Monday, November 03, 2014

سالگرهه ۽ ورسين جي سياست - عبدالله مورائي

سالگرهه ۽ ورسين جي سياست
عبدالله مورائي
بسون يا وينون هلائيندڙ ڊرائيور (Driver) اهو ڀلي سکر کان جيڪب آباد ويندو هجي يا هالا کان حيدرآباد يا کڻي يورپ جي مختلف روڊن ۽ رستن سان ويندو هجي، انهن سڀني ۾ جيڪا ڳالهه هڪجهڙي آهي، اها آهي پنهنجي پٽي ڀائين سان سامهون ايندي ويندي سلام ڪرڻ يا کيڪارڻ. هتي اسٽاڪ هوم جي لوڪل بسن جا ڊرائيور به مختلف نسلن ۽ قومن سان واسطو رکندڙ آهن. ڪيڏي مهل توهان کي هندستان جي پنجاب صوبي جو پٽڪو ٻڌل سک نظر ايندو يا ڪو چين جو ننڍي قدر وارو، ڪڏهن ڪو پاڪستاني ٽڪرائجي وڃي ته ڪڏهن وري ڪو آفريڪا جو ڪارو، ايران جا ماڻهو به گاڏي هلائيندي نظر اچن ته ڪڏهن ڪڏهن اسڪارف سان مٿو ڍڪيل عرب ڇوڪري به گاڏي هلائيندي توهان کي پنهنجي منزل تائين پهچائي. گهڻو تعداد هنن جو پنهنجو ئي آهي.


