Monday, November 03, 2014

آئرلينڊ ۽ سنڌ، بلوچستان جي ريڍارن جي ساڳي ڪرت - عبدالله مورائي

آئرلينڊ ۽ سنڌ، بلوچستان جي ريڍارن جي ساڳي ڪرت
عبدالله مورائي
توڙي جو مون يورپ جي مختلف ملڪن جي ريل گاڏين ۾ چڙهي سفر ڪري ڏٺو آهي، پوءِ ڀلي اهو اٽليءَ جي شهر ميلان کان وينس وڃڻو هجي، آئرلينڊ جي شهر ڊبلن کان ڪاسٽل بار وڃڻو هجي، سئٽزرلينڊ جي شهر جينوا کان لوزان وڃڻو هجي. ريل گاڏيون آرام ده ۽ جديد ٿين ٿيون، پر جيڪو سفر مون کي دادو کان ڪوئيٽا بولان ميل ۾ ويندي دلڪش لڳي ٿو ان جو مٽ هتان جي سفر ۾ ڪو نه آهي.


ريل گاڏي جڏهن سبي ريلوي اسٽيشن ڇڏي ڪوئيٽا ڏانهن وڌڻ شروع ڪري ٿي ته اهو نظارو، آس پاس، ننڍڙا وڏا پٿريلا رستا، ننڍا ننڍا پاڻي جا وهڪرا نظاري کي انتهائي دلڪش ڪريو ڇڏين. لنڊن جي وڪٽوريه اسٽيشن پنهنجي جاءِ تي پر بلوچستان جون آب گم، مچ، ڪولپور ۽ ٻيون ننڍيون ننڍيون پهاڙن جي وچ ۾ اسٽيشنون مون کي وڌيڪ پياريون لڳن ٿيون. منهنجي اها خواهش رهي آهي ته انهن اسٽيشنن جي آس پاس ڪجهه ڏينهن گذارجن، جيڪي سرنگهون آهن اتي آس پاس خيما کوڙجن.
ڊبلن کان ڪاسٽلبار وڃڻ وارو ريل گاڏيءَ جو رستو پڻ انتهائي خوبصورت آهي، اک ڇنڀڻ تي به دل ناهي چوندي ته متان ڪو نظارو نظرن کان اوجهل رهي وڃي. سبي کان ڪوئيٽا يا ڊبلن کان ڪاسٽلبار ويندي جيڪا شيءِ هميشه متوجه ڪري ٿي اها آهي ريڊارن جي هڪ ڪرت جيڪا بلڪل ساڳي آهي. ڀلي ريڊار آئرلينڊ جو آئرش هجي يا بلوچستان جو بروهي يا سنڌ ۾ رهندڙ بروهي. سڀني جو پنهنجين رڍن کي نيرو، گلابي، ڦڪو يا ڳاڙهو رنگ هڻڻ وارو ساڳيو عمل آهي. ٻنهي ريل رستن سان ويندي رڍن جا رنگ برنگي ڌڻ نظر اچن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن آئون جڏهن ڊبلن کان ڪاسٽلبار ويندي اهڙن ڌڻن کي ڏسندو آهيان ته هڪڙي ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي ۽ منهن تي هلڪي هلڪي مسڪراهٽ ازخود اچي ويندي آهي، پوءِ ڪا سامهون ويٺل گوري عورت شڪي نگاهن سان مون طرف ڏسي جوابي مسڪراهٽ جو حملو ڪندي آهي، پر کيس ڪهڙي خبر ته هن وقت آئون ذهني طور تي آئرش ريلي نه پر بولان ميل ۾ سفر ڪري رهيو آهيان ۽ انهن ويرانن ۾ موجود رڍن جي باري ۾ سوچي رهيو آهيان ۽ مڪمل طور تي اها ڪسوٽي حل ڪرڻ ۾ ناڪام آهيان ته آئرلينڊ ۽ سنڌ ۽ بلوچستان جي ريڍارن ۾ ڪهڙو ۽ ڪڏهن جو ڳانڍاپو آهي.
