهه خاموش سج جي ترون ۾چمڪي رهي آهي، پاڻيءَ  ڏانهن نهارڻ سان اکين اڳيان ترورا نچڻ لڳن ٿا ۽ نظر جهانوري محسوس ٿيڻ لڳي ٿي، پلاسٽ آف پيرس جا الڳ الڳ رنگن وارا هوڙا ڪناري سان رسين سان ٻڌل آهن، ڇوليون اچي ساڻن ٽڪرائي عجيب وڻندڙ آواز ڪڍن ٿيون، سامهون ڪينجهر هندو وري وانگي جهولي رهي آهي، ماڻهن جي ڪابه چُهل پَهل نه آهي شايد انتظام سنڀاليندڙ ملازمن به اڃا نه پهتا آهن، صبح جي ناشتي جو آرڊر ڏيڻ لاءِ مونکي پاڻ ئي وڃڻو آهي. ڏئي وڃڻ يقينن ڪينٽين هلائيندڙ جو ڪم آهي، سو اهو پنهنجي حصي جو ڪم پاڻ ئي ڪري ٿو اچان يعنيٰ صبح جي ناشتي جو آرڊر ڏيڻ...!
۽ واپس اچڻ کان پوءِ ڏينهن گذارڻ لاءِ وقت جي تربيت ڏيڻ اسان کي ڪينجهر جي ڀرپاسي وارا ڳوٺ  ڏسڻا آهن. هتي جي انتظام سنڀاليندڙ عديل قريشي صاحب جو ڊرائيور منهنجي پڇڻ تياوڀر ڏان آڱر جو اشارو ڪري  ٻڌائي ٿو ته “سا ئين! عزيز ڪينجهرائي صاحب پهرئين سامهون واري ڳوٺ ۾ رهندو هئو ۽ هاڻ مڪليءَ تي رهندو آهي” منجهند جو ڪينجهر جي سرڪاري دائري کان ٻاهر، بند جي ڪٺار سان اتر ڏانهن پند ڪندي پتو پوي ٿو. ته اوڀر ۾ ڪينجهر جي ڪک ۾ ئي عبدالله منڌرو نالي ڳوٺ آهي، اسان جو رُخ اتر طرف آهي، کاٻي هٿ ڏانهن ڪينجهر آهي جيڪا ڪيترا ئي فوٽ مٿي چڙهي آئي آهي، مختلف ماڻهن ڪاروبار طور بند کان اندر جيڪي ڪچا هٽ ۽ هوٽلون ٺهرايون آهن اهي سڀ پاڻيءَ جي هيٺ اچي ويون آهن
سامهون هڪ ڳوٺاڻو اچي ٿو جيڪو ملاح آهي نالو وسري ويو اٿم ان ڪري سهولت لاءِ سندس نالو”ميم” رکان ٿو. ٻڌائي ٿو ته “هي هٽ ۽ هوٽلون هاڻ پاڻيءَ هيٺ آهن انهن جي ٻاهران ڄار ڏئي الڳ حصا ٺاهي انهن ۾ مڇي جو ٻج ڇڏيو ويو آهي، فيبروي-مارچ ۾ جيسيتائين ڪينجهر جو پاڻي هيٺ لهندو تيستائين مڇيءَ جو ٻج وڌي وڏو ٿي ٻن کان پنج ڪلو گرامن جو ڪرڙو/ ڏنڀرو ٿي ويندو، هن ٻج کي روز مهاڻا کاڌو ڏئي ويندا آهن جيڪي آس پاس جي ڳوٺن ۾ ئي رهندا آهن، سندن روزگار ئي مڇي پالڻ ۽ مارڻ ۽ وڪڻڻ تي آهي ۽ اهو ٻج بند جي مٽي کائي به سگهو ٿيندو آهي. ميم وٽ ٻڪرين جو ننڍڙو ڌڻ آهي، جيڪو ساڄي هٿ تي  بند جي اوڀر ۾ برساتن تي فٽي آيل گاهه چرڻ ۾ مگن آهي. ڪاموريون ٻڪريون ڊگهن ڪنن واريون ورهين کان پوءِ ڏسڻ لاءِ مليون آهن ڀرسان عبد الله گندرو ڳوٺ آهي، گهر لڳ ڀڳ سڀ پڪا عاليشان جڙيل آهن، ڪلثوم جو اسرار آهي ته لهي هلون، مان ڪنهن نه ڪنهن گهر ۾ وڃي  ڳوٺاڻين کان حال حوال پڇي اچان، منهنجي لاءِ ڪا واقفيت نه آهي ان ڪري ٺيڪ نٿو لڳي.
