Saturday, November 22, 2014

شاهه ٻيلو ۾ گذاريل ڪجهه گهڙيون - خالد ٻانڀڻ

شاهه ٻيلو ۾ گذاريل ڪجهه گهڙيون
خالد ٻانڀڻ
ڪچي جا به پنهنجا رنگ آهن. دلفريب ۽ دل لڀائيندڙ وڻن جون قطارون، ڪنهن محبوبا جي چڳ جيان لڳنديون. درياهه جا نانگ وانگر ور وڪڙ، ڪٿي پاڻي جا تيز وهڪرا، ڪٿي ماٺار، ٻٻرن جا گهاٽا وڻ، باهڻ، لئي، ڪنڊي جي وڻن جا نه کٽندڙ سلسلا اکين کي ايترو ته مزو ڏئي رهيا هئا جو من جي وادين ۾ ڄڻ بهار آئي هجي. ان ڏهاڙي سکر جي صحافي دوستن جنهن ۾ لالا اسد پٺاڻ، علي محمد شر، فقير جلال الدين ڀيو، محب چانڊيو، گل مهر، نادر خان، اسلم دايو، فريد سومرو، عزيز مهر، امداد بوزدار ۽ ٻين گڏجي الف ڪچو ۽ شاهه ٻيلو گهمڻ لاءِ لانچ تي چڙهي روانا ٿياسين. درياهه جي سيرن کي ٻيڙي چيريندي الف ڪچو ۽ شاهه ٻيلو دنگ وٽ پهتي ته ڪچي جي انسائيڪلو پيڊيا جمال الدين عرف چاچو جمن مهر جيڪو هينئر ۷۰ سال تي پهچي چڪو آهي، ان کي کنيوسين، جيڪو هن عمر ۾ ڪچي جو بادشاهه ۽ درياهه بابت ڄاڻ رکندڙ آهي، جيڪو ٻيڙي ۾ ٻڌائيندو هليو ته درياهه هاڻي سڄي پاسي کي ڇڏي کاٻي تي کاڌ شروع ڪئي آهي. درياهه جا رخ مٽائڻ وارا هنڌ آڱر جي اشاري سان ٻڌائيندو هليو. هن چيو ته ڦاڙهو جنهن کي ڪچي جي زبان ۾ جهانگو سڏين ٿا. جام آهي، ان کانسواءِ سوئر، ۲۰۱۰ع واري ٻوڏ ۾ شينهن به هتي آيا هئا. سنڌ جي زمين خاص ڪري ڪچي جي ڀرڻي ۽ ذرڙا ٿيندڙ آهي، پاڻي جي وهڪرن سان ڀيڙون ڏئي ڪِري ٿي درياهه جي پاڻي کي رستو ڏيندي وڃي ٿي. نتيجن پاڻي ۾ جڏهن چاڙهه ايندو آهي ته لٽ وڏي تعداد ۾ اچي ٿي.

Monday, November 17, 2014

گورک ڏانھن اڏار- گل حسن ساگر ڪوري

گورک ڏانھن اڏار
گل حسن ساگر ڪوري
فيسبڪ جي پياري دوست کي جڏھن پيغام ڏنم ته ”گورک ھل اسٽيشن” اوھان کي گھمائجي — ته ان موٽ ۾ لکيو ته؛ ”گورک” ڇا ھي؟ مون ڀوڳ ۾ جواب ڏنو ته ”گوگل ۾ گورک ھل اسٽيشن کي سرچ ڪيو.” ۽ ڪم ڪار سبب مون موبائل تان فيسبڪ بند ڪيو. ٻئي ڏينھن جڏھن فيسبڪ کوليم ته ان دوست جون گورک جي گود ۾ تصويرون ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي.

گورک ڏانھن اڏار گل حسن ساگر ڪوري

گورک ڏانھن اڏار
گل حسن ساگر ڪوري
فيسبڪ جي پياري دوست کي جڏھن پيغام ڏنم ته ”گورک ھل اسٽيشن” اوھان کي گھمائجي — ته ان موٽ ۾ لکيو ته؛ ”گورک” ڇا ھي؟ مون ڀوڳ ۾ جواب ڏنو ته ”گوگل ۾ گورک ھل اسٽيشن کي سرچ ڪيو.” ۽ ڪم ڪار سبب مون موبائل تان فيسبڪ بند ڪيو. ٻئي ڏينھن جڏھن فيسبڪ کوليم ته ان دوست جون گورک جي گود ۾ تصويرون ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي.

Wednesday, November 05, 2014

ٿي سگهي ٿو هيءَ ڪهاڻي توهان جي سوچَ بدلي - الطاف شيخ

ٿي سگهي ٿو هيءَ ڪهاڻي توهان جي سوچَ بدلي
الطاف شيخ
گذريل هفتي منهنجي ڪلاس ميٽ ۽ مون وانگر جهازن جي مئرين چيف انجنيئر اجتبيٰ زيديءَ جو فون آيو. هو ڪراچي جي ان علائقي ”ڊفينس سوسائٽي“ ۾ ئي رهي ٿو جِتي منهنجي رهائش آهي.
”ڪالهه هڪ سنڌي پلمبر اسان جي گهر ۾ ڪم ڪرڻ آيو. اصغر گهانگهرو نالو اٿس. تو کي به سڃاڻي پيو.“ هن ٻڌايو.
”جي ها. آئون هن کي وڏي عرصي کان سڃاڻان ٿو. هن جو ڀاءُ منهنجا ڪِتاب ڇپيندو آهي. ڪيئن لڳو تو کي؟“ مون پنهنجي ڪليگ زيديءَ کان پڇيو، جيڪو سڄي زندگي هر جهاز تي بهتر کان بهتر ڪم ڪندو رهيو ۽ هن پاڻ سان گڏ جهاز تي ٻيا ڪم وارا جونئر انجنيئر، اليڪٽريشن، ڊيزل مڪينڪ، تيل وارا، آگ وارا به اهي ٿي پسند ڪيا جيڪي محنتي ۽ ڪم جا ماهر هُجن.

Tuesday, November 04, 2014

ننڍي عمر ۾ ولايت وڃڻ - الطاف شيخ

ننڍي عمر ۾ ولايت وڃڻ
الطاف شيخ
نوڪريءَ جا آخري 25 سال کن مون ماستريءَ ۾ گذاريا جنهن ۾ ڪيترن ئي ملڪن جا شاگردن سان واسطو پيو. ان کان علاوه ڪيترن ملڪن جي نوجوانن جهازن تي توڙي ملائيشيا ۾ منهنجي هٿ هيٺ ڪم ڪيو. ننڍي کنڊ جي نوجوانن کي ٿو ڏسجي ته ان ۾ انڊين شاگرد بيحد محنتي ۽ هوشيار آهن. هنن جي تعليم هيٺين ڪلاسن کان رُخَ ۾ ٿئي ٿي. ممبئي، پوني، دهلي، بنارس ۽ بڙودا جهڙن شهرن جي مختلف اسڪولن توڙي يونيورسٽين ۾ وڃي ڏٺو اٿم ته هو (شاگرد) ڪافي حد تائين Punctual (وقت جا پابند) آهن ۽ پڙهائيءَ کي گهڻو وقت ڏين ٿا. ممبئي يونيورسٽي جي لئبرري ۾ به شامَ جو نائين ڏهين تائين شاگرد ويٺا هوندا. اهڙن موقعن تي پنهنجي سنڌ يونيورسٽي کي ڀيٽي ڏاڍو ڏک ٿيندو اٿم.

