Sunday, February 17, 2013

اسان جو بيروزگار نوجوان ڇا ڪري؟ - الطاف شيخ


اسان جو بيروزگار نوجوان ڇا ڪري؟
الطاف شيخ
مون وٽ اي ميل ذريعي ڪيترا ئي خط اچن ٿا. جن ۾ اسان جا نوجوان، بيروزگاريءَ بابت پنهنجي ڏُکَ جو اظهار ڪن ٿا. اها حقيقت به آهي ته، اسان جي ملڪ ۾ بيروزگاري تمام گهڻي آهي. خاص ڪري سرڪاري کاتن ۾ ايتريون نوڪريون نه آهن. سياستدان ۽ وزير پوري ڪوشش ۾ رهن ٿا ته، ڪٿي ڪي خالي جايون نڪرن ته پنهنجن ورڪرن کي ڏئي، منهن سرخرو ڪجي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان جو نوجوان رڳو سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ جو خواهشمند نظر اچي ٿو ۽ اسان وٽ پي آءِ اي ۽ سنڌي ادبي بورڊ سميت ڪيترن ئي کاتن ۾ ماڻهو ضرورت کان وڌيڪ يا اضافي آهن. ان هوندي به اسان جا وزير ۽ سياستدان کوٽي کوٽي ڪجهه نوڪريون ڪڍن ٿا، جن لاءِ عام شڪايت اها آهي ته، اهي نوڪريون ميرٽ تي ڏيڻ بدران پنهنجن مائٽن ۽ من پسند ماڻهن کي ڏنيون وڃن ٿيون ۽ مٿن اها به الزام تراشي آهي ته هو اهي نوڪريون پئسن تي وڪڻن به ٿا.

Thursday, February 14, 2013

لنڊن جو سفر ۽ ڪجهه ذڪر برطانوي بادشاهت جو - عبدالحي پليجو

لنڊن جو سفر ۽ ڪجهه ذڪر برطانوي بادشاهت جو
عبدالحي پليجو
گُذريل ڪالم ۾ ذڪر ڪري رهيو هئس ته، برٽش موٽر وي ذريعي اسان جو لنڊن ڏانهن سفر جاري هو. بس ڊيلَ وانگر ٽِلندي، لنڊن کي ويجهو ٿيندي وئي. لنڊن پهچڻ کانپوءِ به بس کي ٽوئر آفيس پهچڻ ۾ ڪافي وقت لڳي ويندو آهي. چوطرف خوبصورت منظر لڳو پيو آهي، آسمان ۾ ڪَڪرن تي سج جي تيز روشني پوڻ سان ڪَڪر ڏاڍا خوبصورت لڳي رهيا آهن. آئون کين ڏسي رهيو آهيان ته، ڪڪر بيٺا آهن يا آسمان ۾  تمام آهستي آهستي اڳتي وڃي رهيا آهن. ڪجهه وڻ آمريءَ جهڙا نظر آيا، ڌيان سان ڏٺم پر آمريءَ جا وڻ ڪونه هئا. يورپ ۾ وَڻ ڏسڻ جو مزو جرمنيءَ ۾ وڌيڪ آهي، جتي ڪرسمس ٽريءَ جا ٻيلا ڏاڍا دلفريب ۽ وڻندڙ ٿا لڳن. ڪلاڪن جا ڪلاڪ انهن مان لنگهندي به دل ڪانه ٿي ڀرجي. سڄي يورپ جي سڀني ملڪن ۾ سوين سال بادشاهت رهي، جن ۾ فرانس. اٽلي، جرمني ۽ روس ۾ بادشاهت ختم ٿي وئي، پر بيلجم، هالينڊ، سوئيڊن، موناڪو. لگزمبرگ ۽ انگلينڊ ۾ اڃا تائين نالي ماتر بادشاهت قائم آهي. جيتوڻيڪ انگلينڊ جي بادشاهت به اڄڪلهه لوڏن ۾ آهي، پر تنهن هوندي به ملڪ جي وڏي اڪثريت اڄ به بادشاهن ۽ موجوده راڻيءَ سان جذباتي طرح پيار ڪري  ٿي. جيتوڻيڪ شهزادي چارلس جي ڪردار مان برطانيه جي وڏي اڪثريت خوش ناهي. مون ڪيترا ڀيرا انهيءَ باري ۾انگلينڊ جي اخبارن ۾ پڙهيو ۽ مختلف انگريز شهرين سان انهيءَ تي بحث ٿيا، جن جا رايا سندن راڻيءَ جي باري ۾ ڪجهه هن ريت آهن ته، ’هيءَ بادشاهت، برطانوي نه پر جرمنيءَ وارن کان اُڌاري ورتل آهي ۽  اها حقيقي بادشاهت نه آهي. شاهي اختيار ٽين ڊائوننگ اسٽريٽ وٽ آهن. اهي اختيار پارليامينٽ نه پر وزير اعظم سان واسطو رکن ٿا. اهڙيءَ صورت ۾ وزير اعظم سموري جمهوري عمل ۾ اعلى حيثيت جو مالڪ آهي، جيتوڻيڪ وزير اعظم کي سمورا اختيار حاصل آهن، تنهن هوندي به شاهي خاندان سماجي طور تي غير جانبدار ڪونهي، غير سياسي تاجدار جي تابعداريءَ جو مطلب آهي ته، سياستدانن کي حاصل اختيار مڪمل ناهن، سياستدان رياستي مشينري آهن ۽ مختيار ڪل حاڪم نه آهن.‘

