Friday, July 27, 2018

مورائي مراڪش ۾


مورائي مراڪش ۾!
Notes from Europe
عبدالله عثمان مورائي
”مان آهيان ته سئيڊش پر گذريل پنجويهن سالن کان ڊينمارڪ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ناروي ۾ رهان ٿي. پيشي جي حوالي سان مان نرس آهيان.“ جهاز اسٽاڪهولم Stockholm کان مراڪش Marrakech طرف تيزيءَ سان اڏري رهيو هو. جهاز ۾ منهنجي ڀرسان ويٺل چوونجاهه سالن جي اين Ann مون کان پڇيو ته تون مراڪش ۾ ڪهڙي هوٽل ۾ رهندين ۽ ڪهڙيون جايون گهمڻ جو سوچيو ۽ رٿيو اٿئي؟ مون کيس هوٽل جو نالو ٽيمپو Tempo ۽ روڊ جو نالو ابوبڪر صديق ۽ عمر بن الخطاب ٻڌايو. اهو هوٽل حورنيج جي علائقي ۾ هو. پاڻ روڊ جو نالو ٻڌي يڪدم وراڻيائين ته منهنجو هوٽل ته ٻيو آهي پر روڊ ساڳيو آهي. سندس هوٽل جو نالو اماني Amani هو، جيڪو منهنجي هوٽل کان هڪ ٻن منٽن جي وکن تي هو.


مون کيس ٻڌايو ته مراڪش جنهن جي معنيٰ آهي الله جو شهر يا گهر. شهر گهمڻ کان پوءِ آءٌ گهڻي قدر ورزازات Ourzazat جنهن جي معنيٰ آهي ’ريگستان جو در‘ ويندس، جتي ايت بن حدو جو قصر آهي، جيڪو ڏسڻ وٽان آهي. ٻيو آئٽلس جبلن جي وادي اوريڪا Ourika به شايد وڃان ۽ ان کان سواءِ اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪناري تي آباد شهرالصويره Essaouira به ويندس. اين ٻڌايو ته هوءَ هتي مون کان ڪجهه وڌيڪ عرصو گذاريندي ۽ ملڪ کي چڱيءَ ريت گهمندي.
جهاز جيئن ئي مراڪش شهر جي هوائي اڏي تي لهڻ جي ڪئي ته آسپاس جو علائقو ظاهر ٿيڻ لڳو. ٻارن فوٽبال راند پئي ڪئي، ٻار راند ۾ ايڏو ته مگن هئا جو مٿي جهاز ڏي ڏٺائون ئي ڪونه جيئن پاڻ سنڌي جهازن کي ڏسندا آهيون.
مراڪش پنهنجي سرن جي رنگ جي عمارتن ڪري به سڃاتو وڃي ٿو ۽ شهر ڪجهه وقت کان وٺي سياحن جي توجه جو مرڪز ٿيو آهي. جتي يورپ جي کوڙ ملڪن مان سڌا جهاز ڀرجي اچن ٿا. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته جيئن ته ٿائيلينڊ ۾ سونامي آئي ته سڀني عياش پرست ماڻهن جو ڌيان هن طرف ويو ۽ انهن کي مراڪش ۾ به اهو سڀ ڪجهه ملڻ لڳو، جيڪو هنن کي ٿائيلينڊ ۾ ملندو هو. پر هاڻي مراڪش ۾ هر قسم جا سياح گهمڻ اچن ٿا، جن ۾ يورپ جي ماڻهن جو تعداد تمام گهڻو آهي. هتي مونکي ڌرم ۽ آزادي گڏ گڏ نظر آيا.