آئون صلاح نه ڏيندس - الطاف شيخ

آئون صلاح نه ڏيندس
الطاف شيخ
مختلف اخبارن ۾ مختلف تعليمي ادارن جا ڪورسن بابت ڪوڙا سچا اشتهار ايندا رهن ٿا ته ٽن يا ڇهن مهينن جو اليڪٽرڪ جو يا ريڊيو مڪينڪ جو ڪورس ڪري توهان پنهنجي توڙي ڌارين ملڪن ۾ هيتري وڏي پگهار واري نوڪري حاصل ڪري سگهو ٿا. اهڙي طرح هڪ GP3 ڪورس جو به اشتهار ايندو آهي ته ”ڇهن مهينن جو هي ڪورس ڪرڻ سان توهانکي جهاز تي  هيڏي ڳري پگهار جي نوڪري ملي سگهي ٿي ۽ توهان جي محنت ڪندئو ته هڪ ڏينهن جهاز جا ڪئپٽن به ٿي ويندئو جنهن جو مهيني جو پگهار چار کان ست لک رپين تائين آهي. ڪو به مئٽرڪ پاس هن ڪورس جي چاليهه هزار رپيا في ڏئي ڪري سگهي ٿو.“

Missing You a Lot.... الطاف شيخ

Missing You a Lot....
الطاف شيخ
خبر ناهي ته ڪمپيوٽر تي فيس بڪ ڪڏهن کان شروع ٿيو پر گهٽ ۾ گهٽ ڇهه ست سال اڳ تائين، جڏهن آئون هڪ شيعا زائرين جي قافلي سان گڏ ڪراچيءَ کان مشهد پهتس ته Facebook کان اڻ واقف هوس. رات جي مانيءَ بعد هوٽل جي لائونج ۾ پنهنجي قافلي جي ماڻهن جون تصويرون ڪڍي رهيو هوس ته منهنجي ٽولي ۾ موجود ڪراچيءَ جي هڪ ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي ۽ ان جي ڀر ۾ ويٺل هڪ ٻي خاتون جنهن بعد ۾ٻڌايو ته هوءَ ڪراچيءَ جي ڪنهن بئنڪ جي مئنيجر آهي تن مونکان آهستي پڇيو ته؛ هي فوٽو ”فيس بڪ“ تي ڏيندائو؟
دل ۾ سوچيم ته؛ الائي ڪهڙي بڪ جي ڳالهه پيون ڪن.

ملائيشيا جي سيڪنڊ هوم اسڪيم - الطاف شيخ

ملائيشيا جي سيڪنڊ هوم اسڪيم
الطاف شيخ
ڌارين ماڻهن کي پنهنجي ملڪ ۾ رهائڻ جي جيڪا ملائيشيا وارن ”سيڪنڊ هوم اسڪيم“ ڪڍي آهي ان بابت منهنجا ڪيترائي پڙهندڙ ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارا پڇندا رهن ٿا. اسان جهڙن ملڪن ۾ هڪ طرف شريف ماڻهو پنهنجي ملڪ جي امن امان جي حالت خراب هجڻ ڪري ۽ هنن جي زندگي خوف ۽ پريشاني ۾ گذرڻ ڪري، ۽ ٻي طرف ڏوهاري قسم جا ماڻهو خاص ڪري اسانجا رشوت خور ڪامورا جن کي جڏهن گرفتار ٿيڻ جو خوف ورائي ٿو ته هو ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ وڃي رهڻ جو سوچين ٿا. ان کان علاوه اهي ماڻهو پڻ جيڪي ايماندار آهن ۽ هنن محنت ڪري حق حلال جي پورهئي يا ڌنڌي مان پئسو ڪمايو آهي پر ملڪ جا دهشگرد يا ڀتي خور هنن کي وڌڻ ويجھڻ بدران هنن جي زندگي عذاب ڪن ٿا ۽ ٽي طرف ڪيترا غير مسلم جن سان اسانجي ملڪ ۾ پوليس توڙي عوام باهه ٻاري ڏئي ٿو ته پوءِ هو نيٺ پنهنجو وطن ڇڏي پرائي ڏيهه وڃڻ جو سوچين ٿا. جيتوڻيڪ بقول ملائيشيا جي اڳوڻي وزير اعظم جي هر ملڪ جي عوام کي پنهنجن اهڙن ماڻهن جي عزت ڪرڻ کپي جيڪي پنهنجي محنت ۽ ذهانت سان بزنيس ۾ وڌي رهيا آهن ڇو جو هنن جي لڳايل ڪارخانن ۽ فئڪٽرين ڪري ٻين کي به روزگار ملي ٿو ۽ سندن ڏنل ٽئڪسن مان ملڪ جا اسڪول ۽ اسپتالون هلن ٿيون روڊ ۽ رستا ٺهن ٿا. اهوئي سبب آهي جو انڊيا جهڙا ملڪ امير ٿي رهيا آهن جو اتي سڪون ۽ سهولتن هجڻ ڪري ٽاٽا، گودريج، واديا، امباني، برلا ۽ والچند جهڙيون فئمليون وڃن ڪارخانا ۽ فئڪٽريون وڌائينديون. پارسي، عيسائي، يهودي ۽ سنڌي هندن جهڙا ماڻهو وتن غريب عوام لاءِ مفت جا اسڪول، اسپتالون، پارڪ ۽ رهائشي گهر ٺهرائيندا ۽ خير خيرات ڪندا. اسان وٽ NED يونيورسٽي، ڏيارام ڄيٺمل (ڊي جي) سائنس ڪاليج، آغا خان يونيورسٽيون ٺاهڻ وارن پارسين، هندن، بوهرين، آغا خانين، قاديانين ۽ شيعن کي به ستايو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ اسان وٽ جيڪي يهودي ۽ سک رهن ٿا حڪومت کي انهن جو به خيال رکڻ کپي جو هو به هن ملڪ جا شهري آهن. پر اسان ماڳهين هنن جا عبادت گهر به ڊاهيو ڇڏيون.

سئيڊن جي عورت جي سوچ - الطاف شيخ

سئيڊن جي عورت جي سوچ
الطاف شيخ
ڪئناڊا، آمريڪا، انگلنڊ، سئٽزرلئنڊ، سعودي عرب، ڪويت ۽ ٻيا ڪيترا ئي ملڪ پنهنجي شهرين جو خيال ڪن ٿا ۽ کين مفت ميڊيڪل، بنيادي تعليم جو خرچ، بيروزگاري جو الائونس ۽/ يا ٻيا ڪي فائدا پهچائين ٿا پر منهنجي نظرن ۾صحيح معنيٰ ۾ رفاهي (ويلفيئر) اسٽيٽ يا ملڪ فقط سئيڊن آهي جنهن ۾ مونکي تعليم حاصل ڪرڻ کان علاوه ڪيترائي دفعا جهاز کي به وٺي وڃڻو پيو.

