Thursday, February 14, 2013

لنڊن جو سفر ۽ ڪجهه ذڪر برطانوي بادشاهت جو - عبدالحي پليجو

لنڊن جو سفر ۽ ڪجهه ذڪر برطانوي بادشاهت جو
عبدالحي پليجو
گُذريل ڪالم ۾ ذڪر ڪري رهيو هئس ته، برٽش موٽر وي ذريعي اسان جو لنڊن ڏانهن سفر جاري هو. بس ڊيلَ وانگر ٽِلندي، لنڊن کي ويجهو ٿيندي وئي. لنڊن پهچڻ کانپوءِ به بس کي ٽوئر آفيس پهچڻ ۾ ڪافي وقت لڳي ويندو آهي. چوطرف خوبصورت منظر لڳو پيو آهي، آسمان ۾ ڪَڪرن تي سج جي تيز روشني پوڻ سان ڪَڪر ڏاڍا خوبصورت لڳي رهيا آهن. آئون کين ڏسي رهيو آهيان ته، ڪڪر بيٺا آهن يا آسمان ۾  تمام آهستي آهستي اڳتي وڃي رهيا آهن. ڪجهه وڻ آمريءَ جهڙا نظر آيا، ڌيان سان ڏٺم پر آمريءَ جا وڻ ڪونه هئا. يورپ ۾ وَڻ ڏسڻ جو مزو جرمنيءَ ۾ وڌيڪ آهي، جتي ڪرسمس ٽريءَ جا ٻيلا ڏاڍا دلفريب ۽ وڻندڙ ٿا لڳن. ڪلاڪن جا ڪلاڪ انهن مان لنگهندي به دل ڪانه ٿي ڀرجي. سڄي يورپ جي سڀني ملڪن ۾ سوين سال بادشاهت رهي، جن ۾ فرانس. اٽلي، جرمني ۽ روس ۾ بادشاهت ختم ٿي وئي، پر بيلجم، هالينڊ، سوئيڊن، موناڪو. لگزمبرگ ۽ انگلينڊ ۾ اڃا تائين نالي ماتر بادشاهت قائم آهي. جيتوڻيڪ انگلينڊ جي بادشاهت به اڄڪلهه لوڏن ۾ آهي، پر تنهن هوندي به ملڪ جي وڏي اڪثريت اڄ به بادشاهن ۽ موجوده راڻيءَ سان جذباتي طرح پيار ڪري  ٿي. جيتوڻيڪ شهزادي چارلس جي ڪردار مان برطانيه جي وڏي اڪثريت خوش ناهي. مون ڪيترا ڀيرا انهيءَ باري ۾انگلينڊ جي اخبارن ۾ پڙهيو ۽ مختلف انگريز شهرين سان انهيءَ تي بحث ٿيا، جن جا رايا سندن راڻيءَ جي باري ۾ ڪجهه هن ريت آهن ته، ’هيءَ بادشاهت، برطانوي نه پر جرمنيءَ وارن کان اُڌاري ورتل آهي ۽  اها حقيقي بادشاهت نه آهي. شاهي اختيار ٽين ڊائوننگ اسٽريٽ وٽ آهن. اهي اختيار پارليامينٽ نه پر وزير اعظم سان واسطو رکن ٿا. اهڙيءَ صورت ۾ وزير اعظم سموري جمهوري عمل ۾ اعلى حيثيت جو مالڪ آهي، جيتوڻيڪ وزير اعظم کي سمورا اختيار حاصل آهن، تنهن هوندي به شاهي خاندان سماجي طور تي غير جانبدار ڪونهي، غير سياسي تاجدار جي تابعداريءَ جو مطلب آهي ته، سياستدانن کي حاصل اختيار مڪمل ناهن، سياستدان رياستي مشينري آهن ۽ مختيار ڪل حاڪم نه آهن.‘