هوٽل جي ڪمري تي سامان رکي ٿورو ٿڪ ڀڃي شهر جو رخ ڪيم، خاص طور تي جامع الفنا اسڪوائر واري پاسي. اسڪوائر تمام وڏو آهي جتي هر وقت مقامي ماڻهو ۽ سياح نظر اچن ٿا. هن اسڪوائر تي صبح کان وٺي گهما گهمي شروع ٿئي ٿي، جيڪا ويندي رات جو دير تائين جاري رهي ٿي. کاڌي پيتي جا اسٽال، ڪرتب ڏيکاريندڙ مداري، جادوگر، ناچو، روز مره جي شين جا اسٽال، واندا ڇوڪرا ۽ وانديون ڇوڪريون هر وقت نظر ايندا. هي اسڪوائر اتر آفريڪا جي روايتي، ثقافتي ۽ تجارتي مرڪز جو هڪ لاجواب مثال آهي. اسڪوائر جي آسپاس وري هٿ جي هنر جا دڪان، هوٽلون، ڪهوه خانه جام نظر ايندا. انهيءَ جامع الفنا يعني مسجد واري چونڪ تي گهمندي گهمندي رات جا يارنهن ٿي ويا ۽ ٿڪاوٽ به ٿيڻ لڳي، سو پنڌ ئي واپس هوٽل تي آيس. هوٽل جي ڪمري تي ايڊيٽ باڪس يعني ٽي وي به هئي پر منهنجي هرو ڀرو ٽي وي سان گهڻي ڪانه لڳي، سو سوچيم اها بند ئي چڱي آ.
ٻئي ڏينهن صبح جو ناشتو ڪرڻ لاءِ هوٽل جي لابي کان ٿيندو اچي سوئمنگ پول جي ڀرسان واري ٽيبل ڪرسي والاريم، اڃا اتي ئي ويٺو هوس ته ٻن مائين کي اردو ۾ ڳالهائيندي ٻڌم ۽ ٿوري دير کانپوءِ انهن سان ڳالهه ٻولهه شروع ٿي. ٻئي ماءُ ڌيءُ پنهنجي پٽ ۽ ڀاءُ جي شاديءَ جي سلسلي ۾ مراڪش آيل هيون. وڏي عمر جي مائي ٻڌايو ته مان اصل ۾ راولپنڊي جي آهيان پر شادي کان پوءِ گذريل پنجاهه سالن کان اسان لنڊن ۾ رهندا آهيون. ڇوڪري ٻڌايو ته سندس ڀاءَ سان هتان مراڪش جي ڇوڪري گڏ پڙهندي هئي ۽ هاڻي نوڪري به ساڳي ڪندا آهن. مون کي وڌيڪ ٻڌايائون ته سڀاڻي اسان جا لڳ ڀڳ پنجاهه ٻيا مائٽ به ايندا، ڪجهه پاڪستان کان ايندا ۽ ڪجهه وري انگلينڊ کان. ماءُ ۽ ڌيءُ ٻنهي مون کي به دعوت ڏني. مون سندن مهرباني مڃي پر معذرت پڻ ڪئي ۽ ٻڌايومان ته منهنجو ٽوئر بڪ ٿيل آهي، سو مان روز ناشتي کان پوءِ مراڪش جي ٻين شهرن ڏانهن نڪري ويندس ۽ رات دير سان واپس مراڪش شهر ايندس.
اڄ سڄو ڏينهن مراڪش شهر گهمڻ لاءِ هيو، ان کان پوءِ رڳو رات جو ئي واپس ورڻو هو. جامع الفنا واري چونڪ ۾ ڏينهن جو به وڏي گهما گهمي لڳي پئي هئي. دلائل خيرات جي خالق حضرت امام جازولي جي مزار تي حاضري ڀرڻ ۽ مختلف قصر ۽ محل ڏسڻ کان پوءِ آءٌ مراڪش جي ڍڪ بازار جنهن کي مراڪش جا ماڻهو مدينه بازار سڏين، ڏسڻ لاءِ ويس. مراڪش جي هن مدينه بازار ۾ گهڙڻ کان پوءِ مون کي استنبول جي گرانڊ بازار ياد اچي وئي پر هن مراڪش جي مدينه بازار جي اڳيان اها استنبول جي بازار صفا معمولي نظر آئي. هن بازار جي مشهور ڳالهه اها آهي ته هتي هڪ دفعو اندر وڃڻ کان پوءِ ٻاهر نڪرڻ تمام ڏکيو آ ۽ ان لاءِ اتان جي مقامي ماڻهن جي مدد وٺڻي ٿي پوي.