“ميم” ڪينجهر جي آس پاس جي ڳوٺن جا  چڱا احوال ٻڌائي ٿو. پريان بيٺل ٻه نوجوان اسان کي هڪ هنڌ ڏاڪڻ تي ويٺل ڏسي وڌي اچن ٿا، اسان ساڻن مڇيءِ جي الڳ الڳ نسلن بابت ڪچهري ڪريون ٿا. هيءُ ٻئي نوجوان “ميم” جهڙا معصوم نه آهن. ڪنهن ٻاهرين ميڊ م کي ڏسي  ۽ ان سان ڳالهائي دل ۾ خوش ٿيندا هوندا، ڪلثوم ساڻن وڌيڪ ڪچهري ڪرڻ گهري ٿي ۽ مان اٿي هلڻ شروع ٿو ڪريان شايد اها مجبوري کيس به اٿاري ٿي. پٿر سان جڙيل بند جي اولهه پاسي ڪينجهر ،جنهن جو هيءُ خوف ڏياريندڙ روپ  تيز ايندڙ ويندڙ ڇوليون ڊيڄاري رهيون آهن. ساڄي پاسي ڪيترا ئي  ننڍا ڳوٺ ،هلايا، گندرا. ملاح ، ماڇي ۽  ٻيا ڪيترا ئي، ساوڪ ئي ساوڪ جنهن جي حد کان ٻاهر  پٿرائين زمين ۽ اوڀر کان ننڍين ننڍين ٻهراڙين  ۽ پوٺن وچ مان ويندڙ رستو ڪوٽري ڏانهن، علي بابا ۽ موهن ڪلپنا جي ياد، اڻ مندائتي ، ذهن جي ڊوڙ کن پل ۾ ڪٿان جو ڪاٿي،
پويان ڪلثوم جو سڏُ هوءَ چڱو پنڌ پوئتي رهجي وئي آهي.  ڪنن ۾ ڪينجهر جي لهرن جو شور، ڇَرَ مٿان گذرندڙ هواءِ ۽ جا شوڪارا، ڪامورين ٻڪرين جي ڳچين ۾ ٻڌل ننڍڙين چڙين ٽالين جا مڌر آواز، شهر جي شور کان ڪوهين دور، آهسي آهسي هلندڙ زندگي، سج لهڻ جو احساس ڪينجهر جي مٿان واهيري ڏي ورندڙ پکين جا ولر اڏامندڙ  ۽ اسان جي موٽ، پنهنجي هٽ ڏانهن. هٽ جي پوئين پاسي ڏانهن نئين جڙيل پارڪ جو شاندار وِيُو چانهن جي گهرج جيڪا آرڊر ڏيڻ کان پوءِ به رات جي ماني تائين ملي نه سگهي، شايد هوٽل هلائيندڙ کان وسري وئي.
رات جي ماني لاءِ هوٽل مالڪ جي صلاح “سائين مڇي تازي آهي، ڪينجهر جي آهي، هن جي ٽيسٽ الڳ آهي، کائي ڏسو” ۽ انسان سدائين نئين سواد جي تلاش ۾ڀٽڪندڙ ڪنهن به نئين آڇ تي موهجي ويندڙ، اسان  به موهجي وياسين ۽ تريل مڇيءِ جو آرڊر ڏنوسين، هوٽل هلائيندڙ خوش ٿي ويو. اسان لاءِ خوش ٿيڻ جو سبب مانيءَ  کان وڌيڪ پر سُڪون ماحول ۾ ڪجهه گهڙيون گذارڻ هئو ۽ اهي لڳ ڀڳ ميسر هيون. پارڪ جو بي مقصد چڪر، ڳالهيون ٿورهيون، خاموشي گهڻي زندگيءَ ۾ هر گهڙيءَ جون پنهنجو گهُرجون ٿين ٿيون. ماڻهو سمجهي سگهي ئي نٿو.
