Sunday, August 28, 2016

وڏو خرچ ٿي ويو رن جي چڪر ۾ - الطاف شيخ

وڏو خرچ ٿي ويو رن جي چڪر ۾
الطاف شيخ
سنڌ تي ترخانن ۽ ارغونن جي حڪومت مڪاني ماڻهن جي آزادي ختم ڪري ڇڏي هئي. سنڌ جا امير انڊيا جي حاڪمن مغل شهنشاهن کي ان بابت داهيندا رهيا ۽ مدد گهرندا رهيا. بابر جي وفات بعد سندس پٽ همايون 1530 ۾ آگري جي تخت تي ويٺو. 1540 ۾ کيس شير شاهه سوريءَ ڀڄائي ڪڍيو. همايونءَ سنڌ ۾ اچي پناهه ورتي ۽ 1541 ۾ حميده بانو بيگم سان شادي ڪئي ۽ 1542 ۾ هن شهنشاهه اڪبر کي عمر ڪوٽ ۾ جنم ڏنو.

Thursday, August 25, 2016

ڪراچي کان ڪيٽي بندر تائين - محمد سليمان وساڻ

ڪراچي کان ڪيٽي بندر تائين
محمد سليمان وساڻ
ڪافي عرصي کان اها خواهش پئي رهي ته سنڌ جي ڊيلٽا جي ڇوڙ واري علائقن، سامونڊي پٽي ۽ درياءَ ۽ سمنڊ جي سنگم جا نظارا ڏسجن. ٻيو ته فيسبوڪ تي شاهه لطيف جي پيغام واري روزاني سلسلي ۾ سُر سريراڳ ۽ سُر سامونڊي پيش ڪندي به سنڌ جي هن سُکيي ستابي ماڳن جي ڏسڻ جو ارادو ٿي پيو. هن دفعي جڏهن سنڌو پنهنجي موج ۾ آيو ۽ سنڌ جي ڪچي کي ٻوڙيندو پنهنجي آب تاب سان ڪاهيندو سمنڊ جي کاري پاڻي کي ڌڪيندي سمنڊ ۾ پهتو ته اسان به سنڌوءَ جي ديدار لاءِ نڪري پياسين.

اسلام آباد ۾ رهي اسلام آباد گهمياسين، راولپنڊي رلياسين - مٺل جسڪاڻي

اسلام آباد ۾ رهي اسلام آباد گهمياسين، راولپنڊي رلياسين
مٺل جسڪاڻي
اسلام آباد، ملڪ جي گادي وارو شهر هجڻ جي ناتي، ڪم ڪار توڙي گهمڻ ڦرڻ لاءِ به انتهائي اهم، بين الاقوامي شهر آهي. منهنجي خيال ۾ صرف اسلام آباد ئي خاص رٿابندي تحت جوڙايل هڪ اهڙو شهر آهي، جنهن ۾ سڌا ۽ ڊگها روڊ رستا گهڻا آهن. ٿوري ٿوري پنڌ تي رهائشي علائقا الڳ ۽ آفيسون وغيره الڳ آهن. ان سان گڏوگڏ هتي گهمڻ ڦرڻ لاءِ ڪجهه مشهور جايون جڳهيون، ماڳ مڪان به آهن، جن کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو پري پري کان خرچ ڪري پهچندا آهن.