اگهن جي حوالي سان هتي به ساڳيو پٺاڻن وارو لقاءُ آهي. يعني جيڪڏهن چون پنج هزار ته پنج سؤ ۾ رازي ٿي ويندا ۽ ڪا شيءِ وٺي ٿورو اڳتي وڃو ته احساس ٿيندو ته ڀيڻا اڃا گهٽ چوانس هان. بهرحال آءٌ خريداري نه هئڻ جي برابر ڪندو آهيان، جيڪا سفر ۾ تمام بهترين ڳالهه آهي. ماڻهو سامان ڍوئڻ کان بچي ٿو پوي. مراڪش هٿ جي هنر جي شين جو لاجواب شهر آ. بلڪ سڄي موروڪو ۾ هٿ جي هنر جي شين جو وڏو نالو آ. مٿان وري هي انهن شين کي ڊيڪوريٽ پڻ ڪري ڄاڻن ۽ ڪمال جا واپاري آهن. مجال آ جو ڪو سياح دڪان ۾ اندر گهڙي ۽ واپس ڪا شئي وٺڻ کان بغير ٻاهر اچي.
بازار ۾ گهمندي گهمندي ٽي چار ڪلاڪ گذري ويا پر هاڻي سائين بازار مان موري جو سومرو ڪيئن نڪري، ڪجهه ماڻهن کي وڏي واڪي سلام ورائي پڇندو ويس پر ڪم گهڻو هيو، بهرحال ايتري پڪ هئي ته هتان نڪري ضرور ويندس.
ٿورو اڳتي هلندو ويس ته ’اين‘ تي نظر پئي، ساڻس گڏ هڪ ٽوئرسٽ گائيڊ به هيو، پوءِ دل ئي دل ۾ گد گد ٿيڻ لڳس ته سومرو هاڻي بازار مان سولائيءَ سان ٻاهر نڪري ويندو. اين، مراڪش مان ۽ خاص ڪري هن بازار مان ڏاڍو متاثر هئي. چيائين مان هتي هن بازار ۾ هر هر ايندس ۽ ايستائين ايندس جيستائين پاڻ ٻاهر اڪيلي نه نڪري سگهان. اين جي هٿ ۾ خريداري جون ٿيلهيون ڏسي مون کيس چيو هي مراڪش جا عرب ۽ بربر وڏا تيز آهن، سياحن کي ڪجهه نه ڪجهه کڻايو ڇڏين. پاڻ زور سان کلي چيائين ها بلڪل ائين آهي.
جامع الفنا جي ويجهو هڪ ريسٽورنٽ تي مون، اين ۽ سندس گائيڊ مراڪش جي مشهور ڊش تاجن کاڌي. تاجن اصل ۾ ٺڪر جو ٿانءُ آهي، جنهن ۾ هو ڪجهه به پچائي سگهن ٿا، جيئن ڪڪڙ تاجن، ٻڪري، رڍ يا ڳئون جو گوشت ۽ ان سان گڏوگڏ ان ۾ ٻي به ڪا سائي ڀاڄي ضرور وجهن. جيئن ايران ۾ ڪهوه چانهه مشهور آهي ته هتي وري ڦودني جي تازن پنن جي چانهه وڏي مشهور آهي، تمام سوادي ٿئي. ماني کان پوءِ آءٌ ۽ اين پنڌ ئي پنڌ پنهنجين پنهنجين هوٽلن ڏانهن وک وڌائي. اين پنهنجي هوٽل ۾ ويندي مونکي چيو ته مان شايد توسان گڏ الصويره گهمڻ لا هلان، ائين ڪرڻ سان اسان ٻنهي جا پيسا بچي پوندا. مون هٿ لوڏي چيومانس ها ڪو مسئلو ناهي ۽ مان اوڏانهن ويهين فيبروري تي ويندس.
صبح جو وري ناشتي تي وڏي مائي سندس ڌي ۽ هڪ ٻي عورت نظر آيون، وري ڳالهه ٻولهه ٿي، مائي ٻڌايو هيءَ به منهنجي ڌيءَ آهي ۽ لنڊن ۾ هڪ پاڪستاني وڪيل سان شادي ٿيل اٿس. وڌيڪ ٻڌايائين ته اڄ خير سان شادي ٿيندي، مهمان به سڀ پهچي ويا آهن. پوءِ محسوس ٿيو ته ڄڻ اڌ هوٽل پاڪستانين سان ڀريل هجي.
