Monday, November 03, 2014

شايد ٻين ملڪن ۾ به ڪم ائين پيو هلي - الطاف شيخ

شايد ٻين ملڪن ۾ به ڪم ائين پيو هلي
الطاف شيخ
ڪالهه هڪ همراهه جو سکر کان فون آيو. ”آئون پنهنجي پٽ کي ملائيشيا نوڪريءَ لاءِ موڪلي رهيو آهيان.“
”ڏاڍو سٺو.“ مون جواب ڏنو مانس. ظاهر آهي اڄ جي دور ۾ جڏهن ملائيشيا ۽ جپان جهڙن ملڪن ۾ جِتي سندن مڪاني ماڻهو نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ پريشان آهن اُتي ڪنهن ڌارئين ملڪَ جي ماڻهوءَ کي، خاص ڪري اسان جي پاڪستانيءَ کي نوڪري ملي، خوشي جي ڳالهه آهي.
”پر سائين هڪ مسئلو آهي جنهن بابت توهان کان پڇڻو آهي.“ هن چيو.


”ڀلي پڇو...... ڇا پگهار گهٽ ٿو لڳي؟“ مون چيو.
”نه. اها ڳالهه ناهي. اسان جي ڇوڪري کي هيپيٽائٽس آهي. پر اسان جي هڪ ڊاڪٽر چيو آهي ته هو هن کي فِٽنيس جو سرٽيفڪيٽ ڏئي ڇڏيندو.“
”پر هو ته (يعني ملائيشيا وارا ته) پنهنجي مقرر ڪيل ڊاڪٽر جي رپورٽ قبول ڪندا ۽ جنهن بنا توهان جي پٽ کي ڪراچي ۾ ملائيشيا جو قونصل خانو نوڪري ڪرڻ جي ”ورڪ ويزا“ هرگز نه ڏيندو.” مون هن کي سمجھايو. دراصل ملائيشيا ۾ (توڙي ٻين ملڪن ۾) ڪنهن کي به نوڪري ۾ رکڻ کان اڳ هن جي ميڊيڪل رپورٽ ڏٺي وڃي ٿي جيئن هن کي ڪا اهڙي بيماري ته نه آهي جيڪا هن کي نوڪري ڪرڻ ۾ رڪاوٽ وجھي سگهي يا اها ٻين کي بيمار ڪري سگهي. ڪيترن ملڪن ۾ ته گهمڻ لاءِ وڃڻ جي ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ به ميڊيڪل تپاس ورتو وڃي ٿو. جيئن ايران وڃڻ لاءِ بلڊ ٽيسٽ ۽ ايڪسري ورتو وڃي ٿو...... ۽ هاڻ ٻڌو اٿم ته ڊاڪٽر کان تپاس ڪرائي اهو لکراڻ به ضروري آهي ته هن کي سلهه جهڙي ڪا بيماري ناهي.... ڇو جو سلهه هڪ وچرندڙ بيماري آهي ۽ اسان جي ملڪ ۾، خاص ڪري سنڌ جي ڪجهه ڳوٺن ۾ تمام عام ٿي پئي آهي.
فون ڪندڙ چيو ته ”ملائيشيا وارن کي ڪهڙو اعتراض ته منهنجو پٽ ڪهڙي ڊاڪٽر کان سرٽيفڪيٽ وٺي اچي ٿو.“
ان تي مون هن کي سمجايو ته اهو ٻين ملڪن جي ماڻهن لاءِ کڻي هلندو هجي پر اسان پاڪستانين لاءِ ڪيترن ملڪن اسان جي ملڪ ۾ ڪجهه ڊاڪٽر يا اسپتالون مقرر ڪيون آهن جن جي ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ کي ئي مانُ ڏنو وڃي ٿو. جيئن ايران وارا عيسيٰ لئبارٽريز جي ئي ميڊيڪل رپورٽ قبول ڪن ٿا. اهڙِ طرح ملائيشيا وارن به ڊفينس سوسائٽي جي تاج لئبارٽري وارن کي مقرر ڪيو آهي ۽ هو فقط انهن جي ٽيسٽ رپورٽ قبول ڪن ٿا. انهن لئبارٽرين وارا رشوت جي چڪر ۾ هڪ صحتمند کي بيمار ڏيکاري Unfit ته ڪري سگهن ٿا پر ڪيڏي به رشوت تي هو بيمار کي fit هجڻ جو سرٽيفڪيٽ نٿا ڏيو سگهن. ڇو جو اسان جا نوڪري حاصل ڪندڙ جوان جڏهن ملائيشيا پهچن ٿا ته مهيني ڏيڍ بعد هنن جو هڪ دفعو وري اتي ميڊيڪل ٽيسٽ ٿئي ٿو ۽ اتي بيماريءَ جو ڦڪڙ ڦاٽڻ تي ڪراچي جي پئنل واري لئبارٽري يا ڊاڪٽر بلئڪ لسٽ ٿي سگهي ٿو ۽ هو ڪمائيءَ کان هٿ ڌوئي وهندا. اسان وارو همراهه شايد اهڙين ڳالهين ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو. هو پنهنجي ضد تي قائم رهيو. چوڻ لڳو: ”ملائيشيا وارا (يعني جن هن جي پٽ کي نوڪري ڏني آهي اهي) ته چون ٿا ته ڪنهن به ڊاڪٽر کان ميڊيڪل فٽنيس جو سرٽيفڪيٽ وٺي اچ.“
