Wednesday, May 15, 2019

موسمي تبديليون ۽ نوبل پيس پرائز- عبدالله عثمان مورائي


موسمي تبديليون ۽ نوبل پيس پرائز
Notes from Europe
عبدالله عثمان مورائي
چوندا آهن ته Expect unexpected مطلب ته ”ان ويل لاءِ به تيار رهو، جيڪا ظاهري طور ٿيندي نظر نه اچي.“ ڪجهه ڏهاڙا اڳ سريلنڪا ۾ ٿيل بدترين دهشتگردي ۾ ڊينمارڪ جي هڪ امير شخص اينڊرس هولڪ جا چئن مان ٽي ٻار مارجي ويا ۽ ٻيا به جيڪي انهن حملن ۾ مئا هوندا انهن لاءِ اهو ايسپيڪٽيڊ نه هوندو، جيڪو ٿيو. هن ئي سال جنوري ۾ اٽلي جي گران ساڪو پهاڙن ۾ موجود مائونٽين ريزرٽ هوٽل ريگو پيانو جيڪا روم شهر کان رڳو ۱۳۵ ڪلو ميٽر پري آهي، زلزلي ۽ پهاڙن جي مٿان برف جون ڇپون ڪرڻ جي ڪري دٻجي وئي ۽ نتيجي ۾ ڪافي ماڻهو مئا ۽ ڪي معذور ٿي ويا، جيڪي ماڻهو اتي ويل هئا اهي ته پنهنجون موڪلون پنهنجن پيارن سان گڏ گذارڻ ويا هئا، پر ٿي ڇا ويو، ڪنهن به ايڪسپيڪٽ نه ڪيو هوندو.


ريگو پيانو هوٽل جي اڏاوت ڪرپشن جي نتيجي ۾ ٿي، جتي وس وارن ان جي اڏاوت جي اجازت اهڙي جاءِ تي ڏني، جيڪا زلزلي ۽ برف جي ڇپن جي زد ۾ رهندي هئي. مارچ واري ريڊرس ڊائجسٽ ۾ هن تباهي بابت تفصيل سان لکيل آهي. پاڻ هتي تازو مثال اوڀر آفريڪا جي ملڪن موزمبيق ۽ تنزانيا جو به ڏئي سگهون ٿا، جتي رڳو ٻه ٽي ڏينهن پهريان سائيڪلون ڪينيٿ وڏي تباهي مچائي آهي ۽ ان کان پهريان رڳو ۶ هفتا اڳ اتي سائيڪلون اڊائي آيو هيو. نوبل پيس پرائز لاءِ تازو ئي سُئيڊن جي سورنهن سالن جي ڇوڪري گريٽاGreta  نامزد ٿي آهي. گريٽا کي اهو انعام سندس موسمياتي تبديلين ۽ ان جي خوفناڪين بابت ڪيل اسڪول کان هڙتال ۽ اسڪول جي بدران سُئيڊن جي پارليامينٽ جي ٻاهران اچي احتجاج ڪرڻ ۽ موسمياتي تبديلين بابت ڌيان ڇڪائڻ جي ڪري ڏنو ويندو. سندس اسڪول کان هڙتال کي بين الاقوامي پذيرائي ملي ۽ دنيا جي ۱۱۲ ملڪن جي لڳ ڀڳ ڏيڍ ملين اسڪول جي شاگردن سندس سڏ ۾ سڏ ڏنو. ٻي وڏي هڙتال هن ئي سال ۲۴ مئي تي پوري دنيا ۾ اسڪول جي شاگردن طرفان ڪئي ويندي.
گريٽا هاڻي تازو ئي برطانيا جي پارليمينٽ ۾ موسمياتي تبديلين بابت تقرير پڻ ڪئي. برطانيا جي ليبر پارٽي جي اڳواڻ ۽ پارليامينٽ ۾ اپوزيشن جي اڳواڻ جيرمي ڪوربن جي ڀاءِ پيئرس ڪوربن جيڪو پاڻ فزڪس، حياتيات، موسميات ۽ گرهن جي سائنس جو ڄاڻو ۽ سائنسدان آهي، پاڻ هن وقت لنڊن ۾ ويڌر ايڪشن نالي ڪمپني پڻ هلائي رهيو آهي، ان جو چوڻ آهي ته گريٽا هڪ اگنورنٽ، اڻڄاڻ ۽ برين واش ٿيل ٻار آهي، جنهن کي پارليامينٽ ۾ ٻڌڻ چريائپ کان گهٽ ناهي. برين واش جي معنيٰ به ساڳي آهي جيئن پروپيگنڊا، معنيٰ مسلسل ايڏو ڪوڙ ڳالهايو يا ڪنهن جي ذهن ۾ مسلسل شيون فيڊ ڪريو تيستائين جو هو ان کي سچ سمجهڻ لڳي.