اڄ مون کي هڪ ٽوئرسٽ سونهين جمال سان ورزازات واري پاسي ريگستان ۾ وڃڻو هيو، جتي قصر ايت بن حدو ڏسڻو هو ۽ ورزازات جو شهر پڻ. جڏهن سفر شروع ٿيو ته مون محسوس ڪيو ته هتي هر ڏهن پنڌرنهن ڪلوميٽرن کان پوءِ زمين جو لينڊ اسڪيپ بدلجي پئي ويو. معنيٰ ساوڪ، وري رڃ، ڪٿي ڪٿي برف، ايٽلس پهاڙن جي برف مان گذرڻو پيو. هڪ لائين ۾ کڻي چئجي ته موروڪو مني پاڪستان هو. پاڪستان کي جيڪڏهن گهمڻو آهي ته اهي سڀ شيون يعني برفيلا پهاڙ، ريگستان، کليل ميداني علائقا گهمڻ ۽ ڏسڻ لاءِ گهڻو وقت کپي، پر موروڪو ۾ اهو ڪجهه ڏينهن ۾ ممڪن آ.
موروڪو ۾ ماڻهو اٺن ۽ گهوڙن سان گڏوگڏ گڏهن تي پڻ جام سواري ڪن ٿا. روڊ ڀرسان اسڪولن جا ڏاڍا ٻار لفٽ وٺڻ لاءِ آڱوٺو ڏيکارين ٿا. مون جمال کان پڇيو ته اوهان هتي لفٽ نه ڏيندا آهيو ڇا؟ چيائين آءٌ جڏهن اڪيلو هوندو آهيان ته پوءِ ڏئي ڇڏيندو آهيان نه ته نه. مون چيومانس مون کي ڪو اعتراض ناهي جيڪڏهن تون ڪنهن کي ڀلي پاڻ سان گڏ کڻي منزل تي پڄائين. هر هڪ شهر جي ٻاهران جڏهن گاڏي پهتي پئي ته اتي مخصوص جڳهه تي بيهارڻي ٿي پئي ۽ تيستائين هلڻ جي اجازت نه هئي، جيستائين پوليس وارا اشاري سان وڃڻ جو چون. شهر ۾ اچڻ ۽ نڪرڻ تي پورو ڪنٽرول هو. منهنجو خيال آ ته شايد اهو انڪري ٿا ڪن، ڇو ته موروڪو اسپين ۽ يورپ سان گنڍيل آهي ته متان ڪي آفريڪا جي ٻين ملڪن جا ماڻهو غير قانوني سندن ملڪ جو استعمال ڪري يورپ نه هليا وڃن.
ايت بن حدو جو قصر ڪنهن دور ۾ مراڪش ۽ صحارا جي وچ ۾ ڪاروان جي ڪم ايندو هو. اڏاوت جو شاهڪار هيو. ننڍا ننڍا گهر ۽ انهن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ ڀتيون ۽ ڪنڊن تي وري حفاظتي ٽاور يا برج اٿس. اتي هڪڙي مصوري جي شاهڪار تصوير پيل هئي، جنهن تي لکيل هو هتي هن قلعي کان اُٺن تي مالي جي شهر ٽمبڪٽو تائين ٻاونجاهه ڏينهن لڳندا. معنيٰ انهيءَ دور ۾ صحارا ريگستان ۾ ڪلوميٽرن جي بدران سفر ڏينهن ۾ ڳڻيندا هيا. مون کي ڪجهه وقت لاءِ لڳو شايد مان به ان پراڻي وقت ۾ پهچي ويو آهيان. قصر ۾ هن وقت هٿ جي هنر جي شين جا دڪان هر چاڙهيءَ تي هئا، پر هتي مراڪش وانگر سياحن سان زوري نه پئي ڪيائون.
