Friday, May 31, 2019

ٻڏيءَ جا ٻيڻا - الهه بچايو لغاري


ٻڏيءَ جا ٻيڻا
الهه بچايو لغاري
جيئن ته هي پهاڪو سوين سالن کان ٻڌبو پيو اچي، جڏهن بئراج ۽ ڊيم سنڌ ۾ ڪو نه ٺهيا هئا. تڏهن کان درياءُ شاهه جڏهن پنهنجي حشمت ڏيکارڻ لاءِ گوشمالي ڪندي ڪاوڙيلو ديوتا ٻوڏون آڻيندو هو، تڏهن تقريبن سڄي سنڌ جون تَر ترايون، ڍنڍون، ڍورا، واهڙ وهندا هئا ۽ سرءُ جي مند ۾ پاڻي لهي ويندو هو ته سنڌ واسي بوسي فصل ڪاهي پنهنجو گذر سفر ڪندا هئا، ۽ سال ۾ هڪ فصل پوکي، کڻي ۽ کائيندا هئا، تڏهن کان هي پهاڪو جڙيو ته ٻڏي جا ٻيڻا ٿيا.


پر وري جڏهن سالن پڄاڻا، بئراج ٻڌائون ۽ ڊيم ٺاهي سنڌ ۾ سنڌو درياءُ جي ساڄي کاٻي بند ٻڏي بئراجي آباديون ٿيون، ته پوءِ به ڪچي واسين لاءِ هي پهاڪو هلندو پيو اچي، ڇاڪاڻ ته ڪچي واري علائقي ۾ بئراج پاڻي نه هئڻ سبب انهن جون ٻنيون صرف سنڌو جي ٻوڏ ٿيڻ کانپوءِ ٻنيون  آباد ٿينديون هيون ۽ ڪچي واسي صرف چيٽي فصل بوسي ڪاهيندا هئا، ٻوڏ ٿيندي هئي ته ڪچي واسي بوسي فصل ڪاهي خوشحالي ماڻيندا هئا، ۽ چوندا هئا ته شل سنڌو سڻا ڪري ٻوڏ آڻي ته جيئن ڪچي واسي فصل ڪاهڻ وارا يا مالوند ماڻهو خوش ٿي چون ته ٻڏي جا ٻيڻا ٿي ويندا، يعني فصل به ڪاهجي سگهندو ته مال جي چرڻ واسطي زميني سلا به ساوا ٿيندا ۽ گاهه چارو به جل ٿيندو ۽ ڪچي جو مال جل چرندو کير ملڻ، گيهه، لسيون، ڏيندو مال به واڌ ويجهه ڪندو، ٻيلن ۽ جهنگل ۾ ماکي، پکي پکڻ ۽ ڪاٺ جانور ججهو ٿيندو ۽ ڪچي واسين جو گذر سفر جام ٿيندو، تڏهن ئي ڪچي واسي چوندا آهن ته شل مهر جون ٻوڏون ٿين ته ڪچي وارن لاءِ جاوا ٿين، اڄ انهيءُ ئي موضوع بابت هڪ ڪچهري رٿيل آهي، جنهن جو سرسبز احوال هن ريت آهي،
اربع ڏينهن ۲ فيبروري پندرهين جمادي الاول تي هڪ بجي منجهند سيد علي محمد شاهه لڪياري فون ڪري حڪم ڪيو ته فقير! اڄ رات اسد سولنگيءَ جي ڳوٺ لڳ دادو مورو پل درياءُ تي جي پريئن ڪنڌيءَ تي مچ ڪچهري جو پروگرام آهي، اوهان ۽ بهاول خان لغاري ضرور اچجو، حسب معمول آئون ۽ بهاول خان رات جو اٺين بجي پهتاسين ته راڳ رنگ جي محفل هلي رهي هئي، عابد سولنگي ڳائي رهيو هو، باهه جو مچ موج تي هو، جنهن ۾ وڏا سڪل بُنڊ ٻري رهيا هئا، ديسي پرديسي دوست مچ جي چوڌاري ڪانڀان ٻڏيو ويٺي روحاني راز پروڙيا. پُر نصيحت ۽ محبت جا