مٿئين ڳالهه پڻ حقيقت تي مبني ڪانهي، ڇو ته بادشاهه کي سياستدانن کي روڪڻ جو اختيار نه رهيو آهي،  ابتو سياستدانن کي اهي اختيار حاصل آهن. جنهن جي احتساب کان اُهي آجا آهن.  عوام جي خواهشن کي پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو  ووٽ جو حق آهي، بادشاهن ۾ اها توقع رکي نٿي سگهجي،  غير سياسي بادشاهه کي وڌيڪ فوقيت ڏين ٿا، با اختيار صدر لاءِ اهڙي حمايت نظر نه ٿي اچي، جهڙيءَ طرح فرانس ۽ آمريڪا جي سياسي نظام جي تشڪيل ۾ برطانوي خيالات کي اهميت حاصل هئي، جيڪڏهن ملڪ ۾ بادشاهي نظام قائم آهي ته، اهو نسل وراثت جي بنياد تي برقرار رهندو ۽ برطانوي عوام انهيءَ کي تبديل ڪرڻ نٿو گهري. هڪڙي تازي جائزي موجب، ٽن ماڻهن مان هڪڙي ماڻهوءَ جي خواهش عوامي جمهوريت واري آهي، جڏهن ته ماڻهو عام طور تي بادشاهت جي موجوده صورتحال مان خوش ڪونه آهن ۽ شهزادي چارلس جي ولي عهد واري وراثت جي حق کي رد ڪرڻ گهرن ٿا، سندن گهر آهي ته، ايندڙ بادشاهه شهزادو وليم ٿئي. ايتريقدر جو انهيءَ لاءِ ٽي وي مباحثن دوران به لکن جي تعداد ۾ ماڻهو  اهڙي راءِ ڏين ٿا. اهي چون ٿا ته، بادشاهي هجي پر سندن عمل ۾ اها ڳالهه ظاهر آهي ته هو انهيءَ لاءِ پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ گهرن ٿا ۽ بادشاهت کي پنهنجي مرضيءَ موجب هلائڻ گهرن ٿا. ان مان ظاهر ٿيو ته، اُهي پنهنجن عملن موجب بادشاهي نه پر صدارتي نظام آڻڻ گهرن ٿا.
فرانس جي صدارتي نظام جي جديد تاريخ کي برطانوي بادشاهت طرفان عوام کي گمراهه ڪرڻ وارين ڪوششن سان ڀيٽڻ گهرجي. اهو ادارو جيڪو اختيار لڪائڻ گهرندو هجي،  اهو فرد جيڪو عوام ڏانهن ذميوار هجي، انهن جي پڻ ڀيٽ ٿيڻ گهرجي. باصلاحيت ماڻهن کانسواءِ بادشاهت، قومي اخلاق  کي ڪيرايو وڃي. ڪليسائي ذميواري، توڙي مڙيئي نالي ۾ اڳواڻن جي حيثيت ۾ برطانوي شاهي خاندان، پنهنجي قدر قيمت جي ڏيوالپڻي واري خطري جي مُنهن ۾ آهي، ڇو ته سندس شاهي طلسم ٽُٽي پيو آهي، تنهن ڪري اهڙي بنيادي حل لاءِ غور ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ بادشاهت جي روايتي تجديد ٿئي ۽ بادشاهي شان ۾ ڪوتاهيءَ سبب پيدا ٿيل ناراضگي ختم ٿئي، برطانوي تاريخ ۾ ان کان اڳ پڻ اهڙي قسم جو حل اختيار ڪيو ويو هو، جڏهن سياسي طاقت ۽ بادشاهي اختيار هڪٻئي جي خلاف داءُ تي لڳل هئا، هينئر ته فقط روايتي شان داءُ تي لڳل آهي، تڏهن گهربل تبديلي ڪيتري نه آسان هئڻ گهرجي، جڏهن کان شاهي خاندان اڪثر گهوٽالن جو شڪار ٿيڻ سبب ٻين ملڪن جي شاهي خاندانن مان ماڻهو ’ اُڌارا‘ آندا آهن، انهن مان ڪن نوجوان فردن  کي سير ڪرائڻ جي بهاني اغوا به ڪيو ويو. ته هاڻي ڪو فرد اُڌارو ڇو نٿو وٺي سگهجي. بادشاهي ادارو ته برقرار رکڻو پوندو، پر انهيءَ اداري ۾ رهندڙ فردن کي تبديل ڪرڻو پوندو.