پنهنجن ٻارن کي لاڏلو ۽ ڪِڪلو نه بڻايو - الطاف شيخ

پنهنجن ٻارن کي لاڏلو ۽ ڪِڪلو نه بڻايو
الطاف شيخ
حيدرآباد ۾ سنڌين جو هڪ نئون ڪلاس رهي ٿو جن اوس پاس جي ضلعن جي ننڍن توڙي وڏن شهرن مان، ٻارن جي تعليم يا نوڪري ڌندي لاءِ اچي قاسم آباد وسايو آهي. هنن مان ڪيترن کي واقعي پنهنجن ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جو فڪر آهي. هو پنهنجن ٻارن کي سٺن اسڪولن ۾ پڙهائين ٿا...... اها ٻي ڳالهه آهي ته هنن لاءِ سٺو اسڪول معنيٰ انگريزي نالي وارو اسڪول جنهن ۾ ٻار حيدرآباد جهڙي ڪاڙهي جي گرمي به رسيءَ جهڙي ٽائي ٻڌي وڃي. انگريز به دهلي ۽ حيدرآباد جهڙي گرميءَ ۾ هيٺ چڍو ۽ مٿي تي ڪارڪ جو ٺهيل (Insulated) ٽوپلو پائي هلندا هئا...... هِتي ڏسو ته معصوم ٻارن جو منهن پگهر سان ۽ ڳچي آراين سان ڀري پئي هوندي ان مٿان ٽائي ڄڻ ته هنن کي گُهٽو ڏئي رهي هجي. مائٽن کي جِتي ٻار جي مستقبل جو فڪر آهي اتي هو ڪن ڳالهين تي منجھيل (confused) به آهن. هو سمجھن ٿا ته ٻارن لاءِ ٽيوشن ضروري آهي. آئون کين اهو ئي چوندو آهيان ته توهان جي چونڊيل اسڪول ۾ جيڪڏهن پڙهائڻ وارا ٽيچر يا مِسون قابل آهن ته پوءِ ٻار کي ٽيوشن لاءِ ڇو ٿا موڪليو؟ ڪٿي ايئن ته نه آهي ته ٻار ڪلاس ۾ ڊيسڪ تي مٿو رکي ننڊون ٿو ڪري؟ ۽ جي نه تو پوءِ اهوئي ڪلاس ۾ ورتل سبق گهر ۾ اچي پڙهي ۽ پڪو ڪري. ان جي ٿوري گهڻي چڪاس (Monitoring) يا مدد (رهنمائي) ڪرڻ ماءُ جو ڪم آهي. ان ڪم لاءِ پيءُ تي نه ڀاڙجي جو اسان وٽ پاڪستان ۾ به هاڻ ٻاهر جي دنيا وانگر هر پورهيو ۽ نوڪري ايڏي سخت ۽ مقابلي واري ٿيندي وڃي جو پيءُ کي روزگار ڪمائڻ خاطر سڀ قوتون ۽ سمورو وقت پنهنجي نوڪري لاءِ وقف ڪرڻو پوي ٿو. هڪ ماءُ لاءِ (خاص ڪري جي هوءَ هائوس وائيف آهي، يعني هوءَ نوڪري نٿي ڪري ۽ سڄو ڏينهن گهر ۾ ٿي گذاري ته ان لاءِ ته هيڪاندو گهڻو) ضروري آهي ته هوءَ ٻار جي پڙهائي کي پڻ ڏسي . پر اسان وٽ ڪيترين مائرن کان اهڙا ڪم نٿا پڄن جو هنن کي TV ڏسڻ ۽ ننڊون ڪرڻ کان واندڪائي ناهي. هو اهوئي expect ڪن ٿيون ته ڪلاس ۾ مِس هنن جي ٻارن کي پڙهائي قابل ڪري........ يعني ڏٺو وڃي ته هڪ سڳي ماءُ ٿي ڪري کيس پنهنجي هڪ ٻار تي نظر رکڻ جي نه خواهش آهي ۽ نه توفيق..... باقي ڪلاس روم  جي مس ڪلاس ۾ پڙهندڙ ٽيهن ٻارن جو خيال رکي. سٺن اسڪولن ۾ به جِتي مس جو پگهار کڻي 15 هزار رپيا هجي هن کي هڪ پيرڊ جا سؤ رپيا ٿا ملن يعني هڪ ٻار جا ٽي رپيا مس ٿيا. اسان وٽ مائرن جو زور رڳو پنهنجن ٻارن کي ٽيوشن لاءِ موڪلڻ تي. پوءِ اهو ٻار ٽيوشن لاءِ تيار ٿيندو. ڊرائيور کي سڏ ٿيندا پوـءِ ٽيوشن واري مِس جي گهر روانو ٿبو. رستي تي ڊرائيور پنهنجي لاءِ سِگريٽَ وٺندو، صاحب جا ڪپڙا ڊراءِ ڪلين تي ڏيندو، بيگم جي واچَ جو سيل بدلي ڪرائيندو ۽ پوءِ نينگر مِس جي گهر پهچندو جيڪا موبائيل تي ڪنهن ساهيڙي سان ڳالهائڻ ۾ بزي هوندي. ٻار ٿيلهي مان ڪاپيون ڪڍي مٿو ويٺو کنهندو. ٽيوشن واري مس (جيڪا ٻنهي جي ڀلي لاءِ اڪثر ڪلاس ٽيچر ئي هوندي آهي) فون مان واندي ٿي وري رڌڻي ۾  ٻوڙ کي ڏسڻ ويندي يا ٽي وي تي هلندڙ سندس دلپسند پروگرام جو حصو ڏسي پوءِ ڇوڪري کي اچي چوندي ته بابا هوم ورڪ ڪر. ههڙا سولا حِساب به نٿا اچنئي. ڏس هينئن ٿيندا..... پوءِ کيس سڀ حساب ڪري ڏيندي يا اها ڪاپي ڪڍي ڏينديس ته ان تان ڏسي حساب ڪر، جيڪا ڪاپي هوءَ هر سال ٻارن کي ڏيکاريندي رهي ٿي. سيکارڻ کان آڱوٺو جو ان ڪم لاءِ مغز ماري ٿي ڪرڻي پوي.

اسان سنڌين جو ٻِٽو اميج - الطاف شيخ

اسان سنڌين جو ٻِٽو اميج
الطاف شيخ
ريڊيو، ٽي وي ۽ ريل ۽ هوائي جهازن جي ايجاد کان اڳ ماڻهن لاءِ وندر ڇا هئي.....؟ ميلا ملاکڙا يا وري مندر درگاهون.... ۽ ماڻهن کي اتي پهچڻ لاءِ وهٽن جي سواري هوندي هئي يا پيرين پنڌ نڪري پوندا هئا. هندستان جو گجرات ۽ راجستان، جيڪي سنڌ سان لڳو لڳ آهن، مندرن، غارن ۽ آستانن سان ڀريا پيا آهن. سنڌ جي ويجھو هجڻ ڪري اسان جا ماڻهو اوڏانهن گهڻو ويا ٿي ۽ واپسيءَ تي پنهنجي سفرَ جون خبرون ڪيائون ٿي. گهمي آيل ماڻهن وڏي شوقَ سان ڳالهيون ڪيون ٿي ۽ نوان روانا ٿيا ٿي. مون کي ائين لڳي ٿو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي به، اڪيلي سر يا ٽولن سان گڏجي، ائين اهڙن هنڌن تي ويندو رهيو آهي. تڏهن ته هن بيڪانير، گرناڙ، ڀُڄ، لاهوت لامڪان جون ڳالهيون ڪيون آھن.

Monday, November 03, 2014

سالگرهه ۽ ورسين جي سياست - عبدالله مورائي

سالگرهه ۽ ورسين جي سياست
عبدالله مورائي
بسون يا وينون هلائيندڙ ڊرائيور (Driver) اهو ڀلي سکر کان جيڪب آباد ويندو هجي يا هالا کان حيدرآباد يا کڻي يورپ جي مختلف روڊن ۽ رستن سان ويندو هجي، انهن سڀني ۾ جيڪا ڳالهه هڪجهڙي آهي، اها آهي پنهنجي پٽي ڀائين سان سامهون ايندي ويندي سلام ڪرڻ يا کيڪارڻ. هتي اسٽاڪ هوم جي لوڪل بسن جا ڊرائيور به مختلف نسلن ۽ قومن سان واسطو رکندڙ آهن. ڪيڏي مهل توهان کي هندستان جي پنجاب صوبي جو پٽڪو ٻڌل سک نظر ايندو يا ڪو چين جو ننڍي قدر وارو، ڪڏهن ڪو پاڪستاني ٽڪرائجي وڃي ته ڪڏهن وري ڪو آفريڪا جو ڪارو، ايران جا ماڻهو به گاڏي هلائيندي نظر اچن ته ڪڏهن ڪڏهن اسڪارف سان مٿو ڍڪيل عرب ڇوڪري به گاڏي هلائيندي توهان کي پنهنجي منزل تائين پهچائي. گهڻو تعداد هنن جو پنهنجو ئي آهي.

سنڌي ٽوپيءَ وارو راشي آفيسر ۽ دوزخ جي ٽڪيٽ - عبدالله مورائي

سنڌي ٽوپيءَ وارو راشي آفيسر ۽ دوزخ جي ٽڪيٽ
عبدالله مورائي
سائين چوندا آهن ته؛ ڌڻ ته ڌڻي نه ته وڪڻ کڻي. منهنجو ڪراچيءَ ڊفينس وارو فليٽ به گهڻي وقت کان نڌڻڪو هيو، سو هاڻي جڏهن آئون سنڌ ويس ته ان کي وڪڻڻ جو فيصلو ٿيو ۽ موٽ ۾ دوزخ جي ٽڪيٽ به وٺيو آيس. ٿيو ائين جو هڪ پارٽي ڳولهڻ کانپوءِ سودو طئي ٿيو ۽ ڪاغذ پٽ تيار ڪرائي جڏهن ڊفينس واري علائقي جي رجسٽرار وٽ پهتاسين ته ڏاڍي خوشي ٿي. رجسٽرار جيڪو شايد ڪو سکر واري پاسي جو هيو. نرڙ تي سنڌي ٽوپي پايو وڏي رعب سان ويٺو هيو. مون سمجهيو ته سنڌي ٿي ڪري خيال ڪندو پر سائين اٽي جو گهوٻاٽو. اچي ٿا فائيل مان غلطيون ڪڍن، هيءَ به صحيح نه آهي، هو به صحيح ناهي. ساڻس گڏ ٻيا ٻه همراهه هڪ کي عبدالله جي نالي سان پئي سڏيائون ۽ ٻيو ڪو شاهه صاحب هيو، چوڻ لڳا ته هيءُ ڪم نه ٿيندو. بهرحال پوءِ دوزخ جي ٽڪيٽ پنجويهه هزار مقرر ڪيائون جيڪا پوءِ رعايتي اگهه تي ويهن هزارن ۾ ملي. وري ٿي سگهي ٿو دوزخ ۾ ملن. مهرباني ڪري رشوت وٺڻ مهل سنڌي ٽوپيءَ کي لاهي پنهنجي واسڪوٽي ۾ لڪايو ته بهتر، سنڌي ٽوپيءَ جي لڄ رکو.