وڏا وڏا ادارا يا ڪمپنيون جيڪي ڪا ڪانفرنس يا سيمينار ڪرائين ٿا ته انهن جي ڪوشش هوندي آهي ته جيڪي به پارٽيسيپنٽ (Participants) اچن ته انهن کي علم سان گڏوگڏ وندر به مهيا ڪري ڏجي، پوءِ ان ڏس ۾ اڄڪلهه جيڪا وڌيڪ مشهور آهي اها آهي ڪانفرنس يا سيمينار پاڻيءَ واري وڏي جهاز ۾، هنن وڏن جهازن ۾ ڪانفرنس هال به ٿين، پوءِ هتان اسٽاڪ هوم کان هيلسنڪي ڪانفرنس ڪندا وڃن ۽ رات جو مختلف ريسٽورنٽس تي کاڌا کائين ۽ ڪلب ۾ جيڪو پيئڻو هجين پيئن ۽ ناچ ٽپا ڏين ۽ وري واپسيءَ تي ڪانفرنس جو رهيل حصو ڪندا اچن ۽ اچي واپس اسٽاڪ هوم پهچن، ڪم جو ڪم ۽ وندر جي وندر.
سئيڊن جا ماڻهو گهڻي قدر غير مذهب آهن پر ڪرسمس زور شور سان ملهائين. ڪي چرچ ۾ پڻ وڃن پر رڳو معيار پوري ڪرڻ لاءِ، باقي گهڻو تڻو زور کائڻ پيئڻ ۽ هڪٻئي کي تحفا ڏيڻ تي اٿن. تحفا وري هڪٻئي کان پڇي ڏين ٿا ته توکي ڇا کپي ۽ مون کي ڇا گهرجي ته جيئن اهي تحفا استعمال ڪري سگهجن. سال جي آخري ڏينهن يعني ۳۱ ڊسمبر تي جوڙا هڪٻئي سان واعدا ۽ وچن ڪندي نظر ايندا ته پاڻ سڄي ڄمار گڏ گذارينداسين، پر ان ۾ سندس لاءِ ڪا به حيرانگي ڪا نه ٿئي، جيڪڏهن اهي جنوريءَ جي ٻئين هفتي ۾ هڪٻئي کان جدا ٿين ۽ هڪٻئي کي خدا حافظ چئي پنهنجا رستا الڳ ڪري ڇڏين.
ڪرد قوم جا ماڻهو هتي جهجهي تعداد ۾ آهن، گهڻي قدر سڀني جي هتي سياسي پناهه ورتل آهي. مزي جي ڳالهه ته ڪرد ڀلي ايران جو هجي يا ترڪي جو يا کڻي شام يا عراق واري پاسي جو، پڇا ڪرڻ تي گهڻي قدر صرف اهو ٻڌائيندا ته اسان جو تعلق ڪردستان سان آهي ۽ کين اها پڪ آهي ته هڪ نه هڪ ڏينهن اهي آزادي ماڻيندا ۽ دنيا جي نقشي تي سندن ملڪ ڪردستان جو اضافو ضرور ٿيندو. اها پڪ ڄاڻو ته ڪي اڳواڻ ڪا غلطي ڪندا آهن ته قومون ۽ نسل صدين تائين ڀوڳينديون آهن، ڪردن جي وڏن ته الائي ڪهڙيون غلطيون ڪيون آهن، باقي اسان جي وڏن ۽ اڳواڻن جيڪي غلطيون ڪيون آهن سي پاڻ هاڻي ڀوڳيون پيا ۽ خبر نه آهي ڪڏهن تائين اڃا ڀوڳيندا رهنداسين.
هتي سالگرهه ۽ ورسي واري سياست بنهه ڪونه آهي، نه اهڙي قسم جي ڳالهه ٻڌي نه ڏٺي، پاڻ کي هاڻي سالگرهه ۽ ورسي واري سياست ڇڏي اڳتي وڌڻو آهي ۽ دنيا سان پير پير ۾ ملائي هلڻو آهي، نه ته اسان تمام گهڻا پوئتي رهجي وينداسين. پاڻ کي هاڻي انهن اڳواڻن جي ضرورت نه آهي جيڪي جذباتي تقريرون ڪري ڄاڻن پر ان جي ابتڙ اهڙن اڳواڻن جي ضرورت آهي جيڪي توهان کي دنيا سان هلائڻ سيکارن، توهان کي اهو ٻڌائڻ جي لائق هجن ته دنيا ڪهڙي طريقي ۽ تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي. توهان کي انهن ماڻهن جي ضرورت آهي جيڪي توهان سان ملن ته توهان تي زور ڏين ته پنهنجي اولاد کي علم جي زيور سان سنواريو، باقي ائين نه ته زوردار تقرير ڪري پنهنجي مخالف کي سبق سيکارڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ کانپوءِ انهن ئي مخالفن سان گڏ وڏيون وڏيون دعوتون اڏائين ۽ توهان تاڙيون وڄائي گهر موٽي وڃو، دنيا هاڻي تبديل ٿي چڪي آهي، پنهنجي پاڻ کي تبديل ڪيو، ان کوهه مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪيو، جنهن ۾ توهان کي بند ڪيو ويو آهي. پنهنجي روزمرهه جي زندگيءَ مان سردار، وڏيرو، رئيس، نواب ۽ مير لفظ ڪڍي ڇڏيو، اهي توهان کي ڪجهه به نه ڇڏيندا. جذباتي تقريرون ڪرڻ وارا توهان جا سڄڻ نه آهن.
حالانڪ سنڌ جي تعليم ڀيانڪ صورت اختيار ڪري وئي آهي، پر تنهن هوندي به پنهنجا سنڌي نوجوان اڳتي نڪتا آهن ۽ دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو اٿن، اهي نوجوان ڇوڪرا ڪي وڏيرن يا نوابن جا پٽ ڪونه آهن، پر توهان جي آس پاس جا ماڻهو آهن، جن محنت ڪئي اهي نڪري ويا ۽ ترقي جون منزلون ماڻن پيا، انهن کي ڪو به لاهور ۾ رهندڙ پنجابي روڪي نه سگهيو ۽ ڪير به محنت ڪندو اهو منزل ضرور ماڻيندو، باقي اٿڻ پاڻ کان ڪونه پڄي پوءِ ٿڪ لعنت گوڏن تي.
ڪالهه زمين اندر هلندڙ ريل گاڏي ۾ ويٺي سائين اسحاق انصاري جو لکيل ناول خالي بئنچ پئي پڙهيم، جيڪو پياري رحمت الله پيرزادي ڏياري موڪليو هو. ڀرسان هڪ همراهه ويٺي ويٺي ڪتاب ڏانهن ڏسي رهيو هو، آخر رهيو ڪونه ٿيس ۽ پڇي ورتائين ته ڇا تون مذهبي ڪتاب پڙهي رهيو آهين، مون به چئي ڏنومانس ته ها ۽ وڌيڪ آسرو ڏنومانس ته دعا وغيره ڪرائڻي هجئي ته ٻڌائي هاڻي جو هاڻي دعا قبول ٿيندي، پر پوءِ همراهه سمجهي ويو ته آئون کيس مذاق پيو ڪيان.
هتي ماڻهو يڪسانيت واري زندگي ۽ نوڪري کان ڀڄن ٿا، چار پنج سال ڪنهن هڪ اداري ۾ نوڪري ڪئيسون ته ڇيهه ٿي پيو، وري پوءِ ڪو ٻيو ادارو ڏسندا، بلڪه مختلف ملڪن ڏانهن وڃڻ جو پيا سوچيندا، پوءِ يورپ مان ڪي وڃي آفريڪا نڪرن ته ڪي وري آمريڪا يا آسٽريليا هليا وڃن، هتي جيڪي بهترين تعليمي ادارا آهن، انهن جو اهو مقصد نه آهي ته اسان ڪو نوڪري ڪرڻ وارا پيدا ڪيون پر انهن جو زور ان تي آهي ته اسان نوڪري ڏيڻ وارا وڌ ۾ وڌ پيدا ڪيون.