مون هن کي سمجھايو ته ملائيشيا جي سرڪاري يا پرائيويٽ ڪمپني جڏهن نوڪريءَ جو خط توهان کي موڪلي ٿي ته ان جي ڪاپي پاڪستان ۾ سندن سفارت خاني (ايمبسي/ هاءِ ڪميشن/ قونصل خاني) ڏي به موڪلي ٿي. توهان نوڪري جو خط کڻي جڏهن سفارت خاني پاسپورٽ تي نوڪري جي (Work – Visa) لاءِ وڃو ٿا ته هو توهان کي ڊاڪٽرن/ميڊيڪل لئبارٽريز جي لسٽ ڏين ٿا ته انهن مان ڪنهن کان پنهنجو ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرائي fitness جو سرٽيفڪيٽ پاسپورٽ سان ملائي فيڊيڪس يا TCS ڪوريئر سروس ذريعي هنن ڏي موڪليو.... ۽ پوءِ ئي هو پاسپورٽ تي ورڪ ويزا جو ٺپو هڻي ڏين ٿا ۽ توهان ملائيشيا پهچي بنا خوف خطري جي ان ڪمپني وٽ نوڪري ڪري سگهو ٿا.
پر ان ۾ به ڪيتريون ٺڳيون ٿيڻ ڪري هاڻ اهو قاعدو ڪڍيو ويو آهي ته ڪئالالمپور ايئرپورٽ تي پهچڻ تي توهان کي ائين نٿو ڇڏيو وڃي جيسين توهان کي نوڪري ڏيڻ واري ڪمپني جو مالڪ يا ان جو نمائندو ايئرپورٽ تي پهچي اميگريشن وارن کي خاطري ڏئي ته هن جي ڪمپنيءَ نوڪري ڏني آهي ۽ هو هر قسم جي جوابداري کڻڻ لاءِ تيار آهن.
مون هن همراهه کان پڇيو ته آيا هن کي نوڪريءَ جو خط ملي ويو آهي؟ ان تي هو منجھي پيو ۽ ٻڌايائين ته اهو اڃان ڪونه مليو آهي. سندس مائٽ يا شايد دوست ملائيشيا ۾ ڪاروبار ڪن ٿا. انهن آسرو ڏنو آهي ته هو سندس ڇوڪري کي پاڻ وٽ يا ڪنهن ٻئي وٽ نوڪري ۾ لڳائي ڇڏيندا.
”پوءِ کيس هتان ورڪ ويزا ڪيئن ملي سگهندي؟“ مون پڇيو.
”هنن چيو آهي ته هي هِتان گهمڻ (Visit) جي ويزا وٺي اچي ۽ پوءِ هو اتي ان جي ويزا جو status بدلائي ورڪ ويزا ڪرائي ڏيندا.“ هن چيو.
ساڻس وڌيڪَ بحث ڪرڻ بدران کيس ٻڌايم ته اهي سڀ اٽڪلون سٽڪلون آهن ۽ ان ۾ وڏو Risk رهي ٿو ۽ اسان جي مجبور ۽ نوڪري لاءِ پريشان ماڻهوءَ کي نوڪريءَ جا دلاسا ڏئي هڪ طرف هن کان پئسا ڦريا وڃن ٿا ۽ ٻئي طرف چڪاس ٿيڻ تي نوڪري ڏيڻ وارا ڀڄيو وڃن يا نٽايو وڃن، غريب پرديسي جيل حوالي ٿيو وڃي ۽ پريشان مائٽ پڻ پري ويهي هن کي بچائي نه ٿا سگهن. اهڙي طرح ميڊيڪل جي به ڪوڙن سرٽيفڪيٽن تي نوڪري بدران پرديس ۾ سزائون ڪاٽڻيون پون ٿيون. اسانجي ملڪ ۾ ان قسم جون ٺڳيون ايترو ته عام ٿي پيون آهن ۽ انهن تي وٺ پڪڙ يا عبرتناڪ سزائون نه هجڻ ڪري اسان جو ماڻهو نفسياتي طرح سمجھي ٿو ته ٻين ملڪن ۾ به ائين پيو ڪم هلي ۽ هو هر حالت ۾ ڦٻجي ويندا. پر ائين ناهي، ملائيشيا جهڙا ملڪ به اڄ نه پر اڄ کان چاليهه پنجاهه سال اڳ جڏهن اهي يورپ جهڙا نه پر اسانجي ڪچي جي علائقي جي جنگل جهڙا هئا ته به هنن انصاف ۽ امن امان خاطر نه فقط قاعدا قانون سخت ڪيا پر ڏوهارين کي سخت سزائون ڏنائون جيئن ڪو به غلط ڪم ڪرڻ جو سوچي نه سگهي. اهوئي ته سبب آهي ته ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ سال ٿي ويا ته پوليو، ٽائيفائيڊ يا مليريا جهڙيون بيماريون نه آهن. حيرت جي ڳالهه آهي ته مڇر ته جام آهن پر مليريا بيماري پئدا ڪرڻ وارو جراثيم ناهي.