آئرلينڊ ۽ سنڌ، بلوچستان جي ريڍارن جي ساڳي ڪرت - عبدالله مورائي

آئرلينڊ ۽ سنڌ، بلوچستان جي ريڍارن جي ساڳي ڪرت
عبدالله مورائي
توڙي جو مون يورپ جي مختلف ملڪن جي ريل گاڏين ۾ چڙهي سفر ڪري ڏٺو آهي، پوءِ ڀلي اهو اٽليءَ جي شهر ميلان کان وينس وڃڻو هجي، آئرلينڊ جي شهر ڊبلن کان ڪاسٽل بار وڃڻو هجي، سئٽزرلينڊ جي شهر جينوا کان لوزان وڃڻو هجي. ريل گاڏيون آرام ده ۽ جديد ٿين ٿيون، پر جيڪو سفر مون کي دادو کان ڪوئيٽا بولان ميل ۾ ويندي دلڪش لڳي ٿو ان جو مٽ هتان جي سفر ۾ ڪو نه آهي.

صوفين جي سنڌ ۾ زندگي کي لڳل فل اسٽاپ ۽ ايٿوپيا - عبدالله مورائي

صوفين جي سنڌ ۾ زندگي کي لڳل فل اسٽاپ ۽ ايٿوپيا
عبدالله مورائي
روز روز اخبارن ۾ رهزنن هٿان سنڌ ۾ ماڻهن مٿان ظلم ٿيڻ ۽ مارڻ جون خبرون پڙهي سچي پچي ڪڏهن دل چوندي آهي ته اخبار جو لنڪ ئي نه کولجي پر حقيقتن کان ڪيترو ڀڄبو؟ بقول ذوالفقار هاليپوٽي جي ته سنڌ ۾ ڄڻ زندگيءَ کي فل اسٽاپ اچي وئي آهي. اها فل اسٽاپ پنهنجن جي هٿان ئي ڏنو ويو آهي، جن کي اليڪشن جي وقت اسان سنڌي ٽوپيون، اجرڪ، گلن جي ورکا ۽ مانجهاندا ڏيندا آهيون. ڪنهن ڏاهي جي بقول ته جنهن ڏينهن اليڪشن جي ڪيمپين پوري ٿيندي آهي، ان ڏينهن کانپوءِ غلامي شروع ٿيندي آهي. سنڌ جي وڏي وزير بيان ڏنو آهي ته سنڌ ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ٿيا آهن سائين قبلا اکيون کوليو، رڪارڊ ترقياتي ڪمن جي نالي تي رڪارڊ ڪرپشن ٿي آهي. ماڻهو انڌا ٿورو ئي آهن جيڪي توهان جي ۽ توهان جي آس پاس ويٺلن جي زندگي، اٿڻ ويهڻ، ملڪيتون ۽ عياشون ڪو نه پيا ڏسن. ڏسڻ ۾ سڀ ڪجهه اچي پيو، اسان رڳو زنده لاش ٿي چڪا آهيون. اڄ وڪيل جيڪڏهن ڀتيون ٽپي اسيمبليءَ ۾ اچي ٿا وڃن ته ڊڄو ان ڏينهن کان جڏهن زنده لاش هوش ۾ ايندا ۽ توهان کي فراريت جو وقت به نه ملندو. بهرحال توهان تي ميار نه آهي توهان جون واڳون ڪنهن ٻئي وٽ آهن.

شايد ٻين ملڪن ۾ به ڪم ائين پيو هلي - الطاف شيخ

شايد ٻين ملڪن ۾ به ڪم ائين پيو هلي
الطاف شيخ
ڪالهه هڪ همراهه جو سکر کان فون آيو. ”آئون پنهنجي پٽ کي ملائيشيا نوڪريءَ لاءِ موڪلي رهيو آهيان.“
”ڏاڍو سٺو.“ مون جواب ڏنو مانس. ظاهر آهي اڄ جي دور ۾ جڏهن ملائيشيا ۽ جپان جهڙن ملڪن ۾ جِتي سندن مڪاني ماڻهو نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ پريشان آهن اُتي ڪنهن ڌارئين ملڪَ جي ماڻهوءَ کي، خاص ڪري اسان جي پاڪستانيءَ کي نوڪري ملي، خوشي جي ڳالهه آهي.
”پر سائين هڪ مسئلو آهي جنهن بابت توهان کان پڇڻو آهي.“ هن چيو.

نيپالي ڇوڪري ۽ وطن سان محبت! عبدالله مورائي

نيپالي ڇوڪري ۽ وطن سان محبت!
عبدالله مورائي
آئون سوچان پيو ته آخر ان ڳالهه جا ڪهڙا سبب آهن جو ڪوڪا ڪولا يا رسيلي سوپاري ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ ملي ٿي وڃي؟ ان جو مون کي هڪڙو ئي سبب نظر اچي ٿو ته ان جي ايڊورٽائيزمينٽ يا کڻي چئجي ماڻهن تائين ان شيءِ جي پهچ جو اطلاع آهي. اڄڪلهه جو دؤر انفارميشن جو دؤر آهي. هڪڙو نه پر کوڙ اهڙا ذريعا آهن جن جي وسيلي ماڻهن کي ڪنهن به وقت ڪوبه اطلاع ڏئي سگهجي ٿو. ڇونه پوءِ اهو اطلاع ڪنهن جنگ جي شروعات جو هجي يا کڻي موسم جي تبديلي جو، ڪنهن ٻوڏ جي اچڻ جو انديشو هجي يا سمنڊ ۾ طوفاني لهرن جو. اها لسٽ اڃا به وڏي ٿي سگهي ٿي. هن سال هتي سئيڊن ۾ گرمي ٿوري گهڻي پئي هئي، گرمي پد ۲۵ کن ٿئي ته سڄي پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ ايئرڪنڊيشن هلائين، اخبار ۾ اهي اطلاع پڻ ڏين ته فلاڻي ڏينهن تي گرمي پد هيترو يا هوترو ٿيندو، سو پاڻي گهڻو پيئو ۽ پوڙهن پڪن لاءِ صلاح ته گهرن ۾ رهو. اهو به پهريون ڀيرو ٻڌڻ ۾ آيو ته هتي سئيڊن ۾ پکا سڄي ملڪ مان ختم ٿي ويا، پوءِ ته سائين ماڻهن کي پکا يورپ جي ٻين ملڪن کان گهرائڻا پيا.

چرنا ٻيٽ تي مرجان جي صفائي - غلام مصطفيٰ سولنگي

چرنا ٻيٽ تي مرجان جي صفائي
غلام مصطفيٰ سولنگي
مهينو سوا اڳ جي ڳالهه آهي، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ قائم سامونڊي جيوت جي علمن جي مرڪز فضيلت (Center OF Excellence for marine Biology) ۾ پڙهائيندڙ منهنجي دوست پروفيسر ڊاڪٽر امجد عليءَ موبائل تي ڳالهايو هيو؛ ”سائين! ۲۵ سيپٽمبر تي تيار رهجو. جيڪڏهن موسم ٺيڪ رهي ۽ سمنڊ هيٺ لهڻ جي موڪل ڏني ته پوءِ چرنا ٻيٽ تي هلنداسين. خبر اٿو ته ۲۵ سيپٽمبر تي ڇا جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي؟“

