Sunday, February 20, 2011

لائيف بوٽ، جئڪيٽ، سمنڊ جو پاڻي ۽ شارڪ


لائيف بوٽ، جئڪيٽ، سمنڊ جو پاڻي ۽ شارڪ

ايندڙ ڪھاڻي – “موت جو سفر” ھڪ اھڙي سامونڊي حادثي جي ڳالھ آھي، جنهن جھڙا ڪيترا ئي ٿي چڪا آھن. ھيءَ ڪٿا ھڪ انگريز خلاصيءَ جي آھي، جيڪو جھاز جي عملي مان ھو. ھيءَ سچي ڪھاڻي ڪيترين ئي زبانن ۾ اچي چڪي آھي. ليکڪ جو نالو صحيح طرح واضح ٿيل نه آھي، پر جيئن ته آخري بچيل ماڻھو ڪئاٽر ماسٽر اينگس آھي، سو ان ئي ھي حادثو بيان ڪيو ھوندو، جنهن کي ٿي سگھي ٿو لفظن جو روپ ڪنهن ٻئي پھرايو ھجي.
بهرحال! ھي سامونڊي حادثون ان ڪري اھم سمجھان ٿو جو منجھس ڪابه اھڙي ٽيڪنيڪل غلطي نظر نٿي اچي، جيڪي اڪثر ڪوڙن شڪاري قصن ۾ يا فلم ۾ ڏيکاريل ڪورٽ يا اسپتال جي منظرن ۾ عام جام ھونديون آھن. ھھڙي قسم جي سامونڊي حادثن ۾ ڪڏھن ڪڏھن ماڻھو نظم ۽ ضبط کي ڇڏي ڏيندا آھن ۽ تڪليف وڌڻ تي نفسانفسيءَ جو عالم برپا ٿي ويندو آھي. پر ھن حادثي ۾ جنهن ھمت، عزم، قربانيءَ جو صبر جو مظاھرو مسلمان ھندستاني سپاھين يا انگريز ۽ يورپي عملي جي ماڻھن ۽ مسافرن ڪيو، اھو تعريف جوڳو آھي – جنهن جا مثال تمام گھٽ ملندا.
ھن ڪھاڻيءَ ۾ ڪيتريون ئي اھڙيون ٽيڪنيڪل ڳالھيون آھن، جن بابت عام پڙھندڙن کي شايد ڄاڻ نه ھجي ۽ انهن بابت سنڊن ذھن ۾ ڪي سوال به پيدا ٿين. ھتي انهن جي سمجھاڻي ڏيڻ ضروري سمجھان ٿو ته جيئن پڙھندڙ ھن سامونڊي حادثي کي چڱي ريت سمجھي/پروڙي سگھن ۽ ساڳي وقت ھن سفر جي مسافرن جي ھمت ۽ بهادريءَ کي ساراھي سگھن.
ھر جھاز تي مسافرن ۽ جھاز جي عملي موجب ٻيڙيون ٿين – جن کي “لائيف بوٽ” سڏجي ٿو، جيڪي جھاز جي حادثي مھل زندگي بچائڻ لاءِ ڪم اچن ٿيون. انهن ۾ ھر وقت کائڻ پيئڻ لاءِ مقرر مقدار ۾ پاڻي، کاڌو (بسڪيٽ، کير يا کير جون ٽڪيون وغيره) ھوندو آھي، جيئن گھٽ تور جي کاڌي مان گھڻي کان گھڻي طاقت ملي سگھي. پاڻيءَ جو پھرين ڏينهن کان ئي راشن شروع ڪيو ويندو آھي، نه ته اھو ٿورو پاڻي ڏينهن ٻن ۾ ختم ٿي وڃي ۽ زنده رھڻ جي رھيل کھيل اميد جھٽ پٽ ختم ٿي وڃي.
لائيف بوٽ سڙھ يا چپن تي ھلي، پر اڄڪلھ جي لائيف بوٽ انجڻ تي به ھلي ٿي ته چپن تي به. پر انجڻ ڪري ڪو خاص فرق نٿو پوي، جو ھيءَ ٻيڙي سفر لاءِ استعمال نٿي ڪري سگھجي، جو انجڻ کي ھلائڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ سٺ کن ميل ھلڻ جو تيل ٻيڙيءَ جي ٽانڪيءَ ۾ ٿئي، جيڪو ائٽلانٽڪ، پئسفڪ جھڙن اٿاھ سمنڊن جي ھزارين ميلن جي سفر لاءِ ڪجھ به نه آھي. لائيف بوٽ جو خاص مقصد فقط اھو آھي ته حادثي پيش اچڻ جي صورت ۾ (جھاز جي ٻڏڻ، سڙڻ، ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ تي) ھن ٻيڙيءَ ۾ چڙھي جان بچائجي ۽ اڌ ميل کن چپن يا انجڻ ذريعي ٻيڙيءَ کي ھلائي جھاز کان پري ٿجي، متان سڙندڙ جھاز جي باھ جو سيڪ رسي يا جھاز جا کوھا وغيره لڳي وڃن.