Saturday, February 09, 2013

قطب تارو ۽ الغول - الطاف شيخ


 قطب تارو ۽ الغول
الطاف شيخ

قطب تارو آسمان ۾ اهڙي هنڌ تي آهي، جو اسان جي ڌرتي، گول گُهمڻ جي باوجود، هو ساڳئي هنڌ تي نظر اچي ٿو، باقي تارا آهستي آهستي ٿي رِڙهندا نظر اچن ٿا. قطب تارو ڪنهن Constellation (تارن جي ميڙاڪي) جو حصو ناهي، پر اهو اڪيلو ئي اڪيلو آهي. هن جي ويجهو ترين Constellation دبِ اڪبر آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ ديڳڙي،Big Dipper، هَرُ ۽ Ursa Major به سڏيو وڃي ٿو. هن ڪانسٽيليشن جا چار تارا ديڳڙي يا کٽ ٺاهين ٿا ۽ باقي ٽي تارا جيڪي سمجهو ته ديڳڙيءَ جو هينڊل آهن، انهن ۾ پهريون تارو Alioth سڏجي ٿو، جيڪو ستن ئي تارن ۾ چِٽو آهي، ويندي قطب تاري کان به چِٽو آهي.

Friday, February 08, 2013

ٿر جي هڪ وساريل شهر جي ڪٿا - شبنم گل


ٿر جي هڪ وساريل شهر جي ڪٿا
شبنم گل
هن دفعي به ٿر جي حدن ۾ داخل ٿي هڪ نئين دنيا جا رنگ اکين ۾ جذب ٿيڻ لڳا. ٿر خوبصورت آهي، جتي فطرت جو حسن برسات جي موسم ۾ جهنگلي گلن جيان ٽڙي پوي ٿو. گاڏي ساوڪ سان جهنجهيل ڀٽن وٽان لنگهي ٿي، جتي ڪنهن ساڌوءَ جي گيان جهڙو سڪون آهي. هتي زندگي سادي، نج ۽ بغاوت کان پاڪ آهي، تڏهن ته ماحول ۾ رچيل خالص رنگ، ٻاهران ايندڙن کي پاڻ ڏانهن بي اختيار ڇڪي ٿو. برسات دوران سنڌ جي شهرن جا ٿڪل قافلا ٿر جو رخ ڪندا آهن، جيئن ڀٽن مٿان ڇانورو ڪندڙ قدرتي ٻوٽن کي ڇهي ايندڙ، تازي هوا جا ڍڪ ڀري سهميل ساهن کي اُجاري سگهن. منظر بدلجندا رهن ٿا. ڪٿي چئونرن جو ڏيک انتهائي وڻندڙ لڳي ٿو. چئونرو، ٿر جي منفرد تخليق آهي، جيڪو ٿڌو ۽ انتهائي پرسڪون ٿئي ٿو. ٿاريليون قطار در قطار دلا مٿي تي کڻي، روڊ ڪناري وڃي رهيون آهن. سندن ڀرت ڀريل سهڻا ڪپڙا، چنريون ۽ گهاگهرا ساوڪ جي پس منظر ۾ انتهائي خوبصورت لڳي رهيا آهن. وري ڪٿي ڌراڙ مال وٺي ويندي نظر اچن ٿا. ڏورانهون پنڌ ڪري ٿر ۾ داخل ٿيندڙ انهن مال وندن جا چهرا ٿر جي ساوڪ ڏسي، خوشيءَ وچان ٻهڪي رهيا آهن. چنچل ۽ بي باڪ هوا ۾ ڀنڀورين جي پرن جون آهنگ هُري رهيو آهي. هر منظر ۾ هڪ نئون اُتساهه آهي، هڪ حيران ڪندڙ سونهن جو هر طرف عڪس وکريل آهي.