ڪينجهر ۾ لهندڙ سج سان گهاريل گهڙيون
رکيل مورائي
شخص جون اهُي گهڙيون ئي مُلهائتيون آهن، جيڪي هوُ پاڻ سان گذاري ٿو، پاڻ کان ٻاهر هوُ مختلف گُهرجن جي ڊوڙ ۾، ڪا ٻي زندگي جيئي ٿو، جيڪا سندس چاهيل نه آهي ۽ اسان جهڙن سماجن ۾ چاهيل زندگي جيئڻ، نه رڳو مشڪل پر جهڙوڪر ناممڪن آهي.
پنهنجي چاهيل زندگي جيئڻ لاءِ يا “تياڳ” ڪرڻ ضروري آهي يا “ويڙهه”. جن ماڻهن ۾  ويڙهه جي قوت آهي، انُهن جي عمر ٿوري آهي، جيڪي “تياڳ” ڪن ٿا، اُهي سماج لاءِ ڪارائتا نه آهن، تخليقڪار جا مسئلا اڃا به ڪي ٻيا آهن،  هُو تياڳڻ جي حق ۾ نه آهي، ٻاهرين ويڙهه هُن جي حق ۾ نه آهي.
سچ پچ اسان جا هيءَ ٽي ڏينهن به هڪ “تياڳ” ئي آهي، گهر کان فرار، مسئلن کان فرار،  شور کان فرار، جيتوڻيڪ مٿيون سڀَ ڪُجهه جيئن جو تئين موجود آهي. شخصُ گمان ۾ آهي ته هن جو  محسوسڻ مسئلن جو حل آهي، ايئن آهي ڪو نه.
محسوسڻ تخليقڪار لاءِ عذاب آهي، محسوسات ئي هُن جي تخليق جو مُحرڪ آهي، ڪيئن به تخليقڪار لاءِ پنهنجو پاڻ سان ويجهو هجڻ بنهه ضروري آهي، هن وقت اسين ٻاهران پنهنجو پاڻ سان ويجهوآهيون، گڏ هوندي به انداران اندران هڪ ٻئي کان پري آهيون پر سڀ سڀ پل ايئن هُجن، ايئن ممڪن نه آهي.
ٻاهر جي خاموشي کڻي اندر خاموش رهي اهو به ممڪن نه آهي، اندر جا آواز کڻي ٻاهر شور مچائڻ آسان آهي ٻاهر جي خاموشي ڪي پل اندر کي شانت ڪرائي سگهي ٿي پر چاهڻ جي باوجود گهڻو وقت چِتُ شانت نٿو رهي، ڇاڪاڻ ته اسين سنساري شخص آهيون.
ڪلثوم عام عورتن جيان گهڻ ڳالهائو نه آهي، هن ۾ويچارڻ جي شڪتي وڌيڪ آهي، ان ڪري اسان ۾ چڱو وقت ماٺ رهي ٿي، ڪن وقتن تي اسين اهو قبول ڪري وٺندا آهيون ته هڪ ٻئي کي ويچارڻ جو وقت ضرور ڏيڻ کپي، پر گهر، شهر ۽ مسئلن جي پِٽَ کوههَ قبول ڪيل ٻاهرئين سڀ کي اڻ قبوليو ڪري سگهڻ جي سگهه رکي ٿي شايد! ۽ اسان کي اهڙو موقعو نه ملندو آهي.
سماجي ۽ معاشي جوڙجڪ جو ان ۾ اهم دخل آهي، چاهڻ جي باوجود ڪري سگهڻ جهڙو، نه ڪري سگهڻ جي اذيت بحرحال ڀوڳڻي پوي ٿي ۽ ماڻهو ڀوڳي به جيئي ٿو، ڇاڪاڻ ته جيئڻ کي اوليت آهي، سبب اهو آهي ته ان جيئڻ سان هڪ کان وڌيڪ جيئڻ وارا جيوَ شريڪ آهن يا جيئڻ جو شرط بڻيل آهن ۽ هر شخص لاءِ اهو شرط هڪ ڊگهو قيد ئي آهي، جنهن کي عُمر جو نالو ڏنو ويو آهي. ان ڪري وڏي عُمر ماڻڻ جي دعا ڪڏهن ڪڏهن ڊگهي قيد جو پاراتو محسوس ٿيندي آهي.
