Saturday, February 09, 2013

قطب تارو ۽ الغول - الطاف شيخ


 قطب تارو ۽ الغول
الطاف شيخ

قطب تارو آسمان ۾ اهڙي هنڌ تي آهي، جو اسان جي ڌرتي، گول گُهمڻ جي باوجود، هو ساڳئي هنڌ تي نظر اچي ٿو، باقي تارا آهستي آهستي ٿي رِڙهندا نظر اچن ٿا. قطب تارو ڪنهن Constellation (تارن جي ميڙاڪي) جو حصو ناهي، پر اهو اڪيلو ئي اڪيلو آهي. هن جي ويجهو ترين Constellation دبِ اڪبر آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ ديڳڙي،Big Dipper، هَرُ ۽ Ursa Major به سڏيو وڃي ٿو. هن ڪانسٽيليشن جا چار تارا ديڳڙي يا کٽ ٺاهين ٿا ۽ باقي ٽي تارا جيڪي سمجهو ته ديڳڙيءَ جو هينڊل آهن، انهن ۾ پهريون تارو Alioth سڏجي ٿو، جيڪو ستن ئي تارن ۾ چِٽو آهي، ويندي قطب تاري کان به چِٽو آهي.

”اَلي اوٿ“ تارو جنهن کي عرب ’الجون‘ سڏين ٿا، اسان جي ڌرتيءَ کان ۸۱ نوري سال پري آهي ۽ هو اسان واري سج کان ۱۰۸ ڀيرا روشن آهي، يعني هن تي ايترا ڀيرا وڌيڪ باهه پئي ٻري. سج ته اسان کان فقط ساڍن اٺن منٽن جي پنڌ تي آهي. هي الجون تارو، جيڪڏهن سج جيترو ويجهو هجي ته، اسانجي ڌرتيءَ جا ماڻهو ۽ جانور ته ڇا پر پٿر ۽ لوهه به وٽڙي وڃن ها. هي تارو سِجَ کان چئوڻو وڏو آهي ۽ تور ۾ ٽيڻو آهي. بهرحال ”دب اڪبر“ Ursa Major)) واري، ستن تارن واري جهڳٽي ۾، Alioth تارو سڀني ۾ روشن آهي.
هونئن سڄي آسمان ۾ Alioth تارو ۳۱ نمبر تي چلڪندڙ تارو آهي. جهاز رانيءَ جي دنيا ۾ جيڪي ۵۷ تارا Navigation لاءِ، گهڻي کان گهڻا استعمال ٿين ٿا، انهن مان هي هڪ آهي. عربي سمنڊ، ڏکڻ چيني سمنڊ، ڳاڙهي سمنڊ ۽ هندي وڏي سمنڊ جي اتراهين حصي ۾ جهاز يا ٻيڙيون هلائيندڙ، هن تاري جي به سلائيٽ وٺي، سمنڊ تي پنهنجي ٻيڙيءَ جي پوزيشن ۽ ڪيل پنڌ جو اندازو لڳائين ٿا. اڄڪلهه جيتوڻيڪ Satellite Navigator جهڙا اوزار نڪري پيا آهن، جيڪي سمنڊ تي جهاز جي پوزيشن ائين سولائيءَ سان ٻڌائي سگهن ٿا، جيئن Accu-Chek جهڙا اوزار، انسان جي رَتَ ۾ موجود شگر جي ليول ٻڌائي ٿا وٺن، ۽ Magnetic ڪمپاس ته سالن کان موجود آهي، جيڪو يڪدم اُتر جو طرف ٻڌائي ٿو. ان هوندي به اسان پَڪَ ڪرڻ لاءِ تارن کي ڏسي مفاصلي ۽ هنڌ جو فيصلو ڪيون ٿا ته، سمنڊ جي ڪهڙي حصي تي آهيون يا دنيا جي ڪهڙي ويڪرائي ۽ ڊگهائي ڦاڪ تي آهيون. ڪيترا ٻيڙين وارا ناکئا ته اهڙا به آهن، جيڪي فقط ۽ فقط تارن جي آسري تي ڪٿان کان ڪٿان وڃيو نڪرن.
ماڙيپور جي هڪ هوٽل ۾ هڪ همراهه مليو. پڇيومانس؛ ”ڪير آهين؟“
وراڻيائين: ”ناکئو آهيان. لانچ هلائيندو آهيان.“
 ”ڪيڏانهن وڃين؟“ مون پڇيومانس.
”اڄڪلهه لانچ کي مگديشو وٺي ويندو آهيان.“ هن ٻڌايو.

