Sunday, February 20, 2011

ڪجھ مون پاران -مھتاب اڪبر راشدي


ڪجھ مون پاران
مھتاب اڪبر راشدي
يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن ڪراچي سينٽر جي طرفان اندرون سنڌ جي لئبريرين جو ھڪ ڏھ ڏينهن جو سيمينار ترتيب ڏنو ويو ھو ۽ 21 ڊسمبر 1082ع تي ان جو افتتاح ھو. ان ۾ شامل ٿيڻ لاءِ حيدرآباد کان ڪراچيءَ وئي ھيس. انتظام لياقت نيشنل لئبرري جي عمارت ۾ ڪيل ھو. افتتاحي تقريب کان پوءِ مھمانن لاءِ رسيپشن به ھئي. مھمان چانھ بسڪيٽ کائڻ کان پوءِ تقريبا ھليا ويا ھئا. مان اتي ئي ھئس، جو پھرئين سيشن جي صدارت به ڪرڻي ھئي. اتي ڳالھين ۾ مشغول ھئس ته، دروازي کان ھڪ ڄاتل سڃاتل صورت پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺم. ھٿ ۾ ڪجھ ڪتاب ۽ منهن تي مرڪ، قدم ٿورا تڪڙا، ويجھو آيو ته ڏٺم، الطاف ھو. سلام دعا ٿي. پڇيومانس: ھتي ڪيئن؟ چيائين: “نوان ڪتاب ڇپيا آھن. انهن جون ڪاپيون ڪاپي رائيٽ لاءِ لئبرري ۾ ڏيڻ آيو ھوس.” ڏاڍي خوشي ٿي. چيومانس ڪتابن تي ڪجھ لکي ته ڏيو. بهرحال! ڪتاب ڏيندي چيائين: ھڪ ڪتاب پريس ۾ اٿم، مواد توھان کي موڪلي ٿو ڏيان. پيش لفظ ته لکي ڏجو.