تازو ئي David Wallace Wells ڪتاب The Uninhabitable Earth ۾ لکيو آهي جيڪو نيويارڪ ميگزين وارن ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ڪتاب ۾ موسمياتي تبديلين جي حوالي سان ڪافي خوفناڪين طرف اشارو ڪيل آهي. ڊيوڊ والس جو چوڻ آهي ته اسان جنهن ڌرتي تي رهون پيا، اها هاڻي صفا ڊرامائي ۽ تباهه ڪن تبديلين جي بلڪل ويجهو پهچي چڪي آهي ۽ اسان انسانن گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ هن ڌرتي جو ماحول ايڏو خراب ڪري ڇڏيو آهي جيڪو ذري گهٽ ممڪن ناهي ته ان کي واپس سندس اصل شڪل ۾ واپس آڻي سگهجي. ڊيوڊ سمجهي ٿو ته ايندڙ نسل جا ٻار وڏن جي ڪيل سنگين غلطين کي ڀوڳيندا، پر پاڻ هتي ڏسون ٿا ته اها ڳالهه اڄڪلهه جي ٻارن کي به سمجهه ۾ اچي وئي آهي جو اهي اٿي کڙا ٿيا آهن، جيئن سئيڊن جي ڇوڪري گريٽا ۽ دنيا جي ۱۱۲ ملڪن جا اسڪولي ٻار.
جيتوڻيڪ دنيا جي اڳواڻن کي موسمن ۾ ٿيندڙ تبديلين جي ڪري پيدا ٿيندڙ ۽ وڌندڙ نقصان جي ڳالهه محسوس ضرور ٿي آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ دنيا جا اڳواڻ ۲۰۱۵ ع ۾ پئرس ۾ موسمي تبديلين ۽ نقصانن کي منهن ڏيڻ خاطر پاليسيون ٺاهڻ لاءِ مليا ۽ اتي ڪافي شين تي بحث مباحثا ٿيا ۽ ڪافي هدف مقرر ڪيا ويا، جن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ راضي ٿيا، پر ان جي ابتڙ گڏيل قومن جي موسمن بابت پينل ۲۰۱۸ع ۾ هڪ رپورٽ پڌري ڪئي آهي جنهن ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته جيڪڏهن انتهائي توجهه سان انهن شين تي عمل ڪجي جن تي دنيا جا اڳواڻ پئرس ۾ راضي ٿيا هئا تڏهن به پاڻ اڃا تمام گهڻو پوئتي بيٺا آهيون. مثال طور جيڪڏهن سڀاڻي کان ئي انهن پاليسين تي عمل ڪجي جن تي پئرس ۾ اڳواڻ راضي ٿيا هئا تڏهن به پاڻ دنيا جي برف واري شيٽ پنهنجين حياتين ۾ ئي ختم ٿي ويندي ۽ نتيجي ۾ دنيا جا ۱۰۰ وڏا شهر ٻوڏن جي ورچڙهي ويندا، جن ۾ ميامي، شنگهائي ۽ هانگ ڪانگ پڻ شامل هوندا. ڏکڻ يورپ مستقل ڏڪار جي ور چڙهندو ۽ آمريڪا ۾ ۶۰۰ دفعا وڌيڪ جهنگلي باهه لڳڻ جو خطرو موجود رهندو. ڊيوڊ وڌيڪ لکي ٿو ته ۲۱۰۰ع ۾ دنيا جو اليڪوٽورل وارو علائقو بلڪل رهڻ جي لائق نه هوندو، ٽن مان ٻه شهر رهڻ جي لائق نه رهندا.