اڄڪلھ ته سڀني جھازن تي اھڙو بندوبست رکيل آھي، جو ٻڏڻ سان ريڊيو روم جو ٽرانسميٽر لڳاتار ايس او ايس (Save Our Souls) جو سگنل ٽرانسميٽ ڪري ٿو ۽ ساڳي وقت 500 ميلن تائين جيڪي جھاز آھن، انهن جا رسيور اھو سگنل خود بخود وٺي، الارم وڄائين ٿا، جيئن مڙني جھازن جي عملي کي حادثي ھيٺ آيل جھاز جي خبر پئجي وڃي ته جھاز ٻڏي رھيو آھي. ساڳئي وقت ڪھڙي Latitude (ويڪرائي ڦاڪ) ۽ Longitude  (ڊگھائي ڦاڪ) تي آھي؟ جيئن بچائڻ لاءِ ان ھنڌ ڏانهن ٻيا جھاز روانا ٿين. ھڪ اھو به سبب آھي ته لائيف بوٽ ۾ لٿل ھمراھن کي ٻڏندڙ جھازن جي ارد گرد ئي ترسڻ گھرجي، جو بچائيندڙ جھاز ٻڏندڙ جھاز جي سنوت ڏي رخ رکندا آھن.
پر جيئن ته ھي حادثو جنگ وارن ڏينهن ۾ ٿيو آھي ۽ چوڌاري ڪنهن جھاز جي ھجڻ جي اميد نه ھجڻ ڪري، ٻيڙيءَ ۾ بچيل بدنصيب مسافر اتي سمنڊ تي ئي ترسي وقت وڃائڻ بدران، ويجھي ٻيٽ – سينٽ ھيلينا ڏي وڌڻ لاءِ ڪوچ ڪيو آھي.
ھر لائيف بوٽ ۾ کاڌي پيتي جي شين کان علاوه ڪھاڙي، قطب نما، ضروري دوائون (فرسٽ ايڊ باڪس)، مڇي ڦاسائڻ جي ڪنڍي، رسي، ماچس ۽ ڪجھ ٻيون اھڙيون شيون ھجڻ ضروري آھن، جيڪي سمنڊ تي ڪم اچي سگھن ٿيون. جيئن ٻيڙيءَ جي ڪا رسي نه کلي ته ڪھاڙيءَ سان ڪپي سگھجي، ڪا مڇي ڦاسي ته ان کي وڍي سگھجي – جيئن ھنن کي ھڪ مڇي ھٿ اچي وئي. رات جي وقت ڪو ھوائي جھاز يا پاڻيءَ جو جھاز اچي لنگھي ته، ان جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ماچس سان ڪپڙي ٽڪر ٻاري سگنل ڏئي سگھجي ٿو، وغيره وغيره.
ڪي پڙھندڙ شايد اھو به سوال ڪن ته، اھڙي سخت اڃ ۾ سمنڊ جو ٿورو ئي پاڻي پي کڻي اڃ اجھائڻ کپي. پر سمنڊ جو پاڻي ايڏو ته کارو ٿئي ٿو، جو مرڻ مھل تائين انسان کان پيتو نٿو ٿئي. منجھس تمام گھڻي مقدار ۾ عام رواجي لوڻ (سوڊيم ڪلورائيڊ) کان علاوه ٻيا به ڪيترن ئي قسمن جا لوڻ ۽ ڪاميائي شيون مليل ٿين ٿيون، جيڪي سمنڊ جي پاڻيءَ کي زھر جھڙو کارو بڻائي ٿيون ڇڏين، جنهن سبب پيئڻ ناممڪن ڳالھ ٿيو پوي.
اھڙين حالتن ۾ اسان جھازي گھڻو ڪري ڪوشش اھا ڪندا آھيون ته، سامونڊي پکي (Sea Gull) يا مڇيون وغيره ڦاسائي کائجن، جيئن ٻيڙيءَ جو محدود راشن بچت ۾ ئي رھي. پر ھي ويچارا، جن سان ھي حادثو پيش آيو، سمنڊ جي اھڙي حصي ۾ ھئا، جيڪو ڪناري کان سوين ميل ڏور ھو، جتي پکي پکڻ ته ذات نه ھو پر ڪنهن مڇيءَ به سنوت نٿي ڏنن. بدقسمتيءَ سان ھڪ مڇي “ڊاگ فش” سندن ٻيڙيءَ ۾ اچي به وئي ته اھا ڪا کائڻ لائق ناھي، جو ھنن به ٿوڪاري ڇڏي ۽ سندس رت به نه پي سگھيا. ٻي ڳالھ ته اھا به کين ايترو ته دير سان ملي يعني ٽن ھفتن کان پوءِ، جڏھن ھنن ۾ ايتري به طاقت باقي نه بچي ھئي، جو ان کي ڪچو چٻاڙي سگھن. ھنن وٽ رڌڻ پچائڻ لاءِ نه ته باھ جو بندوبست ھو ۽ نه ئي پاڻي بچيل ھو. ھونءَ ڪيترا اھڙا واقعا به ٿين ٿا جو بک کي منهن ڏيڻ لاءِ، ماڻھن پنهنجا بوٽ سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ ٻه چار ڏينهن پسائي، نرم ڪري پڻ کاڌا آھن.
ھر مسافر ۽ جھاز جي عملي جي ماڻھوءَ کي لائيف جئڪيٽ ڏني ويندي آھي، جيئن جھاز ڇڏڻ وقت اھا پائي ٻيڙيءَ ۾ چڙھي. لائيف جئڪيٽ ڪري ماڻھو سمنڊ ۾ ٻڏي نٿو. منجھس ھلڪو ڪاٺ يا ٻوچ Cork جھڙي شيءِ ٿئي ٿي، جيڪا ايتري ته ھلڪي آھي جو ماڻھوءَ کي چوويھن ڪلاڪن تائين، سمنڊ جي مٿاڇري تي جھلي رکندي آھي. ان بعد آھستي آھستي ڳري ٿيڻ ڪري ماڻھو ٻڏيو وڃي.