مگديشو آفريڪي ملڪ صوماليا جو بندرگاهه آهي ۽ هڪ لانچ لاءِ ايڏو پري وڃڻ وڏي ڳالهه آهي. بمبئي، ڪولمبو يا ايران جي ڪنهن بندرگاهه تائين وڃڻ ڪا اهڙي وڏي ڳالهه ناهي، جو انهن بندرگاهن تي پهچڻ ۾، Coasting ڪرڻي پوي ٿي، يعني ڪنارو ڪنارو ڏيئي پيا وڃو، آخر ته پهچي ويندا. موسم جي خرابي، سامونڊي لهرن جو ڊپ ته کلئي سمنڊ ۾ رهي ٿو، پر مگديشو پهچڻ لاءِ ته ڪنارو نٿو وٺي سگهجي. سڄو عربي سمنڊ ۽ ڪجهه هندي سمنڊ اُڪري پوءِ مگديشو پهچجي ٿو. اسان جي وڏي جهاز کي به گهٽ ۾ گهٽ ڇهه ست ڏينهن لڳيو وڃن، جنهن تي فالتو تيل، کاڌو ۽ پاڻي کوڙ رهي ٿو. هن لانچ کي ته گهٽ ۾ گهٽ ٻارهن تيرهن ڏينهن ٿا لڳن ۽ لانچ هلائڻ وارو اها ئي ڪوشش ڪري ٿو ته، ٻيڙيءَ کي سڌي ليڪ ۽ سَڻائي لهر تي وٺي وڃان، جيئن هڪ ته تيل گهڻو نه سڙي ۽ ٻيو ته وڌيڪ ڏينهن نه لڳن.
”پوءِ ڀلا سمنڊ تي رستو ڳولڻ لاءِ توهانجي لانچ تي ڪهڙا Navigational Aids (رستو ڳولڻ جون سهولتون) موجود آهن؟“ مون هن کان پڇيو.
”سائين ڪهڙيون ويٺا خبرون پڇو. ڪجهه به نه آهي، بس الله جو نالو آهي.“ هن ٻڌايو.
”ڪمال ٿا ڪريو. پوءِ رستو ڪيئن ڳوليو؟“ مون حيرت مان پُڇيو.
”جيئن شروع کان اسان جا وڏا ڳوليندا آيا آهن. هي راس الغول، واقي (الواقع النسر)، الطائر، ذنب ۽ نگهبان ڇا جي لاءِ آهن.“ هن آسمان ۾ چمڪندڙ مختلف تارن جا نالا ورتا. نگهبان تارو مون لاءِ نئون هو.
” اهو نگهبان وري ڪهڙو تارو آهي؟“ مون حيرت مان پڇيو.
”سائين ’العيوق‘، جنهن کي ايراني ۽ اسان مڪراني، فارسي زبان ۾ نگهبان ۽ بُزبان ٿا سڏيون.“ هن مونکي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. دراصل هو Capella تاري جي ڳالهه ڪري رهيو هو، جيڪو آسمان ۾ يارهين نمبر تي چمڪندڙ تارو آهي.
”بس پوءِ مختلف تارن کي فالو ڪندا ڪندا وڃيو مگديشو پهچون.“ هن ٻڌايو. ٻئي ڏينهن پڪ ڪرڻ لاءِ هن سان گڏ گهاس بندر ۾ ويس، جتي هن جي لانچ تان سامان لهي رهيو هو. مزي جي ڳالهه اها ته، اهي لانچون به هتي ڪراچيءَ ۾ ٺهن ٿيون. آئون اڪثر جهاز جي ڪئڊٽن کي نيول آرڪيٽيڪچر پڙهائڻ دوران ماڙيپور جي ڀرسان يونس آباد ڳوٺ وٺي ويندو هئس، جتي بنا نقشي جي، واڍا هي ٻيڙيون ٺاهين ٿا، جن ۾ پوءِ نيون يا سيڪنڊ هئنڊ انجڻيون فِٽ ڪيون وڃن ٿيون. اهي ٻيڙيون ڪافي سامان کڻن ٿيون ۽ انجڻ بنا، ان ڪاٺ جي ٻيڙيءَ جي قيمت ٻه ڪروڙ رپيا کن اچي ٿي.