ڊيوڊ سمجهي ٿو ته اسان جي ڌرتي جو آرڪٽڪ برف جو جيڪو ڪور آهي، اهو اسپيس مان اڇي رنگ هئڻ ڪري سج جي ڪرڻن ۽ روشني کي پاڻ طرف وڌيڪ ڇڪي ٿو ۽ نتيجي ۾ برف جي ڳرڻ ۾ تيزي پئي اچي ۽ جيئن جيئن برف ڳرندي ويندي تيئن تيئن ڌرتي تي گرمي وڌندي ويندي ۽ جڏهن گرمي وڌندي ته هوا ۾ آلاڻ کي قابو ڪرڻ جي سگهه وڌندي ۽ نتيجي ۾ تمام گھڻو مينهن وسندو ۽ ٻوڏون اينديون. ڊيوڊ هتي هڪ ٻيو مثال ڪيريبين ٻيٽن جي ملڪن جو ڏئي ٿو، جتي سيپٽمبر ۲۰۱۷ع ۾ سامونڊي طوفان ارما نالي ٻيٽن تي تباهي آڻي ڇڏي ۽ ڪجهه ڏينهن ڇڏي وري ٻيو وڏو سامونڊي طوفان ماريا نالي آيو، اهي ٻئي طوفان پنجون نمبر ڪئٽيگري جا هئا ۽ ٻنهي طوفانن ۾ نقصان جو ڪاٿو ۱۵۸ بلين آمريڪن ڊالر جو لڳايو ويو ۽ ٽي هزار ماڻهن پنهنجون حياتيون وڃايون.
ڊيوڊ وڌيڪ لکي ٿو ته اڳئين صدي تائين آرڪٽڪ پولر ڪيپ جي برف ڳرڻ جي ڪري سمنڊن جي سطح ۾ هڪ کان اڍائي ميٽرن تائين جي واڌ ٿيندي، جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو شهر پر ملڪ مثال طور ۱۶۴ ملين ماڻهن جو ملڪ بنگلاديش، وينس جو سينٽ مارڪس بئسيليڪا بيچ، فيسبوڪ جو هيڊڪوارٽر يا وائيٽ هائوس پڻ پاڻي جي هيٺ هوندا ۽ جيڪڏهن گرمي ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۾ ائين ئي واڌ ٿيندي رهي ته شايد انڊونيشيا جي گادي جو شهر جڪارتا ۲۰۵۰ع تائين پاڻي اندر هجي ۽ ايندڙ ۲۰ سالن ۾ انٽرنيٽ جا سرور ۽ فائبر ڪيبل پڻ ٻڏي سگهن ٿيون ۽ جيڪڏهن هاڻي کان ئي موسمي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ اپاءَ نه ورتا ويا ته چين جو شهر شينزن پڻ ٻڏندو جتان دنيا کي سمارٽ فونن جو گهڻو تعداد ٺهي ملي ٿو. ڊيوڊ وڌيڪ خوفناڪ صورتحال ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي لکي ٿو ته جيڪڏهن پاڻ اڃا ٿورو اڳتي سوچون ته ۲۱۰۰ع کانپوءِ يا ڪجهه صديون اڳتي شيون اڃا وڌيڪ خراب ٿينديون، جڏهن سمنڊ جي سطح ۶ ميٽرن تائين وڌندي ۽ جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ ۴۴۴۰۰۰ اسڪوائر ميل زمين سمنڊ ڳهي ويندو، جنهن ۾ بندرگاهون، بجلي پيدا ڪندڙ گهر، نيوي جا اڏا, زرعي زمينون ۽ شهر شامل هوندا. ڊيوڊ سمجهي ٿو ته ايشيا وڌ ۾ وڌ متاثر ٿيندو جتي شنگهائي، ممبئي يا ڪلڪتي ۾ ٻوڏون اينديون يا اهي شهر مڪمل پاڻي جي هيٺ هوندا. ڊيوڊ جو وڌيڪ چوڻ آهي ته موسمي تبديلين ۽ گرمي پد جي وڌڻ جي ڪري ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿيندي، فصل ڀلي وڏا ۽ سٺا ٿين پر انهن ۾ اها گهربل غذائيت موجود نه هوندي، جيڪا انسان لاءِ ضروري آهي، سندس اشارو ميلنورشمينٽ طرف آهي. ليکڪ ڪتاب ۾ گهرج ۽ رسد طرف به اشارو ڪري ٿو ۽ هڪ مثال ڏيندي ٻڌائي ٿو ته يو اين جي هڪ پڌرائي موجب دنيا ۾ اڄ پيدا ٿيندڙ کاڌي جي انگ مطابق ۲۰۵۰ع تائين دنيا کي ٻيڻ تي کاڌي جي ضرورت پوندي جيڪو گهرج جي مطابق هڪ وڏو مسئلو هوندو.