اڄ گانڌي آشرم ڏسڻ ضرور هلنداسين - موھن مدھوش

اڄ گانڌي آشرم ڏسڻ ضرور هلنداسين
موھن مدھوش
مهاتما گانڌي سائوٿ آفريڪا کان موٽڻ بعد پهريون آشرم ۱۵ مئي ۱۹۱۵ع تي احمدآباد جي ڪوچرب علائقي ۾ کوليو هو. جيڪو ۱۷ جون ۱۹۱۷ تي سابرمتي نديءَ جي ڀر ۾ کليل ميدان جي ٽڪري تي منتقل ڪيو ويو. آشرم کي منتقل ڪرڻ جا ڪيترائي سبب هئا. مهاتما گانڌي چاهيو پئي ته مال متاءُ جي پالنا، ڳئون جي افزائش، ڪپڙو (کاڌي) اُڻڻ ۽ اُن سان لاڳاپيل سرگرمين جي جوڙجڪ کي تجرباتي دؤر مان گذارجن، ان لاءِ هُو اهڙي قسم جي زمين جي ڳولا ۾ هو. اصل ۾ اهو ميدان ڊاڍيچي رشي جو آشرم هو. جيئن ته مهاتما گانڌي جو خيال هو ته ستياگرهه تحريڪ لاءِ اها زمين جيل ۽ مساڻ کان هميشه ٻئي هنڌ هئڻ گهرجي. سابرمتي آشرم جنهن کي هريجن آشرم به چيو ويندو هو، جيڪو مهاتما گانڌيءَ جو ۱۹۱۷ کان ۱۹۳۰ تائين گهر به رهيو. اُن وقت اهو آشرم آزادي جي تحريڪ جي مُک مرڪزن مان هڪ هو، جنهن کي ستياگرهه آشرم به چيو ويندو آهي، جتان آزاديءَ جي تحريڪ جي شديد ردعمل جي صورت ۾ آزادي ماڻي. سابرمتي، آشرم جي ڀر ۾ وهندڙ نديءَ طور نالو ڏنو ويو، جيڪو ٻنهي تحريڪن جي سڃاڻپ ٿي پئي آهي.

پنجاب مان پ پ جي تڏا ويڙهه ۽ اتان جي نوجوانن جي سوچ - عبدالله مورائي

پنجاب مان پ پ جي تڏا ويڙهه ۽ اتان جي نوجوانن جي سوچ
 عبدالله مورائي
يورپ ۾ رهندڙ پنجاب جو پڙهيل لکيل نوجوان طبقو پنجاب مان پي پي پي جي تڏا ويڙهه مان خوش ناهي، ڪجهه دوستن سان ڳالهه ٻولهه دوران اندازو ٿيو ته پنجاب جا ماڻهو ڪيترو اڳتي نڪري ويا آهن، سندن مؤقف آهي ته مسلم ليگ ن ۽ پي ٽي آئي يا ٻين ننڍين وڏين سياسي پارٽين سان گڏوگڏ پي پي پي جو پنجاب ۾ هئڻ ان لاءِ ضروري آهي ته جيتريون گهڻيون پارٽيون هونديون اوتري ڪامپيٽيشن وڌندي ۽ جڏهن ڪامپيٽيشن هوندي ته وقت جي حڪومت کي بهتر کان بهتر ڊليور ڪرڻو پوندو ۽ ان ۾ اڃا پنجاب وڌيڪ ترقي ڪندو. پنجاب جا ماڻهو هاڻي هڪ هٽي هلڻ جي حق ۾ بنهه ناهن. لڳي ائين ٿو ته اڃا اتي ڪامپيٽيشن وڌندو ۽ ماڻهن جون زندگيون آسان ٿينديون. خيبر پختونخواهه جي دوستن کان جڏهن پي ٽي آئي جي حڪومت جي ڪارڪردگي جي باري ۾ راءِ وٺندو آهيان ته خبر پوي ٿي ته اتي ڪافي حد تائين ڪرپشن کي ٻنجو اچي ويو آهي. پاڻ وٽ سنڌ ۾ به ان شيءِ جي سخت ضرورت آهي ته پي پي پي جا ڪامپيٽيٽرس موجود هجن، نه ته سنڌ جو مثال ائين هوندو جيئن هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ اڪيلو دڪان، جنهن جي مالڪ کي جيئن وڻي تيئن ڪري ۽ جيڪو اگهه مقرر ڪري سو ڏيڻو پوي. جيڪو اگهه هاڻي اسان پي پي پي جي دڪانداري کي ڏيون پيا ۽ اهو ڪنهن کان به لڪل ناهي.

Friday, October 10, 2014

چنڊ ٻيڙيءَ مان - خالد ٻانڀڻ

چنڊ ٻيڙيءَ مان
خالد ٻانڀڻ
جيتوڻيڪ اها چنڊ جي ۱۵ هين تاريخ هئي پر سنڌوءَ جي سير ۽ ٻيڙيءَ مان چنڊ ڄڻ ۱۴ تاريخ جو لڳي رهيو هو. ها سومر واري رات جو ۹ وڳي دوستن جو هڪ قافلو سهڻي دوست لالا اسد پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ جند پير وٽان ٻيڙي ۾ چڙهي ڪچي ڏانهن سير لاءِ نڪتو هو. سچ پڇو ته پوئتي رهجي ويندڙ لئنسڊائون پل، سکر جون بتيون پاڻي تي پوندڙ ان جا عڪس ڪنهن خواب وانگر لڳي رهيا هئا. ها پر ٻيڙيءَ جي موٽر سڄي ماحول جي ماٺار ۾ ڄڻ خلل وجهي رهي هئي. ٻيڙي جڏهن جند-پير-وارو-پتڻ ڇڏي، پاڻيءَ جي ابتي وهڪري سان گڏ، الف ڪچو ڏانهن پنهنجو سفر شروع ڪيو ته چنڊ به ٻيڙيءَ مٿان اچي بيٺو هو. ايئن لڳي رهيو هو ته هو به اسان سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ سفر ڪرڻ ٿو چاهي!

Thursday, October 09, 2014

جهرڪ شهر ۽ پراڻيون يادگيريون - عبدالحي پليجو

جهرڪ شهر ۽ پراڻيون يادگيريون
عبدالحي پليجو
ڪارن ڪڪرن هيٺ، پنهنجي گهر جي پارڪ ۾ سهڻن گلن جي وچ ۾ ڇٻر تي ستو پيو هئس، سانوڻ جي مهيني جي تمام سنهي ۽ هلڪي بوند، لطف اندوز انداز ۾ منهنجي بستري جي مٿان ٻڌل مَهاريءَ تي وسي پئي. ڪيڏي ڪيڏي مهل بوند جون سنهيون سنهيون ڦڙيون منهنجي جسم تي به پئي پيون جنهن تن بدن ۾ خوشيءَ جون مڌر لهرون پيدا ڪري وڌيون. دل ٿي چيو ته؛ آئون هتي ئي پيو بوندن جو لطف وٺندو رهان. پر بوندن جڏهن بس نه ڪئي ته مجبوراً اٿي اندر ويس ته سڀ ٻار جيڪي عيد تي آيل هئا، تن چيو ته؛ ”بابا ٻاهر برسات ۽ اندر گهر ۾ گرمي آهي. تنهنڪري اسين واپس ڪراچي ٿا وڃون.“ مون کين ٻڌايو ته؛ ”ٻني کان مٿي، اٺ ميلن جي مفاصلي تي ۽ جهرڪن کان ٻه ميل هيٺ، سنڌو درياهه تي ڪوريا جي هڪ تعميراتي ڪمپني هڪڙي پل پئي ٺاهي. اچو ته هلي اها ٺهندڙ پل ڏسي اچون.“

Sunday, October 05, 2014

ڪانڪريا جو سئر - موهن مدھوش

ڪانڪريا جو سئر
موهن مدھوش
موهن بچو ڀائي ۽ هن جون ڌيئرون بار بار چئي رهيون هيون: ”چاچا، توهان ڪانڪريا ضرور ڏسجو.“
مون به سوچيو ته ’ڪانڪريا‘ ۾ اهڙو ڇا آهي جو اُن کي ڏسڻ گهرجي. آئون احمدآباد جي واڙي علائقي ۾ نٿو ڪوثر جي گهر ترسيل هئس. موهن بچو ڀائي ڪٻيرنگر مان فون ڪري چوڻ لڳو ته:
”موهن ڀائي، توهان جي ڀاڀي ۽ ٻار هتان کان ڪانڪريا لاءِ نڪرن ٿا، توهان به جگنيش ڀاٽيا سان گڏ اتي پهچي وڃو. ڪانڪريا گهمڻ لاءِ توهان کي گهٽ ۾ گهٽ ٻه ٽي ڪلاڪ لڳي ويندا.“
موهن بچو ڀائي کي چيم، ”ها ڀائي، اسان اچون ٿا.“