مري، ماڻهو ۽ موسم - مٺل جسڪاڻي

مري، ماڻهو ۽ موسم
مٺل جسڪاڻي
مري، يعني ڪوهه مري، جيڪو اڄ ڪلهه پاڪستان جي صوبي پنجاب جي ضلعي راولپنڊي جي سب ڊويزن آهي، اهو دراصل هماليه جبلن جي سلسلي جي ڏاکڻي پوڇڙي وارو علائقو آهي ۽ سمنڊ جي سطح کان 7516 فوٽن جي اوچائي تي آهي. راولپنڊي اسلام آباد کان اتر طرف 60 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي موجود مري 1850ع ۾ ميونسپالٽي هئي، 1851ع کان انگريز سرڪار جي توجهه جو مرڪز بڻي، 1853ع کان مريءَ جي موجودهه بيهڪ جي شروعات ٿي. ان کان اڳ جي تاريخ ڦلورڻ سان خبر پوندي، ته پهرين ڪو هڪ ماڻهو، انهن جبلن مان ٿي آيو هوندو، يا ممڪن آهي شروع ۾ ڪو هڪ جوڙو لوڪ کان لڪي وڃي رهائش پذير ٿيو هجي، ۽ ان کانپوءِ آهستي آهستي آدمشماري وڌندي وئي هجي. ڇو ته مري جي مٿاهين واري انگڙ ونگڙ جابلو سلسلي تائين رسائي لاءِ، اڄ ڪلهه به 60 ڪلوميٽرن جو اهو جابلو رستو، روڊ ذريعي سفر ٻن اڍائي ڪلاڪن جو آهي! هاڻي تصور ڪريو ته مريءَ تي رهائش اختيار ڪندڙ پهرئين هڪ شخص يا جوڙي، ڪيئن ۽ ڇو، اهو ڪمال جو پنڌ ڪري، ٻين ماڻهن کان گهڻو پري وڃي رهائش اختيار ڪئي!

Wednesday, August 24, 2016

رنجيت سنگهه جا ظلم ۽ سومرن جون زالون - الطاف شيخ

رنجيت سنگهه جا ظلم ۽ سومرن جون زالون
الطاف شيخ
بنارس ۾ جيڪو سک گائيڊ، جيت سنگهه، مون کي مغل شهنشاهه جي ٺهرايل ”عالمگيري مسجد“ ڏيکاري رهيو هو، اهو ڪافي ڄاڻَ وارو لڳو ٿي، پر فقط مڪاني حد تائين. ڪنهن خيال کان هن لاءِ ايتري ئي ڄاڻَ وارو هجڻ ڪافي آهي جو هن ٽوئرسٽن کي فقط بنارس شهر جي تاريخ ۽ اتي جون آڳاٽيون عمارتون ڏيکاريون ٿيون.... هن کي ڪو ICS جو امتحان پاس نه ڪرڻو هو. هو پرائمري اسڪول جو ماستر هو.... شامَ جو گهر ويهي گذارڻ بدران، هن گائيڊ جي ڊيوٽي ڏئي، هِنَ مهانگائيءَ جي دور ۾ گهر جي خرچ لاءِ چار پئسا وڌيڪَ ڪمائي ٿي ورتا.

Sunday, August 14, 2016

زوريءَ مسلمان بنائڻ جو وهنوار - الطاف شيخ

زوريءَ مسلمان بنائڻ جو وهنوار
الطاف شيخ
بنارس ۾ مغل شهنشاهه اورنگزيب جي ٺهرايل عالمگيري مسجد کي ڏسڻ دوران آئون خاموش رهي پنهنجي اڄ ۽ مغل دور جي حاڪمن جو سوچيندو رهيس. مونکي خبر ناهي ڇو دل ۾ اهو وهم پيدا ٿي پيو ته منهنجو سک گائيڊ جيت سنگهه اهو سوچي  مون سان نفرت ڪري رهيو هوندو ته هنن جي گروءَ کي اسان جي مسلمان حاڪم اورنگزيب بيدرديءَ سان قتل ڪرايو.

Thursday, August 11, 2016

اَٺ پَهر لاهور ۾. - مٺل جسڪاڻي

اَٺ پَهر لاهور ۾...
مٺل جسڪاڻي
گهمڻ لاءِ گهر مان نڪرڻ کان پوءِ پهرين رات ته ريل گاڏيءَ ۾ حيدرآباد کان لاهور سفر ڪندي گذري، جنهن دوران مير اعظم علي ٽالپر کي خبر پئي ته بنا ٻڌائڻ، بنا صلاح هڻڻ، گڏ وٺي نه گهمائڻ جي ميار ڏيڻ لاءِ پهرين فون ڪيائين، پوءِ وڃڻ کان ورڻ تائين، ڪنهن صبح ته ڪنهن منجهند، ڪنهن شام ته ڪنهن رات، خوش خير آفيت ۽ ٻيون خبرون وٺندو رهيو. اسان ٽنهي، يعني مون، فقير ۽ وفا جا وٽس نمبر هئا، جنهن هڪ جو نمبر نه ٿي لڳو، ته ٻئي سان پئي رابطو ڪيائين. مير اعظم ٽالپر ۽ نسيم بلوچ مون سان منهنجي گهر ڀاتين وانگر موبائيل وسيلي سفر جا ساٿي رهيا. سندن ٿورا نه ٿورا، پر ساگر ڏهراج نه وسريو آهي، نه وسرندو، جنهن اسان همسفرن بابت ڄاڻي، مون سان پهريون دفعو موبائيل رابطو ڪيو ۽ اهڙا نياپا ڪيا، جيڪي مون کي نه وسرندا ۽ نيٺ، جيڪي مون ساگر ڏانهن نياپا ڪيا، اهي به، مون کي پڪ آهي ته هن کي نه وسرندا.