ايت بن حدو جو هي قصر هالي ووڊ جي فلمن ۾ اچڻ کان پو ڪافي مشهور ٿيو آهي، گليڊيئيٽر، گيم آف ٿرون، انسيپشن, لارينس آف عربيه ۽ ٻين ڪافي فلمن جا ڳچ سين هن قصر ۾ ڀريل آهن. جمال ٻڌايو ته هاڻي بالي ووڊ به هتي موروڪو ۾ فلمن لاءِ اچي پئي پر پاڻ کي خبر ناهي بالي ووڊ جي ڪهڙين فلمن ۾ هن قصر يا علائقي کي ڏيکاريو ويو آهي. ورزازات جو شهر ۽ سندس قصبه تائوريرت ڏسڻ کان پوءِ جمال هڪ اسڪول جي اڳيان اچي جيپ بيهاري ۽ ٻڌايائين ته هي اسڪول فلم جيل بريڪ ۾ جيل طور فلمايو ويو هيو. پهريان هتي فلم ٺاهڻ لاءِ ٺاهيو ويو ۽ پوءِ اتان جي انتظاميه کي ڏنو ويو ته جيئن ان ۾ اسڪول کولي ٻارن کي سهولت ڏني وڃي. ورزازات جي ڀرسان عرب ليگ نور سولر پاور اسٽيشن قائم ڪئي آهي، جيڪا پنج سئو اسي ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي گنجائش رکي ٿي.
الصويره مراڪش شهر کان ڪو تمام گهڻو پري نه هو، مزي سان ننڊ ڪري تيار ٿي هوٽل جي لابيءَ ۾ آيس ته جمال جو ننڍو ڀاءُ بن ياسين منهنجو انتظار ڪري رهيو هو. اڄ اين به اسان سان گڏ هلڻي هئي. کيس اسان سندس هوٽل جي اڳيان اچي کنيو ۽ سفر لاءِ روانه ٿياسين. جيئن جيئن مراڪش شهر کان ٻاهر نڪتاسين ته ڌوڙ جو طوفان شروع ٿي ويو، جيڪو ڪافي وقت تائين پيڇو ڪندو رهيو پر آخر اسان کيس پوئتي ڇڏي اڳتي وڌندا وياسين. اڌ واٽ تي بن ياسين اسان کي آرگن تيل جي هڪ وڏي دڪان تي وٺي آيو، جيڪو روڊ سان ئي هيو ۽ اتي فرانس جي سياحن جي وڏي گهما گهمي هئي. فرانس جا سياح شايد موروڪو کي پنهنجو وطن ئي سمجهن ٿا، ڇاڪاڻ ته فرينچ ٻولي پڻ ڳالهائي وڃي ٿي. موروڪو جا ماڻهو هڪ ئي وقت فرينچ، اسپينش، عربي، انگريزي ۽ بربر ٻوليون ڳالهائين ٿا. ٻولين جي اهميت تي وري ڪنهن ٻئي ڪالم ۾ لکبو. اين هن دڪان تان ڪجهه خريداري ڪئي، جن ۾ آرگن تيل مان تيار ٿيل ڪريمون، صابڻ ۽ ٻيو الائي ڇا ڇا شامل هو. واٽ تي ريڍار ۽ ٻڪرار موروڪو جي مخصوص قميضن ۾ پنهنجي مال کي چاري رهيا هئا، انهن جي دنيا شايد رڳو اها ئي هئي.
الصويره جنهن جو پراڻو نالو موگادور به هيو ۾ داخل ٿياسين ته اندازو لڳي ويو ته هي شهر هپي ۽ جپسي ماڻهن جي آماجگاه آهي، هر هنڌ اهي نظر ايندا. موروڪو جي اولهه ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪناري هن شهر تي پورچوگيزن ۽ فرينچن جو قبضو رهيو آهي. شهر جي عمارتن جو رنگ اڇو ۽ نيرو آهي، جيڪو انتهائي سهڻو ۽ دلفريب لڳي ٿو. هن شهر ۾ يهودين جو وڻج واپار تي تمام گهڻو اثر رهيو آهي پر شايد پوءِ هتان لڏي ڪنهن ٻئي هنڌ هليا ويا آهن پر سندن عبادتگاهه اڃا اتي موجود آهي. ٿي سگهي ٿو ڪجهه گهر اڃا به اتي رهندا هجن، باقي مراڪش ۾ اڄ به يهودين جو علائقو موجود آهي پر ظاهري طور شايد خبر نه پوندي ته هي مسلمان آهي، يهودي يا عيسائي.