ڪتاب ۾ گرمي پد وڌڻ جي ڪري بيمارين جي وڌڻ طرف به اشارو ٿيل آهي، ڊيوڊ جو چوڻ آهي ته رومن ايمپائر ۾ انسان جي عمر ۲۵ سالن تائين هئي ۽ اينٽي بايوٽڪ جي ايجاد کان پهريان هڪ ننڍي قسم جو انفيڪشن به خطرناڪ ٿي پئي سگهيو ۽ اها سوين سالن جي محنت پاڻ واري نسل هڪ ڌڪ ۾ خطري ۾ وجهي ڇڏي آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته دنيا م وري هڪ دفعو خطرناڪ بيماريون منهن ڪڍن ۽ اهي ٻن صورتن ۾ ممڪن آهن، هڪ ته سوين سال پراڻيون بيماريون ۽ ٻيون اڄڪلهه جون بيماريون آهن. مثال طور جيئن ته سوين سال پراڻا بيڪٽيريا جيڪي ٿي سگهي ٿو انساني پيدائش کان به پهريان جا هجن اهي هن وقت اتر قطب جي برفن ۾ ڦاٿل آهن، اهي برف ڳرڻ جي ڪري سسٽم ۾ ايندا ۽ تباهي ڦهلائيندا، ان جو ڊيوڊ مثال ڏيندي لکي ٿو ته الاسڪا ۾ هڪ ٽيم کي کوٽائي دوران ۱۹۱۵ع ۾ آيل فلو بابت شاهديون مليون جنهن ۾ پنجاهه ملين ماڻهو مئا هئا. ٻيو قسم وري اهو آهي جنهن ۾ دنيا ۾ هاڻوڪين بيمارين ۾ واڌ اچي، ليکڪ جو چوڻ آهي ته بيماريون گرم ۽ هيومڊ موسمن کي پسند ڪنديون آهن ۽ انهن کي اهڙي قسم جي موسم ۾ واڌ ويجهه جو گھڻو موقعو ملي ٿو. مليريا جو مثال ڏيندي ڊيوڊ لکي ٿو ته مليريا جي ڪري هن وقت دنيا ۾ هڪ ملين انسان هر سال مرن ٿا ۽ جيئن جيئن گرمي وڌندي تيئن تيئن اهو خطرو وڌندو ويندو. ڊيوڊ وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته موسمي تبديلين جو اثر هوا تي به ٿئي ٿو. انسان ڀلي ڪنهن به ملڪ، ترقي يافتا يا ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ رهن پر اڄ يا سڀاڻي اسان سڀ غير معياري هوا جي ڪري وقت کان اڳ قبرن ۾ هونداسين، ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ صاف هوا جو مسئلو اڄڪلهه وڌندو پيو وڃي ۽ هن وقت ترقي ڪندڙ ملڪن جي ۹۸ سيڪڙو شهرن جي هوا ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي معيار کان گهٽ آهي، دهلي جو مثال ڏيندي ڊيوڊ لکي ٿو ته اتي جي هوا ائين آهي ڄڻ ڪو انسان روز سگريٽن جا ٻه پاڪيٽ ڇڪي ۽ دنيا ۾ هن وقت ڇهن مان هڪ موت غير معياري هوا جي ڪري ٿئي ٿو ۽ دنيا ۾ روز ڏهه هزار ماڻهو غير معياري هوا جي ڪري اجل جو شڪار ٿين ٿا. ڊيوڊ وڌيڪ پنهنجا ويچار ونڊييندي لکي ٿو ته موسمي تبديلين جي ڪري ايندڙ ڪجهه ڏهاڪن ۾ تازي پاڻي جي ذخيرن ۾ نمايان گهٽتائي ايندي ۽ ۲۰۳۰ع تائين دنيا کي ۴۰ سيڪڙو وڌيڪ تازي پاڻي جي ضرورت پوندي ۽ آبادي جي وڌڻ جي ڪري ايندڙ ٽيهن سالن ۾ فصلن ۽ روز جي ضرورتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اها ضرورت پنجاهه سيڪڙو وڌيڪ پهچندي. گذريل صدي جو مثال ڏيندي ليکڪ لکي ٿو ته پوئين صدي ۾ دنيا جون اهم ڍنڍون خشڪ ٿي ويون، جن ۾ آفريقا جي چاڊ ڍنڍ ۽ سينٽرل ايشيا جي ارل ڍنڍ پنهنجو پاڻي نوي سيڪڙو وڃائي چڪيون آهن. يو اين جي هڪ رپورٽ مطابق دنيا ۾ ۲۰۵۰ع تائين پنج ارب ماڻهن کي تازو پاڻي حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پوندو، جنهن جي ڪري دنيا ۾ وڳوڙن جو خطرو پڻ وڌي ويندو، ڇاڪاڻ ته هر قبيلو ۽ قوم تازي پاڻي جي ذخيرن تي پنهنجو قبضو ڄمائڻ جي ڪوشش ڪندي ۽ اهي جهيڙا مقامي، ملڪي ۽ دنيا ليول جا هوندا. موسمي تبديلين جي ڪري انساني روين تي پڻ اثر واضع طور تي ٿيندو.