“حاضر” کيس اھو نه ٻڌايم ته، سندس ڪتاب لاءِ پيش لفظ پاڻ لاءِ اعزاز پئي ڀانيم.
الطاف سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ ھڪ لحاظ کان ته بلڪل واجبي آھي، جو ان کان اڳ صرف ھڪ دفعو سنڌي عورت ڪانفرنس ۾ ملاقات ٿي ھئي، سا به بلڪل مختصر. پاڻ ئي اچي تعارف ڪرايو ھئائين ۽ مسطوارا (سندس گھر واريءَ) سان گڏ تصويرون ورتيون ھئائين. پنهنجي اٿڻيءَ ويھڻيءَ ۽ ھلت چلت ۾ بلڪل سنئون سڌو ۽ طور طريقن ۾ Matter of Fact وارو طريقه ڪار. اھا شايد سندس طبيعت جي بنيادي خصوصيت ھجي يا سندس پيشي جي تقاضا. پر مون ان فنڪشن ۾ به کيس ائين وقت وڃائيندو محسوس ڪو نه ڪيو. ڏٺم پئي ته ھن بڪ اسٽالن تي چڪر پئي ھنيا ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارن ۽ مون جھڙن اڻ ڄاتن سان به واقفيت پئي ڪيائين ۽ فنڪشن جا فوٽو به پئي ورتائين.
ھونئن ليکڪ ۽ پڙھندڙ جي حيثيت سان الطاف ۽ منهنجو ناتو پراڻو آھي. الطاف جڏھن کان لکڻ شروع ڪيو آھي، تڏھن کان پڙھيو اٿمانس. ھن کان اڳ سندس تحرير کي ڪڏھن تنقيدي نظر سان نه ڏٺم، جو سندس تحريرون عام پڙھندڙ لاءِ معلومات ۽ دنيا جي ڏورانهين ملڪن جي دلچسپ قصن جا خزانا کنيو اچن. سندس لکت تمام شگفته ۽ اتساھ ڏياريندڙ آھي.
اھا ڳالھ نه رڳو مان، پر ھر پڙھندڙ محسوس ڪندو ھوندو. ڪنهن به واقعي کي بيان ڪرڻ مھل الطاف ان جو پس منظر، پيش منظر، تاريخ جاگرافي ۽ تمام جزئيات اھڙي ته پيرائتي ۽ اثرائتي نموني سان پيش ڪري ٿو، جو پڙھندڙ جو تحرير کان علاوه، سندس ذھانت ۽ معلومات کان اثر نه وٺڻ ممڪن نه آھي. انهن سڀني ڳالھين کي بيان ڪندي، ھن ۾ ڪو تصنع نه ٿو محسوس ٿئي. لڳندو آھي ته ليکڪ پاڻ ان ماحول جو ھڪ جز آھي.
سندس لکت ۽ بيان ۾ انهن سڀني خصوصيات جو موجود ھئڻ ان ڳالھ کي ظاھر ڪري ٿو ته کيس پنهنجي ڪم سان عشق آھي ۽ ان کان وڌيڪ عشق ان ڳالھ سان ته ھو انهن سڀني تجربن ۾ اسان ۽ توھان کي به شامل ڪري.
ھن مھل تائين سنڌ جا الائي ڪيترا ماڻھو دنيا جي ڪھڙي ڪھڙي ڪنڊ ۾ نه ويا ھوندا، پر ڪنهن به سنڌي اديب سفرنامي واري صنف کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪابه اھڙي شعوري ڪوشش نه ڪئي ھوندي، جھڙي ڪوشش لاشعوري طور تي الطاف ڪري رھيو آھي.
شروع ۾ ته ھن محض ڪجھ تجربا ئي بيان ڪرڻ چاھيا ھوندا، پر پوءِ ھر سفر کان پوءِ ڪتاب (اھڙي طرح سفر ۽ ڪتاب... سفر ۽ ڪتاب... ۽ الله ڪري ته سلسلو جاري رھي) جنهن جو سلسلو اڃا جاري آھي. اھڙي ته تيزيءَ سان سفرنامن جي لسٽ ۾ اضافو ڪيو آھي، جو سند باد وارو رڪارڊ ته ڪڏھوڪو ٽٽي چڪو ھوندو، بلڪ ھن پنهنجا ڪيئي رڪارڊ قائم ڪرائي ڇڏيا ھوندا. البته سندباد جي مقابلي ۾ الطاف جا سفر ھيبتناڪ، دھشتناڪ ۽ خوفناڪ نه پر خوشگوار ۽ دلچسپ رھيا.
الطاف شيخ جا ايڪيھ ڪتاب پڌرا ٿي چڪا آھن ۽ جيستائين ھي ڪتاب توھان تائين پھچي، ٿي سگھي ٿو ته پنج کن ٻيا ڪتاب به ڇپجي اچن، ڇو جو جنهن رفتار سان الطاف لکي ٿو، ۽ وري ڇپائڻ لاءِ ڪوشان ٿئي ٿو، تنهن مان ظاھر ٿو ٿئي ته رفتار روز بروز وڌندي، گھٽبي نه.
زير نظر ڪتاب “موج نه سھي مڪڙي” الطاف جي لکيل ٻين ڪتابن کان موضوع جي اعتبار کان ان لحاظ کان مختلف آھي، جو سفرناما ته ان ۾ به بيان ڪيل آھن، پر اھي سفر سندس عمدن سفرن جي ڀيٽ ۾ خوف ڏياريندڙ آھن.
ھن کان اڳ جيترا ڪتاب پڙھيا اٿئون، تن ۾ ته سامونڊي سفر اھڙو ته حسين، دلڪش ۽ خوشگوار بيان ڪيو ويو آھي، جو ڀانءَ ته اڄ ئي جھاز جي ٽڪيٽ کڻي وٺجي. پر ھن ڪتاب پڙھڻ کان پوءِ شايد ھڪ لمحي لاءِ ڪو سوچڻ تي مجبور ٿي پوي ته، نه ٻيلي! سامونڊي سفر ڪو صفا سھنجو به ناھي. انهن خوفائتن سفرن بيان ڪرڻ جو الطاف وٽ ھڪ سبب آھي – جيئن پڙھندڙن کي ھن سامونڊي سفر جو خوشگوار پھلو ڏيکاريو آھي، تيئن کين اھو به ٻڌايو وڃي ته سفر کڻي ڪھڙو به ھجي، پر ان ۾ Risk بهرحال آھي ۽ سامونڊي سفر ان معاملي ۾ ڪجھ اڳڀرو ئي ڏسجي ٿو.
انهن سڀني واقعات کي بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ الطاف جيڪا ھڪ تمام سٺي ڪوشش ڪئي آھي، سا آھي ٽيڪنيڪل اصطلاحات جي وضاحت. ھونئن جي اھي اصطلاحات يا اکر جيئن جو تيئن رکجن ته شايد پڙھندڙ جي انهماڪ تي ڪوبه اثر نه پوي، پر انهن جي وضاحت ھر پڙھندڙ لاءِ لفظن ۽ Terms کي ايترو ته سولو ڪري ڇڏيو آھي، جو ھر واقعي ۽ واسطي سان واسطو رکندڙ اصطلاحات، پڙھندڙ مزو وٺي پڙھندو ۽ سمجھندو.
الطاف جي اھا شعوري ڪوشش ان ڪري به قابل تعريف آھي، جو اھو اضافو سندس تحرير ۽ بيان کي وڌيڪ مقصدي بنائي ٿو. محسوس ٿو ٿئي ته ليکڪ آڏو پڙھندڙن جو ھڪ تعداد آھي، جن کي ھو پنهنجي وس آھر ھر معلومات مھيا ڪرڻ چاھي ٿو. اھڙي نموني عام پڙھندڙ سان گڏوگڏ ھر اھو ماڻھو، جيڪو سامونڊي سفر ۾ خاص دلچسپي رکندو ھوندو، تنهن لاءِ به وڏي مدد ملي ٿي.
جيستائين انداز بيان آھي، الطاف اڳي کان اڳرو پيو ڀانئجي. ٻولي تي سندس عبور چڱي کان چڱي ليکڪ سان ڀيٽي سگھجي ٿو.
ڪتاب پڙھڻ مھل ذھن ۾ ھڪ خيال جيڪو اڀري ٿو، سو اھو ته جنهن به ڪتاب ھڪ دفعو ھٿ ۾ کنيو، سو ان کي پوري ڪرڻ کان سواءِ مشڪل ڇڏي، جو ڪتاب ۾ جيڪي قصا بيان ڪيا ويا آھن، سي موضوع ۽ مواد جي لحاظ کان دلچسپيءَ ۽ تجسس جو جز رکن ٿا ۽ پڙھندڙ لاءِ ان ۾ وڏي ڪشش آھي.
آخر ۾ مان چوڻ چاھيندس ته الله ڪري ته الطاف جي سفر ڪرڻ ۽ سفرناما لکڻ جي اسپيڊ ايتري ته وڌي جو ھلندڙ سال ۾ ئي ھو پنهنجن ڇپيل ڪتابن جي سينچري مڪمل ڪري.

سڪ مان
مھتاب اڪبر راشدي
21 جنوري 1983ع



No comments:

Post a Comment