ڪڏهن ڪڏهن ڪا سهڻي مائي ڏسي به دل اداسي ٿي وڃي، آئون ڪجهه ڏينهن پهريان رستي سان ڪاڏي وڃي رهيو هئس، هتي جيئن ته ڪتن کي ٻاهر وٺي وڃن ۽ گهمائڻ جو روزمرهه جو معمول آهي، ٿورو وٿيرڪي هڪ سهڻي مائي پنهنجي ڪتي سان گڏ اچي رهي هئي، ٿورو ويجهو اچڻ تي خبر پئي ته پاڻ نابين هئي ۽ سندس ڪتو کيس جي رهنمائي ڪري وٺي وڃي رهيو هو. ڏک جي ڳالهه ته هي مائي به پنهنجي حسن کان بي خبر هوندي، پنهنجي آس پاس جي نظارن کان اڻ واقف هوندي. پنهنجي وڏن جي ڪيل اڻ ٿڪ محنت کان وانجهيل هوندي ته هنن ڪئين ڏينهن رات هڪ ڪري هي ملڪ دنيا جي ترقي يافته ملڪن تائين پهچايو آهي، هتي جيڪڏهن ڪنهن گهر ۾ ڪو مغرور آهي ته سندس گهر جي ڀاتين مان پوءِ اهو ڀلي ڀاءُ هجي يا ڀيڻ ۽ ڪو مٽ يا مائٽ يا ڪو دوست، سندس خدمت تي مامور هوندا ته ائين نه آهي ته اها انهن جي نصيب ۾ آهي ته معذور جي خدمت ڪن، پر جيڪو ان معذور جي خدمت ڪندو اها سندس نوڪري هوندي ۽ حڪومت ان کي ڪلاڪن جي حساب سان پگهار ڏيندي ۽ معذور ماڻهو کي ظاهر آهي ۲۴ ڪلاڪ خدمت گذار کپي.

No comments:

Post a Comment