آخر ۾ ڊيوڊ پنهنجو پاڻ کان ئي اهو سوال ڪري ٿو ته آخر ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ۽ جواب به پاڻ ڏئي ٿو ته خوشخبري اها آهي ته انسانن اها ٽيڪنالاجي تيار ڪري ورتي آهي جنهن سان انهن آفتن کي منهن ڏئي سگهجي ٿو پر بري خبر اها آهي ته اها ٽيڪنالاجي اڃا استعمال جي لائق ناهي يا اڃا ايتري مهانگي آهي جو ان کي عام طرح استعمال نٿو ڪري سگهجي ۽ ان جي ابتڙ پاڻ خطرناڪ صورتحال طرف وڌي رهيا آهيون. ڊيوڊ آخر ۾ صلاح ڏئي ٿو ته اها سٺي ڳالهه آهي ته اسان پاڻ پنهنجو پاڻ ۾ بدلاءُ آڻيون پر ان کان وڌيڪ اهم آهي ته اسان حڪمرانن، قانون ۽ پاليسيون ٺاهيندڙن تي دٻاءُ وجهون ۽ اڄ کان ئي پنهنجن سياسي نمائندن سان ان سلسلي ۾ ملون، عوامي ريليون ڪڍون ۽ انهن ۾ شرڪت ڪريون ته جيئن موسمي تبديلين جي خدشن بابت اسان جو آواز ٻڌو وڃي ۽ انهن سياسي نمائندن کي اهو ٻڌائڻ گهرجي ته عام ماڻهو کي ان ۾ دلچسپي ناهي ته ڪير صاحب آ يا ڪير صاحبه!
هاڻي اها خبر خدا کي آهي ته گريٽا جو برين واش ٿيل آهي يا پيئرس ڪوربن جو ۽ ڊيوڊ جو ڪتاب ڪيترو سچ جي بنياد تي لکيل آهي. اسان هتي يورپ جي تعليمي ادارن ۾ هڪڙي ڳالهه ضرور سکي آهي ته جيڪا ٿيسزThesis  هوندي آهي، ان جي وري اينٽي ٿيسزAntithesis  پڻ هوندي آهي ۽ جڏهن بحث مباحثو ڪبو آهي ۽ ڪنهن هڪ ڳالهه تي متفق ٿبو آ يا ڪنهن وچ واري ڳالهه تي پهچبو آهي ته اها ٿي پوندي آهي سنٿيسزSynthesis  جيڪڏهن موسمي تبديليون اچن پيون ته اهو هرڪو ماڻهو پاڻ محسوس ڪري سگهي ٿو ۽ گريٽا جي خدشن کي تقويت ڏئي ٿو ۽ سچ سمجهندو، جيڪا ٿي ٿيسز ۽ جيڪڏهن اهڙو خطرو ناهي جيڪو پيئرس جو چوڻ آهي ته اها ٿي اينٽي ٿيسز ۽ جيڪڏهن پاڻ ان جي وچ واري صورتحال ڏسون ۽ محسوس ڪريون ته پوءِ اها ٿي سنٿيسز جنهن تي پاڻ کي اعتبار ڪرڻو پوندو ۽ جيڪڏهن موسمي تبديلي حقيقت آهي ته پوءِ ان کي منهن ڏيڻ لاءِ ڀرپور تياري ڪرڻي پوندي.

No comments:

Post a Comment