ڪوارٽر ماسٽر جھاز جي سکاڻيءَ کي چئبو آھي، جيڪو جھاز کي اسٽرنگ ويل (ڦيٿي) ذريعي سڌو جھلي بيھندو آھي. ھر جھاز تي ٽي ڪوارٽر ماسٽر (سکاڻي) ٿين ۽ ڏينهن رات جي چوويھن ڪلاڪن جي ڊيوٽي اٺ اٺ ڪلاڪ ڪري ورھائي کڻن. پوءِ ھر ھڪ چار ڪلاڪ ڏينهن جي چونڪي ڪري ۽ چار ڪلاڪ رات جي. جھاز جي ڪئپٽن کي ماسٽر به سڏيو ويندو آھي. جھاز تي اھو چرچو عام ھوندو آھي ته جھاز تي فقط ٽي ڪوارٽر (چوٿا) ماسٽر ان ڪري رکيا ٿا وڃن، جو چوٿون ڪوارٽر ماسٽر به رکيو ويندو ته پوءِ چار چوٿا ملي، ھڪ سڄي ماسٽر برابر ٿي پوندا ۽ پوءِ ڪئپٽن (ماسٽر) جي ڪھڙي ضرورت؟
سب مئرين جنگي وڏي ٻيڙي ٿئي، جيڪا پاڻيءَ جي اندر به ھلي ته مٿاڇري تي به. حملي وقت پاڻيءَ اندر ٽٻي ھڻي ٻئي جھاز کي ٽارپيڊو ھڻندي آھي، جيڪو بم وانگر ٿئي.
جھاز جي زبان ۾ جھاز جي ساڄي پاسي کي اسٽار بورڊ ۽ کاٻي پاسي کي پورٽ سائيڊ سڏجي ٿو.
چيف آفيسر ڪئپٽن کان پوءِ ٻئي نمبر تي جھاز جو انچارج چيف آفيسر سڏجي. چيف آفيسر کي فارين جھازن تي “ميٽ” به سڏين. چيف آفيسر نيويگشن کان علاوه جھاز جي ڪارگو جي سنڀال ۽ انتظاميھ جو به انچارج ھوندو آھي.
سرنگ آگ وارن، خلاصين ۽ ٻين ھيٺين طبقي جي ڪم وارن جو انچارج ٿئي، جيئن اسان وٽ ھارين جو انچارج ڪمدار سڏجي.
آگ وارو جيڪو بئالر کي باھ ڏئي ۽ انجڻ روم جي صفائي ڪري.
اسٽور ڪيپر جھاز جي صفائيءَ ۽ مرمت ۾ ڪم ايندڙ سامان ۽ رنگ روغن جي سنڀال لاءِ ھڪ اسٽور ڪيپر ٿئي، جنهن کي “ڪسب” سڏجي يا اسٽور ڪيپر.
اسٽيورڊيس جھاز تي مسافرن ۽ عملي کي ماني ٽڪي کارائڻ لاءِ جيڪي خذمتگار ڇوڪريون ٿين، تن کي شپ – اسٽيورڊيش سڏجي ٿو.
شارڪ مڇي
شارڪ مڇي (Isurus Glaucus) تمام خطرناڪ مڇي/جانور ٿئي. سمنڊ جي ننڍين مڇين ۽ جيتن جڙن کي به ھڙپ ڪري ويندي آھي، ته ماڻھن کي به. اھو ئي سبب آھي جو شارڪ مڇيءَ کي سامونڊي بگھڙ سمجھيو وڃي ٿو.
شارڪ مڇيءَ کي تمام وڏا، تکا ۽ ٽڪنڊا ڏند ٿين ۽ ڪي شارڪ مڇيون ته سڏجن ئي آدم خور شارڪ مڇيون (Carcharodon  Caracharias). اھي ھر وقت ماڻھن جي ڳولا ۾ رھنديون آھن ته ڪٿي ٿو ڪو جھاز تان ڪري يا ڪناري تي ٻڏي يا مري وڃڻ تي جھاز تان اڇليو وڃي؟ اڪثر ننڍين ڀٽڪندڙ ٻيڙين جي ڪڍ ھونديون آھن، جو کين ڳجھھ وانگر خبر ھوندي آھي ته ڄاڻ ته ماڻھو مئا. جيئن ھن ڪھاڻيءَ ۾ شارڪ مڇيون ٻيڙيءَ جي آس پاس لڳي مئل ۽ جيئرا ماڻھو کائينديون رھن ٿيون.
شارڪ مڇي، وھيل مڇيءَ وانگر پربت ته نه ٿئي، پر تڏھن به چڱي وڏي ٿئي ٿي ۽ ڪي ڪي چاليھ فٽن کان به ڊگھيون ٿين. يعني ست ماڻھو ھڪ ٻئي مٿان بيھارجن ته ايتري ڊيگھھ ٿئين ۽ تور ۾ سورھن سترھن مڻ کن ٿين.
شارڪ مڇي، ائٽلانٽڪ ۽ خليج بسڪي (جتي ھنن ھمراھن جي ٻيڙي ڦرندي رھي)، ميڊيٽيرين ۽ پنهنجي پاڙي واري سمنڊ – ڳاڙھي سمنڊ ۾ به تمام گھڻيون ٿين ۽ جھاز تان ماڻھن جي ڪرڻ تي امالڪ حملو ڪري ڏينديون آھن. مڇيون ڦاسائڻ وارا – خاص ڪري ٻيڙين وارا ڦاٿل شارڪ مڇيءَ کان به خبردار رھندا آھن، جو رسيءَ ۾ ٻڌل يا ڪانٽي ۾ ڦاٿل ھجڻ جي باوجود به رکي رکي ٻيڙيءَ وارن تي حملو ڪري ڏيندي آھي.
شارڪ مڇيون گھڻو ڪري ڪناري تي ڪونه ٿين، پر ڪڏھن ڪڏھن جھازن جي ڪڍ ڪناري تي به اچي نڪرنديون آھن.