ويچار جي حوالي کان سواءِ سڀ ٺيڪ آهي. اها اميد پرستي آهي، شخص جي اندر جو ويساهُه آهي، جيڪو شخص کي متحرڪ رکي ٿو، سنسار جي ڪنهن به چاهيل توڻي اڻ چاهيل صورتحال ۾ جيئڻ لاءِ حوصلو ڏئي ٿو.
اسين ماڻهن جي ان حصي ۾ شامل آهيون، جيڪي اڻ چاهيل کي به دل جي حضور سان ٻاهرئين دٻاءَ هيٺ کلي قبول ڪندا آهن، ٻاهرين صورت ۾ ان لاءِ “سعادتمندي” لفظ وڌيڪ ٺيڪ لڳندو آهي.
ڪنهن به سبب کان سواءِ مون کي فطرت جي ويجهو هئڻ وڻندو آهي، پوءِ به شهري زندگيءَ جي ضروري توڻي غير ضروري ڊوڙ مون کي مايوس نه ڪيو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن چاهبو آهي ته مايوسيءَ جو مزو وٺجي، جيڪو زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ميسر نه ٿيو آهي، هيءُ ڏينهن جيڪي ميسر آهن، انهن کي مٿئين حوالي ۾ ڀوڳي يا ماڻي  سگهجي ٿو. هونئن اڪيلائي منهنجي لاءِ عذاب هوندي آهي.
حوالا ڪيترا ئي آهن، ان ڳالهه چوڻ لاءِ ته عورت جي ويجهڙائي بنهه ضروري آهي ۽ منهنجي لاءِ عورت سان ويجهڙائي جو پهريون سبب منهنجي امڙ هئي، جنهن پنهنجي پناهه ۾ رکيو، ڪلثوم ٻي عورت ۽ تعلق جي روپ ۾ منهنجي لاءِ پناهه آهي، انهن ٻن عورتن جي سنڀال هيٺ هجڻ ڪري اڄ تائين چانهه ٺاهڻ به ڪو نه سکي سگهيس، ڪنهن به طرح اوندهه ۾ اڪيلو سمهي نه سگهڻ جو سبب به امان ۽ ڪلثوم آهن.
عورت کي ٻين به ڪيترن کاتن ۾ ورهائي سگهجي ٿو پر هن وقت اسان لاءِ فقط ٻن دوستن واري ۽ جيتري ويجهڙائي آهي. جيڪي هڪ ٻئي سان پنهنجي دل جو حال اوري سگهندا آهن، منهنجو خيال آهي ته زال مڙسُ، دوستن جي رشتي جي پاسداري ڪري، جيئن ته زندگيءَ جا مليل سمورا سال آسانيءَ ۽ خوشگواريءَ سان گهاري سگهن ٿا، ڪيترين ئي سنساري تڪليفن سان منهن ڏئي سگهن ٿا، جيڪڏهن هنن ۾ دوستن وانگر پاڻ کي اهَنجو رکي، دوست لاءِ سهنجائي پيدا ڪرڻ جو جذبو سلامت هجي.
اڄ واپس ڪراچيءَ وڃڻو آهي، صبح ساڻ پهريون آواز جيڪو اسان جي ڪنن تائين پهتو آهي، اهو هڪ ڪچي گار  جو آهي، جيڪا گار هوڙو ڇوڙيندڙ هڪ ملاح ڪنهن پنهنجي همراهه کي سڏڻ لاءِ ڏئي رهيو آهي ۽ لڳاتار ان گار جو ورجاءُ ڪري رهيو آهي، اهڙي گار جيڪا هن ماحول ۽ ايراضيءَ  ۾ پابنديءَ هيٺ آيل هُجي ته بهتر.
