Friday, July 27, 2018

مورائي مراڪش ۾


مورائي مراڪش ۾!
Notes from Europe
عبدالله عثمان مورائي
”مان آهيان ته سئيڊش پر گذريل پنجويهن سالن کان ڊينمارڪ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ناروي ۾ رهان ٿي. پيشي جي حوالي سان مان نرس آهيان.“ جهاز اسٽاڪهولم Stockholm کان مراڪش Marrakech طرف تيزيءَ سان اڏري رهيو هو. جهاز ۾ منهنجي ڀرسان ويٺل چوونجاهه سالن جي اين Ann مون کان پڇيو ته تون مراڪش ۾ ڪهڙي هوٽل ۾ رهندين ۽ ڪهڙيون جايون گهمڻ جو سوچيو ۽ رٿيو اٿئي؟ مون کيس هوٽل جو نالو ٽيمپو Tempo ۽ روڊ جو نالو ابوبڪر صديق ۽ عمر بن الخطاب ٻڌايو. اهو هوٽل حورنيج جي علائقي ۾ هو. پاڻ روڊ جو نالو ٻڌي يڪدم وراڻيائين ته منهنجو هوٽل ته ٻيو آهي پر روڊ ساڳيو آهي. سندس هوٽل جو نالو اماني Amani هو، جيڪو منهنجي هوٽل کان هڪ ٻن منٽن جي وکن تي هو.

Thursday, July 26, 2018

مجبورين يا بهتر مستقبل جي چڪر ۾ وطن ڇڏڻ


مجبورين يا بهتر مستقبل جي چڪر ۾ وطن ڇڏڻ
عبدالله عثمان مورائي
لڏپلاڻ ۽ پنهنجو وطن ڇڏڻ کي ٻن مختلف فيڪٽرز سان ڏٺو ويندو آهي، جنهن ۾ هڪ آهي پُش فيڪٽرPush Factor  ۽ ٻيو آهي پُل فيڪٽر Pull Factor
پُش فيڪٽر ۾ جيڪي سبب ڄاڻايا ويا آهن، انهن ۾ غربت، ڌرم جي آزادي نه هئڻ، ڪرپٽ يا بدعنوان حڪومت، ميرٽ جي لتاڙ يا سڀني انسانن کي هڪجهڙا موقعا نه هجڻ، تعليم جا گهٽ موقعا هجڻ، قبائلي جهيڙا، جنگيون، صحت جي سهولتن جو گهٽ هجڻ يا بلڪل به نه هجڻ ۽ آخر ۾ قدرتي ۽ ماحولياتي آفتون پُش فيڪٽر جي فهرست ۾ اچي وڃن ٿيون. ڳولڻ تي اچجي ته ٻيا به کوڙ سبب يا مثال ڳولي سگهجن ٿا.