9 comments:

  1. eset-nod32-antivirus-license-key-fullthe list of features of Bitcoin Monitoring, Banking Protection, and Control. ESET's user interface is better and newer this season. We think last year's version is more.
    new crack

    ReplyDelete
  2. Mycleanpc Serial key is best software in this time because you can change day by day because you worries about your defending when your computer data is threat.

    ReplyDelete
  3. I really enjoy reading your post about this Posting. This sort of clever work and coverage! Keep up the wonderful works guys, thanks for sharing Eset Internet Security Crack

    ReplyDelete
  4. Excellent post. I was checking constantly this blog and I am impressed!
    Very helpful information specifically the last part �� I care for such info a lot.
    I was looking for this particular information for a long time.
    Thank you and best of luck.
    netflix crack
    sony vegas pro crack
    idm crack
    virtual dj pro crack
    adguard premium crack
    Crack Like

    ReplyDelete
  5. It's fascinating to visit this website and read all of your friends' opinions.
    While I am interested in the subject of this piece of writing, I am also excited to
    acquire familiarity
    hma pro vpn crack
    movavi video editor crack
    wondershare pdfelement crack
    sketch crack

    ReplyDelete
  6. I am very impressed with your post because this post is very beneficial for me and provide a new knowledge to me. this blog has detailed information, its much more to learn from your blog post.I would like to thank you for the effort you put into writing this page.
    I also hope that you will be able to check the same high-quality content later.Good work with the hard work you have done I appreciate your work thanks for sharing it. It Is very Wounder Full Post.This article is very helpful, I wondered about this amazing article.. This is very informative.
    “you are doing a great job, and give us up to dated information”.
    file-magic-gold-edition-1-9-8-19-crack-license-key-free-download-2022/
    aiseesoft-screen-recorder-2-2-66-crack-registration-key-free-download-2022/
    panoramastudio-pro-3-5-8-331-crack-serial-key-free-download-2022/
    wincam-1-9-crack-license-key-free-download-2022/
    smartcapture-3-17-4-crack-license-key-free-download-2022/

    ReplyDelete