ڪينجهر جي انتظاميا لاءِ اها ڳالهه اهم هجڻ گهرجي ته هن سموري ماحول ۾ رهندڙ ۽ خاص طور  ڪم ڪندڙن لاءِ ٻوليءَ جو مهذب استعمال سختيءَ سان لاڳو هجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته سنڌي خاندان جڏهن هت اچي اهڙي ٻولي ٻڌندا ته  هنن جو ذائقو خراب ٿيندو ۽ پڪ سان هن ماحول ۾ هو اهڙي ٻولي ڪنهن به صورت ۾ ٻڌڻ نه چاهيندو پر هن صبح جو اسان جو چاهڻ يا نه چاهڻ اهم نه آهي، اهم ان ملاح جو مزاج آهي ۽ ان مزاج جو اظهار آهي، جيڪو هوُ ڪنهن به سوچ ويچار کانسواءِ پاڻمرادو اظهاري رهيو آهي،
جيتوڻيڪ سماجي توڻي اخلاقي پابندين کان پري ڀڄي ڏسجي ته  پاڻمرادي ڪنهن به اظهار جو پنهنجو مزو آهي ۽ پڪ سان اهڙو مزو ملاح وٺي رهيو آهي. اسان اهو سڀ ٻڌي فقط هڪ ٻئي ڏي ڏسي مرڪون ٿا، ڪنهن به راءِ کانسواءِ، ڪلثوم چوي ٿي، هتان مڇي وٺي هلون، هتي پکي به وڪامندا آهن، اهي به وٺي هلون، مون کي پکين جي وٺڻ لاءِ دل ۾ سڌ آهي پر مڇي لاءِ بنهه نه، ان هوندي به اها وٺڻ کانسواءِ ڪو چارو ڪونهي.
عديل قريشي صاحب جو ڊرائيور جيڪو کيس سميت اسان کي ٺٽي تائين کڻي هلڻو آهي، گاڏي اچي مڇي واري دڪان تي بيهاري ٿو، جيڪو ڪينجهر کان نڪري  ٺٽي واري روڊ تي چڙهڻ واري ڪنڊ تي آهي، هُن وٽ مڇي ته آهي ، پکي نه آهن.
اسان کي ڪراچيءَ ڏانهن اچڻو آهي، پکي حيدرآباد ڏانهن ويندڙ رستي ڏي آهن، اسان جي خواهش جو احترام ڪندي، قريشي صاحب ابتي پاسي هلڻ جي حامي ڀري ٿو، شايد سندس به ڪو ڪم ان طرف نڪري آيو آهي.
هو موٽ تي ڪينجهر جي سڄي پٽيءَ جي ڄاڻ ڏئي ٿو، خاص طور گهڻو پاڻي هجڻ ۽ ان جي نيڪال لاءِ جوڙيل طريقي ڪار جي. حد نگاهه تائين ڇولين سان پنهنجي ڀرپور جوڀن جو جلوو پسائڻ واري ڪينجهر کان اسين موڪلايون ٿا نه چاهيندي به:
هاءِ روف گاڏيءَ جو رخ ٺٽي ڏانهن آهي، ڪينجهر پوئتي رهندي ٿي وڃي ۽ هر پل اسان کائنس پري ٿيندا ٿا وڃون، ڏينهن جو اڌ گذريو آهي، اسان جي ڳالهه ٻولهه جو موضوع ڪينجهر آهي، جنهن جون ڇاڙون چڱو پنڌ اسان سان ساڄي پاسي گڏ گڏ هلي  رهيون آهن، جتي انهن جي پڄاڻي ٿئي ٿي، اتان پهاڙي زمين آهي ۽ ننڍيون ننڍيون پهاڙي ٽڪريون آهن، جيڪي شايد ڪراچيءَ تائين ساڻ ساڻ هلڻيون آهن.
دل ۾ خواهش رکندي به ڪلثوم شاهجهان مسجد ڏسي نه سگهي، جيتوڻيڪ لاڙ ميلي تي ويندي اسان شاهجهان مسجد وارو رستو ئي ورتو هُئو ۽ ٻاهران زيارت به ڪئي هئي، هيءَ مسجد اهڙي آهي، جنهن کي هڪ ڀيرو ضرور ڏسڻ گهرجي، پر وقت ماڻهوءَ کي ڊوڙائي ڊوڙائي ٿڪائي وجهي ٿو ۽ ماڻهو ٿڪ ڀڄڻ لاءِ ڪيترين کي خواهشن جي قرباني دل سان قبول ڪري ڇڏي ٿو.