Sunday, September 07, 2014

ٻي ملڪ جو پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ڇو؟ - الطاف شيخ

ٻي ملڪ جو پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ڇو؟
الطاف شيخ
ٻين ملڪن ۾ آزاديءَ سان وڃڻ لاءِ اسان جي ملڪ جا ماڻهو آمريڪا يا ڪئناڊا جهڙن ملڪن جي شهريت اختيار ڪن ٿا. ڪو زمانو هو 1990ع تائين به ته ملائيشيا، سنگاپور ۽ ٿائلنڊ جهڙن ملڪن ۾ اسين پاڪستاني ائين هليا ويندا هئاسين جيئن ڪو سکر کان لاڙڪاڻو وڃي... يعني سامان رڳو بئگ ۾ وجھڻو پوندو هو ۽ ڪنهن ٽريول ايجنٽ جي دڪان تان ٽڪيٽ وٺي اچي هوائي جهاز ۾ وهبو هو. ڪوالالمپور، سنگاپور يا بئنڪاڪ ايئرپورٽ تي لهڻ وقت اتي جو اميگريشن آفيسر پاسپورٽ تي مهيني، ٻن يا ٽن مهينن جي ويزا جو ٺپو هڻي ڏيندو هو. پر هاڻ اسان کي اهڙن ملڪن ۾ وڃڻ لاءِ به اڳواٽ ويزا لاءِ جُھد پٽڻا پون ٿا. پنهنجي ملڪَ ۾ انهن جي موجود سفارتخاني يا قونصل خاني کي مطمئن ڪرڻو پوي ٿو ته اسان مهيني اڌ لاءِ توهانجو ملڪ فقط گهمڻ لاءِ ٿا وڃون. اتي وڃي ترسي نه پونداسين ۽ نه وڃي نوڪري ڪري توهان جي ماڻهن جي روزگار کي لت هڻنداسين ۽ نه اتي چوري ڪري يا پني پيٽ گذر ڪنداسين... ان جو ثبوت اهو آهي جو اسان خرچڻ لاءِ نه فقط هيترو پئسو کڻي پيا وڃون پر پٺيان بئنڪ ۾ به هيترو بئلنس اٿئون ۽ اهو بئلنس سال کان به مٿي قائم رکندا اچون... پوءِ مس مس ويزا ٿي ملي ۽ پوءِ ان ويزا جي باوجود جڏهن مٿين ايئرپورٽن تي پهچون ٿا ته اتي جا واسطيدار عملدار: اميگريشن پوليس، ڪسٽمس ۽ انٽيليجنس وغيره اسان کي حيرت ۽ شڪ جي نگاهن سان جانچين ٿا ته اسان جي دماغ ۾ ڪا لُچائي ته نه آهي ۽ آن لائين ڪمپيوٽر تي اسان کي چيڪ ڪندا رهن ٿا ته مقرر مدت اندر سندن ملڪ مان نڪرون ٿا يا موٽڻ کان نٽايون پيا.

Friday, June 20, 2014

نئين سنڌ جو خواب - عبدالله مورائي

نئين سنڌ جو خواب
عبدالله مورائي
ڪنهن سياڻي جو چوڻ آهي ته خواب لفظن جي صورت اختيار ڪندا آهن ۽ اهي لفظ وري حقيقتن تي ٻڌل عملن ڏانهن وڌندا آهن. انڊيا جي اڳوڻي صدر ۽ ائٽمي سائنسدان عبدالڪلام جي چوڻي مشھور آهي ته خواب اهي ناهن جيڪي اگهور ننڊ ۾ ڏٺا وڃن پر اصل خواب اهي آهن جيڪي ننڊ ڪرڻ نه ڏين. خير پاڻ وٽ ماڻهن جون ننڊون ته اڳئي حرام آهن، ڇاڪاڻ ته بجلي به اڄڪلهه وڏو خواب آهي. ٻيا به انيڪ خواب آهن جيڪي ڏسي سگهجن ٿا انهن هيٺين خوابن يا سڀني شين تي عمل ڪرڻ سان يقينن عوام کي ڪجهه رليف ملندو ۽ وڌندڙ بيچيني گهٽ ٿيندي. هر هڪ کي خواب ڏسڻ جو پورو پورو حق آهي.

Sunday, June 08, 2014

بحرين جون بي باڪ شامون - فهيم اختر ميمڻ

بحرين جون بي باڪ شامون
فهيم اختر ميمڻ
دمام ۾ نوڪريءَ دوران، ڪيترا ئي ڀيرا، بحرين گھمڻ جو خيال آيو. ڪيئي ڀيرا پروگرام به ٺهيو ٿَي، پر موڪلن جو ڪجھ اهڙو سلسلو رهيو جو بحرين گھمڻ جي ڪا واٽَ نظر نه ٿي آئي. حالانڪ دمام کان بحرين آهي به مُني ڪلاڪ جي پنڌ تي. روڊ ذريعي پنهنجي گاڏيءَ تي وڃڻ به آسان آهي ته  ٻه ٽي سو ريالَ اوٽ موٽ ڀاڙَي تي بَسون ۽ ٽيڪسيون به هلنديون آهن. جيڪي چيڪ پوسٽ ۽ ويزا جي چڪرن کي ڪڍي ڪري اڌ ڪلاڪ ۾ بحرين پڄايو ڇڏين. سعودي عرب جي الڳ چيڪ پوسٽ آهي ته بحرين جي الڳ، جتي وري ويزا به ان ئي وقت پاسپورٽ تي پنجاھ ريالن جي عيوض اسٽيمپ ڪيو ويندو آهي. سالياني موڪل تي گھر کان سواءِ ٻي ڪا واٽ نظر نه ايندي هئي.

Sunday, May 18, 2014

سنڌي مسلمان واپار ۾ ناڪام ڇو ٿا وڃن؟ - الطاف شيخ

سنڌي مسلمان واپار ۾ ناڪام ڇو ٿا وڃن؟
الطاف شيخ
ڪيترا ماڻهو جن جو ڪڏهن واپار وڙي سان واسطو نه رهيو آهي اُهي اِهو ئي ٿا سمجھن ته بزنيس ڪرڻ هڪ آسان ڪم آهي. هو سمجھن ٿا ته جيڪڏهن هنن وٽ پئسو اچي وڃي ته بزنيس آٽوميٽڪ ٿي ويندو. پر اها ڳالهه ناهي. جهاز هلائڻ دوران توڙي نوڪري دوران مون ڪيترن ئي ملڪن خاص ڪري سنگاپور، هانگ ڪانگ، ملائيشيا ۽ سري لنڪا کان ٽرنيڊاڊ، برمودا، بالٽيمور ۽ بريمن ۾ سنڌ کان لڏي آيل هندن، چينين، گجراتين ۽ بوهرين کي ويجھڙائي سان ڏٺو آهي. ڇا ته هنن کي بزنيس جي ڄاڻَ آهي جيڪا ظاهر آهي هنن پنهنجن ۽ وڏن جي تجربن مان حاصل ڪئي آهي. پنهنجي هڪ سفرنامي ۾ ملائيشيا جي هڪ سنڌي هندو واپاريءَ جون ڳالهيون لکي چڪو آهيان ته هن چينين سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪيئن ساڳي شيءِ ايتري ته گهٽ اگهه ۾ وڪي ٿي جيڪا ٻين دڪاندارن کي خريد ۾ به نٿي پئي. ان لاءِ هو هندو واپاري پاڻ مختلف ملڪن ۾ وڃي گهٽ اگهه تي گهڻو مال وٺي آيو ٿي. بهرحال سٺي دڪانداري لاءِ ڪئين اٽڪلون سٽڪلون آهن جيڪي هو پشت به پشت پنهنجن وڏن کان سکن ٿا جيڪي پڻ بزنيس ۾ ماهر هئا. هنن کي گراهڪن سان ميٺاج سان ڳالهائڻ جا طريقا اچن ٿا. ائين ناهي ته ڪو اسان جي ملڪ جو ڪامورو جنهن سڄي عمر ٻين سان رعب سان ڳالهايو اهو رٽائرڊ ٿيڻ تي ڪو دڪان کولي وهي ۽ هو گراهڪ کي باس سمجھڻ بدران اڃا تائين پاڻ کي ئي باس سمجھندو رهي. اهڙا ڪيترا بيوروڪريٽ منهنجي نظرن ۾ آهن جن رشوت جو خوب پئسو ٺاهيو ۽ پوءِ پڪڙ ڌڪڙ جي خوف کان پنهنجو ملڪ ڇڏي دبئي يا آمريڪا ۾ ڪو دڪان، ڪا اسٽيٽ يا ٽريول ايجنسي کولي. پر هو هلي نه سگهيا. ڪيترا ماڻهو اهو سمجھن ٿا ته پئسو اچي وڃي ته بس پوءِ ڪو نه ڪو بزنيس ڪري سگهجي ٿو ۽ زندگي آرام سان گذرندي رهڻ کپي پر ائين ناهي. بنا عقل، بنا بزنيس جي ڄاڻَ، بنا تجربي ۽ بنا بخت جي فقط پئسو ڪجهه نه آهي ۽ واپار ۾  آرام نه پر سخت محنت ۽ پريشاني آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هڪ پگهار کڻڻ وارو واپار جي ڪمن کان بي خبر هجڻ ڪري هو ائين ئي سمجھي ٿو.