مونکي ياد آهي ته اسي واري ڏهي ۾ جڏهن آئون ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪري ڪندو هوس ته ان آفيس ۾ هڪ ٻئي به پاڪستاني کي نوڪري ملي. هو ٻارن سان گڏ اتي پهتو. موسم جي تبديلي يا ٿڪاوٽ ڪري هن جي ڏهن سالن جي پٽ کي پهچڻ مهل بخار هو. بخار جو ٻڌي هِتي جي اميگريشن ۽ صحت کاتو پريشان ٿي ويا ته هن کي مليريا ته ناهي. هِتي جي قانون مطابق هن ٻار کي ٽي ڏينهن الڳ (ڪئارنٽائين ۾) رکيو ويو جيسين پڪ ٿي ته هن کي مليريا ناهي. ڇو جو مليريا جي صورت ۾ ٿي سگهي ٿو ته ڪو مڇر هن کي چڪ هڻي (يعني رت چوسي) ٻئي ماڻهوءَ ۾ داخل ڪري هن کي مليريا ڏئي سگهي ٿو ۽ پوءِ اهڙي طرح هن مان ٻه، ٻن مان چار مليريا جا مريض وڌي سگهن ٿا. اها ته آهي ۱۹۸۳ع يا ۱۹۸۴ع جي ڳالهه..... اڄ ۳۰ سالن کانپوءِ ته هو اڃان به وڌيڪَ خبردار ٿي ويا آهن. ۽ جڏهن مليريا جهڙي بيماري به هنن لاءِ خطرناڪ آهي ته هو ڪيئن چاهيندا ته ڪو ڌاريون سلهه يا هيپيٽائيٽس جهڙيون بيماريون کڻي هنن جي ملڪ ۾ داخل ٿئي.

No comments:

Post a Comment