Wednesday, January 16, 2019

مالٽا ۾ ڪجهه ڏينهن جي مهماني


مالٽا ۾ ڪجهه ڏينهن جي مهماني!
Notes from Europe
عبدالله عثمان مورائي
هونءَ ته هر ماڻهو خواب ڏسي ٿو ۽ خواب ڏسڻ حق پڻ آهي، ڪي خواب ننڊ ۾ ڏسن ٿا ته ڪي وري جاڳ ۾. جاڳ ۾ ڏٺل سپنا لفظن جي شڪل وٺن ٿا ۽ جيڪڏهن انسان ۾ همت هجي ته اهي لفظ وري ان خواب کي ساڀيان واري پاسي وٺي وڃن ٿا. ڪن ماڻهن لاءِ انهن سپنن کي ساڀيان ڪرڻ سولو آهي ته ڪن لاءِ وري تمام ڏکيو. سولائي ۽ ڏکيائي جو دارومدار ملڪي ۽ ذاتي معيشت، ملڪي جاگرافي ۽ تعليم تي هوندو آهي. بهرحال اهو هڪ وڏو بحث آهي جنهن تي گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو.

Saturday, January 05, 2019

خواجه غريب نواز جي نگري مان - ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي


خواجه غريب نواز جي نگري مان ...
ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي
آئون نئين سال ۲۰۱۹ع جو پنهنجو هي پهريون ڪالم، حضرت خواجه سيد محمد معين الدين چشتي المعروف خواجه غريب نواز جي نالي ڪرڻ چاهيندس، جن جي آخري آرامگاهه جي زيارت جو شرف حاصل ڪرڻ جي لاءِ آئون درگاهه اجمير شريف ۾ حاضري ڏئي رهيو آهيان. مون هتي پنهنجي پياري ملڪ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي، علائقائي امن ۽ استحڪام، پاڪ-ڀارت جي ٻه طرفن لاڳاپن ۾ بهتري جي لاءِ خصوصي دعائون به گهريون آهن. راجسٿان ۾ واقع حضرت خواجه غريب نواز جي درگاهه اجمير شريف کي برصغير پاڪ و هند ۾ موجود دين جي بزرگن جي مقدس مزارن ۾ اهم ترين سمجهيو وڃي ٿو. حضرت خواجه غريب نواز هڪ اهڙي قابل احترام شخصيت آهي، جن جا مڃيندڙ هر مذهب سان تعلق رکن ٿا ۽ پوري دنيا ۾ ڦلهيل آهن. هڪ اندازي مطابق روزانو هڪ لک پنجاهه هزار عقيدتمند درگاهه اجمير شريف جي زيارت ڪندا آهن ۽ مختلف نوعيت جون دعائون پڻ گهرندا آهن. هِتي مونکي بالي ووڊ جا فلمي ستارا به شوبز ۾ نالو ٺاهڻ ۽ فلمن جي ڪاميابيءَ جي لاءِ حاضري ڏيندي نظر آيا. مونکي درگاهه اجمير شريف ۾ مختلف مذهبن ۽ قومن سان تعلق رکندڙ زائرين سان خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو پڻ موقعو مليو، جن ۾ مسلمانن کانسواءِ هندو، سِک، عيسائي، پارسي ۽ ٻُڌ مت سان تعلق رکندڙ به شامل آهن، جڏهن ته گهڻي ڀاڱي پاڪستاني زائرين کي ويزا جي حوالي سان پيش ايندڙ مشڪلاتن بابت ذڪر ڪندي ٻڌو ويو. درگاهه اجمير شريف ۾ غير مسلم زائرين به مسلمانن وانگر چادرون، گُل ۽ نذرانو پيش ڪرڻ ۾ اڳيان اڳيان هوندا آهن ۽ پنهنجي بي پناهه عقيدت جو اظهار ڪندا آهن. هتي مختلف قسمن جو لباس پائيندڙن خاص طور تي مغربي لباس ۾ ڍڪيل عقيدت مندن جي موجودگي روح کي وڻندڙ منظر پيش ڪري ٿي.

هڪ سفر ڪجھ تاثر - رئوف نظاماڻي


هڪ سفر ڪجھ تاثر
رئوف نظاماڻي
ويجھڙ ۾ لاهور وغيره وڃڻ ته ٿيو هو پر ڪراچيءَ کان ٻاهر سنڌ ڏسڻ جو اتفاق، هڪ ڊگھي عرصي کان نه ٿيو هو. تازو هنڱورجا ۾ هڪ شاديءَ جي دعوت ملي ته مون سوچيو ته ان موقعي کي هٿان نه وڃائجي ۽ گھٽ ۾ گھٽ سنڌ جي هڪ جھلڪ ضرور پسجي ۽ اهو ڏسجي ته اتي ان دوران ڪهڙيون تبديليون واقع ٿيون آهن. مون سوچيو ته بجاءِ رات جي، ڏينهن جو سفر ڪجي ته جيئن سنڌ کي ڏسي سگھجي. منهنجو مقصد رڳو منزل تي پهچڻ نه پر سفر ڪرڻ ۽ سنڌ ڏسڻ هو. ان ڪري مون ڏينهن جي سفر کي ترجيح ڏني ته جيئن سڄو منظرنامو منهنجي آڏو هجي.