سيرت جي خبر خدا کي آهي، باقي يورپ جون عورتون جيڪڏهن ميڪ اپ ڀلي نه به ڪن تڏهن به انتهائي خوبصورت لڳن، ڄڻ گڏيون هجن، دنيا جون حورون، بهرحال تنهن هوندي به ميڪ اپ ڪن ۽ ويندي ويندي ريل گاڏين ۽ بسن ۾ سفر دوران وقت بچائڻ لاءِ ميڪ اپ ۾ مشغول ٿين. هتي ماڻهو قيمت نه پر ڪوالٽيءَ جو خيال ڪن ٿا، گهڻي قدر ناليوارين ڪمپنين جون شيون خريد ڪن. ٻين لفظن ۾ برانڊيڊ (Branded) کڻي چئون.
هتي جا ريسٽورنٽ يا ڪيفيٽريا مردن توڙي عورتن سان ڀريل رهن، ائين نه آهي ته عورت رڳو پنهنجي سهيلي سان اچي ويهي، جنس جو ڪو عمل دخل ڪو نه آهي. ڇوڪريون ڇوڪرن سان، ڇوڪرا ڇوڪرين سان، ڇوڪريون ڇوڪرين سان اچي ويهن ۽ پنهنجو وقت گذارين. ساڳئي طريقي سان انهن ريسٽورنٽس ۽ ڪيفيٽيريا تي وري ننڍي عمر جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون بيراگيري ڪن، پر کين به ڇورا يا ڇوري ڪري ڪو نه سڏي، انهن وٽ به اهي سڀ سهولتون ۽ ساڳيا گهر، جديد سامان هجن ٿا، جيڪي ٻين عام رواجي ماڻهن وٽ. هتي ڪو به ڪم گهٽ عزت يا وڌ عزت وارو ڪو نه ليکيو وڃي.
مارچ ۽ اپريل وارن مهينن ۾ جڏهن هتان جي ٽيڪس آفيس ٽيڪس ريسٽرن جا ڪاغذ موڪليندي آهي ته ان ۾ ڪنهن کي پئسا واپس ايندا آهن ۽ ڪن کي وري جمع ڪرائڻا هوندا آهن ۽ اها ڊڪليئر (De Clear) ڪرائڻو پوندو آهي. انهن ٻن مهينن ۾ ماڻهن جو خاص طور تي ويجهن دوستن جو محبوب مشغلو ٿيو وڃي ته هڪ ٻئي کان پڇن ته توکي گهڻا پئسا واپس ايندا يا آيا توکي ڏيڻا پوندا، پوءِ هڪٻئي کي ٻڌائين ته پئسا ايترا ٿورا آيا آهن جو ٽيڪس آفيس اهي پئسا پاڻ وٽ رکي ڇڏي ها ته بهتر هو. ڪي وري ڏاڍا خوش ٿين ۽ وراڻين ته ايترا پئسا آيا آهن جو يورپ جي ڪنهن هڪ ٻن ملڪن جو ڪجهه ڏينهن جو سفر ڪري اچي سگهجي ٿو.
سفر ڪرڻ تان ياد آيو ته يورپ ۾ رڳو آئرلينڊ ئي اهڙو ملڪ آهي جتي اڄ ڏينهن تائين ٻهراڙيءَ واري زندگي موجود آهي، واٽ ويندي ڪڏهن ڪڏهن ڇيڻن جي ڌپ اچي وڃي ۽ ڍڳين، گهوڙن ۽ رڍن جا وڏا وڏا فارم نظر ۾ اچن. يورپ جا ٻيا ملڪ ته تقريباً اهڙي قسم جي شين کان گهڻو اڳي نڪري چڪا آهن. ان ڪري آئرلينڊ اڄ به يورپ جي ماڻهن کي پنهنجي ٻهراڙي واري زندگي ڪري متوجه ڪيو بيٺو آهي. هتان جي ٻهراڙي پاڻ واري ٻهراڙي بلڪل نه آهي.

هتي جي ٻهراڙي وارن گهرن ۾ دنيا جي هر سهولت ۽ روڊ رستا هجن ٿا. وڏا وڏا مهل نما گهر هجن ٿا. رڳو جانورن جا فارم ۽ انهن جو رهڻ ڪهڻ ٻهراڙي جو تصور ڏئي ٿو. انهن ٻهراڙين ۾ ڀلي هڪ ئي گهر ڇو نه هجي، پر ڪنهن به قسم جي چوري، ڀتاخوري، داداگيري بنهه ڪا نه آهي. ماڻهو ڄڻ دنيا جي جنت ۾ پيا گذارين جتي حورون به آهن ته امن به آهي، صحت به آهي، پيار به آهي ۽ حق حلال ڪمائي کائڻ جي همت ۽ جستجو پڻ.

No comments:

Post a Comment