اڄ به ايئن ئي ٿيو، گاڏي جو ڊرائيور ۽ عديل قريشي صاحب پنهنجي ڳالهين ۾ گم آهن ۽ اسين خاموشيءَ ۾ گم آهيون، گاڏي ڊوڙي رهي آهي، منهنجي پاسي لڳل مائيل اسٽون ٺٽو ٽي ڪلو ميٽر ٻڌائي رهيو آهي، يعني ڪينجهر اسان کان اوڻيهه ڪلو ميٽر پري ٿي وئي آهي، الا ئي ڪهڙي احساس هيٺ اکين ۾ ڪينجهر لهي آئي آهي، منظر ڌنڌ لا ئجڻ لڳا آهن، شايد ڊگهي  خاموشيءَ جي اثر هيٺ ايئن ٿي رهيو آهي. مان جهٽڪي سان اکيون ڇنڀيان ٿو ۽ ڪجهه ڳوڙها منهنجي جهول ۾ اچي ڪريا آهن، روڊ تي گاڏين جي ڊگهي اچُ وڃُ جاري آهي، ٺٽي شهر ۾ ماڻهن جي رش آهي ۽ منهنجي ڪيفيت اهڙي آهي، جهڙي شايد ڪنهن وقت اياز جي رهي هوندي، جنهن ڪيفيت هيٺ هن لکيو هُئو:.
ميلي ۾ تون تنها تنها، ڪنهن کي ڳولين ٿو،
اک ۾ ڳوڙها هٿ ۾ گجرا، ڪنهن کي ڳولين ٿو.
گاڏي زور سان بيٺي آهي، هتان کان اسان کي وين ۾ چڙهي ڪراچيءَ اچڻو آهي، اسٽاپ تي وين موجود آهي، جيڪا شاهه عقيق کان ڪراچي هلندڙ آهي، عديل قريشي صاحب ڊرائيور سان ڳالهائي اڳين سيٽ وٺي ٿو، اسان ٻن کي اڳين سيٽ لاءِ ٽن ماڻهن جو ڀاڙو ڏيڻو آهي، ڇاڪاڻ ته هو ٽي ماڻهو آڏو واري سيٽ تي ويهاريندا آهن، سودو مهانگو نه آهي، ٻيو وسيلو به نه آهي، هت اچي پنهنجي تعلق توڻي پهچ جون حدون ختم ٿين ٿيون.
۽ هاڻ ڪراچي تائين لا تعلقيءَ جو سفر آهي، هڪ وين ۾ جيڪي عام روڊن تي هلنديون آهن ۽ ماڻهن کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين پهچائينديون آهن، هن وين کي سڀني مسافرن کي ڪراچيءَ تائين پهچائڻو آهي، ان پهچڻ لاءِ مسافرن کي ڪيتري تڪليف ڀوڳڻي پوي ٿي، انهيءَ سان وين وارن جو ڪو به واسطو نه آهي، هنن لاءِ ممڪن حد تائين وڌيڪ ڏهاڙي ٺاهڻ اهم آهي، ان کانسواءِ هنن لاءِ دنيا جهان جو ڪو به قدر، ڪا به اخلاقيات، ڪو به مهذبپڻو معنيٰ نٿو رکي، هنن کي اهو ٻڌايو ۽ ايئن وهنوار ڪرڻ سيکاريو ويو آهي، اهو انهن جو جوڙيل ڪلچر آهي، جنهن جا هو پابنديءَ سان سڀ اصول استعمال ڪندا آهن،
جڏهن گاڏي هلڻ لاءِ انهيءَ تي ڌڪ هڻندا آهن ته ڪن وڄندا آهن، هنن جي ٻولي اهڙي ئي رنگين هوندي آهي، جهڙو سندن وات پان/ گٽڪو کائڻ سبب رنگين هوندو آهي. ٽريفڪ جا ڪي به قانون هنن سان لاڳو نه هوندا آهن، جنهن سبب هنن گاڏين جا حادثا اخبارن جي رونق هوندا آهن، ڪراچيءَ تائين اسان جو ساههُ مُٺ ۾ ئي هئو، قائدآباد جڏهن لٿاسين ته سُک جو ساهه کينوسين ۽ اتان ٽئڪسيءَ ۾ پنهنجي گهر تائين سک جو سفر ڪري پهتاسين، رات جا لڳ ڀڳ اٺ وڄي رهيا آهن.

No comments:

Post a Comment