Friday, May 16, 2014

ولايت ۾ نوڪري ڪرڻ وارن لاءِ چتاءُ - الطاف شيخ

ولايت ۾ نوڪري ڪرڻ وارن لاءِ چتاءُ
الطاف شيخ
منهنجا ڪالم پڙهندڙ هڪ پروفيسر صاحب جو ڪالهه لطيف آباد کان فون آيو ته هن کي منهنجو فون نمبر ڪٿان هٿ آيو آهي ۽ هو مون کان هڪ مشورو يا کڻي چئجي ته صلاح وٺڻ ٿو چاهي.
”ضرور! ضرور!“ مون وراڻيومانس.

Saturday, February 22, 2014

پرڏيهه ۾ اسان لاءِ ڪيترو سڪون آهي؟- الطاف شيخ

پرڏيهه ۾ اسان لاءِ ڪيترو سڪون آهي؟
الطاف شيخ
تعليم ختم ٿيڻ کانپوءِ مون جهاز واري نوڪري ۱۹۶۸ع کان شروع ڪئي. هڪ ئي روٽ ۽ هڪ ئي جهاز تي رهڻ بدران منهنجا جهاز ۽ روٽ تڪڙا تڪڙا تبديل ٿيندا رهيا. مختلف جهازن کي ڪڏهن ڏُور اوڀر جي ملڪن ڏانهن، ته ڪڏهن يورپ ۽ آمريڪا جي ملڪن ڏانهن وٺي وڃڻو پيو ٿي. ڪڏهن ڪاري سمنڊ وارا سوشلسٽ ملڪ: رومانيا، بلغاريا، روس وغيره، ته ڪڏهن عرب  ملڪ. شروع جا سال سئيز ڪئنال بند هو، ان ڪري جهازن جي مالڪن جي مرضي نه هوندي به اسان کي جهاز سڄي آفريڪا کنڊ جي چوڌاري ڦيرائڻو پيو ٿي ۽ رستي تي ممباسا، موپوتو، ڪيپ ٽائون، ڊڪار ۽ عابد جان جهڙن آفريڪي بندرگاهن تي راشن پاڻي ۽ جهاز لاءِ فيول وٺڻو پيو ٿي. پهرين سال ئي اسان کي جهاز کي آمريڪا وٺي وڃڻو پيو ۽ هر سال ويسٽ انڊيز جي ٻيٽن برمودا، ڪيوبا، ٽرنيڊاڊ ۽ ٽوباگو کان آمريڪي بندرگاهن هيوسٽن، نيواورلينس، فلڊلفيا، بالٽيمور، نيويارڪ وڃڻو پيو ٿي ۽ اڃان به مٿي اُتر ۾ ڪئناڊا جي به ڪجهه بندرگاهن ۾ وڃڻو پيو ٿي. انهن ڏينهن ۾ يعني اڄ کان اڌ صدي اڳ وارو ڪئناڊا اسان لاءِ ٿر جيان هوندو هو، جِتي رڳو سُڃَ ئي سُڃَ، وارِي ئي وارِي هئي.... يعني جيئن ٿر ۾ وارِي ئي وارِي، تيئن ڪئناڊا ۾ سال جو وڏو حصو رڳو برف ئي برف ۽ ٿڌيون هوائون هيون. مينهن وسڻ تي ٿر ۾ جان ايندي آهي، تيئن اونهاري جي ڪجهه مهينن ۾ جي جهاز ڪئناڊا ايندو هو، ته اُس ۽ ساوڪ ڏسي دل خوش ٿيندي هئي، نه ته ڪئناڊا وڃڻ جو ٻُڌي ڊپريشن ٿيندي هئي. چوندا هئاسين ته، هي ڪئناڊين چريا ماڻهو ڪئناڊا ۾ ڇو رهيا پيا آهن....هيٺ ڏکڻ ۾ نيويارڪ پاسي ڇو نٿا هليا وڃن. جيتوڻيڪ نيويارڪ ۾ به سياري ۾ سخت سِيءُ ٿئي ٿو. ٻارهو ئي بهار فقط برمودا، بهاما، جئميڪا، باربادوس، ٽرنيڊاڊ جهڙن ٽراپيڪل ٻيٽن تي هوندي آهي. انهن ڏينهن ۾ اسان جهڙن ملڪن جا ماڻهو ڪئناڊا جهڙن ڏورانهن ۽ ويران هنڌن تي ته نظر نه ايندا هئا پر آمريڪا ۾ به ورلي نظر آيا ٿي. آخر هيڏانهن اچن به ڇو. هندستان ۽ پاڪستان جهڙن ايشيائي ملڪن ۾ خوشحالي هئي. ٿورا گهڻا جيڪي تعليم يا روزگار لاءِ نڪتا ٿي ته انگلينڊ کان اچي نڪتا ٿي. انهن ڏينهن ۾ آمريڪا لاءِ ويزا يا گرين ڪارڊ ملڻ ڪو ڏکيو ڪم نه هو، پر انگلينڊ يا يورپ جي ملڪن ۾ رهڻ به ڪو مشڪل نه هو. جيڪو  آيو ٿي ان کي سال ٻن اندر اتي جي شهريت ۽ پاسپورٽ ملي ويو ٿي. پوءِ ڏورانهين ڏيهه آمريڪا يا ويران ۽ رُڃ ۽ سُڃ جهڙي ڪئناڊا ۾ ڪو ڇو وڃي رهي! مون کي ياد آهي ته، 1973ع ۾ منهنجو جهاز سئيڊن جي بندرگاهه اسٽاڪهوم ۾ بيٺو هو، ته انهن ڏينهن ۾ سئيڊن جي ”ڪوڪم“ شپ يارڊ ۾ مئرين انجنيئرن جي ضرورت ٿي. هنن جو نمائندو مون وٽ جهاز تي آيو ۽ مونکي جهاز جي نوڪري ڇڏي ڪناري جي نوڪريءَ لاءِ صلاح ڪيائين. مون سان گڏ منهنجي زال ۽ سال ڏيڍ جي ڌِيءَ به هئي. جهاز جي نوڪري تڏهن ڇڏي وڃي ٿي، جڏهن ٻار ست اٺ سالن جا ٿين ٿا ۽ هنن لاءِ جهاز تي پڙهڻ بدران اسڪول وڃڻ ضروري ٿئي ٿو، سو منهنجي لاءِ اهو مسئلو نه هو پر مونکي ان دفعي موراڪو ۽ اسپين کان وٺي هر سمنڊ ۽ موسم اهڙي ته خراب ملي هئي، جو منهنجي سامونڊي نوڪريءَ کان دِل کٽي ٿي پئي هئي ۽ شايد منهنجي ان روڄ پٽڪي ۽ سمنڊ کي پِٽون پاراتا ڏيڻ ڪري مڪاني آفيس وارن مونکي ان پوسٽ جي آفر ڏني ۽ ان کي وڌيڪ پرڪشش بنائڻ لاءِ هنن اهو به چيو ته، هو مهيني اندر  مونکي ۽ منهنجي فئمليءَ کي سئيڊن جي شهريت به ڏيندا. مونکي اها ڳالهه ڪجهه ڪجهه پسند آئي پر آخري فيصلي ۾ انڪار ئي ڪيم، جو انهن ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ ڇا خرابي هئي... امن امان، تعليم، سستائي، دنيا ۾ پاڪستاني پاسپورٽ جي عزت... تڏهن ته هر ملڪ ۾ اسان بنا جھل پل جي وڃي رهياسين ٿي، ڌنڌا ڌاڙيون ۽ نوڪريون ڪيونسين ٿي ... دنيا جي بهترين ملڪن مان پاڪستان هڪ هو، جنهن ۾ عرب به رهڻ لاءِ پئي آيا.