مٿي بيان ڪيل تارو ”بُزبان“ (ٻڪريءَ وارو) جنهن کي عربيءَ ۾ العيوق (ٻڪري) ۽ انگريزيءَ ۾ Capella سڏجي ٿو، قطب تاري جي ويجهو آهي ۽ اهو هڪ تارو ناهي، پر تارن جو جوڙو آهي پر بنا دوربين جي ڏسڻ سان هميشھ هڪ تارو لڳي ٿو. ڇو جو ٻئي تارا هڪٻئي جي بلڪل ويجها آهن ۽ ڪائنات جي وسعتن جو ان مان انداز لڳايو ته، اهي ٻه تارا جيڪي اَک سان هڪ ٿا لڳن ۽ طاقتور دوربين سان ئي محسوس ٿئي ٿو ته، ضرور ٻه آهن. انهن جي ”ويجهڙائي“ به ڪيتري ٿي سگهي ٿي؟ هڪ ميل؟ ڏهه ميل؟ سؤ ميل؟ ڪنهن Astronomy جي شاگرد کان توهان به ڀلي پڇجو. هو به توهان کي اهو ئي ٻڌائيندو ته، اهي ٻئي تارا هڪٻئي سان مليا پيا آهن، پر جي توهان هن کان اهو پڇندا ته، اهي هڪٻئي جي ڪيڏو ويجهو آهن ته، هو ڏاڍي آرام سان اهو ئي ٻڌائيندو ته، ”فقط هڪ سؤ ملين ڪلوميٽر.“ هاڻ توهان اندازو لڳايو ته، ٻيا تارا هڪٻئي کان ڪيترو پري هوندا! ۽ هن ڪائنات جو ڇا ڪاٿو ٿي سگهي ٿو!
ماڙيپور ۾ رهندڙ لانچ جي ناکئي، پنهنجي حساب سان هڪ ٻن ٻين تارن جا به نالا ورتا، جن جي مدد سان هو ڪراچيءَ کان آفريڪا جي ويجهن بندرگاهن تائين پنهنجو ٻيڙو هاڪاريندو رهي ٿو. انهن مان هڪ راس الغول تارو جنهن کي انگريزي، يورپي ۽ يوناني به ساڳئي نالي سان، پر ٿوري فرق سان Algol سڏين ٿا. هي تارو Perseus نالي تارن جي جهرمٽ Constellation)) جو هڪ تارو آهي. انگريز هن تاري کي شيطاني تارو Demon Star)) ۽ Blinking Demon سڏين ٿا ۽ لبنان، اسرائيل ۽ شام پاسي جا ماڻهو، هن تاري کي پنهنجي لوڪ ڪهاڻين ۾ ”روش ها شيطان“ (شيطان جو مٿو) سڏين ٿا.
الغول Algol)) تارو اسانجي ڌرتيءَ کان ۹۳ نوري سال پري آهي. علم نجوم جا عالم هن تاري کي نڀاڳ جي نشاني سمجهن ٿا.

No comments:

Post a Comment