موتي، جيڪي سڪ جي سڳي ۾ پوئي فنڪار ٻڌائي رهيو هو، فنڪار کي به ڏاتار ڪا عجيب ڏات ڏني هئي، جنهن مختلف شاعرن جي شاعري ترنم سان پئي ٻڌائي، پر چواڻي آهي ته جنين منجهه مڻيا، سي لڪاوتن لوڪ ۾ اهي هئا، نڙ بيت چوڻ وارا جن ۾ نڙ ۽ بينيون وڄائڻ وارا ۽ ڪجهه فنڪار بيت ڏيڻ وارا جن ۾ عبدالرحيم بروهي، شبير جويو ۽ سندن سنگت، اهي به پريم ۾ باڳل هئا، تن به واهڙ ۽ واهوندا وهائي ڇڏيا،
انهن سڀني کي سُڻڻ وارا موري ۽ آسپاس جا اديب، سگهڙ، شاعر ۽ آس پاس جي ڳوٺن وارا معزز ۽ ڪجهه شهري بابو پڻ هئا، جن ۾ خاص ڊاڪٽر وجهه الدين ميمڻ، ڊاڪٽر بشير چوهاڻ، ڊاڪٽر غلام حيدر ڏاهري، اسلم عباسي، اطفر ميمڻ، نثار احمد ميمڻ، مشتاق باگاڻي پريل لاکو، وزير فرهاد، خادم حسين سولنگي، علي اڪبر سولنگي ممتاز علي سولنگي، بهاول لغاري، فقير الهه بچايو لغاري ۽ عظيم سنڌي
سچ پچ ويٺلن ۽ ٻڌندڙن جو منهن سَرهو ۽ سُرهو پئي معلوم ٿيو، نه من ۾ سندن مونجهه هئي ۽ نه دل جي اداسي پئي ڏسڻ ۾ آئي، سنڌو جي ڪپر تي سجايل هيءَ ڪچهري، جنهن ۾ سنڌو درياءُ ۾ وهندڙ پاڻي ۽ جهنگل ۾ منگل جي هُٻڪار ۽ مٿان وري پندرهينءَ جي رات جي چنڊ جو چمڪندڙ گولو، سنجهي وارو پهر، چيٽي فصلن جو واسو، جهنگل جي چانڊوڪي رات واري فطرتي سونهن، ڪهي آيل مهانن جي طبعيتن تان سڀئي ڪسايون ۽ زردايون، اوثار ۽ غبار لاهي ڇڏيا ۽ سڀ خاوند جي خيال ۾ هئا ۽ هن سنسار ساگر جي لهرن ۾ هي وانگر ترندا رهيا.
رات جا ڏهه بجه ٿيا ته مانيءَ جو دور هليو، ميزبان اسد سولنگي جيڪو نج سنڌي ويس ڪانچ خميس، مٿي تي بوسڪي جو پٽڪو ٻڌل ڪلهي تي ٻپڙو اجرڪ اوڍيل، ڏاڙهي شهپر ڇٽ سنڌي شهزادو ٿيو، مهانن جي خاطر تواضع ڪري خوشيءَ ۾ نه پي ماپيو.
طعامن ۾ چڻن جو ساڳ، مٽرن جو ساڳ، ڳنرن جو ساڳ، تترن جو ٻوڙ، جوهي جي چانورن جو پلاءُ، سيوهڻ جي ٿوٻيءَ جون پڪل جوار جون مانيون ٻاجهري جون مانيون، چانورن جون مانيون ۽ ڪڻڪ جون مانيون ۽ چڻن، مٽرن جي ڍار ۽ چاهُنڪ چَنل ڪُندين ۽ ڪارين مينهن جي کير جون ساڙهيون ڀري اچي مهانن جي اڳيان رکيائون، چنڊ جي چانڊاڻ تي لست ڀريا کاڌا، پوءِ ته خلق داپئي به نه پئي ڍاپجي،