الصويره مان ائٽلانٽڪ سمنڊ جو نظارو انتهائي سهڻو آهي، مٿان وري جڏهن سياح اتي سرفنگ ٿا ڪن ته سمنڊ ۾ اڃا به رونڪ وڌيو وڃي. هتي جو سمنڊ ڪنارو انتهائي صاف سٿرو هيو، مهاڻن جو مڇي ڦاسائڻ جو به وڏو ڪم هيو. ٻيڙيون تقريبن سڀ جون سڀ نيري رنگ جون هيون ۽ انهن کي اڄ به ديسي طريقي سان پنڌرنهن يا ويهن ماڻهن گڏجي پاڻي ۾ ٿي لاٿو يا وري واپس پئي ڪيو، هن شهر کي سمنڊ واري پاسي کان پڻ پراڻي دور جون ڀتيون اڃا تائين اڏيل هيون. شهر ۾ گهڻو وقت رل رلان ڪري پوءِ مراڪش شهر ڏانهن واپسي ڪئي.
هڪ دفعو وري ماءُ ۽ سندس ڌيئرن سان ناشتي واري جڳهه تي ملاقات ٿي، شادي جا فوٽو به ڏيکاريائون. مون کين سندس پٽ ۽ ڇوڪرين کي سندن ڀاءُ جي شادي جون واڌايون پڻ ڏنيون ۽ ٻڌايو مان ته اڄ مان آئٽلس پهاڙ جي اوريڪا ويلي گهمي پوءِ اتان کان هوائي اڏي تي هليو ويندس. مائي دعائون ڏنيون.
اڄ جمال ۽ سندس ڀاءُ بن ياسين ٻئي گڏ هلڻا هئا. اين به اسان کي جوائن ڪيو، اوريڪا ويلي ويندي واٽ تي جمال اسان کي هڪ بربر خاندان جي گهر ۾ صبح جو هڪ دفعو وري ناشتو ڪرائڻ لاءِ وٺي ويو، جتي ڍڳي جي کير جو مکڻ، ماکي، تازا نان ۽ ڦودني جي پنن جي چانهه شامل هئي. بربر خاندان جو رهڻ ڪهڻ به ائين هيو ڄڻ سنڌ جي ڪنهن سکئي ستابي ٻهراڙيءَ جي گهر جو. اوريڪا ويلي به ائين لڳي ڄڻ پاڪستان جي اترين علائقن جو ڪو تفريحي ماڳ، جبل، جبلن مٿان ڀولا، پاڻي جا وهڪرا ۽ انهن وڪرن جي ڀرسان ڪرسيون ٽيبلون. ڪجهه پاڻي جي اندر جڳهه ٺاهي اتي به پٽ يا ڪرسين تي ويهڻ جي جڳهه ٺاهيل هئي. اسان کي اتي وري هڪ مقامي سونهون ڪرڻو پيو، جيڪو اسان کي مٿي جبل جي چوٽيءَ جي پاڙ ۾ هڪ آبشار تي وٺي هليو. اتي به يورپ جي سياحن جي گهڻائي هئي. هٿ جي هنر جا دڪان جن تي ڪاريگر سندن ڪرت کي لڳا پيا هيا. مون کي اتي هڪ ڪاريگر انتهائي متاثر ڪيو، جيڪو پٿرن کي گهڙي انهن مان مختلف پٿرن جا جانور ٺاهي رهيو هو.
گهوٽ ڪنوار پنهنجي گهر خوش، پوڙهي ماءُ کي به سڪون ته سندس آخري پٽ جي شادي ٿي وئي. سومرو اهو ئي ساڳيو وري جهازن ۾، هتان کان هت، رل رلان جي پويان، پر انهي قسم جي رلڻ ۾ سچ پچ ته ڏاڍو مزو آ. پنجابي ۾ چوندا آهن، ’رل تي گيان هان پر چس آگئي هي.‘ واپسي تي جمال، بن ياسين ۽ اين منجهند ڌاري مونکي مراڪش جي هوائي اڏي تي لاٿو ۽ پاڻ رمندا رهيا.

No comments:

Post a Comment