يورپ ۾ هن وقت مثالي شاهي خاندان خير ڪي آهن. برطانوي شاهي خاندان ۾ موجود افراد سدائين واندا، هميشه پنهنجي شريڪن سان مشغول رهڻ سبب شاهي ذميواريءَ جو احساس فنا ٿي ويو آهي. گهڻا ماڻهو شاهي خاندان جي اندروني ڪشمش کي طاقت جو سبب ڄاڻائين ٿا. انهيءَ جي بچاءُ بدران غور انهيءَ ڳالهه تي ڪرڻ گهرجي ته، شاهي خاندان ۾ موجود اندروني ڪشمش پڻ مدي خارج آهي.
تازو ڊَچيس آف يارڪ، جنهن طريقي سان تذليل جو شڪار ٿي. انهن سببن بابت ٿيندڙ ڳالهيون بي وزن آهن. شاهي خاندان جي چڱائين ۽ مدائين تي بحث ڪرڻ ته انهيءَ کي تبديل ڪري سگهون ٿا يا ٻاهرئين دٻاءُ کانسواءِ پنهنجي اندروني خلفشار سبب اهو ازخود فنا ٿي ويندو، وغيره، هاڻي فضول آهي، شاهي خاندان خود پاڻ بادشاهت ۽ جمهوريت جي وچ واري غير ترقي يافته منزل مقصود تي سڀني ڌرين کان اڳي پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري پيو. اها اڳين منزل وچ ٿرائي واري آهي.
ليڊي ڊائنا جي سندس بواءِ فرينڊ دودي الفائد سان پئرس ۾ ڪار ايڪسيدنٽ ۾ موت جي وقت، شاهي خاندان تي برطانيه جي عوام ڏاڍي رنج جو اظهار ڪيو. خاص ڪري انگلينڊ جي اخبارن شاهي خاندان تي ايڏي ته نڪته چيني ڪئي، جو راڻي ايلزبيٿ کي نه چاهيندي به انگلينڊ جي عوام کي ريڊيو ۽ ٽي وي تي خطاب ڪري، پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻي پئي. جنهن کانپوءِ وڃي برطانيه جي عوام جي ڪجهه ڪاوڙ گهٽي، نه ته برطانيه جو عوام راڻي ايلز بيٿ سان ڏاڍو پيار ڪندو آهي. ليڊي ڊائنا جي مرڻ وقت، برطانيه جي عوام کي ڊائنا سان ڏاڍي همدردي هئي. چوندا آهن ته، ”پٿر پرايو ڏک سڀ ڪنهن جا پنهنجا“، پر ڊائنا جي موت وقت برطانوي عوام ڏاڍو جذباتي نظر آيو. چون ٿا ته، هاڻ سندس ورسيءَ جي موقعي تي ماڻهو نه هئڻ جي برابر ايندا آهن ۽ اُها ساڳي ڳالهه نه رهي آهي.
اسانجي بس لنڊن شهر جي گهٽين ۽ چوڪن مان هلندي هلندي اچي پنهنجي ڪاسموس ٽوئر وارن جي آخري منزل تي پهتي، جتي اسان بس مان لهي قطار ٺاهي بيٺاسين ته، هر هڪ پنهنجو پنهنجو سامان کڻي هڪٻئي کان موڪلائيندو ٽئڪسيءَ ۾ ويٺو ۽ اسان به ٽئڪسي ڪري لنڊن جي شاهراهن تان گهمندا ڦرندا اڳتي پنهنجي منزل ڏانهن وڌڻ لڳاسين. لنڊن ڪيترا ڀيرا اچڻ ڪري ۽ هينئر به يورپ جو ٽوئر لنڊن مان شروع ڪرڻ ڪري، اڄ لنڊن پرايو نه پر جهڙوڪر پنهنجو شهر ڪراچي نظر اچي رهيو آهي. مون دنيا ڏٺي آهي، پر جيڪي شهر گهڻي ۾ گهڻو گهميا آهن، انهن ۾ هڪ بئنڪاڪ ۽ ٻيو لنڊن آهي. جيڪي مون پاڪستان جي شهرن لاهور ۽ اسلام آباد کان به وڌيڪ گهميا ڦريا آهن. اسلام آباد ته ننڍو شهر آهي پر آئون لاهور ۾ شايد ڀُلجي پوان. پر لنڊن ۽ بئنڪاڪ ۾ گهمندي ڦرندي ڀُلجڻ جو ته سوال ئي پيدا ڪونه ٿو ٿئي.


No comments:

Post a Comment