Friday, February 14, 2014

آئرلينڊ ۾ مارگريٽ ٿيچر جي موت تي جشن - ڊاڪٽر مشتاق سومرو

آئرلينڊ ۾ مارگريٽ ٿيچر جي موت تي جشن
ڊاڪٽر مشتاق سومرو
جيتوڻيڪ آئرلينڊ جا سڀ ماڻهو گذريل ٽن چئن پيڙهين کان تمام سٺي انگريزي ڳالهائين، لکن ۽ پڙهن ٿا پر حقيقت ۾ انهن انگريزن جون ڪافي ساريون عادتون ۽ روايتون پنهنجون ڪيون آهن، جهڙوڪ: نوان تجربا ڪرڻ، خطرن سان کيڏڻ ۽ ڪو ڪارنامو ڪري پوءِ مشهوري ماڻڻ. آئرلينڊ جي ٻهراڙيءَ جو هڪ ماڻهو ٽام ڪرين (Tom Crane) ۱۹۱۴ع ۾ ۲۲ ماڻهن جي هڪ جٿي سان گڏ اتر قطب جي سفر تي روانو ٿيو، جنهن ۾ انگلينڊ جا پڻ ڪيترائي مهم جُو شامل هئا. جتي جا اڪثر ماڻهو منزل تي پهچڻ کان پهرين بيماريءَ ۽ ٿڌ سبب مري ويا پر ٽام ڪرين آئرلينڊ جو پهريون شخص هو، جيڪو ڪاميابيءَ سان اتر قطب گهمي خيريت سان ڳوٺ واپس پهتو. آئرلينڊ جي پنهنجي زبان آئرش آهي، جنهن جي ڪابه هڪجهڙائي انگريزي زبان سان ڪانه آهي پر اها زبان هن وقت صرف سرڪار جي گهڻي امداد ملڻ جي ڪري زنده آهي، پر چئي سگهجي ٿو ته اها پوئين پساهن ۾ آهي، جو 47 لکن جي آباديءَ واري ملڪ ۾ صرف ۱۰ يا ۱۲ هزار ماڻهو هوندا، جيڪي باقاعدي روزانو گهر ۾ آئرش ٻولي مادري زبان طور ڳالهائين ٿا. آئرش نسل جا انگريزي ڳالهائيندڙ ماڻهو دنيا ۾ ڦهليا پيا آهن ۽ هڪ اندازي موجب هن وقت جيترا ماڻهو آئرلينڊ ۾ رهن ٿا، ان کان وڌيڪ آئرش نسل جا ماڻهو ٻاهرين ملڪن کي پنهنجو ڏيهه بڻائي ويٺا آهن. اهو ئي سبب آهي جو آئرش نسل جا ماڻهو آمريڪا کان وٺي ڪئناڊا تائين ۽ آسٽريليا کان وٺي انگلينڊ تائين ڦهليل آهن پر ان هوندي به مادرِ وطن آئرلينڊ جي قومي تشخص کي برقرار رکيو اچن. ۸۰۰ سال انگريزن آئرلينڊ تي مستقل قبضو ڪري ان کي پنهنجي حدن ۾ شامل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر سواءِ ٿوري وقت جي، جنهن ۾ آئرلينڊ، برطانيا جي ڪالوني هو، آئرش قوم پنهنجو جدا آزاد ملڪ برقرار رکڻ ۾ ڪامياب رهي آهي.

گلن ۽ وڻن سان پيار ڪندڙ لنڊن جا ماڻهو - عبدالحي پليجو

گلن ۽ وڻن سان پيار ڪندڙ لنڊن جا ماڻهو
عبدالحي پليجو
جهاز ۾ هاڻ تمام گهٽ روشني ۽ گوڙ آهي، ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ ننڍڙي ٻار جي روئڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو يا ڪنهن وقت ايئر هوسٽس جي سئنڊل جي کُڙين جو آواز، جيڪو اڳ ۾ گوڙ جي ڪري بلڪل ٻڌڻ ۾ ڪو نه ٿي آيو، سو به ٻڌجي پيو. آئون به اوريانا فلاسيءَ جو ڪتاب زوريءَ پڙهڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان پر ڪتاب پڙهڻ تي دل ئي ڪا نه ٿي ٿئي، رکي رکي ننڍ جا جهوٽا اچڻ لڳا آهن، خبر ئي ڪانه ٿي پوي ته ماڻهو سُتو پيو آهي يا جاڳي پيو. هيڏو سارو نون ڪلاڪن جو سفر مس پورو ڪيوسين. ايئر هوسٽس پنهنجي مٺڙي آواز ۾ اها خوشخبري ٻڌائي ته، ”پاڻ ٿوري وقت ۾ لنڊن جي جڳ مشهور هيٿرو ايئرپورٽ تي نه پر گيٽ وڪ Gate wick تي پهچڻ وارا آهيون“، ته جهاز ۾ چرپر جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ته مسافر به پنهنجا ڪاغذ پٽ ڏسڻ ۽ سامان ٺيڪ ڪرڻ ۾ لڳي ويا ۽ مون به پنهنجو سامان ٺيڪ ڪري ڇڏيو، ٻاهر نظر ڊوڙايم ته صبح جا ڪرڻا سمنڊ جي وشال ڇاتيءَ تي هوريان هوريان پنهنجا پر پکيڙي رهيا هئا ۽ آئون انهيءَ حسين منظر کي ڏسندو رهيس ته هوائي جهاز جي ڦيٿن جي گهلجڻ جو آواز چٽيءَ طرح سان ٻڌڻ ۾ آيو ۽ جهاز ڦيرو کاڌو ته لنڊن جي مٿان سفيد ڪڪرن جي وچ ۾ جهاز کي اڏامندو ڏسي روح کي ڄڻ راحت اچي وئي ۽ جيئن جيئن جهاز وڃي ٿو هيٺ پرواز ڪندو، تيئن تيئن لنڊن جي ساوڪ ۽ سهڻيون  ترتيب سان ٺهيل جڳهيون هاڻ بلڪل چٽيون نظر اچي رهيون آهن.

Thursday, January 30, 2014

دُنيا جا وشال ساگرَ ۽ ڪنارن تي آباد قومن جي سمنڊ شناسي - عبدالحي پليجو

دُنيا جا وشال ساگرَ ۽ ڪنارن تي آباد قومن جي سمنڊ شناسي
عبدالحي پليجو
پئسفڪ سمنڊ جو اُڀرندو ڪنارو آمريڪا جي ڪارڊيليران جابلو سلسلي Cordilleran mountain system سان وابسته آهي. هِي جابلو سلسلو اُتر ۾ الاسڪا تائين پکڙيل آهي. سندس سر اتر ۽ سر ڏکڻ وارن پهاڙي ڪنارن کي ڇڏي، باقي سمورو ساحل هڪ ساريڪو آهي، انهيءَ جي ابتڙ سندس الهندو يعني ايشيا وارو ساحل بناوٽ ۾ هڪ ساريڪو يعني ريگيولر ڪونهي. پئسفڪ وڏي سمنڊ جي هن اُلهندي ساحل يعني ايشيا واري ڀاڱي سان هن کنڊ جا ڪيترا ئي علاقائي سمنڊ ڳنڍيل آهن، جهڙوڪ جاپاني سمنڊ، پِيلو سمنڊ، اُڀرندو چِيني سمنڊ ۽ ڏکڻ چِيني سمنڊ وغيره. اوڀر ايشيا جي مشهور وڏين ندين مثلن، آمر AMUR يا آمون درياهه يانگزي ندي، سبچيانگ ندي ۽ ميڪانگ ندين جو پاڻي مذڪوره ڳنڍيل علائقائي سمنڊ معرفت اڻسڌيءَ  طرح پئسفڪ سمنڊ ۾ داخل ٿئي ٿو.