سچ پچ جهنگل ۾ کائڻ لاءِ اهي طمام سوکڙيون آهن، جيڪي خالق پاران ادي اسد هٿان مهانن کاڌيون ۽ پيتون، مان ته ايئن چوندس ته خالق جڏهن اسد جو خير ٿي تيار ڪيو، تڏهن اخلاص ۽ محبت جي جنس جيڪا به وٽس موجود هئي، ان کي هن تي استعمال ڪري ڇڏيائين، باقي جيڪو اگر تگر يا مير سير بچيل هئي اها ٻين جي ڪتب آندي، اسد جيڪو ميزباني جو پارٽ ادا ڪيو تنهن لاءِ مٿيون ٽون لکڻ ضروري سمجهيم، پوءِ توهان خوشامد سمجهو يا دل جو سچو اظهار، منهنجو کيس لاءِ اهو رايو آهي، نهايت سنجيدگيءَ جو پيڪر بڻجي رکن جي لوڏ سان پي هليو.
کاڌي پيتي جو دور پورو ٿيو، وري خلق اچي مچ ڀيڙي ٿي، هاڻي وري شروع ٿيو سيد علي محمد شاهه لڪياري، جنهن پنهنجي ڪيميرا مين کي تيار ڪري ڪچي واسين کان “ٻڏيءَ جا ٻيڻا” واري موضوع ۽ جڏهن سياري ۾ درياءُ شاهه سڪي ويندو آهي، ۽ ڪچي واسين کي ڏڪار جا ڏنڀ ايندا آهن، انهن بابت انٽرويو ڪرڻ لڳو، ساءِ علي محمد شاهه سينيئر ۽ هوشيار شخص آهي. جنهن ڪيميرا جو ريلُ ته اڳ ئي منجهند ڌاري ڄڻن، مٽرن ۽ سرنهن جي سونهن ۽ ڌاڻن جي گلن جي مينا ڪاري ۽ انهن سلن جو نسرڻ ۽ اَنَ مان ٺهندڙ نمونا ۽ ان کان علاوه ٻيلي جي ٻٻرن ۽ ٻيرين ۾ ٺهندڙ ٻُور، ڪنڊين، ڪانهن، سرن، لين، باهڻن، ڀتر، ٻُڪن، جهل، مٽري، سنج، ميڻو، مور، ڪپهه مطلب ته ڪيئي زميني سلن جي ساوڪ ۽ سرهاڻ ته ڪيميرا ۾ سمائي ڇڏي هئي، وري جو رس رهاڻ ۽ ڪچهريءَ ۾ سادڙن سٻاجهڙن ميرن لٽن وارن هارين جا سلوڪ سڻي ڪيميرا ۾ بند ڪيائين ته ويٺل دنگ رهجي ويا وري جڏهن بهاول کان پڇيائين ته جڏهن ته ڏڪار ٿيندو آهي ۽ درياءُ سڪي ويندو آهي، ان بابت ڪجهه ٻڌايو ته بهاول هي بيت پڙهي ٻڌايو.
سنڌو تيڏي سُڪڻ دا، سنڌ سڄي ڪون سُور هي سُور هي
تيڏي سير وڪامڻ دا، ڀوتارڪي ڀيل ڀرپُور ڀرپُور هي
واهه واهه ٿي وئي
منهنجي ته سائين علي محمد شاهه سان ۱۹۷۲ع کان شناسائي آهي، اڄ تائين هڪ ٻئي سان ڏوريندا پيا اچون، جڏهن ته سائين اديب آهي سندس ۲ ڪتاب شايع ٿيل آهن، “چٺيون چندن واس” ۽ “ڪايا منجهه ڪڙن” ان کان علاوه سنڌ ۽ سنڌين جي دردن ۽ ڏکن جون پچارون پچاريندي کيس ڪيئي سال جيل ۾ باندي بڻايو هئائون رات جو ۱۲ بجي ڳڙ جي چانهه جو دور هليو، ان کانپوءِ وري ڳجهارتون به سگهڙن ڏنيون ۽ ورتيون، آخر ۾ وري فنڪار کي وارو ڏنائون، جنهن گهڙولي به ڳائي ۽ هو جمالو ڳائي نچي ۽ ڪُڏي ڪچهري ختم، ديسي دوست پنهنجن ڪکن ڏانهن روانا ٿيا ۽ پر ديسي رات ٽڪي پيا.

No comments:

Post a Comment