Sunday, August 07, 2016

دنيا جي سمجهه ۽ سکيا لاءِ ٿائيلينڊ جي ڪلچر ۾ هزارين خزانا آهن - ڊاڪٽر ايوب شيخ

دنيا جي سمجهه ۽ سکيا لاءِ ٿائيلينڊ جي ڪلچر ۾ هزارين خزانا آهن!
سعيو سامونڊين سين-۳
ڊاڪٽر ايوب شيخ
ٿائيلينڊ جو گم ٿيل ماڻهو جم ٿامپسن:
اسان مهاتما ٻڌ جي سوني مجسمي کان واپسيءَ تي، بئنڪاڪ شهر جي مرڪزي شاهراهه تي ان هنڌ پهتاسي، جتان اسان کي ”جم ٿامپسن“ ميوزم لاءِ سياحن کي وٺي وڃڻ لاءِ گاڏي بيٺي هئي.
ميوزم داخلا جا ٽي ڊالر يا 100 باٿ في ماڻهو ڀري اندر آياسين. اهو ميوزم جم ٿامپسن جو نهر جي ڪناري تي گهر هيو، جنهن جي پهرئين منزل جي فلور تي ورانڊي ۾ ڪرسي رکي هو پاڻيءَ جو وهڪرو ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ موسيقي ٻڌنڌو هيو. جم ٿامپسن جيڪو پاڻ آرڪيٽيڪ ڊزائين جو چاڻو هيو، تنهن بئنڪاڪ جي ڇهن پراڻن گهرن کي مختلف هنڌن تان کڻائي اتي پنهنجي گهر ڍاهڻ جو نقشو چاهيو هو. هن ستن ورهين ۾ اهو گهر ٺاهيو، 1959ع ۾ اهو ٺهي تيار ٿيو ۽ اٺ ورهيه ان ۾ رهي سگهيو. اها وڏي ڪهاڻي آهي.

بادشاهه سلامت ٽوپيون ڀري گذر سفر ڪندو هو - الطاف شيخ

بادشاهه سلامت ٽوپيون ڀري گذر سفر ڪندو هو!
الطاف شيخ
اڄ بنارس شهر جي ٻن ٽن ڪلاڪن جي چڪر لاءِ مون سان گڏ جيت سنگهه نالي هِتي جي هڪ پرائمري اسڪول جو سک ٽيچر هو. هو شامَ جي وقت ڪجهه ڪلاڪ بنارس ۾ آيل ٽوئرسٽن يا ياترين سان گڏ گائيڊ ٿي چار پئسا وڌيڪَ ڪمائي ٿو. جيت سنگهه پنجاب (يعني انڊيا واري مشرقي پنجاب) جي شهر جالنڌر جو رهاڪو آهي ان تان مونکي ياد آيو ته اسانجو اڳوڻو فوجي صدر جنرل ضيا الحق به جالنڌر جو هو. جنرل ضيا ڪنهن ڳالهه تان بينظير ڀُٽو جي حب الوطني تي شڪ ڪيو هو جنهن جي جواب ۾ بينظير اخباري نمائندن کي چيو هو ته هي منهنجو وطن آهي منهنجو ڄمڻ توڙي مرڻ هن ملڪ سان ئي آهي..... آئون ڪا جالنڌر کان نه آئي آهيان. مون ان وقت هڪ سينيئر صحافي کان پڇيو هو ته بينظير جالنڌر جو ڇو پئي مثال ڏئي؟