Tuesday, February 05, 2013

روهي ۾ هڪ رات - سردار شاهه

روهي ۾ هڪ رات!
سردار شاهه
اها رات هئي يا فطرت جي جادوگري ۽ فنڪاري جو ڪو من موهيندڙ ميوزيم هيو. آسمان هيو، يا ڪوئي پراسرار گنبذ هيو. ستارا، حسنِ ازل جي پياسن مسافرن جي قبرن جا ڏيئا لڳي رهيا هئا ۽ چنڊ، اهو چوڏهين جو چوڪيدار چنڊ، ته ڪنهن آدي جڳادي مجاور جيان انهن گمنام قبرن تي پنهنجي چوڪس نگاهن جو نور هاري رهيو هو ۽ ڌرتي، ته ڪنهن مست الست رقاصه جيان چانڊوڪي جو چولو پائي جهمريون هڻي رهي هئي ۽ ڄڻ چئي رهي هئي؛
مون ۾ تون موجود
آئون اڳاهين آهيان
آئون اسونهين آهيان

Sunday, February 03, 2013

برٽش موٽر وي ذريعي لنڊن ڏانهن سفر - عبدالحي پليجو


برٽش موٽر وي ذريعي لنڊن ڏانهن سفر
عبدالحي پليجو
اسان جو هي محل نما جهاز، هاڻي انگلينڊ جي ڪپرن کان گهڻو پري ڪونهي. اسان هتان کان هاڻي برطانيه جو بحري بندر ۽ ان جي پهاڙين تي اڏيل ڪوٽ قلعا چٽيءَ طرح سان ڏسي رهيا آهيون. جهاز جي ڪپتان اسان کي لائوڊ اسپيڪر ذريعي ٻڌايو ته پاڻ هاڻي جلد برطانيه جي بحري بندر ’ڊوور‘ تي پهچڻ وارا آهيون، جنهن ڪري توهان خاموشيءَ سان پنهنجين پنهنجين سيٽن تي چيلهه جا بيلٽ ٻڌي آرام سان ويهي رهو، جيسين وڃي هي جهاز ڪپر ڀيڙو ٿئي. اسان به ائين پنهنجيون پنهنجيون سيٽون درست ڪري خاموشيءَ سان انهن تي ويهي رهياسين، جيستائين جهاز وڃي بندر تي پهتو.

Saturday, February 02, 2013

شاگرد ڏنگا آهن يا استاد جاهل؟ - الطاف شيخ


شاگرد ڏنگا آهن يا استاد جاهل؟
الطاف شيخ
پٺتي ٿو نظر وجھان ته مونکي هر تعليمي اداري ۾ تمام سٺا ٽيچر مليا. ايماندار، محنتي، پنهنجي سبجيڪٽ جي ڄاڻ رکڻ وارا ۽ هنن لاءِ خوشيءَ جي فقط اها ڳالهه هوندي هئي ته سندن شاگرد سُٺين مارڪن سان پاس ٿين. سندن پڙهائڻ، سمجھائڻ ۽ ٽيسٽ وٺڻ جي طريقن مان آئون ڏاڍو متاثر رهيس ٿي. شايد اهو سبب هجي جو مون به ماستر ٿي انهن استادن جي نقش قدم تي هلڻ چاهيو ٿي. عادت موجب ڪا نئين ڳالهه ڪرڻ جي چڪر ۾ پڙهندو مئرين انجنيئرنگ (جهاز ٺاهڻ، هلائڻ ۽ خرابيون دور ڪرڻ جي انجنيئري) رهيس، پر ذهن تي هر وقت ماستر ٿيڻ جو ڀُوت سوار رهيو. موڪلن ۾ ڳوٺ ايندو هئس ته اتي جي ڪاليج ۾ پڙهائيندو هئس. ستر وارري ڏهاڪي ۾ سگا جي سهڪار سان اين جي وي اسڪول ڪراچيءَ ۾، شام جو سول سروس جي امتحانن لاءِ شاگردن کي مفت پـڙهائڻ شروع ڪيو ويو، ته مونکي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ مون به رضاڪاراڻا طور پڙهائڻ قبول ڪيو. صبح جو جهاز تي ڊيوٽي ڪري شام جو شاگردن کي سائنس پڙهائيندو هئس. جهاز سمنڊ تي هوندو هو ته، جونيئر انجنئيرن کي هفتي ۾ ٽي ڏينهن پڙهائيندو هئس.